ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير روحل صوفي/01

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
01. توحيد جا بيت

(1)

جي تون صحيح سڃاڻين پاڻ، اَٿـِـي قيمت سندو قطرو،
ڪوري ڪـَـڍ قلوب مان، مدائيءَ جو ماڻ،
پري نهارڻ [1] پـِـرَ کي، سندو ڄٽن ڄاڻ،
نت سائين توهـِـي ساڻ، راتيان ڏينهن[2] ”روحل“ چوي.


(2)

صحيح سڃاڻج سچ، مـُـڙج مَ ملامت کؤن،
گهـِـڙي پنهنجي گهٽ ۾، پرواني جيان پچ،
ماري ڪڍج من مان، ڪوڙائيءَ جو ڪچ،
رنگَ پـِـريان جي رَچ، رات ڏينهان ”روحل“ چوي.


(3)

جي لڳو اَٿـِـي تان لاءِ، هينئڙو حبيبن سين،
پائي پيچ پريت جا، سپيريان ڏي ساهه،
وحدت ۾ ٿي واه، ”روحل“ رَتي روح جـِـي.

(4)

جي لڳو آهين تان لڳ، پريان سندي پيچري،
من مؤن محبوبن جو، صحيح سڃاڻج سڳُ[3]،
ڇڏي جـُـوٺو جـَـڳُ، وڃي ”روحل“ رچج [4] رنگ ۾.

(5)

پڙهيا بيد ڪتيب[5] جا، ٿا ڏين ڏورانهان ڏَسُ،
سي سچ سڃاڻن ڪينڪي، موهيا پـَـسـِـي مـَـسُ،
راتيان ڏينهان ”روحل“ چوي، رڙهي تنهن کي رَسُ،
پير پريان جو پـَـسُ، نائي ڪنڌ قلوب ۾.

(6)

پڙهڻ پـُـرجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منهن محبوب جو، ڪاڏي اکر اير،
ساڻ سـَـهائي سچ [6] جي، ڇا موافق ٿيندو مير،
جن صحي سڃاتو پير، ”روحل“ رات نه تن کي.

(7)

پڙهي پـُـرڌو جن، سي عاقل عقل جا ڌڻي،
سي ”مـُـوتـُـوا“ ٿي محبت ۾، پلپل پرين پـَـسن،
تن تسليون تمام ڪيون، محب جن جي من،
”روحل“ مٿان تن، لٿا حرف حساب جا.

(8)

ڪاتب ڪاني ڪانهن جي [7] ڪاغذ تي مَ ڪاهه،
اکر جي اِدارڪ جا، تـُـهـَـن ۾ لکين لاهه،
قلم جو قلوب جو، مٿي وحدت واهه،
سپرين ڏي ساهه، ”روحل“ رَتي روح جي.

(9)

ڪفر ۽ اسلام ۾، ٿا ڀـَـرن اُبتا ڀير،
هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لهي[8]، تن کي سچ چوندو ڪير؟
پر ”روحل“ راهه پرين جو، جان گهڙي ڏٺوسي[9] گهير،
ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، جنهن ۾ ڦنڊ نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا سـُـتي ڪعبة الله ۾!

(10)

نه مون سـُـڌ نه سار، اچي عشق اُٿاريو اوچتو،
”روحل“ چوي روح ۾، تن پرين جي پچار،
سي اَکين[10] آيا سپرين، ياد ڪريندي يار،
ٺريا نيڻن نار، پـَـسـِـي منهن محبوب جو.

(11)

نه مون جـَـنِ نه ڪـَـنِ، اچي عشق اُٿاريو اوچتو،
”روحل“ چوي روح ۾، محبت محبوبن،
سي ئي سڄڻ آئيا، تات جنين جـِـي تن،
جيءَ جـَـڙِ لڳي جـَـن، سي سائينءَ ميڙيا سپرين.

(12)

جي نه ڄاتم ڄاڻ، ته وسين ويڙهي وچ ۾،
عشق جي اُهاءَ کي[11]، اچي پـِـرَ پـَـسايو پاڻ،
”روحل“ رنگ پـَـسي ڪري، ڀڳو ممتا ماڻ،
سائين سدا ساڻ، مون آڄاڻي[12] ٿي اُڄهيو.

(13)

ٻـُـڌان جان ٻيهار، تان تون اکين کان ڀي اوڏڙو،
”روحل“ وسين روح ۾، وِٿَ نه ڀانئيان وار،
جئن جو سج صبوح جو[13] ٿو ڪري باغ بهار،
بيت نه ڀانئجو ماڻهؤ! هي وحدت جو ويچار،
دل ۾ ڪيا ديدار، عشق جنين اکين سين.

(14)

جن کي عشق اندر ۾، تن کي اُڃ نه بک،
وحدت منجهه وصال جي، ٿا سدا ماڻن سک،
ڏور تنين کان[14] ڏک، جي ”روحل“ رتا روح ۾.

(15)

پنهنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن،
سي سوءُ ڀيرا ساعت ۾، ٿا پلپل پرين پسن،
تن تحصيلون تمام ڪيون، محب جنين جي من،
”روحل“ مٿون تن، لٿا حرف حساب جا.

(16)

وڻج وِهائڻ ڪاڻ، ڇو وڃين ٻئي هـَـٽ،
توکي پـَـٽُ پٽيهر پانهنجو، اَٿي وڻج مڙيوئي وَٽ،
جنهن ۾ نشو نينهن جو، سا ڪا ڪوٺي پـَـٽِ،
”روحل“ محبت مور نه مـَـٽِ، توکي سڪ مان ٿيندو سوجهرو.


  1. نهار نه (ج).
  2. رات ڏينهان (ب).
  3. پڳ (ب).
  4. رتج (خ).
  5. ڪتاب (خ).
  6. سج (غ)، سمجهه (ب).
  7. جيان (ب).
  8. لڌي (خ) (ب).
  9. ڏٺوسون (ب) (خ).
  10. اڱڻ (خ) (غ).
  11. اُهاؤ تي (ب).
  12. مون اڳيان آڻي ٿي اُجهيو (خ).
  13. جئن سو سنجهه صبوح جو (ب).
  14. تؤن (غ).