پھاڪن جي حڪمت/باب ٻيو/فصل پنجون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
پھاڪن جي حڪمت  (1925)  by مرزا قليچ بيگ
فصل پنجون - اِٽالين پهاڪا

ڪوڙ گهڻو ئي تکو هجي ته به سچ وڃيو پهچيس.
اُها مصيبت سڀاڳي آهي جا اڪيلي اچي ٿي.
چڱو سندان مطرقي کان نٿو ڊڄي.
چڱو شروع ڪيل ڪم اڌ پورو ڪيل آهي.
ڀؤڪندڙ ڪتو ڏاڙهي نٿو.
جيڪو گڏھ آهي ۽ پاڻکي هرڻ ٿو سمجهي تنهنکي پنهنجي چوڪ تڏهن معلوم ٿي ٿئي جڏهن ڪنهن کڏ ٽپڻ تي اچي ٿو.
جيڪو عيب ٿو ڪڍي سو خريد ڪرڻ ٿو گهري.
جيڪو منکي اڳيان چٽي ٿو سو پٺيان ڪارو ڪري ٿو.
جيڪو سمهندو سو مڇي ڪين ماريندو.
جيڪو ٻين سهن جي پٺيان ٿو پوي سو وٺي هڪڙو به نٿو ۽ ٻئي کي به هٿان وڃائي ٿو.
جيڪو ڏُهاري آهي سو سمجهي ٿو ته سڀ ماڻهو سندس گلا ٿا ڪن.
جيڪو بيهندو سو ڪري سگهندو.
جنهنجو مٿو ميڻ جو آهي تنهن کي اُس ۾ هلڻ گهرجي.
جيڪو پتڻ لنگهي ٿو تنهن کي خبر آهي ته پاڻي ڪيڏو اُونهو آهي.
جيڪو ڄائي ڄم کان بيعقل آهي سو هميشه اهڙو ئي رهندو، بهتر نه ٿيندو.
جيڪو گهڻو نه ڳالهائيندو آهي سو ڪڏهن به ڪوڙ ڪين ڳالهائيندو آهي.
جنهن اڃا خيال ڪرڻ کان بس به ڪئي آهي سو ڪڏهن به ڪم ڪرڻ شروع نٿو ڪري.
جيڪو ڪڏهن به ڪين ٿو هارائي سو ڪڏهن به دولتمند نه ٿيندو.
جنهنکي اولاد ڪونهي تنهنکي ڪا به محبت جي خبر ڪانهي.
چڱي سؤدي تي دير ۽ ويچار ڪر.
خريد ڪندڙ جي لاءِ سَوَ اکيون به ٿوريون آهن، وڪڻندڙ جي لاءِ هڪڙي اک بس آهي.
جنهنکي تون پنهنجي اندر جو ڳجھ ٻڌائين ٿو، تنهن کي تون پنهنجي آزادگي ڏئي ڇڏين ٿو.
جيڪو گهڻو کلي ٿو تنهنجي دل ۾ درد ٿي سگهيٿو.
پري جو پاڻي ويجهي باھ کي نٿو اُجهائي.
ميرو پاڻي آر سئي جو ڪم ڏيئي نٿو سگهي.
رستي جي خراب ڀاڱن تي آهستو هلڻ گهرجي.
جڏهن ڪو وڏو درخت ڪرندو آهي تڏهن سڀڪو انهي سان گڏ رڙيون ڪري ٿو.
سڀڪو پکي پنهنجي آکيري کي سهڻو ڄاڻندو آهي.
انڌي کي رستو ڏيکارڻ سولو نه آهي.
بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن جي دوستي شينهن سان ڀائپي رکڻ آهي
جنهن اگھ تي محبت خريد ڪجي ٿي سو خود محبت آهي.
جي ڏيڏر کي ڏند هجن ها ته جيڪر چڪ وجهي ها.
جيڪو ڪي آڻي ٿو سو پنهنجي لاءِ در پٽيل ٿو ڏسي.
بکيل گدڙ ڪهڙي به قسم جو گاھ کائي ٿو.
جيڪي چڱي طرح ڪيو ويو آهي سو جلد ڪيو ويو آهي.
ساڳي جُتي سڀڪنهن جي پير ۾ پوري.
هڪڙو بيوقوف گهر جي لاءِ بس آهي.
مٺي ٻولي چڱي، پنهنجي کيسي جي سنڀال رکج.
وڻ جي خبر سندس ڇوڏي مان ڪين ٿي پوي.
بندرو ماڻهو اڪثر ڊگهو پاڇو وجهندو آهي.
پڇ ته پهرين ڪير ڄائو- آنو يا ڪڪڙ؟
جڏهن لوڙهو ننڍو آهي تڏهن اُهو سڀڪو اورانگهي سگهي.
جنهنجو در هيٺ آهي تنهنکي ضرور نوڙڻو ٿيندو.
خراب ڦيٿو گهڻو جيڪو ٿو ڪري.
گهوڙي جي بدران زين وڃي ته چڱو.
دولتمند اهو جنهن کي ڪو به قرض ڏيڻو نه آهي.
چڱائي ڪر پر اهو خيال نه ڪر ته ڪنهن سان ٿو ڪرين.
مک کي بنائي هاٿي ڪرڻ.
وڏا گرنهن ماڻهوءَ کي گُهٽي ڇڏيندا.
سڀ کان مهانگي شيء سڀ کان چڱي.
ماڻهوءَ جي پنهنجي راءِ ڪڏهن به غلط نه آهي.
ٻئي ڀيري جا خيال سڀ کان عمدا آهن.
مينهن جو ڇوهو جلد پورو ٿو ٿئي.
بيعقل پاڻي ملڻ کان سواءِ پيا اُڀرندا آهن.
ڏاڙهي ماڻهوءَ کي فيلسوف نٿي ڪري.
ٻليءَ کي مڇي وڻي ٿي پر پاڻيءَ ۾ پير پسائڻ نه گهرندي.
جيڪا مک ڪڇون آهي سا پنهنجو ڏنگ ڀڃندي آهي.