سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق پنڌرھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق پنڌرھون: ارغون مغل گهراڻي جي حڪومت

مٿي چيو ويو آھي ته ڄام فيروز رڳو ٺٽي جو حاڪم ھو ۽ مرزا شاھ بيگ جي تابع ھو، ٻي سنڌ سڄي ھن جي ھٿ ۾ ھئي. شاھ بيگ جي طرفان بکر ۾ مير فاضل نائب ھو. ڪن ڌاريجن وڏيرن، لوھري يعني روھڙيءَ ۾ اچي ميڙ ڪيو ۽ بکر تي ڪاھ ڪرڻ جو ارادو ڪيائون، پر مير فاضل ھنن کي پڪڙي مارائي ڇڏيو. اتي شاھ بيگ پاڻ به بکر ۾ آيو. الور يعني اروڙ جي ڊٺل ڪوٽ جون سرون گهرائي بکر جي ڪوٽ جي مرمت ڪرايائين ۽ مغلن جا گهر جوڙايائين. انھيءَ سوڙھ ڪري بکر جا سيد لڏي وڃي درياھ جي ھن ڀر لوھريءَ ۾ ويٺا جتي اڃا تائين رھندا اچن ۽ انھن کي ڪوٽائي سيد چوندا آھن. تنھن کان پوءِ ڪن بلوچن فسادين تي ڪاھ ڪري ھنن جا ڪيترائي ڳوٺ ناس ڪيائين.
ٻئي سال مرزا شاھ بيگ مير فاضل کي ساڻ ڪري گجرات فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو. رستي ۾ مير فاضل اوچتو بيمار ٿي مري ويو. شاھ بيگ ھن جي پٽ سلطان محمود کي پيءُ جي جاءِ تي بکر جو نائب مقرر ڪيو ۽ پاڻ اڳتي ھليو. جڏھن ڦٽو لنگهي اگهم جي ڳوٺ وٽ آيو تڏھن پاڻ به اوچتو بيمار ٿي مري ويو ۽ سندس پٽ مرزا شاھ حسن نصرپور جي شھر ۾ سندس گاديءَ تي ويٺو.
سگهوئي ڄام فيروز لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو. مرزا شاھ حسن کي منجھس شڪ پيو، سو گجرات جي چڙھي ڇڏي پٺ تي موٽيو. ڄام فيروز ڊپ کان درياھ لنگهي ڪڇ ڏي ڀڳو ۽ رواجي مدد سان پنجاھ ھزار لشڪر وٺي وري سنڀري آيو ۽ مغلن سان ڏاڍي جنگ ڪيائين. پر نيٺ شڪست کائي وري گجرات ڏي ڀڄي ويو جتي آخر مري ويو. مرزا شاھ حسن ٺٽو ھٿ ڪري پوءِ ھالن ۽ درٻيلي مان لنگهندو بکر آيو، جتان اُٻاوڙي ۽ ماٿيلي جي پاسي ڏي فساد ڪندڙن ڏھرن ۽ ماڇين ۽ بلوچن کي سيکت ڏئي سيوِيءَ ڏي ويو ۽ اُتي به رندن ۽ مگسين کي ماري مڃائي بکر آيو ۽ پوءِ ملتان تي چڙھي ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.
سن 1524ع ۾ مرزا شاھ حسن پنھنجن سردارن سلطان محمود ۽ مرزا عيسى ترخان ۽ ٻين سان لشڪر وٺي نڪتو ۽ اُچ ۽ ٻيا قلعا لانگاھن ۽ بلوچن کان کسي ڊاھي پوءِ ملتان ۾ آيو. پر اتي جي حاڪم سلطان حسين لانگاھ ساڻس صلح ڪيو. پوءِ بکر ۽ ملتان جي حد قائم ڪري، مرزا شاھ حسن موٽي بکر آيو. پر ٻئي سال ملتان جي حاڪم فساد شروع ڪيو، تنھنڪري شاھ حسن موٽي ملتان تي ڪاھيو ۽ ڪوٽ کي گھيرو ڪيائين، جو قريب ھڪ سال ھليو. نيٺ مغلن قلعو ورتو ۽ پوءَ مرزا شاھ حسن، بابر بادشاھ کي ملتان تحفو ڪري ڏنو ۽ بابر وري اھو پنھنجي پٽ مرزا ڪامران کي ڏئي ڇڏيو.