سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو پهريون/05

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي ادبي تاريخ  (1954)  by محمد صديق ميمڻ
05. اوائلي سنڌي شعر

هي ڳالهه پڌري اهي ته سڀڪنهن ملڪ جو لٽريچر يا علم ادب شعر سان شروع ٿيل آهي ۽ اهو شعر بہ سادو ۽ قصي جي نموني ۾ هوندو هو، جنهن کي انگريزي ۾ بئلد (Ballad) ڪري سڏيندا آهن. انهيءَ جو سبب هي آهي جو شعر ۾ ڏنل مضمون وڻندر ۽ ياد ڪرڻ ۾ بہ سولو بہ لڳندو آهي. دنيا ۾ اهڙو ڪو بہ ملڪ يا قوم ڪانهي جنهن کي ڌڻي سڳوري ٻين قدرتي بخششن سان گڏ شاعر نہ بخشيو هجي. عربن کان اڳ بہ سنڌ ۾ ضرور ڪي شاعر ٿي گذريا هوندا. مگر ارمان آهي ته انهن جو ڪو بہ تحفو قديم سنڌ جي ماڻهن سنڀالي نہ رکيو. عربن جي زماني کان، ۽ ڪي شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي وقت تائين، سادي سنڌي شعر ٺاهڻ وارا ڪئين شاعر ٿيا هوندا پر انهن جا ڪلام ڪتابي صورت ۾ نہ آيا.جيڪڏهن انهيءَ عرصي ۾ سادي سنڌي شعر ٺاهڻ وارا شاعر سنڌ ۾ موجود نہ هجن ها ته سومرن ۽ سمن جي زماني واريون خواه پوءِ جون تاريخي ڳالهيون جهنگلي نموني واري شعر ۾ محفوظ رهي ڪين سگهن ها. سنڌ جا حاڪم سومرا ۽ سما، صفا سنڌي بڻجي ويا هئا. انهن حاڪمن ۽ اميرن جي ڪچهري ۾ ڀٽ ۽ ڀان فقير سادي سنڌي شعر ۾ جهونيون تاريخي ڳالهيون ۽ نقل نظير ڳائيندا هئا ۽ انعام حاصل ڪندا هئا. اهو دستور اڄ تائين بہ سنڌ ۾ ڪن هنڌن هليو اچي. دودي چنيسر وارو تاريخي قصو، سنڌ ۾ مشهور آهي. ڀٽ فقير اهو قصو ڪجهه نثر ۽ نظم (بيتن) ۾ رات جو مجلس ۾ آلاپ سان چوندا هئا. قصو بہ عجيب قسم جو آهي. منجهس عشق جا جذبا بہ آهن ۽ لڙائي ۽ بهادريءَ جو جوش بہ آهي. مون کي يادگيري آهي ته اسان جي اوطاق ۾ والد مرحوم وٽ اهڙيون مجلسون ٿينديون هيون، جتي ڀٽ فقير اهي قصا ۽ ڪهاڻيون چوندا هئا ۽ دل کي ريجهائيندا هئا. دودي چنيسر جي قصي ۾ جيڪي بيت چوندا هئا. سي قديم زماني جا آهن. مختصر قصو بيان ڪجي ٿو ۽ ڪي اڳوڻا بيت بہ ڏجن ٿا.
1051عيسويءَ کان 1351ع تائين سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت هوندي هئي. 1312عيسويءَ ۾ سنڌ جو حاڪم ’ڀونگر‘ سومرو هوندو هو. ڀونگر شڪار جي سانگي هڪ ڏينهن روپاه نالي شهر مان ٿي لنگهيو، ته ڪنهن ماڙيءَ تي هڪ حسين جوان نينگريءَ تي وڃي نظر پيس، جنهن سان نيٺ سندس شادي ٿي. ان مان هڪ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو رکيائين چنيسر، ڏاڏي پوٽي زال مان اڳيئي ٻاگهي نالي ڌيءَ هيس ۽ وري هينئر دودي نالي پٽ ڄائس، اڄ ننڍا ۽ سڀاڻي وڏا، نيٺ دودو ۽ چنيسر سامائجي مڙس ٿيا.
بيت:- ”هونگڙيون ڏين پيرڙا کڻن.
سڀ جڳ جا ٻارڙا پهريائين ائين ڪن.“
دودو پرڻيو سومرن مان ۽ چنيسر ڌارين مان، چنيسر جي ماءُ هئي ڌاري تنهن کي اچي هرک ٿي ته متان سومرا منهنجي وياءَ کي ڀونگر کان پوءِ مٿي تي ٿڙا ڏين، تنهن ڪري پوتي تاني اونڌي منجي ڪري سمهي پيئي، ڀونگر بادشاهه اهو حال ڏسي راڻيءَ کان سبب پڇيو، جنهن حال اوريو. ڀونگر هن کي دلاسو ڏنو ۽ چنيسر جو پٽ ’ننگر‘ سان دودي جي ڌيءُ ’ڪويل‘ جو منڱڻو ڪرايائين. جلد ئي ڀونگر چالاڻو ڪيو ۽ اچي پڳ تان تڪرار ٿيو. ڪي چون ته چنيسر جو حق آهي. جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ٻارڻ نالي وزير چيو ته تخت تي حق آهي ٻاگهيءَ جو، پوءِ جنهن کي وڻيس انهي کي ڏئي. ٻاگهيءَ چوائي موڪليو ته راڄ ڏيو چنيسر کي جو وڏو آهي. تڏهن سومرن، سردارن، چنيسر کي گهرائي چيو ته:
”ويهه پڄاڻان پيءُ جي آءُ چنيسر آءُ،
ڀاڳ سڻائو تنهنجو توکي ڄڻيو ماءُ“
تڏهين چنيسر وراڻي ڏني:
“ائين سعيو ڪريو سپاه جو ته گهمي اچان گهران.
وڏي جا ورهن جي پڇي اچان تنهن ماءُ“
پوءِ چنيسر هليو ماءُ کان پڇڻ، پٺيان سڀ ماڻهو ڦري ويا، چيائون ته هي زنانون آهي ۽ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو، تخت جي لائق نہ آهي. چنيسر وڃي ماءُ کي پيرين پيو ۽ ٻڌايائينس ته تخت ٿو ملي سو ماڻيان؟ ماڻس چيو ته وڃي راڄ ڌڻي ٿي. ايتري ۾ دودو چونڊجي ويو ۽ بادشاه ٿيو. چنيسر وڃي ماءُ کي حال ڏنو جنهن تي ماڻس چيو ته:-
”مون ڄڻيو مان ئي پٽ ڪري، پر ٿي پئين تون ڌيءَ،
ويهي آتڻ وچ ۾، پانڌيون ڪتج ٽيهه.“
چنيسر کي جوڻس بہ طعنو هنيو ته،
”چاچي چڱيا چئي مڙس منهنجي کي،
من ويهي آتڻ وچ ۾ پانڌيون ڪتي ڏي،
هو گهر ۾ڪم ڪري، ڇا ڄاڻي راڄ مان.“
چنيسر کي مهڻن ماري ڇڏيو، تنهن قسم کنيو ته دودي کان وير ضرور وٺندس، تنهن تي ماڻس کي پيٽ ۾ ساه پيو ۽ چيائين ته:
”ٺوڪ ته لڳي انبرين ڦوڪ ته لڳي واءُ،
متان ٻنهي ڳالهين هٿ نہ اچيئي ڪا.“
چنيسر دودي کي چوائي موڪليو ته ادا حق مون کي ڏي، نہ ته دهليءَ جي شهنشاه علاؤالدين کي ڪتڪ سوڌو وٺي ايندوسانءِ ۽ ملڪ ۾ ماڌاڻو وجهي ڏيندو سان. دودي وزير سان صلاح ڪئي پر ڪنهن بہ راءِ نہ ڏني ته ڪو تخت چنيسر کي ڏجي.
”پي پڄاڻان پاڳڙي، دودا ڀانءِ م راند،
راڄ نہ ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند،
پائي ڳچيءَ پانڌ، دودل تن مڃايو.“
چنيسر ويو علاؤالدين وٽ دانهين ۽ ڪوڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌائي علاؤالدين جا ڪن ڀريائين. سڱن جون لالچون ڏيئي علاؤالدين کي سنڌ تي ڪاهه جا سانبها ڪرايائين.
”پيءُ مرندي ڇڏيون تو سانو ڄڻي،
مون تي آنديون توليءَ سي دودي جهليون،
مون ته اچي تو سليون،هاڻي جيڪا رضا راءِ جي.“
علاؤالدين تپي باهه ٿي ويو ۽ چيائين ته دودو ڪهڙي شيءِ اهي جو ائين ٿو ڪري. گهوڙي کي جولان ڏيئي وڏي ڪٽڪ سان اچي سنڌ کي رسيو. دودو ڊڄي ويو ۽ پنهنجي ناٺيءَ، چنيسر جي پٽ ننگر کي علاؤالدين وٽ ڏياري موڪليائين ته وڃي شهنشاه کي ميڙ منٿ ڪر ته ٽري وڃي، ننگر اچي علاؤالدين جي اڳيان پيش پيو ۽ شهنشاه معافي ڏني، پر چنيسر شهنشاه کي ڦوڪ ڏني ته ٻاگهيءَ جو سڱ گهر. علاؤالدين بہ چنيسر جو چيو ڪري ننگر کان ٻاگهيءَ جو سڱ گهريو.
”ڀائر پرچو پاڻ ۾ ٻاگهي ڏيو مون،
سڀ پهريان سومرا ۽ جهجي ڏيان ڀون،
هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪر سڱ جو.“
ننگر سنڱ جو ڏنو جواب ۽ چيائين ته سومرا ڌارين م سڱ نہ ڏيندا آهن ۽ جيڪو سڱ گهري سو لڙاين جي هيٺ اچي. علاؤ الدين تپي ويو پوءِ ته اچي لڳي جنگ.
”ننگر، مغل پاڻ ۾ چڙهي ڏني چوٽ،
ڀڃي ڇٽ ڇيهون ڪري گهڻا ماريائون گهوت،
بنا ڀر ۽ اوٽ، ننگر ماريو ماڳ ۾.“
ننگر جي لاش محلات ۾ کڻي آيا جتي سندس سڱ ڪويل ساٺن سوڻن سان حق بخشيو.
آڻي ٽارو کوڙيو ٽاري ٽنور لڏن،
مڙي ڏاڏي پوٽي ننگر ساٺ ڪجن.
علاو الدين پنهنجو سردار نادر نالي دودي ڏانهن ڏياري موڪليو ته يا اعلان جنگ جي چٽي ڀر. دودي جي وزير ”حيدر“ هالاني چيو ته جنگ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو علاج ڪونهي.
”حيدر هالاڻي چيو ته اڳ نہ پيئي پاڻ،
پيڙا وڏي ڀاءُ جي گهر ويٺي ئي سہ،
چليءَ چليءَ آڻي جئن راڻي ري م رءُ
اسان علاوالدين پاڻ ۾ ٿيندو ترارين تئه.“
دودي جو يار ”هاسو“ سوڍو عمرڪوٽ مان ست ويهون سوڍن جون مدد لاءِ وٺي آيو ۽ ڏاڍي مڙسيءَ سان ”نادر“ سان وڙهيو ۽ ٻئي ميدان ۾ مارجي ويا. دودي کي نيٺ پنهنجي سر جنگ ڪرڻي پيئي ۽ پنهنجون لڄون هڪ پير مرد سومري ”پاڳ“ نالي هٿان ”ابڙي“ ڏانهن ڏياري موڪليائين.
”ابڙائي جا ابڙا، توکي دودي ڏنا سلام،
وڙهان ويرن سامهون، جي تون سرن جهلين سام.“
ابڙي جواب ڏنو ته ”سر وڃي، پر سام نہ ڇڏيندس.“
تنهن تي سڀيئي سومريون ڏولين ۾ چرهي اچي ابڙي جي سام پييون.
”ساه ڏنم سومري جا، آئي منهنجي سام،
آءُ پڻ ڏيندس لام، تنهن ئي کي جهدمون.“
دودي کي چوائي موڪليائين ته مڙس ٿي وڙهج متان سنڌ کي لڄي ڪرين.
دودي پڙ گهڙايو پنج سؤ جريبن،
ڪهاڙا ڪوڏاريا کاهي خوب کڻن،
وڃيو ائين چون، اڳيون علاؤالدين کي.
جنگ اهڙي، جهڙي سنڌ ۾ ڪڏهن ڪا نہ ٿي.
واچوڙي جئن وچڙي گيوڙ گوڙ ڪيا،
ڏهه لک ڏهن اڳرا ماري حلق وڌا،
سوره سڀ ٿيا، ويري سڀ وڇوڙي ويا.
دودي جي گجگوڙ شينهن جهڙي هئي ۽ جنگ جو ميدان پي لرزيو پر آخر مغلن جو لشڪر سنڌين تي غالب پئجي ويو ۽ دودو مارجي ويو.علاؤالدين چنيسر کان ٻاگهي جي ٻانهن گهري ۽ چنيسر ويو روپا شهر ۾ ڏسي ته شهر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو آهي. محلات اجڙي پيو آهي. راڻيون ٺهن ئي ڪين. نيٺ خبر پيس ته سومرن پنهنجون لڄون ڪڍي ابڙي ڏانهن موڪليون آهن. علاؤالدين ابڙي ڏانهن لکيو ته سومريون اسان جي ڏني ڪري ته توکي ماٿيلي ۽ ملتان جا پرڳڻا ڏيان. تنهن تي ابڙي انڪار ڪئي.
ماٿيلو ملتان نہ نيڀائو ڀانيان،
توکي ڏيندي سومري آءٌ لڄ مران،
جي جيئري آئون مران ته ڪر لڄايان پانهنجو،
”راڻي راءُ نہ ڏي وڃي چئو سلطان کي،
سمون سر مٿي جهلي بيٺو جهڳڙو.“
ابڙي پنهنجو پٽ ”ممٽ“ نالي جنگ جي ميدان ۾ ڏياري موڪليو. ممٽ جهرو هو سهڻو جوان اهڙو هو جنگي جوڌو. اهڙي جوش سان ورهيو جو رت جون نديون وهي هليون.
تون پاڻ ترڪ ترار هوڏانهن مانجهي ممٽ پٽ اهڙي،
جيئن ڳاهجي ڳاهه ۾ ڪافي ڪڻڪون ڌار،
وڃي آرون پار، خون خنجر ان جو.
علاؤالدين ڏاڍو اچي ششدر ٿيو ۽ چيائين ته آهي ڪو جوان جو وڃي ممٽ سان مقابلو ڪري؟ پنهنجي ترار درٻار ۾ رکيائون ته جيڪو هي ترار کڻي ممٽ سان مقابلو ڪندو، سو مانجهي مڙس آهي.
”تيرهن ڏينهن ترار پيئي رهي پڙ ۾،
دانهن سڀ دهليا اچي ڪونه درٻار،
پوءِ سيد سالار، چمي کنئي چاه مون.“
سيد ”سالار“ ترار کڻي ميدان ۾ آيو ۽ ابڙي جي ڀائٽي سٻڙ جي سامهون ٿيو.
”سنئين سانجهي وارا چکي آيا چوگان ۾،
ڏيئي منهن ماڻهن کي ڪيائون مارومار،
سٻڙ ۽ سالار، پورت ڪئي پاڻ ۾.“
ڏاڍي سخت جنگ لڳي. نيٺ بادشاهه ۽ ابڙو پنهنجي سر ميدان ۾ آيا.
”سج نہ نڪري سوجهرو، ڌان ڌان ڌوڌڪا،
اتي ابرو ائين وڙهي، جيئن پاڻي ٻوڙي تار.“
”اڙ جهلي ابڙي نو ويهو ڏه لک،
گوڙي ڪنڌ ورايو ماري گهڻي خلق،
پوءِ ٿي ابڙي کي پڪ، ته هاڻي جيئن ناه ڪو.“
قصو نيٺ اتي ختم ٿئي ٿو ته سومرن جي صاحبي پوري ٿي.
سنڌ ۾ اهڙا قصا ۽ ڪهاڻيون گهڻيون اهن، جن سمن، سومرن واري زباني شعر کي قائم رکيو آهي.