سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ستون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق ستون: ھندو راجائن جي حڪومت ۾ ملڪ جي حالت

ھندن جي زماني ۾ راجا کي ھر قسم جو اختيار ھوندو ھو. جئن وڻندو ھوس تئن ڪندو ھو. ھڪڙو وزير رکندو ھو، جو سندس صلاحڪار ھوندو ھو. ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن ھلائڻ لاءِ ننڍا حاڪم ھوندا ھئا. انھن مان ڪي خود راجا جا پٽ يا ويجها مائٽ به ھوندا ھئا. راجا ڪنھن به رعيتي ماڻھوءَ جي جان توڙي ملڪيت پنھنجي مرضيءَ موجب وٺي سگهندو ھو. ڌرم جي ڪمن ۽ رسمن ۾ برھمڻ ۽ مڙھين ۽ مندرن جا مھندار ھٿ وجهندا ھئا، پر اُھي به اڪثر راجا جي حڪم موجب ھلندا ھئا. اڪثر وڏا وڏا ڪم نجومين يا جوتشين جي پڇڻ کان پوءِ ڪندا ھئا. رعيتي ماڻھو چوپائي مال ۽ سونَ جي پنجاھين پتي راجا کي ڏيندا ھئا. اَن جي پيدائش مان اٺين پتي ۽ وڻن، گھه، ماکي ۽ ٻين واپار جي شين مان ڇھين پتي ڏيندا ھئا. ڪاسبي ماڻھو ھر مھيني ۾ ھڪڙو ڏينھن راجا جي ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل ھئا. راجا لشڪر رکندو ھو ۽ انھن جي مٿان سپه سالار ۽ ٻيا ننڍا عملدار به رکندو ھو، پر اڪثر پاڻ جنگ ۾ شامل ٿيندو ھو ۽ مارجي به ويندو ھو. کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ سندس جاءِ تي ويھندو ھو. وڏن وڏن شھرن ۾، خاص گاديءَ جي ھنڌ ۾ البت حڪومت جو بھتر بندوبست ھوندو ھو. ٻاھرين ننڍن شھرن وارا ماڻھو پنھنجي منھن رھندا ھئا ۽ ڌنڌن ۽ ھنرن وارا ماڻھو راڄ ۾ ھڪ ٻئي جو ڪم ڪندا ھئا. انھيءَ لاءِ ھنن کي فصلن لھڻ وقت ڪي ٺھرايل انگ ابواب ملندا ھئا پر مٿن چورن جي ڏولين ۽ ٻين زور ڀرين پاسي وارين قومن جون ڪاھون ۽ ڦريون ماريون ٿينديون رھنديون ھيون، انھن کان ڳوٺن جا ماڻھو پاڻ کي پاڻھي بچائيندا ھئا. ڪڏھن ته ھڪڙا پيا ھر ڪاھيندا ھئا ۽ پوکون سنڀاليندا ھئا ۽ ٻيا آس پاس پيا پھرو ڏيندا ھئا. آباديءَ لاءِ واھ يا مسافرن جي لاءِ شاھي سڙڪون يا پُلون يا ڌرم سرايون ڪين ھيون. آدمشماري تمام ٿوري ھئي، ته به ڏڪار بيماريءَ وقت ھنن کي سرڪاري مدد ڪا نه ملندي ھئي. سادو ڪپڙو ڪوري اُڻندا ھئا ۽ ڪنڀرن ۽ لوھارن ۽ واڍن ۽ رازن ۽ سونارن جو ڪم ھلندو ھو، پر تمام سادي قسم جو. نڪي ڪي چڱا گهر ھوندا ھئا، نه ڪي ٻيون سک ۽ آسائش جون شيون ھونديون ھيون. لکڻ پڙھڻ ۽ پاڙھڻ جو حال ڪونه ھوندو ھو. ڪي برھمڻ لکڻ پڙھڻ ڄاڻندا ھئا، پر عام خلق کي ڪا به خبر ڪا نه ھئي. سرڪاري لکپڙھ جو البت ڪجھه بندوبست ھو، پر اُھو به پُورو پنو.