محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/01

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
01. آڳاٽا عرب

عرب لوڪ صدين کان سدائين آزاد رهندا اچن .ڇاتيءَ وارا مڙس ۽ مهمان نواز هڪڙائي آهن.فصاحت ۽ بلاغت ۾ ته سندن مٽ ڪو ورلي هوندو.ٻيا به منجهن چڱا چڱا گڻ آهن پر باوجوديڪ ان جي ،آڳاٽو ،منجهن گهڻيئي اهڙيون ڪنيون عادتون ۽ ريتون پهتيون هيون جن ٻڌي ۽ پڙهي هيبت وٺيو وڃي ۽ لڱ پياڪانڊارجن جهڙوڪ ڦرلٽ ۽ خونريزي ،حرام ۽ بدفعلي وغيره وغيره شراب جي ته اهڙي ڪا وٺ هوندي هين جو ٻار ٿڃ ڇڏيندا هئا ۽ شراب کي لڳندا هئا.ڪنهن آدميءَ کي نڙيءَ تي نهن ڏيئي نگهوسار ڪرڻ سندن لاءِ راند هوندي هئي.موادي وري ڪين جهڙين ڳالهين تان پاڻ ۾ اهڙا اهڙا ساڙ سانڍيندا هئا ۽ پيا هڪ ٻئي جو چڪين ماس ڇنندا هوا.خصوص ويچارين ڪنوارين سان ته هاءِ هوندي هئي.غيرت وارا لوڪ ته جيئري کين کڻي قبر داخل ڪندا هئا.ڊپ ٿيندو هون ته متان ڪو شاهينگ نه شرم ۾ هٿ وجهين ۽ سندن ست ٽوڙي.
جيري تي جيرين پرڻجڻ جي به منجهن ريت هئي.سو عورتن جي حالت تمام بري هئي.مڙسن کي ڇڙواڳ هوندي هئي.وڻين اوتريون زالون رکن ۽ پنهنجي رو تي ٿو کٽا ڪري ڪن کي ڏهاڳ ڏين ،ته به سندن وس هو.ساڙ ،وير ۽ ريس ۾ سارا رتا پيا هوندا هيا بغض جي باهه به توبهه هوندي هين.
منجهن ٻي هيءَ رسم جاري هئي.سندن خاص خاص هنڌن تي هر سال وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلا لڳندا هئا.جتي عربستان جي هرپرڳڻي جا رهاڪو اچي ڪٺا ٿيندا هوا.اهڙو هڪڙو ورهيارو ميڙو مڪي ۾ ڪعبي جي ڀرسي سان لڳندو هو.اهو ميلو اڄ تائين مند تي هر سال لڳندو اچي.پر هيئنر اسلام مان اصلاح پاتي اٿس.۽ مومنن تي فرض آهي ته هڪ لڱا مڙيوئي حياتيءَ ۾ اهو حج ڪن.هُن ميلي ۾ ملڪ جي چئني پاسن ۽ ڏهن ئي ڏسائن کان ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيندا هئا.اهڙو تماشو لڳي ويندو هو جو بس ! ڪٿي ڏس ته ڪو فصاحت جو صاحب آهي ۽ ڪٽڪ ماڻهن جي کي فصيح تقرير پيو ڪري ؛ ڪٿي ڏس ته ڪو شاعر آهي ۽ برزبان بلند آواز شعر پيو چوي.ڪٿي ڏاڍا مڙس پاڻ ۾ زور پيا آزمائن ۽ ڪٿي جوڌا جنگي نيزه بازي جو هنر ۽ فن پيا ڏيکارين،ڪٿي ته وري ڏس ته ڪو ڇيڻا ڀور ڏجن ۽ کڏن کوٽ خبيث آهي جو ڪين جهڙيءَ ڳالهه تان ڪنهن ڌارئي آڪهه جي آدميءَ سان ٽوڪر کائي پنهنجي ۽ هن جي آڪهه جي وچ ۾ فساد جي باهه پيو دکائي.پر ان ڌاران ٻيون ان ميلن ۾ اهڙيون بي حيائيءَ ۽ بي غيرتيءَ جون باتيون ٿينديون هيون جن جو رڳو ذڪر ڪرڻ به بي شرمي آهي.