سوکڙي ڳالهين جي/پھريون باب/ڳالھ پھرين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ پھرين: پورھيت ۽ قاضيءَ جي

۱-۱ ڳالھ پھرين: پورھيت ۽ قاضيءَ جي

پورھيت ھڪڙي، گھڻا پورھيا ڪري، سؤ روپين (جو) گڏ ڪيو ھو. ھڪڙي ڏينھن، پرڏيھ ڏي تيار ٿيو. اھي روپيا ڌراوت (امانت طور) رکڻ لاءِ، کڻي ھڪڙي ھٽائيءَ وٽ ويو. پر ھٽائيءَ ڌراوت رکڻ جي نھ ڪئي. ان ڳالھ جو پورھيت ۽ ھٽائيءَ جو پاڻ ۾ ڳچ سوڌو چؤٻولو ھليو. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ڌراوت رکڻ لاءِ پورھيت ماندو (پريشان) ۽ ھٽائي ڀڄندڙ.
ايتري ۾ ڳوٺ جي قاضيءَ جي ٻانھي دمڙيءَ جو تيل وٺڻ آئي. پر ھٽائيءَ ۽ پورھيت جي رڳڙي ڪري (سبب) ويرم (دير) لڳيس. تنھن کان قاضيءَ ويرم جو سانگو (سبب، بھانو) پڇئو. تنھن پورھيت ۽ ھٽائيءَ جي سؤ روپين ڌراوت جي ريڙھ پيڙھ جي ڳالھ ڪري سڻايس. قاضي اھا ڳالھ ٻڌي، ٺڳي دل ۾ رکي، دمڙي ٻي ان کي ڏني. تنھن، قاضيءَ جي چوڻ موجب، ٻئي ھٽ تان تيل وٺي، ان ھٽائيءَ جي تيل ۾ گڏي، ورائي ھٽائيءَ وٽ وڃي، چيائينس؛ جو تو ڀلجي تيل وڌيڪ وجھي ڏنو آھي. پر قاضيءَ کي پرائو وڌيڪ نه گھرجي. پنھنجو تيل لاھي وٺ. ھٽائيءَ تيل لاھي ڏنس. پورھيت اھا ڳالھ ٻڌي، قاضيءَ جي رڃ کي پاڻي ڄاڻي، ناڻو وٽس ڌراوت رکي ويندو رھيو.
ٿورن ڏيھاڙن کان پوءِ وري اچي ڌراوت قاضيءَ کان گھريائين. قاضي، ڌراوت اَلي ويو. ويچاري کي ڌراوت جو ساکي (ساک پت، شاھد گواھ) ڪو نه ھو، تنھن ڪري قاضيءَ تي ڌراوت ورجائڻ (موٽائي وٺڻ) اھنجي (ڏکي) ڏسي ماٺ ڪري ڳوٺ ۾ وڃي ھڪڙي رن زال وٽ ٽڪيو. پر ارمان سان ڀرجي، ڏاڍا شوڪارا ٿي ڀريائين. اھو حال ڏسي، رنڙيءَ پڇيس. تنھن کان گھڻو گسايائين. پر نيٺ قاضيءَ واري ڳالھ سڄي ڪري ٻڌايائينس. تڏھن زال چيس ته جيڪڏھن مون کي پنج روپيا مِٺائيءَ جا باسين ته ڊُول (ڍونگ، ڊرامو) ڪري ڌراوت وٺي ڏيانءِ. پورھيت گھڻي خوشيءَ سان اھا ڳالھ باسي. جھڙيءَ ريت ڪو سوريءَ بدران ڪنڊو باسي.
رن دل جاءِ ڪري، پورھيت کي متِ سيکاري، اُچا ڪپڙا ڍڪي، دٻلي ھڪڙي ننڍن پاھڻن سان ڀري، رومال ۾ ويڙھي، مُرڪو ڍڪي (منھن ڍڪي، برقعو پائي)، قاضيءَ جي گھر وئي. تنھن اُچا ڪپڙا ڏسي، ڀال ڀلائي پڇيس. رن ڊوھ ڪري چيو ته؛ امڪي (منھنجي) امير تي، راجا ڏُسڪيو (ڪاوڙيو) آھي. ڀانئجي ٿو ته متان گھر ڦرائيس. تنھنڪري سندس گھران جواھرن جي دٻلي ڌراوت (امانت طور) رکڻ لاءِ تو ڏي ڏني اٿن. قاضي، رن جي جَوَن کي ڪڻڪ ڄاڻي، خوش ٿيو. ايتري ۾ پورھيت اچي قاضيءَ کي سلام ڪيو. قاضيءَ پنھنجي سچائيءَ لکائڻ (ظاھر ڪرڻ) لاءِ، روپين جي ڳوٿري ان گھڙيءَ ڪڍي ڏنس. پورھيت، پنھنجو ويل مال ھٿ ڪري، خوش ٿي، ٻاھر نڪتو.
واٽ تي دھل وڄندا ڏسي، جھمر ھڻڻ لڳو. ايتري ۾ زال پڻ قاضيءَ وٽ دٻلي ڇڏيندي، پورھيت وٽ اچي، دھلن تي نچڻ بيٺي. تيستائين قاضيءَ دٻلي پٽي، پاھڻ ڏسي، زال جي ٺڳيءَ تي تپرس کائي چوڻ لڳو؛ ”چورن مٿان مور پيا.“
قاضي، ڊوڙي زال جي پويان پيو. ٻاھر نڪري ٻنھي کي نچندو ڏسي، پاڻ به نچڻ لڳو.
ماڻھن ٽنھي کي نچندو ڏسي چيو؛ ”پرائي دھلين، احمق نچي.“
اھا ڳالھ ٻڌي، پورھيت چيو ته؛ ”مون سؤ روپين (جو) وڃايل لڌو آھي، تنھن ڪري خوش ٿي ٿو نچان.“
زال چيو ته؛ ”آ ٻه ٽي ڏوڪڙ ڏيھاڙي ڪمايان. اڄ پنج روپيا مليا اٿم، تڏھن ٿي جھمر ھڻان.“
قاضيءَ چيو ته؛ ”ٻيا ڪتاب گھڻا پڙھيو ھيس، پر اڄ نئون سبق سکيو آھيان. تنھن ڪري ٿو نچان.“
فقط حاصل ڳالھ جو؛ قاضيءَ دٻليءَ جي لالچ تي، سؤ روپين جو ھٿان ڇڏيو. ڏسو لالچ جا ڪم، جنھن قاضيءَ جو ڪھڙو حال ڪيو. سياڻا چوندا آھن جو؛
”ھڪڙي واءَ کان گھڻا ڪڪر ۽ ھڪڙي شينھن کان گھڻا مِرون، ھڪڙي مور کان گھڻا سپ ۽ ھڪڙي سيڱ (ڪمان) کان گھڻا ڪانءَ ڀڄن.“ تنھن ريت، ھڪڙي لوڀ کان، گھڻا ڳڻ ڀڄي وڃن.
تنھنڪري تو کي جُڳائي جو جوفي (لالچ) جھڙيءَ بڇڙيءَ بلا کي دوس (دوش، ڪلھو) نه ڏي. ۽ اھڙي بلا کان پنھنجو پاڻ بچاءِ!

بيت
تن نه لاءِ طمع کي، طمع تکي ترار،
ڦِٽيءَ ڦٽيا ڪيترا، ڪري ڪِني ڪارِ،
ڏيئي چشَ چوڙنگ ڪري، مارئا ھن مردار،
گُھٽي گھوٽن کي گھٽيءَ، ڌڙ ڪيائين ڌار،
پنھنجو ساھ سنڀار، سِپَر ڏيئي سيل جي.