محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/06
ڳوٺاڻين سان همدردي هيس ۽ انهن لاءِ هڏ ڪڙڪيس ٿي سا ڳالهه ته سندس ويري به قبول ڪندا پر وڏو گڻ منجهس اهو هو جو ڌارين جو به خيال ٿيندو هوس.زيد پٽ حارث جو ڪنهن لڙائيءَ ۾ پڪڙجي پيو ۽ سندس ويرين آڻي کڻي بي بي خديجه جي ڀائيٽي کي وڪيس تنهن وري ان جي ٻانهن ڪري پنهنجي پڦيءَ کي ڏني.
زيد جو هيڻو حال ڏسي هن حضرت کي اُتس ڪهل آئي ۽ گهر واري کي چيائين ته،”زيد مونکي ڪري ڏي.” هوءَ ته حڪم جي بندي هئي.تنهن چيس “خاوندا اچي مِلڪ اوهانجي آهي” حضرت محمد ﷺ پوءِ زيد کي چيو ته”تون آزاد آهين ٻيو خيال نه ڪر هيءُ گهر پنهنجو ڪري ڄان” هاڻ زيد جي پيءُ کي هن قصي جي خبر خير ڪا هئي سو ويچارو ڪجهه روڪڙ ڳنڍ ٻڌي پٽ جي ڇڏائڻ لاءِ اچي اتان نڪتو محمد صاحب ﷺ چيس ته”مِلڪ تنهنجي آهي بيشڪ وٺي وڃينس پر جي پاڻ هتي رهڻ چاهي ته به اسان جي اکين تي آهي.” پڻس زيد کي چيو “پٽ هلندين” زيد وراڻي ڏنيس”نه بابا آءُ پنهنجو هت ئي رهندس.” محمد صاحب ﷺ پوءِ پنهنجي پڦاٽ زينب سان پرڻائي ڇڏيس زينب خوبصورت ۽ آڪهائتي عورت هئي.