سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق چوڏھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق چوڏھون: سمن جي حڪومت جي پڇاڙي

ڄام نندي جي مرڻ تي سندس صغير پٽ ڄام فيروز گاديءَ تي ويٺو ۽ دريا خان ھن جي طرفان حڪومت ھلائيندو ھو. جڏھن ڄام فيروز وڏو ٿيو تڏھن عيش عشرت کي لڳو ۽ دريا خان جي چئي تي نه ھليو تنھنڪري ھو پنھنجو عھدو ڇڏي وڃي پنھنجي جاگير ۾ ويٺو. انھيءَ وچ ۾ ملڪ جو خراب حال ڏسي گجرات جي بادشاھ جو لشڪر ٺٽي تي ڪاھي آيو. ڄام فيروز ۽ ٻين ماڻھن منٿ ڪري دريا خان کي آندو، تنھن تجويز ڪري انھيءَ لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيو. تنھن کان پوءِ ڄام فيروز آرام سان حڪومت ڪرڻ لڳو، پر دريا خان کي زور وارو ڏسي ھميشه ھن کان ڊپ رکندو ھو. تنھنڪري ھن جي زور ڀڃڻ ۽ پنھنجي بچاءُ لاءِ ارغون مغل گهراڻي جا ڪي ماڻھو پاڻ وٽ نوڪر رکيائين. انھن جي ڳجھن پيغامن تي مرزا شاھ بيگ ارغون، قندھار کان ھڪ وڏو لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاھي آيو.
ارغون چنگيز خان مغل جي اولاد مان ھئا ۽ اھو مرزا شاھ بيگ قندھار جي حاڪم امير ذوالننون جو پٽ ھو ۽ ھاڻ انھيءَ جي مرڻ تي سندس جاءِ تي حاڪم ھو. بابر بادشاھ قندھار تي ڪاھي ھن کي قيد ڪيو ھو، پر ھو تجويز ڪري قيد مان ڀڄي قندھار ڇڏي ھڪ ھزار ماڻھن سان سنڌ ۾ آيو. ڄام نندي ۽ سنڌ جي ٻين ماڻھن وري به دريا خان کي منٿ ڪري وٺي آندو، سو اچي ارغون مغلن جي سامھون ٿيو. ڏاڍي جنگ لڳي جنھن ۾ ٻنھي طرفن جا گهڻا ماڻھو ماريا. نيٺ مغل شڪست کائي موٽي ويا ۽ دريا خان موٽي ٺٽي ۾ آيو، پر سگهو ئي پوءِ شاھ بيگ وري ٺٽي تي ڪاھي آيو. دريا خان وري به وڃي سامھون ٿيس. ٻي جنگ لڳي جنھن ۾ سنڌين شڪست کاڌي ۽ دريا خان مارجي ويو. ڄام فيروز ٻار ٻچا ڇڏي ڀڄي ويو. شاھ بيگ اچي ٺٽو ورتو. ڄام جون توڙي ٻين گهڻن سکرن جون زالون ۽ ٻار ٻچا قيد ٿي پيا. آخر ڄام فيروز اچي پيش پيو ۽ شاھ بيگ ھن کي معافي به ڏني ۽ ٺٽي کان وٺي لڪيءَ جي ٽڪرن تائين ملڪ به وري سندس حوالي ڪيو ۽ ٻيو ملڪ پنھنجي ھٿ رکيائين. سيوھڻ ۽ بکر جي پرڳڻن ۾ پنھنجي طرفان نائب مقرر ڪري پاڻ سيوِيءَ ڏي موٽي ويو.
ٿورن ورھين کان پوءِ يعني 1520ع ۾ ڄام جي مائٽن مان ھڪڙو صلاح الدين نالي، جو گاديءَ جي طمع رکندو آيو ۽ گجرات جو بادشاھ سلطان مظفر سندس ناٺي ھو ۽ جنھن اڳي به سندس مدد لاءِ لشڪر موڪليو ھو، سو ھاڻ به انھيءَ کان ڏھ ھزار لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاھي آيو. ڄام فيروز، شاھ کان مدد گهري ۽ انھيءَ ھڪڙو لشڪر پنھنجي پٽ مرزا شاھ حسن جي ھٿ ھيٺ ڏياري موڪليس. صلاح الدين مارجي ويو ۽ مرزا شاھ حسن فتح ڪري موٽي پيءُ کي باغبان وٽ اچي پھتو.