سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ڇھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق ڇھون: محمد قاسم ۽ راجا ڏاھر جي جنگ ۽ عربن جي فتح

انھيءَ وچ ۾ راجا ڏاھر به پنھنجو لشڪر وٺي اچي ويجهو ٿيو. محمد قاسم ٻيڙين جي پُل ٻڌائي، يعني پھرين ٻيڙيون ڪناري سان ھڪٻئي جي پاسي ۾ بيھاري ويا ۽ پوءِ اُنھن کي لوھ جا قلعا ھڻي ھڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيائون. جڏھن درياھ جي پيٽ جيتري قطار ٿي تڏھن لشڪر منجھن چڙھي ويٺو. پوءِ سڄي قطار ھڪدم موڙي ھن پاسي واري ڪناري کي وڃي لڳا ۽ لھي ھيٺ ٿيا ۽ منزل ڪري چوڌاري کاھي ھڻي ويھي رھيا. انھي ھنڌ ڌاري، گجري نالي ھڪڙي وڏي ۽ اونھي ڍنڍ ھئي. اُنھي ڍنڍ جي اُلھندي ڏي عرب لٿل ھئا ۽ اڀرندي ڏي راجا ڏاھر پنھنجي لشڪر سان لٿل ھو. عربن جي درياھ لنگهڻ جي اوچتي خبر ٻڌي ھو ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو.
پھريائين راجا ڏاھر پنھنجي پٽ جيسيئن کي ھاٿيءَ تي چاڙھي لشڪر سان موڪليو. سو جڏھن ميدان تي آيو تڏھن عرب وڪوڙي ويس. ويڙھ لڳي پر سنڌي لشڪر مارجي ويو ۽ جيسيئن پاڻ به ذري گھٽ ماريو ھو پر ھاٿي ڀڄائي نڪري ويو. پوءِ محمد قاسم ارادو ڪيو ته گجري ڍنڍ لنگهي ھن ڀر ٿئي ۽ راجا ڏاھر تي ڪاھي. ھڪڙي ٻيڙيءَ ۾ ٽيھه ٽيھه ماڻھو لنگهائي ھن ڀر آيو. ڏاھر کي جوتشين اڳي ئي ٻڌايو ھو ته فتح عربن جي آھي. سو وڙھڻ کان دل شڪستو ھو. ٻنھي لشڪرن جي وچ ۾ ميل کن پنڌ جو ھو. راجا ڏاھر جي سپه سالارن جنگ شروع ڪئي. ٽي ڏينھن برابر جنگ پئي ھلي پر فيصلو ڪونه ٿي ٿيو. نيٺ چوٿين ڏينھن صبح جو سوير راجا ڏاھر پنج ھزار سوار ۽ ويھه ھزار پيادا ۽ ھڪ سؤ ھاٿي وٺي پاڻ جنگ جي ميدان ۾ آيو. پاڻ لشڪر جي وچ ۾ ھاٿيءَ تي چڙھيل ھو ۽ تير ڪمان ھٿ ۾ ھوس. ٻن ٻانھين کيس پان سوپاري پي ڏنو ۽ تير به کنيو پئي ڏنائوس. اھو پويون ڏينھن رمضان مھيني جي ڏھين تاريخ ھئي. عربن کي روزا ھئا. ڏاھر سان سندس ٻئي پٽ جيسيئن ۽ ڏھرسيئن گڏ ھئا. ڪن سنڌين جي صلاح ۽ سونھپ تي عربن جو ڳچ لشڪر، ڏاھر جي لشڪر جي پٺيان اچي نڪتو. پوءِ عربن ٻنھي طرفن کان گهڻي ڪاھ ڪئي. ڏاڍي سخت جنگ لڳي. راجا ڏاھر کي ھڪڙو تير لڳو ۽ سندس ھُودي کي به اچي باھ لڳي. ھاٿي ٽپڻ لڳو ۽ وڃي ڍنڍ ۾ وڌائين. راجا گپ ۾ ڪري پيو جتي ڪنھن عرب ترار ھڻي ماري وڌس. سگهو ئي سنڌ جو لشڪر ڀڄي ويو. راجا جي پٽن توڙي سندس گهر جي ڀاتين سڀني ڀڄي وڃي راور جي قلعي ۾ پناھ ورتي. محمد قاسم ھڪدم انھيءَ قلعي کي وڃي گھيرو ڪيو.