لاڙ جو سير/04

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
لاڙ جو سير  (1971)  by الهه بچايو سمون
04. لاڙ جي هڪ رات

ڪنهن به ملڪ جو سير تيسين سجايو ڪيئن ٿيندو، جيسين اتان جي ماڻهن سان پورو لهه وچڙ ۾ نه اچبو. مون کي ته انهي ڳالهه تي پورو ويساهه آهي ته هر هڪ ملڪ جو علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن، حسن ۽ اخلاق جيترو ٻهراڙي ۾ سٿيل آهي، اوترو شهرن ۾ ناهي. وڏو شهر، وڏي ويراني، تنهن ڪري جي ڪو آدمي کوجنا لاءِ ڪٿي وڃي ته اهو وڃي پکيرن جي پناري پوي. اتان جيڪي هڪ رات ۾ هٿ ڪري سگهندو سو شهرن مان سال ڀر رهڻ سان به ڪين وٽيندو.
آئون پنهنجي عقيدي موجب لاڙ جون ليون لتاڙيندي، جهنگ جهر جاڳندي ڪهي وڃي ڪينجهر ڪنڌي پهتس. پريان سونڊن جو شهر به سڏ پنڌ هو، هيڏانهن هيلايا به هڪيا منهن ۾ هئا پر چيم ته جنهن سانگي سان سفر سنڀوڙو آهيان، اهو سانگ شهرن مان سرجي ڪين سگهندو، تنهن ڪري پري وڃان پکيرن جي پار. ڪچهري جا ڪوڏيا ۽ رس ڀري رهاڻ ڪرڻ وارا راڻا ضرور لَيُن ۽ لاڻن جي اوٽ ۾ هوندا. ائين اوريندي ٺِڪِي ويس هڪ ٺٺ ۾. وڏيرڙي وانڍ ۽ ويڙهه هئي. منجس ڏهه پندرنهن پرهياڙو هئا. مون کي هڪ ڇني ۾ ڇتر وجهي ڏنائون. خير جو سج لٿو. مال سهڙيا، هاري ناري ڍور ڍڳا ٻڌي ڀاڻين ڀريا. ٽُڪَرُ ٽانبو کائي، حقو سر ڪري سرندا آيا. ٻه ٺپي خبر چار وٺي ڏيئي ويهي رهياسون. جهڙو وکر تهڙو هوڪو. ڪي پوک جي پچار ۾، ڪن کي مال جو مامرو. مطلب ته هر ڪو پنهنجن ۾ ئي پوتو پيو هو. ڪچهري ۾ ڳالهين ڳالهين پٺيان ڳالهيون ڪندي هر ڪنهن جو منجهه کليو پوي. ڳوٺ وڏيرو مڙيو ئي سارو کو ۽ سرتيو ٿي ڏٺو.
ڪچهري اڃا مس رس ورتو ته هڪ پير مرد ٻاهران اچي سلام ڀريو. هڪڙو ڪچهري سان اٿي اڳتي ويو. کيڪار ڀليڪار ڪري ڪوٺي آيس ڪچهري ۾. دستوري خبر چار پڇي، وڏيري چيس ته ادا هاڻي ڪي سنهيون ٿلهيون سل. اويري اچڻ جو حال ڏي. ويچارو پير مرد، پنڌ جو ڳهيل، منزل جو ماريل، ڪشالي جو ڪڍيل ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳو ته : ”وڏيرا خبرون مڙيو ئي خير، ذات جو جڳهيو، ويٺل اصل بٺورو ، هاڻي ڪينجهر جي پراڙين ڪپ، ستين پيڙهين ڀاڳيو آهيان. مُند ماٺي ڏسي، ڍورن جي سانگ تي وطن ڇڏي، جهڳو پٽي اچي هت رهيس. ڌڻي سائين سڀڪي ڏنو آهيم. اولادي مرادي، پٽن جو پيءُ وڳر وارو آهيان. ڪڻم بک ڪانهي. پر گهران گهرڻ کان اڃا بتل آهيان پر ههڙا جي واءَ لڳا ته پوءِ اهي سهلون به پري ڪين آهن، جو پرويسڪا ٿي، ڌاريان در ڏسندا سون ۽ اڄ جيئن ڪمهلو پراين چُلهين تي دونهان جهپينداسون“. بس ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. وڏيري ۽ ٻين ويٺلن هنياري ڏئي ماٺاريوس. ٿورو رکي، ڏک پي، هنجون اگهي چيائين ته:
سائين پٽ ته سپوٽ، ڪپوٽ مان ڪڄڙو جڙي؟، سڪيلڌو آهيم هڪڙو، پر آنڊا به ڄري ڇڏئين. جيڏانهن ڪيڏانهن گلا ڏوراپا ۽ پڇا، ڪنهن پنهنجي يا پرائي پار منهن ڪڍي ڪين ٿو سگهان هٿ اٿرو ٿي پيو آهي. مڃڻ جو ئي ڪينهي. وڏي جو چوئڻ ته ڄڻ ڪان ٿي ٿو لڳيس. ادا آئون ڪڄا چوان، پنهنجي جي هلڪائي ڪرڻ آهي پير مان لاهي منهن ۾ هڻڻ. مو ن کي به ڏور پٽين ڪنا ڄري ڇڏيو آهينس. اوهه ٿي پييم تڏهن آيو آهيان. اوهان سَڀرن وٽ هٿ سيڪڻ، ڪم ڪار ته اصل ڪري ئي ڪو نه. ڪڏهن کڻي چئجيس ته ڍورن سان وڃ ته ٽيئڙ چڙهيو وڃيس. رڌي پچائي تيار ڪري ڏجيس ته پوءِ کائڻ جو کرو، باقي ڪم جو ڍرو، ڪالهه به هر جا 2 وراڻا واري منهن ڀيلو ڪري ويهي رهيو. آئون جان ڀيرو ڏيڻ وڃان ته مڙس ٺهي ئي ڪونه. هيڏانهن جو لوڻون ڀيريان ته ٻٻر جي ڇانئي ۾ ويٺو اونجهري، ڍورن جي آس ۾ سهڪي پيئي پوئي. ڪڻس اهو به خيال ڪين آيو ته گگدام ڇوڙي ڇاني ۾ ڇڏيان. مونک به نه جا سا بخيلي کڻي وئي، ڪڻس ٻه ٽي پاراتا ڇڙٻون ڏنم. ڀانيم ته چڱائي جو چوندي چڙندو ڪين. پر اهڙو ته مردار ٿيو جو بانٺو کڻي الر ڪري آيو. جيسين مون تائين پنون، تيسين ٻه ٽي ڍيرا به مون پار وتايائين. مون چيو ابا الله پليئي، وڃي ڍنڍ ۾ پئو مون واري اوڙ نه اڀري ته وڃي کڏ پئوئي. ائين چئي پوئتي ڀريس. ڀائو، جي ويجهو وڃانس ته هڻي ڏانگوري وجهيم. اسان وڏارڙا مڙس اسان ۾ سهڻ ڪٿي. ڪو سجائتو سونٽو لڳو ته ڪم ئي اڪلي ويندو. اڃا اهائي مهل هئي ته پوئتا ڌيڻم ڊوڙندي آئي. چئين ته آيا گهرين پيا ڪوٺينئي. مون پڇيو ٻچا خير ته آهي؟، چئين ابا اسانجو هٽار ڏيون مل واڻيو آيو آ، ڪوٺيئين ٿو. واپاري جو ڏکيو پنڌ سڻي مون ک به سجهي آئي ته اهي پيري پٽم جا سيٺ سان اسان جو اباڻو رستو هوندي ان هوندي وٽانئس کڻي کيون. آئي ويل وڃي مهل ڪري موٽون. ساڻس ڪار پت به ڪانه وڃائي آهي. پوءِ الله ڄاڻي ڪڄڙي لاءِ ڪهي آيو آ؟ آئون به اهي وسوسا ڪندو، ڊڄندو گهر ويس، سيٺ هو رڄ مڙس اسان جي پاراپي تي جيڪي ڪڻنون کپندو هو سو گهر ويٺي پڄائي ڏيندو هو. نيٺ خبرچار ساڻس ڪيم. ساري سورن جي سڻايائين. چيائين ته پٽهين اوهان جي پرپٺ آيو هو. چيائين ته ابا ڪڻم موڪليو آ، زميندار کي رک جي چاري لاءِ مال جي بنچري ڏيڻي آ، هارپي تي کنيل زمين مان ڪهڙ ڪڍي ساڙائڻا آهن، تنهن لاءِ پنجاهي رپين جي هٿ اڌوري ڏينم، چنڊ ڌاري پهتي ڪيندو سانءَ. تنهن کي هي ڇهون چنڊ ٿو ڏسجي. اڃا تائين اوهان مان ڪنهن منهن ئي ڪين ڏيکاريو آ. ڪي چوم ته اوهان پار ماڻهو منجان، ڪي چوم ته ماٺي رهان، پر پوءِ پڪ ٿيم ته پٽهين وچان ئي جهٽ هڻي ويو آ، تنهن ڪري ان کي ٻڌائڻ آيو آهيان، ٻيو سارو سک، ڳالهه ٻڌي ڪڙهي رهيس، هينئن تي تئي ٿي ڀيم. پيرين جي پٽيل کي پڇ ته ڪڻين ڪهڙي بک؟. الله جهجهو ئي ڏنو آهينئي پوءِ به نانگو جي ٻرن ۾ هٿ وجهندو ڀڻين. تنهن مان توکي هٿ ڪڄاڙو ٿو اچي؟ اسان جي به ڪار پت وئي ۽ تون به راڄ ۾ ڪهڙو ڪڌو ٿئين. اسين ڪکين ڍڪيا ماڻهو، مٿئون سهي واري کل.، هٿ کنئي ڦڦڙ پڌرا. هن اوسر ۾ نڪو ڏي نڪو وٺي ڀاءُ، ڀاءُ ڪنان بيزار، ڪو ڪنهن جي چڙهيءَ ۾ آسرو ئي ڪو نه رکي. اهي ٿاڻائي ڦري ويا، جڏهن ماڻهو تِرَ داڻون به پتيون ڪندا هئا. اڄ هر ڪو سياري جي سوڙ پاڻ ڏي پيو سيري. هاڻي هن سر ڏڪار اسين مارو ماڻهو پرديس منجهه ڪنهن ڪنان پني پوراءُ ڪريون. واڻيو ويچارو، دسيون لتاڙي آيو آ، تنهن کي به ضرور هٿ سڃ ڪبي. نيٺ ساڻس ئي مهاڙ آهي.
وڄهارو ٿي کڙهه لاهي، مال ۾ ڌوڃ ڪري ڇڏم، چوم به ڪڻس ائين ته جا تو يار نهاري سا ڌڻي کڻ، ۽ پنهنجو وڻو ڪري وري وڃ. پر سيٺ ڪٿي ٿو ائين ڪري. چئي مال اوڏو مور نه وڃان. قرض نه جڙيو ته ڀئو ڪونهي. هاڻي ته آئون اولجي پيس. هٿين خالي واپاري وارن به ڏکيو ٿيو لڳيم. آئون وڏارڙو مڙس ڏينهان البت خاصو، پر راتيان ڊوک ڪنه پئيم. لاچار ٿيس، اندر جي باهه کڻي کنئيس. ماني پاڻي وهه ٿي لڳيم، جوڙا هٿ ۾ کڻي جيئن ڀڳو آهيان، تيئن تو وٽ اچي وساڻو آهيان. هاڻي پنهنجو لائق ڪر، مون اڙئي جي آڙتي لاهه، ڪارپت وئي ته سڀڪو ويو. هٿ اڌارو ڏينم ته وڃي واپاري واريان. ٻيو سارو ئي خير.
وڏيري وراڻيو ته ادا گهرجي به خير. ڀلي آئين جيءُ آئين. هيءُ به تنهنجو تڏو هڪڙي هاري کي هڪل ڪري چيائين ته جهٽ ماني جو بندوبست ڪر. ڳنڌڻ لپ ضرور آڻج. تهان پوءِ وڏيري چيو ته ”پريا مڙس ڀلي آئين، تون ڄاڻ نه سڃاڻ، الٿي وير اسان جي اوتاري لڙي آيو آهين. اميد ساري آيو آهين. ادا آئين ته ڀلي ڪري آئين. آهيون وڌ اسين به ڪين آهيون. مهلون به مڙسن تي ٿيون اچن، مهل سر به مڙس ئي ڪم ٿا اچن. هي اٿيئي روپا پنجاهه، وڃي پنهنجو ڪارج سر ڪر. وري به ڪڏهن آڙتي اينٿي ته به اسان کي ڌِڻائين متان، جيڪي هوندو سو ونڊي ورڇي کيداسون. پرديسي مڙس آهين. توسان وهڻ ۽ تنهنجي مهل ڀرڻ چڱو آهي. تون وڃي پنهنجي جند ڇڏاءِ، ڏنو پٽ ڇٽي جو، اڳتي لاءِ واپاري کي وڙجائي ڇڏج. پير مرد ٻي خبر ٻڌئي، اهڙي اڻاسي اولاد کان ڀينگ ڀلي. اهڙا اولاد ڪو مائٽن کي سکي ڪندا ڪ؟ اهي ڪنهن ڏينهن ڀيري ڀن وجهندا اهڙا ساماڻا ته ڄڻ سور اُڌاڻا، جيسين هئا ڳڀور تيسين اوهان به ٿي کيڏيا ۽ سندن چانجلايون سر تي سٺيون، هاڻي پڪين گهڙين ڪهڙا ڪنا پوندا؟ وٺي ڏيوس سرڪار ۾ ڀل هاوي ۾ هجي ۽ گهڻائي ۾ پيسجي. تڏهن اک پور ڇڏيندو. جڏهن اوڙاهه ۾ پوندو. تڏهن مغز جاءِ ايندس. اجهو اهو سامهون ڪڻئين ويٺو آهي. منهنجو پٽ ٿئي ملهه تي رکيائين شوق، سدائين گم. گهر گهوريو ڪري ڇڏئين. جت ميلو ڪو ملاکڙو سڻي، اتي اڻ ڪوٺيو ٽُورو، ملهن سان رکيائين رس، ڏاڍو جوان ساماڻهو، هڪڙي پر ڪي کٽي ٿي کڻيس. وڃي ٿو کاٽ هڻي، ڀاڳين کڻي بند هنيس، آئون وري ملاقاتي تي به ڪين ويس، ٽِيپَ ڪمائي آيو، ٽڪ مان ور نڪري ويس هاڻي سوڌو سنئون، پرائي سڳي کي به ويجهو ڪين وڃي، اڃا ٻين کي پيو متيون ڏي. ٻار جي ڪور ڪبي، ٻار لاءِ ڏک ڪبو، ٻار تي آر آڻبو ته ڄڻ سندس نسون وڍيون، ناس پتو ويو. پوءِ اڄ جا ڇورا ڇيڳڙا ڪٿ ٿا وٺ ڏين، ٿورو سهٽ ٿيا ته مائٽن جي مهٽڻ کان ويا. ڪم ڪار جو چبون ته اڀڙڪي پيا منهن ۾ لڳندا. گهر جو در به ڪين سڃاڻندا. لفنگن سان لهه وچڙ ۾ آيا ته ڄڻ ماڻهپي قطار مان ويا. پرايون پيا ڀيريندا ڀڻندا، پر پنهنجو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ به اهکو پيو لڳندن، پوءِ اهڙا وڙ ڪٿي ٿا وڙائتا ٿين. اهي اکين جا نور پوءِ اکين جا سور ٿيو پون.
خير، ڪتين ڪر موڙيا، رات اچي پڇاڙي ٿي، مهمان ڪچهري کان موڪلائي ڀاڻين، ڀريو، اسين به پڙڇ پاسو پئي رهياسون. وانڍ ۾ سڀئي وانڍا، گهريتو ڪو ٿورو لڀي، تنهن ڪري مون سان به چار - پنج ڄڻا ساٿي ٿي سمهي پيا، خير جو صبح ٿيو هر ڪو پنهنجي ڪرت سان روانو ٿي ويو. آئون پٽيءَ پرڇ ڌڻي ٿي ويهي رهيس. اهو فطر تي امر آهي ته سڀ ڪنهن شئي جي ٻئي پاسا ورلي چڱا هوندا آهن، جنهن شئي جو هڪڙو پاسو بهتر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تنهن جو ٻيو پاسو البت لانئون ئي لکا ڏيندو آهي. هيڏانهن هڪ اڻڄاتل ماڻهو جي وقت سر مدد ٿي وئي. محتاج حاجت روائي ڪئي وئي ته هوڏانهن گهريتن ۾ اهڙي دريا دلي تي روڌن مچي ويو. گهر ڌڻي ڀنڀرڪي جو اٿي ويو مال سمهاڙو ڪرڻ، مائي لڳي تنوڻ ڪرڻ. گهر ۾ هڪ ڇهيڻ ستين سالين جو پٽ هوس، تنهن کي چيائين ته جيجڙا ابا، ڍور ٿا ٻنيءَ ۾ پون. ڀلائي ڪري ڀيري اچين. آئون ويري ڪين آهيان، جهٽ وڃ ته آئون لولو سيڪي وٺان“.ڇوڪرو وهٽن پٺيان نڪري ويو. پوئتان مائي پاڻ مهاڙو اچي ڇٽڪي.
چي: ڦٽو ڄاڻ نه سڃاڻ، ڪو ڄاڻان ڪير آيو. تنهن کي ماريئي بي متئي پنهنجو ڪفن ڪڍي ڏنو. اسان هٿ ڀڃي، سيءَ واءَ جهپي، چار ڪوڏيون ڏکئي ڏينهن لاءِ ٽاري رکيو سي هڪڙي رات ۾ ڪنهن الله واٽئي کي ڏئي ڇڏيئين، ڄڻ مٿس ڪو بوجو هو. هاڻي پڇوس، توکي اهي ڪڏهن ملندا. تون ان کي ڄاڻي ڪو سڃاڻين. سڀني لاءِ ٿو ٿڻين ۾ کير پويس. اسان جي ساڻس ڪا ڀيٽ ڪا پٺي چڱائي جو ٿو چجيس ته ڄيرو ٿيو پويس، جهل ئي ڪين ڏي. مون کي ڪڄڙو آ. ٻچا ٻه سندس ڏکيا بکيا ٿيندا، ڏوڪڙ کڻڻ آيو ته مون سان آلهي ويو. اهڙي جي ٻوجها پئيم ته ڪنهن ڌارئين جو گهر ٿو ڀري ته هڙ تي هٿ لائڻ ئي ڪين ڏيانس. سڀڪو غريب آهي. اسان وٽ ڪهڙا سونا سونگا ڍڪيل آهن، جو ڀڻون ڀتين تان ڀت اڇلائيندا. اسين پاڻ ٻچن جي چوڻي ۾ پورا آهيون. ڪڻم جي اهڙي ڪڻڪ پوئي تي مهمان اهڙو سوري آهي ته هوند اهڙو پهه ڪريانس جو واٽ به ڪين سونهي. انهي سوران ته پرهه کي هڙ تي هٿ رکڻ به ڪين ڏيان. آئون زال ماڻهو ڪڄاڙو ڪريان؟ جي ٿي ڪڇان ته وات ۾ کڙا ۽ جي ماٺي آهيان ته اجهو اهو حال آهي.
ملڪ ۾ وڻراهه گهڻي، جهنگ گهاٽا، ڪاٺي پنڊي جي ماڻهن کي تڪليف ڪانه ٿي جو اٿيو تنهن ڀاڪر ڦانگن جو ڄاڻ ته آندو گهر ڌڻي به مال مهاڙيتو ڪري ڪاٺين ڀاڪر ڀري اچي گهر پهتو. جوڻس جو جهيڙڻ ۽ جهوري ٻڌي هنئين تي تئي ٿي پيس، چيائين نڀاڳي رن ڪڄڙي لاءِ ويٺي ڪارون ڪريئن، منهنجو ڪيو ڪمايو ڪاري ڪلر ۾ پئي وڃائين. تون جڏهن کان ڀيڻيءَ ڀيري ٿي آهين، تڏهن کان وٺي جهڳو ئي جهڻ ٿي ويو آهيم. گهر جي بها برڪت سڀ نڪري وئي. ڪنهن پينڙاٽ کي پن ڏجي ته به ڪرڪين، ڪنهن غريب کي هٿ سَڃ ڪجي ته به تون لڇين، ڪنهن محتاج جي مهل ڪجي ته به مڙڳو کڻي مڃائين ڪل ڪانه ٿي پوي ته تون ڪڄاڙي ۾ راضي آهين؟، نه وري ڪ ڪنئين ڪي نصيب ٿئي ائين کڻي چئجي ته ٻين کان وانجي پنهنجو جند ٿي سکيو ڪريان سو به نه، توکي ته نڙي ۾ ڳنڍ آهي، پر سڪيلڌي اولاد کي به سڪ سريو کجائي کارائين، پوءِ به خدا واٽي ۾ ايترو کٽراڳ، جنهن جو هوندو، تنهنجو هاربو. اڻ هوندي ۾ ڪنهن جي آس، ڪنهن جي اميد. اڄ جڏهن اسان وٽ چار ڪوڏيون سجهيس ٿي، تڏهن ته وڻ وٽ لتاڙي ڪشالا ڪڍي، آڌي رات اچي سهڙيو. وڻ وڻ تان ڪين پوئي، پر ماڻهو ماڻهو مٿان وڃيو پوئي. متان اسين به ڪڏهن سندس ڳوٺ وڃي نڪرون.
ٻيو ته وي کڏ پوئي پر من پاڻي وٽو حُبَ سان پي اچون، اهو به گنج ٿيو. الله ڏي ته کمي کائجي، جکيءَ وارا جک ماري، هٿ مٿي تي ڏئي هليا ويا، ساون ساون سڃا به ڀاڱي ڀائيوار آهن. جي الله ڏي ته الله جي بندن جي به سار لهجي. پنهنجي هڙ ڪوسي ڪرڻ مان ڪهڙو نفعو؟ ڪنجوس ڌن واري کان ڏٻرو گڏهه چڱو جو ڪنهن جي بوجي کڻڻ لاءِ بنا ڪاڻ ڪرڻ جي ڪم اچي ٿو. اهو کٽيو ئي کوٽ جهڙو، اهو ڌن ئي ڪلر کاڌو، جنهن مان ڪنهن ڏکئي بکئي واٽو نه ورتو، جنهن مان ڪنهن مهمان نه کاڌو، جنهن مان ڪنهن ڀاءُ ڀرائي ڪر ڪر ڪرين، اڄ تون شڪر نٿي ڪرين، جو کير ڀن پٽين واري ٿيو ويٺي آهين. ٻيا تا اچي وٽئه هٿ سڪين، ڪنهن سوال سڙي جي اوڀالين کان ته آجي ٿيو ويٺي آهين. هرڪو پنهنجي قسمت ويٺو کنئي. اسان کي به جيڪي ملڻو هوندو سو پاڻيئي ڪڻئو ملندو. واڌاري لاءِ مٿو کڻي جبل سان هڻ، تڏهن به اوتري جو اوترو، خير مائي به کڻي ماٺ ڪئي، آئون به ٽڪر ڀور کائي موڪلائي روانو ٿيس.