محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/14

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
14. عمر رضه ڪيئن مسلمان ٿيو

عمر ﷦ ته پيش ڏاڍي مزي سان پيو چون ٿا ته جڏهن قريشي محمد صاحب ﷺ کي ايذائي ايذائي پاڻئي بر ٿي پيرا ۽ هي هٽيو ئي ڪين تڏهن سندن هڪ وڏيري جنهن کي اسلام وارا ابوجهل ڪري تا ڪوٺين تنهن کين هڪ هنڌ ڪٺو ڪري ويهي شرمائين ۽ شوراين چي”تنهنکان پاٽ ۾ پاڻي پاڻي نٿا ٻڏي مرو؟” اوهان جي دين جي هيتري پيئي هاسي ٿئي.اوهانجن بزرگن جي نسبت ۾ به الاجي ڇا ڇا پيو چوڻ ۾ اچي.اوهين ماٺ ڪيو ويٺا ٻڌو ڏٺا ڪي آهيو ڪو نڪ ناس اٿو ڪين نه؟ اثر ئي نٿو ٿئيو هو! هو! هڪڙي ڄڻي يڪي سر ساريءَ قوم ۾ ڏڦيڙ وجهي ڏنو آهي اوهان اکيون کنيو ويٺا نهاريو.منهنجو ته هيئنر رت ٿو ٽهڪي وڌيڪ ترسي نٿو سگهان آءٌ کليءَ کير ۾ اقرار ٿو ڪريان ته جيڪو ئي محب قوم محمد کي ماري(نعوذبالله) موت رسائيندو تنهن کي آءٌ هڪ سو مهري اٺ نهايت جنس جا انعام ڪندس” تنهن تي عمر اٿي کڙو ٿيو عمر قريشين جو هاڪارو ۽ نامور سورمون هو.ابوجهل کي چيائين ڏسين متان پوءِ ڦري وڃين قول ڪر مڙساڻو محمد ﷺ کي آءٌ ٿو وڃي پورو ڪري اچان”ابو جهل امالڪ وٺي آيس ڪعبه اندر ۽ اتي هبل جي اڳيان بيهي اقرار ڪيائين ته”زبان جي ڏني اٿم سا اوس پاريندس گسندس ڪين.” عمر به انجام ڏنو ته آءٌ به جيسيتائين محمد ﷺ کي ماري(نعوذبالله) مات نه ڪندس تيسيتائين واري ترار مرياڻ ۾ نه وجهندس.”
حضرت محمد ﷺ تن ڏينهن ارقم وٽ گهاريندو هو.مڪان چڱو پوشيدو ۽ پاسيرو هو.مومن سڀ اچي اتي ڪٺا ٿيندا هوا ۽ اتي ويچارا عبادت به ڪندا هوا ۽ بچاءَ جا گهاٽ به پيا گهڙيندا هوا.انهيءَ ڏينهن به سڀ اچي اتي ڳاهت ٿيا هوا پر سڀن جا ساهه مٺين ۾ هوا کڙڪ پئجي وئي هئن ته اڄ عمر اچڻو آهي عمر تکي تلوار هٿ ۾ ڪري رکيو رخ ان مڪان ڏانهن واٽ پنڌ ۾ نعيم بن عبدالله سندس سنگتي گڏجي ويس تنهنپڇيس”ڙي يار ! ڪهڙي شڪار تي هليو آهين؟هيتري تڪڙ!” تنهن کي جواب ۾ ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائينس هن واري خارن ڏيارڻ لاءِ وٺي چيس”واه ڙي واه تون هليو آهين محمد ﷺ کي مارڻ پر اهو ڪو سماءُ اٿيئي ته خود ڀيڻي ۽ ڀيڻيويهن مسلمان ٿيا آهن؟انصاف ته ائين ٿو گهري ته اول انهن کي قتل ڪر گهر ٻڌو ئي نه آهي وڍ ڪري ٻين سان ٿو لڙجي.”
عمر کي ساري بدن ۾ اچي باهه ڀڙڪي لڳي.انهيئي آيو ڀيڻ جي جاءِ تي دروازو ڏنو پيو هو اندر ڀيڻس ۽ ڀيڻويس کي خباب قرآن پڙهي ويٺي ٻڌايو.عمر دروزو کڙڪايو ته ڀيڻويس خباب کي ته امالڪ کڻي ڪنڊ پاسيرو لڪايو ۽ ڀيڻس اٿي اڃا در لاٿس ته ڀيڻ ڀيڻيويئي کي اچي لڳو .ماريماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائين.
ڀيڻس تنهن تي پڇيس”ادا خير ته آهي ڇو اسان تي کڻي ڪوس چاڙهيو اٿيئي؟” چي “ڪمپختو دين محمدي ڇو اختيار ڪيو اٿو؟” تڏهن هن چيس”ادا ڪو پنهنجو هوش به ته ڌار ڪا ساجهه به ته سک تون ڀائين ٿو ته اسان جي ڪل ٿڙڪي آهي جو بنا ويچار وڃي مسلمان ٿياآهيون اسان توکي هڪڙي ڪتاب مان ڪجهه پڙهي ٿا ٻڌايون.پوءِ تنهنجي دل ڪي ڀڄي ته تون پاڻ اسان وانگر ئي دين اسلام کڻي اختيار ڪج نه ته وس وارو آهين ڪيئن؟ آهي قبول؟” عمر چيس “چڱو ڀلا ڏسان ڇا ٿا ٻڌايوم،”
عمر اڱڻ ۾ ئي بيٺو هو ڀيڻس ويٺي سا اندران خباب کي وٺي آئي ۽ ان کي چيائين ته “ڀائو منهنجي ادي کي به ته قران شريف پڙهي ٻڌاءِ” خزباب وٺي للڪار سان سوره طه پڙهي چي: الله سٻاجهي مهربان جي نانو(جي برڪت) سان ( جنهن جي توهجي ڪا ڪا حد ناهي)اسان توتي قرآن انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ته تون (ان جي ڪري ايتري) تڪليف ڏسين(هي ته) رڳو جيڪو خدا کان ڊڄي ٿو تنهن لاءِ نصيحت آهي.(هي) ان(خدا) جو نازل ڪيل آهي جنهن زمين ۽ اونچا (اونچا) آسمان اپايا آهن (ان جو هڪ نالو آهي) رحمان(يعني سباجهو) (جنهن) عرش(مٿاهين) تي جلوو فرمايو آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي پاتال هيٺ آهي سو سڀ سندس (مِلڪ) آهي ۽ (اي ٻڌندڙو) جيڪڏهن تون ڳالهه ڏاڍيان ڪرين ته هو (تنهنجي) ڏاڍيان چوڻ جو محتاج ناهي ڇو تههو هوريان ۽(هوريان کان) ڏاڍي ڳجهي(ڳالهه به) ڄاڻڻدڙ آهي(اهو ئي) الله (آهي جو) ان ڌاران (ٻيو ڪو) معبود ناهي ان جا نالا چڱا آهن.”
عمر وس وڏا ٿي هلايا ته هن ڪلام جو اثر مونتي نه ٿئي پر تير ڪمان مان ڇٽي ويو ۽ ڪان ڪڙڪڙ ڪري دل جي اچام ۾ پکن سر وڃي بيٺو عمر بيخود ٿي پيو ۽ بي اختيار واتون نڪري ويس ته هي ته “انساني ڪلام نه آهي هيءَ ڪا شيءِ ئي اور آهي بس مونکي به حضرت محمد ﷺ جي حضور ۾ وٺي هلو.”
خباب امالڪ ارقم جي گهر وٺي آيس.هتي به دروازو ڏنو پيو هو.عمر دروازو کڙڪايو ۽ مسلمانن ۾ اچي ڦڙڦوٽ پيئي.پر حضرت محمد ﷺ پاڻ اٿي در لاٿس.عمر اندر پير پاتوئي ڪين ته چيائينس”ادا خبر ڪر اڃا ڪيسيتائين اسان جو دشمن رهندو ايندين؟” عمر جواب ڪهڙو ڏئي؟ سگهه سندس سموري ويندي رهي.منهن نماڻو نيڻ نير ڀريل ،ڀانيائين حضرت جي پيرن تي ڪري پوان. پر حضرت ڳرائٽڙي پائي کڻي ڇاتيءَ سان لڳايس ۽ نراڙ تي اهريون مٺيون ڏنانس جيئن ته ڪو سڳو ڀاءُ هجيس ۽ ورهين جي وڇوڙي پڄاڻا ساڻس مليو هجي.
مسلمانن ۾ هي خبر بجليءَ وانگر وٽڙي ويئي ؛۽ مئن ڌڙن ۾ جنسي نئين سرورساهه پئجي ويا.