محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/54

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
54. ٻه ڪذاب

انهن ڏينهن ۾ ٻن شخصن مسيلمه ۽ اسود عنسي دعويٰ رکي ته اسان نبي آهيون ۽ صفا يمن هٿ ڪري اتي دڳو ڄمائي ويهي رهيا پر مسلمانن حضرت محمد ﷺ جي حياتيءَ ۾ ئي اسود عنسي کي ته ماري مات ڪري ڇڏيو باقي ڇڏي ڏنائون جو حضرت محمد ﷺ جي ناچڱائيءَ ئي منجهائي وڌن پر پوءِ ان کي به پورو ڪري ڇڏيائون