محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/53

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
53. پويون حج

حج جا ڏينهن آيا ته حضرت محمد ﷺ چيو ته هيءُ اسان جو پويون حج آهي هلو ته ڪعبه شريف کي هلي ڦيرا ڏيئي اچون.جنهن شخص کي اڳي ڪنهن مڪي واري پناهه نه ٿي ڏني ۽ جنهي ٽڪريءَ تي ٿي بيٺو سا تپائي ٿي ڏني جنهن شخص کي سندس ڳوٺاين ڳهيلو ۽ جنون پي سمجهيو ۽ سندس نسبت ۾ الاجي ڇا ڇا پي چيو تنهن شخص کي اڄ ڏسو ته عرفات جي ميدان ۾ 124000 مسلمان سلام ڀري رهيا آهن، ڇا شاهه ڇا گدا ڇا امير ڇا فقير مڙيئي ننڍ وڏائي جو تفاوت وساري ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي سندس جهنڊي هيٺ بيٺا آهن ۽ خداجي عبادت ۾ مشغول آهن الله اڪبر صدق ڪهڙي نه شيءِ آهي.
حضرت محمد ﷺ عرفات جبل تي چڙهي ويو ۽ پنهنجن پوئلڳن کي اتان بيهي هيئن وعظ ڪيائين ته”اي مسلمانو مومنو شايد ٻئي سال آءُ اوهان سان نه به هجان هن وقت جو ڪجهه آءُ اوهان کي چوان ٿو سو ڪن لائي ٻڌو ۽ ان تي آئينده بخوبي عمل ڪندا رهو هيءُ مهينو ۽ خصوصا هيءُ ڏينهن اوهان سڀن جي لاءِ پاڪ آهي اوهان کي جُڳائي ته هر سال اڄوڪي ڏينهن هتي هن ڪعبه ۾ اچي خدا جي عبادت ڪندا رهو.مومنو ياد رکو ته قيامت جي ڏينهن اوهان مڙن کي خدا جي اڳيان پنهنجو چڱن مٺن ڪمن جو جواب ڪرڻو پوندو.ڏسو متان پنهنجن عورتن سان ابتا پير هليا آهيو پنهنجن ٻانهن کي به پاڻ جهڙوئي سکيو رکجو
کين بلڪل نه رنجائجو پاڻ ۾ ڪل مسلمان ڀائرنوانگر ٿي رهجو پرائو مال سو پنهنجو نه ڪري سمجهجو.” ان کانپوءِ حج جي نماز پڙهي ويئي ۽ حضرت محمد ﷺ موٽي مديني ويو اتان وري ٻيهر ٻاهر نه نڪتو.