محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/40

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
40. حديبه جو عهد نامو

آخر گهڻي ردبدل پڄاڻان حديبه جو عهدنامون تيار ٿيو جنهن جا شرط هي هوا :
1. ڏهه ورهيه سانده ڌريون صلح ۾ رهن ۽ هڪ ٻئي تي حملو نه ڪن.
2. قريشين جو ڪو آدمي پنهنجي سردار جي رخصت ڌاران اچي محمد صاحب ﷺ وٽ پناهه وٺي ته انکي واپس قريشين ڏانهن موڪلي ڏئي.
3. مسلمانن جو ڪو اهڙو آدمي قريشين وٽ لنگهي اچي ته اهو وٽن ئي رهي.
4. آئنده قريشي، مسلمانن جا جيڪي طرفدار مڪي ۾ آهن تن سان نه آئٽن.
5. ساڳيءَ ريت مسلمان به قريشين جي طرفدارن سان نه لڙن.
6. هينئر مسلمان اڳتي نه وڌن پويان پير ڪري مديني موٽي وڃن. ٻي سال ڀل اچن پر تڏهين به ٽن ڏينهن کان مٿي مڪي ۾ نه رهن پڻ هٿيار پنوهار پاڻ سان اصل نه آڻين.
مسلمانن صد لاچار اهي شرط قبول ڪيا ۽ ڏاڍا دلگير ٿي موٽي مديني هليا آيا.