سوکڙي ڳالهين جي/ڇھون باب/ڳالھ پنجين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ پنجين؛ باندر ۽ چيھي جي

۶-۵ ڳالھ پنجين؛ باندر ۽ چيھي جي

رُوھيءَ جي ڏھاڙن ۾ ڀولو ھڪڙو، سيءَ جو ماريو، ڏڪندو ڦرڪندو، وڻ ھڪڙي ھيٺ وڃي ويٺو. تنھن وڻ ۾ چيھي جو ھڪڙو آکيرو ھيو. چيھي باندر کي ڦرڪندو ڏسي چيو؛ ”آ پکي، ٻه-ڄنگھو آھيان. تڏھن به پنھنجي سُکي ٿي ويھڻ لاءِ آکيرو جوڙيو اٿم. جنھن ۾ سياري جي ڏوجھري کان بچيو ويٺو آھيان. تو کي ڌڻيءَ سڀ لڱ ماڻھن جھڙا ڏنا آھن، ته به پنھنجي ويھڻ لاءِ، ڏَرِ توڙي آکيرو، ڪو نه جوڙيو اٿي. جنھن ڪري ٿڌ ۾ ڌڪا ٿو کائين.“
ڀولي اھا ڳالھ ٻڌندي، ٽپو ڏيئي، چيھي جو آکيرو ڇني، ڦاڙي، چيو؛ ”پنھنجو ڪين جوڙيان، پر پرائو ڊاھيان.“
بڇڙي کي چڱي مت ڏسڻ جو اھو حال آھي. جنھنڪري ويچاري چيھي پنھنجو جڙيو آکيرو ڊھرايو. ڏاھن جو پھاڪو آھي، جو؛

بيت
ڌاتوري ڌاري، ڪجي ڪار ڪماند جي،
ته به اصل انھيءَ پار جا، ڏينا ڏيکاري.
تنھنڪري ڄاڻجي ٿو جو؛ بڇڙي سان ڀلائي ڪرڻ، ڀلائي نه آھي. تو کي پڻ گھرجي جو بڇڙي سان ڀلائي نه ڪر. پنھنجي پڄنديءَ آھر، بڇڙي سان سنگ نه ڪر.

بيت
ڪمائي ڪميڻن سان، آھي اجائي،
جھڙو ھَرُ ڪلر ۾، ڪاھڻ ڪچائي،
واريءَ وسي مينھُن، ڪا پوک نه پچائي،
طوطي طرح ڪانءَ سان، ڪجي ڪمائي،
ته به ٻولِي ٻولَي پنھنجي، عادت اھا ئي،
ڪري ڀال بگھڙ سان، ڪنھن لوڙي چڱائي،
ڪجي کُنڀِ کُوري کي، ته به ڪڍي ڪارائي،
ڳالھيون ڳڻن جون ڪري، ڪنھن ڳوھ نه ريجھائي،
اوڙڪ اھڙيائي، نيڪي ندورن سان.
---
نيڪي ندورن سان، ڦٽاڻي ۽ ڦير،
جھڙي نيڪي نانگ سان، ويتر وڌي وير،
پالي پُٽُ بگھڙ جو، ڪونئرو ڪري ڪير،
ڇتو ڇڏي ڪينڪي، بگھڙ وارو ڀير،
ڪانءُ ڪبوتر نه ٿئي، ٻٻر نه ڏئي ٻير،
اڱر اڇو نه ٿئي، جي صابڻ ھڻي سير،
پُرجھي پائج پير، پليتن جي پَرِ ۾.
---
پليتن جي پَرِ جا، ٻُڌو ويھي پارَ،
سونھن ڪين سھي، جيان ٻليءَ وارا ٻارَ،
ھرڻن وانگي نه ھلي، سندي ڪتن قطارَ،
ڪٻر ڪنان ڪين ٿئي، ڪبوتر جي ڪارَ،
ڪڏھن ٿئي ڪينڪي، سائين منجھان سارَ،
گڏھ گابو نه ٿئي، جي ڪري حرص ھزارَ،
سَوَ ڪري سينگارَ، ته به کودڙيءَ پُٽُ کودڙو.