سوکڙي ڳالهين جي/پھريون باب/ڳالھ ٻي

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ ٻي: فقير ۽ ٻن ڪتن جي

۱-۲ ڳالھ ٻي: فقير ۽ ٻن ڪتن جي

فقير ھڪڙي ماني ويٺي کاڌي. اڳيانئس (سندس اڳيان) ڪتا ٻه، ھڪڙو ھيڻو ۽ ھڪڙو ڏاڍو، بيٺا ھوا. فقير، ماني ھڪڙي، ٻه اڌ ڪري، ھڪڙو ھڪڙي کي ۽ ٻيو ٻئي کي، اڇلائي ڏنا.
ڪتي ڏاڍي، پاڻ وارو اڌ رکي، ھيڻي ڪتي جي اڌ ڇڏائڻ لاءِ ڊوڙيو. پر ھيڻو ڪتو، ڀڄي ويس. تيستائين ٽيون ڪتو، ڏاڍي ڪتي وارو اڌ مانيءَ (جو) نڌڻڪو ڏسي، کڻي، ويندو رھيو.
ڏاڍو ڪتو، وري (موٽي) اچي، پڙ پالھو ڏسي، ڦڪو ٿي چوڻ لڳو ته؛ ”سياڻن سچ چيو آھي ته، ’جيڪو اڌ کي ڇڏي سڄي پٺيءَ ڊوڙي، تنھن جو اڌ پڻ وڃي.‘.“
فقط ڏسو لالچ جو حال. لالچ، بڇڙي آھي. جي ڏاڍو ڪتو، پرائي اڌ مانيءَ جي لالچ نه ڪري ته پنھنجو اڌ مانيءَ (جو) رھندو نه وڃائي. تنھنڪري لالچ ڪرڻ چڱي نه آھي. تو کي پڻ گھرجي جو؛ ”لالچ کان اھڙو ڀڄ، جھڙو ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان.“

بيت
لالچ لچيءَ لوڪ ۾، گھڻا گھمايا،
وجھي ڀولو ڀرم جو، ڀڙويءَ ڀلايا،
ڏيئي چاٽي چش جي، رُليءَ رلايا،
ڏيکاري رند ريب جو، موڙھي منجھايا،
ڏسن ڏک ڏکيءَ جا، انڌا اجايا،
پنھنجي ھٿان پاڻ ڪن، سوريءَ جا سعيا،
آجا سي آيا، جن ٿُڪي ٿيلھي ڇڏي.