پھاڪن جي حڪمت/باب پهريون/ڀاڱو پهريون/فصل اٺون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت (1925)
by مرزا قليچ بيگ
فصل اٺون - تامِل پهاڪا
320064پھاڪن جي حڪمت — فصل اٺون - تامِل پهاڪا1925مرزا قليچ بيگ

جتي ڪتا هوندا اُتي جهيڙو به هوندو.
زبان جو تِرڪڻ پيرن جي ترڪڻ کان خراب آهي.
جا گانئن مارڻ ۽ ٽڪر هڻڻ ٿي اچي تنهنکي ويد پڙهي ٻڌائڻ.
نانگ تي ڪو مروت ۽ مهربانيءَ جو اثر ٿيندو؟
ڪوئن جي ڊپ کان گهر کي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏڻ ڄڻ ته گدڙ ٻار جي قبر جي چوڌاري ٿو ڦري.
شينهن جي ٻچي کي چنبا يا ننهن نه هوندا ڪئن؟
گدڙ جي پڇ سان سمنڊ جي تري جي جانچ ڪرڻ.
جي ڪو ماڻهو بد شڪل هوندو ته ان ۾ آرسيءَ جو ڪهڙو ڏوھ؟
گدڙ جي ٻچي کي اُنائڻ جي تعليم ڏيڻ جو ڪو ضرور آهي ڇا؟
شال هن جي ڀيڻ جي آهي ۽ خنجر هن جي مڙس جو آهي.
چيتن کي سنڀال سان پالي وڏو ڪرڻ ۽ پوءِ ٻليءَ کي ڏيئي ڇڏڻ.
ڏاڏو ڏاڏيءَ کي ڏسڻ ٿو وڃي.
کڏ تان ڪريل کي لٺ سان مارڻ.
وڻ تنهنجي پيءُ جو پوکيل آهي تنهنڪري تون انهيءَ تي پاڻ کي لڙڪائيندين ڪئن؟ڍ
راجا جي گهوڙي لتاڙيس، تنهنڪري هن کي ڪو فائدو پهتو ڇا؟
راجا جو گهوڙو ٻڍو ٿي ويو پر ڪُڙھ کان ٻاهر نه نڪتو.
اُکڙيل ڏند تي ڇِپ جي ڪرڻ وانگي.
گانئن ڪاري هوندي ته سندس کير به ڪارو هوندو ڇا؟
جيئن اک ۾ وهندڙ مک هاٿيءَ کي ستائي.
جيئن ڪو ڪتو هاٿيءَ تي ڀؤنڪي.
مٿي سوڌو پاڻيءَ ۾ وڃ ته سيءُ نه لڳئي.
ڪوئو ٿو ٻليءَ جي شاهدي ڏئي.
هن ڪوئي تي اُلَر ڪئي پر وڃي شينهن جي وات ۾ پيو.
جڏهن شهر ۾ ڪوس شروع ٿيو، تڏهن هنن در بند ڪيو.
تيل جو ماڻ هميشه سڻڀو رهندو.
ڪاوڙ ۾ نڪ وڍيل نرم ڳالهائڻ جي ڪري وري ڳنڍ جي نه سگهندو.
شيهي جي رنبيءَ سان ڪو ٽَڪَرُ ٽُڪي سگهبو
ڪُر ڪندڙ مڙس ڌوَنري ۾ پهڻيون ڏسندو آهي.
ننڍڙي مٿي تي وڏي پڳ.
مُئل رڍ ڪا باھ کان ڊڄي ٿي؟
غريب ڍڳي تي ٻيڻو بار پوندو آهي.
هو سوارن جي لشڪر تي حڪم هلائي ٿو پر پنهنجي زال جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي ٿو.
هزار ٻليون ڪو هڪڙي شينهن جي مٽ ٿي سگهنديون؟
پيسي جو نالو وٺ ته مُڙدو به اٻاسيون ڏيڻ لڳندو.
هڪڙو چانور شاهدي ڏيندو ته ڀت جو سڄو ديڳڙو رڌو آهي يا نه.
گدڙ پنهنجي بت کي ڏنڀ ڏيئي شينهن ٿو بنجي.
ڪوئو ڀلي ٻاهر نڪري مسافري ڪري ته به ڪو کڏ کوٽڻ کان رهندو؟
ڄٽ طبيب کا آزمودگار بيمار چڱو.
لوڻ جي ڪڻي بچائڻ جي ڪوشش ۾ لوڻ جو ٿانءُ وڃائي ويهڻ.

هن کان هيٺ باب جي پڇاڙيءَ تائين پهاڪا خاص نيلگريءَ جي قوم بداگا جا آهن.

اسين رڙين ڪندڙ ٻليءَ کي کير ٿا ڏيون يا رڙين نه ڪندڙ کي؟
جهنگ ۾ هو چور آهي ۽ شهر ۾ هو گُرو ٿيڻ ٿو گهري.
مفلسيءَ ۾ هو قناعت وارو هو، جڏهن پيسي وارو ٿيو تڌهن قناعت ڇڏي ڏنائين.
نانگ جي ٻچي کي کير ڏيندين ته به هو لوڙهي جي هيٺان سُرڻ جي عادت ڇڏي ڏيندو ڇا؟
هڪڙو ٽانڊو چڱو نٿو پري.
گدڙ جي اونائڻ ڪري منهنجي ڪراڙي مينهن ڪا مري ويندي ڇا؟
ڪڪڙ ٻانگ ڏيندو ته ڏينهن ٿيندو، ڪتو ڀونڪندو ته ڏينهن ٿيندو ڇا؟ تنهنڪري بيعقل جي ڳالھ تي ڀروسو نه ڪر.
راجا جو پٽ اَڌ اَکر سان جيڪي ڏسندو سو ڄٽ جو پٽ ٻن اکين سان نه ڏسندو.
جيسين اهو تنهنجن هٿن ۾ آهي تيسين سڄو ٿانءُ آهي. هيٺ زمين تي اڇلينس ته پرزا پرزا ٿي پوندو ۽ ڪنهن ڪم جو نه ٿيندو.
کوھ کي پوري سگهبو پر ماڻهوءَ جو وات پوري نه سگهبو.
هو پنهنجي دوست کي هلي وڃڻ لاءِ نٿو چوي پر.
چپٽي وڄائڻ سان تنبو کڙو ڪرڻ.
ڏاڍو ڏٻري جو ڪن مروٽي ٿو.
دل جهڙو شاهد ٽنهي جهانن ۾ ڪونهي.
مارَ جي ڊپ کان جن ڀوت به ڀڄي وڃي ٿو. ان هاريءَ جو آهي ۽ انهي جي لاءِ پاڻ ۾ وڙهن گدڙ.
ڪتي جي ٽنگ ۽ ٻليءَ تي ۽ ٻليءَ جي ٽنگ ڪتي تي.
ڪتو به هڪل سان هڏو ڪيرائي وجهي ٿو.
ٿورو علم ماڻهوءَ کي مغرور ٿو ڪري.
ڀت داڻا هجن ته جيڪر جن ڀوت به اچي انهي تي گڏ ٿين.
پنهنجي هنڌ آهر پير ڊگهيرجن.
باھ تي تيل اوتي وجهڻ.
ڦُر مار سان هٿ ڪيل مايا جلد ضايع ٿي وڃي ٿي.
انڌو اَن پيهي ۽ ڪتو اٽو کائي.
هتي ڏاڪن کان سواءِ کوھ.
تڪڙو گهوٽ مُنگهٽ پنهنجي گوڏي تي ٻڌائيندو.
ساڳئي هار جا مڻڪا.
دوا ڪرڻ کان سواءِ خارش لهي وئي.
وقت آيو پر وقت جي گهڙي نه آئي.
ڪتي کي عمدو تعام ۽ گڏھ کي مانيون.
منڊو ماڻهو پنگلي جي مقابلي ۾ پهلوان آهي.
مٿي جو سور لاهڻ لاءِ وهاڻو مٽائڻ.
اهڙو ماٺيڻو جهڙو نانگ کاريء ۾.
جنهن ماڻهوءَ کي ٻه زالون آهن تنهن جي گهر کي باھ ڏيڻ جو ڪهڙو ضرور؟
مغروريءَ سان ڀريل پروڻ ڇاڻبو ته ڪي نه ڪين پچندو گرانٺ اڳتي وڌڻ ۽ نري پٺ تي هٽڻ.
جنهنکي عقل ۽ هوش ڪونهي سو گذريءَ تي ويچار ڪري ٿو.
ڀونڪندڙ ڪتو شڪار ڪرڻ جو لائق ناهي.
هُن جهان ڏي ويندي ڪڇ ۾ چرخي نيڻ جو ڪرڻ ضرور آهي؟
منهن موڙيندڙ سپاهيءَ کي مُڇين جي ڪهڙي ضرورت؟
ڪهاڙي جو ڳن پنهنجي ذات جو دشمن.
ڀلي بادشاه هجي ته به پنهنجي ماءُ جو پٽ آهي.
جيسين ويٺل اُٿي بيٺو تيسين بينل ڏھ ميل پري اچي نڪتو.
ٻارن ٻچن وارو دنيا ترڪ ڪرڻ واري کان خوش گذاري.
جا پوشاڪ ڍڪڻ ۾ نٿي اچي سا سؤ ٻٽن جو شڪار آهي.
جنهن پوک جي مالڪ سنڀال نٿو ڪري سا ڪين اڀرندي ڇا؟
لوڻ ۽ ڪافور ڪي گڏ ڪم آڻبا آهن ڪيئن؟
اُکريءَ کي هڪڙي پاسي کان ڌڪ ٿو لڳي ۽ دهل کي ٻنهي پاسن کان.
جيڪو ٻاهر نڪبو آهي سو اندر گهر ۾ به نڪبو آهي.
ڪوئو ٿو ٻليءَ کي سلام ڪري.
جتي ڪوئو هوندو اُتي نانگ به هوندو.
هڪ رقم بچايل ٻن رقمن جي مٽ آهي.
سيِر پيل ٿانءُ کنڊ جهلي سگهندو.
واڱڻن جو ٻج ونگا ڪين پيدا ڪندو.
جهڙو نانگ سرڻ جي اڳيان.
ڪماند به بدلجي ٽوھ ٿي پيو آهي.
ذات افعالن مان پيدا ٿي ٿئي نه اصل نسل مان.
ڪي اڇا ڪانگ به آهن ڇا؟
سُڪل وڻ به ڪڏهن ٻُور ڪيو آهي؟
جڏهن واءُ لڳي تڏهن صفا ڪر.
شرابيءَ جي ڪٽنب به ڪڏهن سکيو گذريو؟
باھ باھ چوڻ سان ڪو وات سڙندو؟
کائڻ سان بک لهندي، نه کاڌي کي ڏسڻ سان.
گهڻي کائن رڪي ماکي به زهر ٿي پوي.
نانگ به منڊ جي ڊپ کان ڪوئي سان دوستي نٿو رکي.
پاڻکي ڪوسو ڀلي ڪجي پر ساڙجي ته نه.
ڪنڊن واري وڻ تي ڪپڙو وجهجي ته وري اڍي سنڀال سان کڻجي.
گڏھ کي ڪَنَ ۾ گهڻوئي وعظ ڪجي ته به هينگ کان سواءِ ٻيو ڪي به ڪين ڪندو.
هاٿي به ترڪي پوندو آهي.
مينهن کان اڳڀرو ماڪوڙيون به پنهنجا آنا کڻي ڪنهن مٿانهينءَ جاءِ ڏي وينديون آهن.
دشمن جو حسد سندس سزا بس آهي.
چکيا جا خوف جهڙا خيال تيستائين ٿا هلن جيسين ماڻهو مساڻن کان موٽي گهر اچن ٿا.
پهڻ ۾ ڳري سگهن ٿا پر بيعقل جي دل ڳرڻ يا نرم ٿيڻ ناهي.
تير جو ڪهڙو ڏوھ، جڏهن ڪمان وارو ڇُٽو هليو وڃي.
اک کي ڌڪ لڳڻ ڪري ڪو به هٿ کي وڍي نٿو سگهي.
کيکڙا پچائي گدڙ کي انهي جي سنڀال لاءِ رکجي.
ٻوڏ جو پاڻي بند ڀڃڻ کان پوءِ ڪو هڪل سان بيهي سگهندو؟
رئندڙ ٻار کي پڪل ڪيوڙو ڏيکارڻ.
فصل لهڻ وقت ته ڪوئي کي به پنج زالون آهن.
ڪمذات ماڻهوءَ کي بخت لڳي ته اڌ رات جو ڇٽي کڻي هلي.
ايترو فرق آهي جيترو هاٿي ۽ مڇر جي وچ ۾ آهي.
جيئن خِزائيءَ جي موسم ۾ واءُ سان وڻن جا سڪل پن ڇڻندا آهن.
جي کير کپي ويو ته مکڻ وري ڪٿان نڪرندو؟
رڍن ج يپسڻ ڪري بگهڙ ٿو روئي.
ڊڄڻو ماڻهو هٿيار کي ڏوھ ٿو ڏئي.
هزارن ڪانگن جي وچ ۾ هڪڙو هنج.
هاٿيءَ تي چڙهيل ماڻهو ڪو ننڍي ڦاٽڪ مان لنگهي سهگندو؟
گم ٿيل هاٿي ڪو ڪُني ۾ لڀندو؟
جتي هاٿي ٿا ڍاپن اتي ڇيلو ڪو بکه مرندو؟
هاٿيءَ جي ظاهر ٿيڻ کا اڳي پهرين اُنجي گهنڊڻي ٿي ٻُڌجي.
پنبڻين جي عيب جي اکين کي خبر نٿي پوي.
هڪڙي ڀڄندڙ ٽاريءَ تي منهنجو پير آهي ۽ ٻيءَ ڀڄندڙ ٽاريءَ ۾ منهنجو هٿ آهي.
جهرڪي ڪيترو به مٿي اُڏامي ته به ڪو باز ٿيندي؟
هاٿيءَ جي زور ڪُنڍو جهڪو ڪيو ڇڏي.
بندر ۾ رهندڙ ٻلي ديوتائن کان ڪين ڊڄندي آهي.
چندن گَهَڻَ سان کپي ويندو ته به واس نه ڇڏيندو.
ٻيا عضوا کڻي ڪهڙا به وڏا هجن ته به بت جو مکيه هضوو مٿو آهي.
هيبت ناڪ جوڳي ۽ خوفناڪ ٺڳ.
هزارين ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺهرائي ٿو مندر.
دوائن کي ويساھ اثر وارو ٿو ڪري.
خراب طبيعت جي لاءِ ڪا دوا آهي ڇا؟
جنهن هزار ماڻهو ماريا سو اڌ طبيب آهي.
حجام جي ٻار جي نظر ۾ وارُ به ڪا عجيب شيءِ آهي.
برھم جو ليکو ٽرڻ جو ناهي.
راجا هڪدم ماري وجهي ٿو پر ڌڻي مارڻ ۾ دير ڪري ٿو.
چانورن کان ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ديڳڙي ۾ لوڻ جو ڪهڙو ضرور؟
اڌ ڀريل ٿانو ۾ پاڻي ڦٿڪي ٿو پر ڀريل ۾ نٿو ڦڦڪي.