سوکڙي ڳالهين جي/ڇھون باب/ڳالھ چوٿين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ چوٿين؛ شينھن، گڏھ، ڪانءَ ۽ گدڙ جي

۶-۴ ڳالھ چوٿين؛ شينھن، گڏھ، ڪانءَ ۽ گدڙ جي

ھڪڙي جھنگ ۾، ھڪڙو شينھن ۽ گڏھ ۽ ڪانءُ، پاڻ ۾ يار ٿي گذاريندا ھيا. ھڪڙي ڏينھن شينھن، شڪار ڏي ويو. گڏھ ۽ ڪانءُ ويٺا ھيا ته اوچتو گدڙ ھڪڙي، اتي اچي ساڻن ڳالھيون ڪري، چيو؛ ”جيڪر مون کي پڻ پنھنجو يار ڪريو ته چڱو.“
گڏھ اھا ڳالھ ٻڌي چيو؛ ”ويري ھڪڙو ڀي گھڻو ۽ سڄڻ ھزار ڀي ٿورا.“
تڏھن ڪانءَ چيو؛ ”گدڙ جھڙي ڪميڻي کي پنھنجي سنگت ۾ آڻڻ، ڄاڻي (ڏسي وائسي) صحبت ۾ ڏُڦيڙ وجھڻ آھي. ۽ چڱن جي صحبت ۾ لچ جو رھڻ اھڙو آھي، جھڙي کير ۾ موري. ۽ ٻڌو اٿم ھڪڙي ڏَڦير، جھنگ ۾ بگھڙ جو ٻچو، ننڍڙو ڇورڙو ڏسي، مٿس ڪھل ڪري گھر ۾ آڻي، کير پياري نپايو. نيٺ ھڪڙي ڏھاڙي ان بگھڙ، ڏَڦير کي ستو ڏسي، پيٽ ڦاڙي وڌو. تنھن وانگي گدڙ جي ياراڻيءَ مان نيٺ ڀلائي ڪا نه ٿيندي.“
تڏھن گڏھ چيو؛ ”چڱائي ۽ بڇڙائي، چئن طرحُن جي آھي. تنھن مان ھڪڙي چڱائي چڱن سان، سا جھڙي گڏھن جي کنھڻي. ھو ھن کي کنھي ۽ ھيءُ ھن کي. ٻي بڇڙي بڇڙن سان، جھڙي ڪتن جي ويڙھ. ھيءُ ھُن کي ڦاڙي ۽ ھُو ھِن کي. ھنن ٻنھي ڪمن ۾ نڪي ڏوھ، نڪي صواب. ٽين بڇڙائي چڱن سان. جنھن جي ڪرڻ سان، ڏوھ وڏو آھي. چوٿين چڱائي، بڇڙن سان. جنھن جي ڪرڻ مان نالو ۽ صواب وڏو ٿئي. تنھنڪري گدڙ جيتوڙي ته (جيتوڻيڪ) بُڇڙو آھي، پر سياڻا چوندا آھن؛ ’ھڪڙو گھر، ڏائڻ به ٽاري.‘ تنھن وانگي، گدڙ کي سنگت ۾ آڻڻ مان گھاٽو ڪو نه ٿيندو.“
تڏھن ڪانءَ چيو؛ ”ڪوڏي، گھڻو ڪي سُھڻي ھجي، پر موتين جي سَرُ (لڙھ) ۾ وجھڻ نه کپي. ۽ ٽوھ گھڻو ئي ٺاھوڪو ھجي پر گدرن جي واڙيءَ ۾ پوکڻ نه ٺھي. تنھن ريت گدڙ کي پنھنجي سنگت ۾ آڻڻ اھڙو آھي، جھڙو ڪيوڙن (ڪيلن) وچ ۾ ٻيرِ پوکڻ.“
نيٺ گڏھ پنھنجي ڳالھ اڳي ڪري، شينھن جي خدمت ۾ عرض ڪري، گدڙ کي پنھنجي يارن ۾ آندو. ان ريت ڳچ جھڙا ڏھاڙا گڏ گذاريائون جو گڏھ جھنگ جا گاھ کائي، پيٽ ڀري. گدڙ ۽ ڪانءُ، شينھن جي اوبر سوبر کائي گذارين.
ھڪڙي ڀيري، ٻه ٽي ڏھاڙا ساندھ، شينھن کي شڪار ھٿ ڪو نه لڳو. پر پنھنجي وڏائيءَ جي ھٺ کان ماٺ ڪيو وتيو. ڪانءَ ۽ گڏھ، ھيڏي ھوڏي جا داڻا ڪڻا، ڪک ڪانا کائي، ٿي گذاريو. پر گدڙ کي بک ماندو ڪيو. تڏھن شينھن ۽ گڏھ جي پر پٺ، ڪانءَ سان پَھُ ڪيائين ته جيڪڏھن گڏھ کي شينھن جي ھٿان مارائجي ته سڄي سنگت جي بک لھي.
ڪانءَ اھا ڳالھ ٻڌي، گدڙ کي لعنت وجھي چيو؛ ”ھن ريت، چڱي ڪرڻ واري جو بڇڙو گھرڻ، حرامين جو ڪم آھي.“
گدڙ، اتي پنھنجو منھن ڪارو ڏسي، ڊوڙي وڃي گڏھ ڀيڙو ٿيو. اوچتو پريان شينھن کي ايندو ڏسي، گڏھ کي منھن، منھن ۾ ڏنائين، جھڙيءَ ريت ڪو ھوري ھوري ڳالھ ڪري. پر ڳالھ ڪا ڪا نه چيائينس. جيتري ۾ شينھن اوڏو آيو، تيتري ۾ گدڙ ڀڄي، گڏھ کان پري ٿيو. شينھن ايندي سان گڏھ کان پڇيو؛ ”گدڙ، ڪن ۾ ڇا چيئي؟“
گڏھ ويچاري، موران گدڙ جي واتان ڪي ڪين ٻڌو ھيو. تنھن ڪين باسيو. تڏھن شينھن شڪ ڀرجي، گدڙ کي پاسي ڪري پڇيو. گدڙ حراميءَ، ڪوڙ ڪري چيو؛ ”فلاڻو شينھن، جو تنھن جو ويري آھي، تنھن ڏي نياپو ڏنائين؛ ’اسان جو شينھن، ھاڻي بک ماندو ڪيو آھي. جي اچڻو آھين ته ويرم نه ڪر.‘ پر مون نه باسيو.“
شينھن، اڳي بک ڇتو ڪيو ھيو، ويتر ھيءَ ڳالھ ٻڌي، ڪاوڙيو. جھڙيءَ ريت، اڳي نچڻي، ويتر پيس گھنگھرو.
نيٺ شينھن، ھڻي گڏھ ماري وڌو. ڳچ ويرم کان پوءِ، ڪانءُ اچي گڏھ کي شينھن جي ھٿان مئو ڏسي، کلي چوڻ لڳو؛ ”ھڪڙو چوي، ٻيو مڃي؛ ته ان جو پورھيو، ڌڻي نه ڀڃي، ۽ ھيءُ چوي، ھو نه مڃي، ته ھُن جي اڳين پوئين وڃي. جي گڏھ، منھنجو چوڻ وٺي، گدڙ کي پنھنجي صحبت ۾ نه آڻي ته ھن ريت بيڏوھو، ڏوھَ-پَن جي نه مري.“
حاصل ڳالھ جو؛ بڇڙي سان ڀلائي ڪرڻ مان ڳُڻُ اھو آھي، جو گڏھ پاتو. تنھنڪري چڱو ھيءُ اٿئي جو بڇڙي کي آڌر نه ڏي ۽ بڇڙي جي سنگ کان پڻ ڀڄ.

بيت
ڪميڻن جي ڪھل جو، ڀڃي ڇڏج ڀيرُ،
ندورن جي نينھن کان، پري رکج پيرُ،
جيئن ٻٻر مان ٻيرُ، تيئن نيڪي ندورن مان.