Jump to content

سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/16

From Wikisource
سنڌ جي ادبي تاريخ (1954)
by محمد صديق ميمڻ
16. سنڌ جي شاعريءَ جو نئون روپ.
329010سنڌ جي ادبي تاريخ — 16. سنڌ جي شاعريءَ جو نئون روپ.1954محمد صديق ميمڻ

شاعريءَ جي اصليت ۽ قيمت:
شاعري انسان ذات لاءِ قدرتي بخشش اهي. دنيا ۾ اهڙو ڪو بہ ديس يا قوم ڪا نہ هوندي، جنهن ۾ ”شعر يا شاعري“ اصل کان وٺي اڄ تائين نہ هلي آئي هجي. قوم جي ستل جذبن کي ڪنهن طرف ڏانهن کڙو ۽ تيز ڪرڻ ۽ مئل دلين ۾ روح ڦوڪڻ شاعريءَ جو اهڙو فطرتي ڪم آهي. جهڙو اُڀرڻ ساڻ گرمي پيدا ڪرڻ سج جو قدرتي ڪم آهي. عربستان جو ڪو شاعر جڏهن پنهنجي قبيلي ۾ جنگي روح ڦوڪڻ لاءِ ٽڪريءَ تي چڙهي شعر پڙهندو هو، تڏهن سندس هم قوم جوش ۽ جذبي ۾ کڙا ٿيو ويندا هئا، ۽ مخالف ڌر ۾ ٻاڪر ڪٽو وجهيو ڏيندا هئا؛ ۽ عرب زالن جا ”رجز“ (جنگي شعر) بزدلن کي بہ شيردل بڻايو وجهندا هئا. راجپوت شاعرن جي جوش ۽ غيرت پيدا ڪندڙ شعر جي اثر ڪري مرد ته پتنگن وانگر پاڻ کي ترارين جي تاءَ تي اڇليو وجهندا هئا، پر زالون بہ ڌارين جي هٿ چڙهڻ کان پاڻ کي جيئرو (جوهر) جلائڻ فخر سمجهنديون هيون.
انگلنڊ جو بادشاه ايڊورڊ جنهن سنه 1272ع کان 1307ع تائين حڪومت ڪئي هئي، سو جڏهن ڳري لشڪر ۽ اسباب سان ويلس جي جابلو ماڻهن تي ڪاهي ويو هو، تڏهن ويلس جي شاعرن پنهنجي قوم ۾ ايڏو جوش ۽ غيرت پيدا ڪري وڌي، جو انهن ايڊورڊ بادشاه کي رڪ جا چڻا چٻاڙائي ڇڏيا. آخر جڏهن ڪنهن صلاح ملڻ تي ان ويلس جا سڀ شاعر گڏ ڪري مارائي ڇڏيا، تڏهن اتي جا ماڻهو ڍرا ۽ وائڙا ٿي جيتجي پيا.
شاعريءَ جو روپ مٽجڻ:
سڀڪنهن ملڪ جي شاعري ملڪ جي حالتن ۽ تبديلين جي مدنظر تي پنهنجو روپ مٽائيندي رهي آهي، جنهن وقت کان وٺي عربستان ۽ ايران ۾ خود مختار حڪومتون شروع ٿيون، ملڪ ۾ اندروني امن امان ۽ عيش عشرت وڌندو ويو ۽ شاعر بہ قومن جي هٿن مان نڪري وڃي حاڪمن ۽ اميرن جي ڄارن ۾ ڦاٿا، تنهن وقت کان وٺي اتيجي شاعري جو روپ مٽجڻ لڳو؛ ان مان قوميت جو روح صفا نڪري ويو ۽ خدا تعالى ڏي روح جي ڪشش وارو مضمون ويو اُجهامندو؛ انهن جي عوض حسن پرستي، شراب نوشي، ناز و نياز، عيش عشرت، وصل ۽ هجر، حاڪمن ۽ اميرن جي گهوڙن کي آسمان اڏامندڙ ۽ تلوار کي اُڀ چيريندڙ بڻائي انهن کي خوش ڪرڻ وارا مضمون منجهس ويا ٺوسبا،حسن پرستي ذڪر کي سنگارڻ لاءِ ساڻس گل و بلبل سرو و صنوبر، نرگس ۽ لاله وغيره فطرتي حسن جي اسباب کي شامل ڪرڻ سان اها شاعري اهڙي مقبول ۽ عام پسند ٿي ويئي، جو جيڪي خدا پرست بزرگ شاعر دنيا جي وهنوارن کان ئي الڳ هئا، سي بہ پنهنجي روحاني جذبن ۽ اُمنگن کي انهيءَ نئين روپ واريءَ شاعريءَ جي لباس ۾ بيان ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو هونءُ سندن خيالن کي عام خاص ۾ مقبوليت حاصل ٿيئڻ جو رستو ئي ڪونه رهيو هو. انهيءَ ڪري ئي مولانا جلال الدين رومي رح جهڙي بزرگ کي بہ هيءَ فتوا ڏيڻي پيئي:
”بهتر آن باشد که سر دوستان،
گفته آيد در حديث ديگران.“
(بهتر ائين ٿيندو ته آئنده حقيقي محبوبن جو راز ٻين جي ڍنگ ۾ بيان ڪجي، جو عام پسند آهي.)
جيڪي روحاني مضمون حسن پرستيءَ جي لباس ۾ نظم ٿيندا آيا، سي عام خاص ۾ قبول پوندا ويا؛ خاص ماڻهن نئين روپ هوندي بہ انهن مان روحاني جذبو پي حاصل ڪيو آهي، تن اهڙي لباس واري روحاني مضمون کي بہ پڌري حسن پرستي ڄاڻي ان سان دلچسپي پي رکي آهي ۽ اهڙن روحاني ڪلامن کي حسن پرستي ۽ عشق بازيءَ ۾ لڳڻ لاءِ بزرگن کان مليل سرٽيفڪيٽ پي ڄاتو اٿن.
شاعريءَ جي انهيءَ نئين روپ پکڙجڻ مان آخر هي نتيجو نروار ٿيندو آيو آهي، جو جئن پوءِ تئن ديس ۽ قوم ۾ حسن پرستي، عشقبازي ۽ عيش عشرت جي ڪشش ۽ سستي ويئي آهي وڌندي، ۽ روحاني ۽ قومي جذبن جي تازگي، جا شاعريءَ جي قدرتي ۽ اصل مراد آهي، سا ويئي آهي ريٽبي، شهنشاه اورنگزيب عالمگير شاهي محلات وارن مڪتبن ۾”غزليات سعدي“، ”ديوان حافظ“ ۽ ”ديوان شمس تبريزي“ جهڙن ڪتابن (جنجو روحاني مضمون حسن پرستيءَ جي لباس ۾ ڍڪيل آهي) ڪم آڻڻ جي سخت منع ڪري ڇڏي هئي، سا منع ڪا بي معنى نہ هئي.
هندستان ۽ سنڌ جي شاعري:
اها ايراني شاعري مغل گهراڻي جي حڪومت واري زماني کان وٺي هندستان توڙي سنڌ ۾ پختا پير ڄمائڻ لڳي ۽ ڄمائي ويئي.
هندستان جي قديم شاعريءَ جو رخ هڪڙي پاسي قومي ۽ جنگي روح ڦوڪڻ ڏانهن هوندو هو. ته ٻئي پاسي روحاني جذبن کي دنيا جي خرابين کان بچڻ ۽ خدا ڏانهن رجوع ٿيڻ طرف رکندو آيو. آخر انهيءَ شاعريءَ مان بہ قومي ۽ جنگي روح نڪري ويو ۽ فقط روحاني جذبو وڃي منجهس رهيو آهي. انساني روح کي فطرت جي حسن ڏانهن جا قدرتي ڪشش آهي، تنهن کي بہ سڀڪنهن ديس ۽ قوم ۾ قديم وقت کان وٺي زنده رکندي آئي آهي. هندستان جي قديم شاعريءَ ۾ بہ حسن عشق جو مضمون آهي، پر ائين، جئن اٽي ۾ لوڻ.
سنڌ جي ادبي تاريخ جي پهرئين جلد ۾ سنڌ جي اوائلي نج ۽ سليس شاعريءَ جو نقشو چڱي طرح ڏيکاريل آهي، جنهن مان صاف طرح نظر ايندو، ته انهيءَ شاعريءَ جو حاصل مطلب آهي فقط مذهبي، اخلاقي ۽ روحاني جذبن کي تيز تکو ڪرڻ، جيتوڻيڪ انهيءَ دور واريءَ شاعريءَ ۾ قوميت جو روح خير ڪو آهي ته بہ منجهانئس قوم ۽ ديس تي اخلاق، شريعت ۽ طريقت جو ڪافي اثر پئجي سگهيو آهي. جتي جتي انهيءَ دور وارن بزرگ شاعرن ”عشق و حسن“ جو مسئلو کنيو آهي، اتي ان کي بہ گهڙي بڻائي روحاني جذبي ۽ اخلاق ڏانهن رجوع پي ڪيو اٿن.
هاڻي اسين سنڌ جي شاعريءَ جو جيڪو روپ بيان ڪنداسون، سو اولائلي دور واريءَ شاعريءَ جي روپ کان بلڪل علحدو آهي: مضمون علحدو، ٺاه ۽ بناوت جو نمونو علحدو ۽ عبارت جي ادائيءَ جو ڍنگ علحدو.
سنڌي شاعريءَ جو اهو نئون روپ هوبهو انهيءَ ايراني شاعريءَ جو نقل آهي جنهن جو بيان هن باب جي منڍ ۾ ڪري آيا آهيون.
هن ڳالهه ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي ته سنڌ جي شاعريءَ جو هي نئون روپ اسان کي چڱيءَ طرح ٻڌائيندو، ته انهيءَ دور ۾ سنڌي زبان جي لفظن، اصطلاحن ۽ عبارتي محاورن ۾ ڪيتري قدر ڦيريون گهيريون ۽ ڪهڙيون زيادتيون ٿي ويون آهن ۽ انهيءَ روپ مان اسان کي هي يقين بہ ٿيندو، ته عربي ۽ ايراني شاعريءَ مان فصاحت ۽ بلاغت جو ايترو سامان اسان جي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ موجود ٿي چڪو آهي، جو جيڪڏهن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهو پاڙهيو ۽ پروڙايو وڃي، ته ايندڙ وقت جي سنڌي شاعري اصلي ۽ حقيقي معنى ۾ نج ۽ دلچسپ شاعري بڻجي وڃي.
نئين روپ واري سنڌي شاعري، جنهن جو بيان اڳتي اسان کي تفصيلوار ڪرڻو آهي، تنهن ۾ روحاني جذبا ۽ جوش موجود آهن. پر ڄاڻن ۽ ويچار وانن لاءِ، نہ ٽڙي ٽامڙيءَ لاءِ؛ ان ۾ اخلاقي اسباب اڪيچار آهي، پر تار ترندڙ لاءِ؛ نہ اڻ تارن لاءِ. باقي قوميت جو روح انهيءَ نئين روپ واريءَ سنڌي شاعريءَ کان گهڻو پري آهي؛ ڇاڪاڻ جو” حسن پرستي“ ۽ ”قومي زندگيءَ“ جو پاڻ ۾ کوڙوئي لڳڻو نہ آهي.،
سنڌي شاعريءَ جي انهيءَ ايراني روپ مٽائڻ لاءِ هن کان اڳ ٻہ ڀيرا ڪوششيون ٿيون هيون: پهرين ڪوشش مولوي الهه بخش مرحوم (اٻوجهو) ڪري چڪو هو ۽ ٻي ڪوشش 1919ع ۽ 1925ع جي وچ ۾ هندستان ۽ سنڌ جي ڪن سرويچ هندو ۽ مسلمان شاعرن ڪئي هئي؛ جنهن بابت مفصل حقيقت اميد ته هن ئي ڪتاب ۾ پنهنجي پنهنجي موقعي تي بيان ٿيندي؛ پر انهن ڪوششن کي نڪو ٽيڪو مليو ۽ نہ اُسرڻ جو موقعو ئي مليو، تنهن ڪي اهي برساتي کنڀين وانگر اتي جو اتي خاڪ درخاڪ ٿي وييون.
ائين نہ سمجهڻ گهرجي، ته سنڌي شاعريءَ جو نئون روپ سنڌ جي اوائلي شاعريءَ واري روپ کي صفا تڙي چڪو آهي: نہ نه، سنڌي شاعريءَ جو اصلوڪو روپ بہ اڄ تائين سنڌ ۾ هليو ٿو اچي (جئن هن ڪتاب ۾ موقعي بہ موقعي نظر ايندو)
هن کان اڳتي اسين نئين روپ واري سنڌي شاعريءَ کي ”علم عروض“ جي احوال تي ٺهيل ڪلام يا موزون ڪلام جي نالي سان سڏيندا اينداسون.

ايراني شعر جو اثر:
علم عروض جي اصول موجب شعر جا ڪيترائي قسم آهن، جئن ته فرد، بيت، مثنوي، غزل، مستزاد، قطعه، رباعي، مربع، مثلث، مخمس، مسدس، قصيدو، ترجيح بند، ترڪيب بند، مٿين قسمن جي شعر تي جن مکيه سنڌي بزرگن مرزا قليچ بيگ صاحب تائين طبع آزمائي ڪئي سي هي آهن:
آخوند گل محمد، فاضل شاه، قاسم، مير حسن علي، مير عبدالحسين سانگي، حاجي غلام محمد گدا، غلام مرتضى شاه مرتضائي، قادر بخش بيدل، فقير محمد عاجز، شمس العلماءُ آفتاب سنڌي ادب مرزا قليچ بيگ.
هيٺيان تنقيدي مضمون مٿين شاعرن جي شعر بابت ڏجن ٿا.