سنڌ جي ادبي تاريخ/ڀاڱو ٻيو/15

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي ادبي تاريخ  (1954)  by محمد صديق ميمڻ
15. آخوند عبدالرحيم ولد محمد وفا عباسي ويٺل ڪراچي

سنڌي ادب جي مکيه هستين مان آخوند عبدالرحيم عباسي هڪ مشهور معروف اديب ٿي گذريو آهي. سندس تولد يا زاد بوم جو پڪو احوال ڪٿان ملي نہ سگهيو آهي. پر اها ڳالهه حقيقت کي پهتل آهي ته هو ڪراچي ضلع جي ڪوهستان واري علائقي جو باشنده هو. انگريز حڪومت جي اوائلي زماني ۾ جئن ديوان ننديرام اڌارام ۽ ميران محمد شاهه صاحب سنڌي ادب جي اُسرائڻ ۾ ڪوششون ڪيون، تئن هن بزرگ بہ سنڌي زبان جا جهونا قصا زباني ڪهاڻيون هٿ ڪري ورنيڪيولر ڪميٽي جي سپرد ڪيون. آخوند صاحب جي ممتاز تصنيف سندس لغت آهي جنهن سنڌي ادب ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو آهي هيٺيان ڪتاب سندس نالي ۾ ڇاپايل آهن:
سيف الملوڪ، عمر مارئي، قصو ڪئا ۽ ٻلي، قصو سسئي پنهون، وڪئو ڏاتار، جمجه سلطان، قصو عجائب شاهه، جواهر لغات.

(1) قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو
ڪتاب جي حقيقت: سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ برٽش سرڪار جي طرفان نہ رڳو هندي، پارسي ۽ انگريزي ڪتابن جي ترجمن ڪرڻ لاءِ تعليم کي همٿايو ويندو هو، بلڪ جيڪي ديسي قصا ۽ آکاڻيون نثر يا نظم ۾ ڪن ماڻهن وٽ لکيون رکيون وينديون هيون يا بر زبان پڙهيون يا ڳايون وينديون هيون، سي قلم بند ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جي پيش ڪرڻ لاءِ بہ انهن کي ترغيب ڏني ويندي هئي. اهڙي ترغيب ۽ همت افزائيءَ واري زماني ۾ آخوند عبدالرحيم صاحب ٽي چار قصا هٿ ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي جي پيش ڪيا هئا، جن مان هڪڙو آهي سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو.
هي قصو نظم ۾ بهار نالي ڪنهن شخص جو ٺاهيل آهي. جو ذات ......... حياتي بابت آخوند صاحب ڪو بہ احوال نہ لکيو آهي، مگر ان شاعر جيڪا ٻولي ڪم آندي آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته هو سنڌ جي اتر ڀاڱي جو رهاڪو هو.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ هڪڙو جهونو خيالي قصو آهي، جنهن ۾ جيتوڻيڪ عشق جي تاثير ۽ ديون پرين سان وهنوار جو ذڪر گهڻو آهي، ته بہ نمڪ حلالي، دل جي شرافت، صبر ۽ تحمل جهڙا اخلاقي سبق بہ منجهس چڱي طرح سمايل آهن.
حضرت سليمان نبي عليہ السلام جي زماني ۾ هاشم بن سفيان نالي هڪڙو مصر جو بادشاهه نهايت پهلوان، عادل ۽ رعيت پرور هو، جنهن کي لشڪر ۽ خزاني، هيرن ۽ جواهرن جي ڪا ڪمي ڪا نہ هئي، مگر اولاد ڪونه هوس جنهنڪري:
”ويٺي وير ڪنهين جان ڪيو وير وهم،
جيڪر ڪو جوان هو، جي هوند ڄائو جم،
ته هي ملڪ خزانا مال ٿيو تنهن کي تم،
اهو گوندو غم، وٺي ويٺو پاڻ کي“.
(بيت 8)
”وٺي ويٺو پاڻ کي ڪري غم گيان،
نڪا ڪري ڪچهي نہ دفتر نہ ديوان،
همہ ڪل حيران، انهيءَ ويل وزير ٿيا.“
(بيت 9)

بادشاه جي وزيرن ۾ صالح بن جمشيد نهايت ڏاهو وزير هو، تنهن بادشاهه کان وڃي حال احوال ورتو، جنهن کي بادشاه پنهنجي دل جو ڏک بيان ڪري ٻڌايو. وزير بادشاهه کي دلداري ڏيئي ڪچهري ۾ وٺي آيو ۽ جيڪي هوشيار حڪيم ۽ نجومي سجهندا هئس. سي گهرائي بادشاهه جي اولاد ٿيڻ لاءِ حيلا حوالا پڇيائين. حڪيمن ۽ نجومين ٽن ڏينهن کان پوءِ فتوا ڏني ته جيڪڏهن بادشاهه يمن جي بادشاه شرف شاه جي ڌيءُ نگار بيبيءَ سان شادي ڪندو ته ان مان فرزند عطا ٿيندس. صالح وزير هڪدم هيرا جواهر ۽ قيمتي سوکڙيون، لشڪر لاءُ ۽ چنڊ کي شرمائيندڙ چار سؤ ٻانهيون پاڻ سان وٺي يمن ڏي روانو ٿيو. يمن جو بادشاه پهريائين ته هيڏو سارو ڪٽڪ پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيندو ڏسي دهلجي ويو، پر جڏهن پڪ ٿيس، ته صالح وزير فقط اوهان کان مصر جي نامياري بادشاه هاشم شاه لاءِ نگار بيبيءَ جو سڱ وٺڻ آيو آهي، تڏهن ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ صالح وزير جو تمام گهڻو آڌر ڀاءُ ڪيائين. پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ هاشم شاه لاءِ پنهنجي وزير جي نياڻيءَ جو سڱ صالح وزير کي ڏنائين. هاشم شاه جي کني ۽ پڳ سان نگار بيبيءَ لائون لڌيون ۽ صالح وزير بہ اتي جو اتي شادي ڪئي. پوءِ شرف شاه پنهنجي نياڻيءَ کي بادشاهي ڏاج ڏيوڻ ڏيئي مصر ڏي روانو ڪيو.
نون مهينن ۽ نون ڏينهن بعد هاشم شاه کي فرزند ڄائو، جنهن جو نالو سيف الملوڪ رکيائون ۽ ساڳيءَ رات صالح وزير کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سعد رکيائون. جو ذات جو ٻڀڙ هو. سيف الملوڪ ۽ سعد جي پرورش بہ گڏ ٿي ۽ ٻنهي کي تعليم بہ گڏ ملندي رهي.
عقل شعور اقبال کي پهتا پرس پڙهي،
وڃن سئل سودا تي چوڏهين ورهه چڙهي،
گهارن ڪا نہ گهڙي، شهزادا شڪار ري“،
(بيت 38)

هڪڙي ڏينهن هي ٻئي نوجوان جڏهن بادشاه جي ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئا، تڏهن بادشاهه هڪڙي سهڻي پيتي محلات مان گهرائي، جنهن ۾ هڪڙي منڊي ۽ هڪڙي چادر پيل هئي. اهي ٻئي شيون پنهنجي پٽ سيف الملوڪ کي ڏنائين ۽ چيائين ته ”هڪڙي رات ست پريون مون وٽ آيون هيون جن مون کي حضرت سليمان جي پاران اچي سلام ڏنا ۽ هيءُ مهتر سليمان جي منڊي ۽ چادر بہ ڏيئي وييون. اهي ٻئي سوکڙيون آءُ توکي ٿو ڏيان.، سيف الملوڪ منڊي ته بروقت کڻي چيچ ۾ پاتي ۽ چادر کي وري ڪنهن خلاصي وقت ۾ جاچي پئي ڏٺائين ته سنديس نظر وڃي بديع الجمال پريءَ جي تصوير تي پيئي، جا ان چادر جي ڪنهن ڪنڊ پاسي تي ڇاپيل هئي، تصوير ڏسڻ شرط ڇڪن ٿي پيو چي ”مون کي ملي ته اها بديع الجمال ملي، نہ ته منهنجو ڪو حال ڪونهي.“
”تنهن ۾ صورت سڦري هئي پرين جي پاري
عاشق انهيءَ ڏي پيو نيڻن نهاري
رئي زارون زار ٿو هي هنجون هاري.
صيف سمهاري، نيڻن ننڊ حرام ٿي.“
(بيت 45)
”نيڻن ننڊ ڦٽي ڪئي منجهان نينهن نزاڪ
لڳس ناوڪ نينهن جي چت چڪيا تنهن چاڪ
ان آهون اتيئي ڪيون دانهون درد فراڪ
پاتشاهي پوشاڪ، ڦاڙي تنهن ڦٽي ڪئي.“
(بيت 46)

آخر هو اطلاع هاشم کي پهتو، تنهن توڙي اميرن اُمرائن ۽ مٽن مائٽن سيفل کي گهڻوئي سمجهايو، پر:
”ڪڇي ڪين زبان کان ڪنهن کي چوي ڪين،
گرد ڪيائين غم ۾ اهڙا عيش امين
جدا نازڪ جان تان کنيو جامو چولي چين.
ٻولي ٻولي ٻين، بنان دانهن دوست جي.“
(بيت 49)

نيٺ ٻيو ڪو بہ حيلو وسيلو نہ ڏسي هاشم شاه پنهنجي پٽ کي بديع الجمال هٿ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏني. سو مال اسباب سان ٻيڙا ڀرائي سعد کي ساڻ ڪري بديع الجمال جي ڳولا ۾ نڪتو. ڳچ ڏينهن سمنڊ جهاڳڻ کان پوءِ هڪڙو اهڙو سخت طوفان اچي لڳو، جنهن ۾ ٻيڙا ڀڄي ڀري پيا، ڪي ماڻهو واڳن جي وات ۾ وڃي پيا، ته ڪي لهرن ۾ لڙهي ويا. سيف الملوڪ اڪيلوئي اڪيلو ڪنهن تختي تي ٽلندي ٽلندي اچي هڪڙي ٻيٽ تان نڪتو. جنهن ۾ آدمخور ماڻهو رهندا هئا. هو اتان بہ خوش نصيبيءُ سان پاڻ بچائي نڪتو ۽ طرحين طرحين تڪليفون ۽ ڏک ڏسندي ڀٽڪندي ڀٽڪندي ڪڙي رڻ پٽ ۾ اچي پيو، جتي ڪنهن زبردست ديو جو محلات اڏيل هو. جان محلات ۾ گهڙي وڃي، ته هڪڙي شهزادي قيد ٿي پيئي آهي. سيف الملوڪ شهزاديءَ کي ننڊ مان جاڳائي ان کان حال احوال ورتو. معلوم ٿيس ته هوءَ سرانديپ جي بادشاهه تاج الملوڪ جي ڀائٽي ملڪان خاتون آهي، جنهن کي هڪڙي زبردست ديو کڻي آڻي اتي قيد ڪيو آهي.
سيف الملوڪ بہ جڏهن ملڪان سان پنهنجو سارو حال ڪيو، تڏهن ملڪان خاتون چيس ته ”بديع الجمال“ منهنجي سوٽ ٿئي، سندس پيءُ شهوال، گلستان ملڪ جو بادشاه آهي، جيڪڏهن آءٌ هن قيد مان ڇٽنديس، ته پوءِ بديع الجمال سان توکي ملائي سگهنديس.

سيف الملوڪ ملڪان خاتون جو احوال ٻڌي خوش ٿيو.
”چي تڏهن هزارين هزار،شڪرانا در ڌڻيءَ جي،
چمن ۾ چانڊاڻ ٿي جئن سو گل بهار،
تئن هينئڙو خوش هاڻي ٿيو لٿا غم غبار،
هي وٽ وڻندي ٻيئي پريان جي پار،
چئو الاهي توهار، مان ملنئون سپرين.“
(بيت 164)

سيف الملوڪ سليماني منڊيءَ جي مدد سان ان ديو کي ماريو ۽ ملڪان خاتون کي ساڻ ڪري وري سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي آيو ۽ هڪڙو ترهو ٺاهي تنهن تي ٻئي ڄڻا چڙهي ويٺا ۽ لهرن ۾ لٽڪندي لٽڪندي هڪڙي ٻيٽ تي اچي پهتا. انهيءَ ٻيٽ تي سيف الملوڪ ۽ ملڪان خاتون کي اهي ماڻهو مليا جي تاج الملوڪ بادشاه جي حڪم موجب ڪيترن ڏينهن کان وٺي ملڪان خاتون کي ڳوليندي وتيا، ملڪان خاتون بہ پنهنجي چاچي جي امير امراءَ سڃاتا پوءِ ٻيڙين ۾ چڙهي سک سان اچي سرانديپ پهتا. ملڪان خاتون پنهنجي مائٽن سان سيف الملوڪ جي اشرافت ۽ احسانن جي گهڻي تعريف ڪئي:
”حالت ملڪان هيءَ، اڳيان پرٽي پنهنجي پيءُ جي
ته هن جيڏي ڪونه ڪري جفا مٿي جيءَ
ان مون کي ائن ڏٺو، جئن ماءُ ۽ ڌيءَ
سئي جهليس سيءَ، سندي سيفل ڳالهڙي.“
(بيت 202)

ملڪان خاتون جي مائٽن سيف الملوڪ جي گهڻي شڪر گذاري ڪئي ۽ پنهنجي پٽن وانگر سکيو آسودو رکيائون. ملڪان خاتون ۽ ان جي ماءُ پنهنجي زبردست پرين سان سيف الملوڪ کي گلستان ملڪ ڏي روانو ڪيو ۽ بديع الجمال جي مائٽن سيف الملوڪ کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ ڳچ ڏينهن کان پوءِ اتي سنديس شادي بديع الجمال سان ٿي.
”راڄن مڙي راڄ، سر سلا سامان ٿيا،
کيا سڀ خمار ۾ مڱڻا ۽ محتاج،
سرڻائي سيفل کي ڏيهه ڏنائين ڏاج،
ڪوڙين پڄايا ڪاج آگي آسائن جا.“
(بيت 344)

گلستان ملڪ ۾ سيف الملوڪ پنهنجي دوست وزير سعد کي بہ سڃاتو، جنهن اتي مزوري پئي ڪئي. سيف الملوڪ سعد سان ملي حال احوال ڪيا ۽ ان کي اميراڻيون پوشاڪون ڍڪائي پاڻ سان گڏ رهايائين. ڳچ وقت اتي گذارڻ بعد شهوال بادشاهه پنهنجين پرين کي حڪم ڏنو، جن سيف الملوڪ، بديع الجمال ۽ سعد کي تخت تي وهاري اک ڇنڀ ۾ سرانديپ پهچايو.
سرانديپ ۾ تاج الملوڪ پنهنجي ڀائٽيءَ ملڪان خاتون جي شادي سعد سان ڪرائي: ڪي ڏينهن سرانديپ ۾ گذرڻ بعد سيف الملوڪ، بديع الجمال ۽ سعيد ۽ ملڪان خاتون کي پرين تخت تي وهاري پلڪ ۾ مصر پهچايو.
”ٿي هاشم کي آگاه ته آيا مير مصر جا
گم ڪيائين غم کي منهن جو تجلو ماهه
خزانا خيرات ڪيا ورتائين درگاهه
سڀ ڀت سرهايون ٿيون مليون سيفل ماءِ،
آندا پرين الله، وڇوڙيا جي ورهن جا.“
(بيت 354)

صورتخطي ۽ عبارت:
هي ڪتاب 68-1867ع واري منظور ٿيل صورت خطي ۾ لکيل آهي. سڄو قصو 356 ڏوهيڙن ۾ بيان ٿيل آهي، شعر پڪو ۽ رسيلو آهي ۽ ٻولي بہ درست ۽ پختي ڪم آيل آهي. البت ڪٿي ڪٿي قافيه جي پورت لاءِ بي معنى بہ ڪم آندل آهن. جئن ته:
”گهوڙا کنيائون گهوٽ لئي چار سبا ۽ چار
جنجا پير پکين کان لڳا اڏامڻ ۾ الغار.“
(بيت 20)

مٿئين بيت جي ٻيءَ مصرع ۾ شاعر جيڪا تشبيهه، استعاره ۽ معنوي صفتون ڪم آنديون آهن، سي داد جو لائق آهن. مگر ”الغار“ لفظ بي معنى ڪم آيل آهن.
2- ”نيڻين ننڊ ڦٽي ڪي منجهان نينهن تراڪ
لڳس ناوڪ نينهن جي چت چڪيا تنهن چاڪ”،
(بيت 46)

مٿئين بيت ۾ پهرينءَ مصرع ۾ ”تراڪ“ لفظ بي معنى آهي. سنديس بامعنى آهي صورت نازڪ.
3- ”پهس کڻي ويا پيل، شهزادي کي شهر ڏي،
پنهنجي اڳيان پاتشاه وجهي نيائون نيل.
مجرو ملوڪن ڪيو ڪارڻ ضرورت ذيل.“ (بيت 113)
مٿئين بيت ۾ ”پيل“ ۽ ”ذيل“ بي معنى لفظ فقط قافيه جي پورت لاءِ ڪم آيل آهن.
شعر جي عبارت بہ نزاڪت واري آهي منجهنس تشبيهون ۽ استعارا، صنعتون بہ چڱي انداز ۾ آهن.


قصو عمر ۽ مارئي جو
هي ڪتاب بہ آخوند عبدالرحيم صاحب هٿ ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو هو.

مضمون:
هن ڪتاب ۾ پهريائين ٻہ ٽي ڏوهيڙا ڌڻي تعاليٰ جي ساراهه ۽ حضرت نبي ڪريم صلعم جن جي صفت ۾ چيل آهن، جن ۾ ڪنهن بہ شاعر جو نالو ڪونهي. پوءِ عمر ۽ مارئيءَ جي مختصر آکاڻي نثر ۾ ڏني اٿس، جنهن جي وچ ۾ جدا جدا شاعرن جا ٺاهيل ڏوهيڙا ڏنل آهن. ڏوهيڙن ۾ هيٺين شاعرن جا نالا پيل آهن:
شاهه ڀٽائي رح، احمد فقير، ڪبير شاهه، ميوو فقير، احمد شاهه، نٿو فقير، لطيف فقير ۽ هارون فقير.
مٿيان سڀ شاعر جهوني نموني جا آهن. جن ۾ شاهه ڀٽائي ته اهڙو مشهور آهي، جئن تارن ۾ چنڊ باقي ٻين شاعرن جي زندگيءَ جون حقيقتون اڃا هٿ اچي نہ سگهيون آهن.
عمر ۽ مارئيءَ جي آکاڻي مشهور آهي. تنهن ڪري هتي اها نہ آندي ويئي آهي. مٿين متفرقه ڏوهيڙن ۾ گهڻو تڻو مضمون آهي، مارئيءَ جي پاڪ دلي، غربت پسندي ۽ وطن جي حب ۽ ساراهه، ڏوهيڙن جي پڇاڙي ۾ مصنف هي ٻہ ٽي نثر جون سٽون لکي ڪتاب پورو ڪيو آهي:
”هاڻي ڏسو عدل عمر جو ۽ سيل رکڻ مارئيءَ جو ته عمر جي هٿ هئي پر ساڻس زوري نہ ڪيائين ۽ حق سڃاڻڻ مارئيءَ جو ته ڏک بک سٺائين پر پنهنجو حق نہ ڇڏيائين. تنهنڪري ماڻهو ڳائيندا آهن.“ (صفحه 42)

صورتخطي ۽ عبادت:
هي ڪتاب 68-1867ع واري منظور ٿيل صورتخطي ۾ لکي آهي. جيڪي جدا جدا شاعرن جا ڏوهيڙا منجهس ڏنل آهن. عبارت جي نزاڪت ۽ ڪا گهٽتائي منجهن ڪانهي. ڪٿي ڪٿي ته فصاحت ۽ بلاغت جا ٻنا ٻڌي ڇڏيا اٿن. جئن ته:
1-ڪرهي ڪرهي سومرا، تو ڪوه آندي ڪرهي،
ورهي ورهي معلوم پانهنجا ٿو ساه سڪي ورهي،
پرهي پرهي سگهي ڪينڪي شل وڃي پيڪن ۾ پرهي،
نرهي نرهي ناناڻن ري ڪن ڪم ڪي نرهي؛
ڀانئين ته برهه، منجهه ڪوٽ شاهه ڪبير چوي.“
2-”جي ور جي ورتي سي ورن پاس سکلوليون،
سيو تنهين کي سيو ٿيون سيو تنهين کي سي،
جنهنجيون ڪروڙيون قوت ڪبير شاهه چوي

سا طعامن ڪيئن ترسي؛
ڇيلا ڇوڙي ڇيڪ ڇڏي ور ڦوڳن ۾ ڦرسي
جئن مر راڄا راڄ رسي، وڃي ٿئي سنمک ساهيڙين سان.“
3-”چي چانور جي چکن، ڏجن ڏوراپا تن کي،
هڪڙا ڪانا ڪرائن ۾، ٻيون ڪيون بيداديون بکن،
سرتين جا سرير ۾ ٿا اونها روز دکن،
هي ڏکي منجهه ڏکن، اوهين ٿيون سخت سنيها چاهيو؟“
مٿين ٽن مثالن ۾ ئي ڪيتريون لفظي ۽ معنوي صنعتون؛ تشبيهون ۽ استعارا سمايل آهن.

(3) قصو ڪوا ۽ ٻلي
ڪتاب جي حقيقت: هن نظم ۾ هڪڙي خوش طبعي ڀريل تمثيلي آکاڻي لکيل آهي، جنهن جو ٺاهيندڙ اهو ساڳيو سيد خير شاهه پرڏيهي آهي، جنهن جو احوال ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي جلد پهرين ۾ ڏنل آهي. آخوند عبدالرحيم صاحب هي مزيدار نصيحت آميز خيالي آکاڻي ڪنهن ماڻهوءَ جي واتان ٻڌي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي جي حوالي ڪئي ۽ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي اها سنه 1872ع ۾ ڇاپائي پڌري ڪئي هئي.

مضمون:
ڪن مالدارن ماڻهن جي گهر ۾ ڪا ٻلي رهندي هئي. ڪکن جي ڏڪار پوڻ ڪري اهي مالدار ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي وس چرڻ ويا ۽ اها ٻلي اتيئي رهجي ويئي، سا گهر ۽ آسپاس وارن ڪوئن کي چڱيءَ طرح کائڻ کپائڻ لڳي.
”تڏهن ڪوئن ڪنهين ڏينهن ۾ مڙني ڪئي مصلحت
ته رن نہ رهندي ڪڏهين جنهن جا ڏند رتا سين رت،
ساڙي ٿي ساڙيهه ۾ تنهن هئيءَ سندي هيبت،
ڏينهن پنهنجي کان ڏور وڃي ڪريون ڪا قسمت،
همہ ساڻ همت، ڪو پهہ ڪريون پرديس جو.“ (بيت 4)
پوءِ ته سڀ ڪئا اهي پٽ ڇڏي وڃي ڪنهن ٻئي ملڪ کان نڪتا ۽ ٻليءَ جي آزار کان ڇٽي پيا. اتي ٻلي اچي ڏاڍي لاچار ٿي. کاڌي خوراڪ نہ ملڻ ڪري اڀري ٿي وئي، سا ڪنهن ڪنڊ پاسي ساڻي ٿي سمهي رهي ۽ ڪوئن جي ملائڻ لاءِ پيرن فقيرن کي سڏڻ لڳي.
ڪئا جي ڳچ ڏينهن پرديس ۾ رهيا هئا، تن کي وري اچي پنهنجي وطن جي سڪ ٿي.
”تڏهن ڪوئن ڪنهين ڏيهن ۾ ڪي منڃهئون پرت پچار،
ته ڪڍي منجو موش ڪي پنهنجي ديس ديار،
ته صحي ڪن سڄيءَ جا ڪي پٽيل سندا پار،
ته ڏاتر ڪڍي ڏيهه مون ڪي ماري موت مڪار،
سگها آڻن سيگهه ۾ اها وٺي خير خبر چار،
پوءِ الاهي توهار، اسين موٽي پنهنجي ماڳ تي.“ (بيت 8)

ڪئا ڪهي ڪهي پنهنجي ديش ۾ آيا ۽ لڪندي ڇپندي جان کڻي ڏسن ته ٻلي ساڻي ٿي پيئي آهي. ٻليءَ جي نظر جڏهن ڪئن تي پيئي.
”تڏهن نڪ1 گهيو گيسي2 ڪري منجهان من هڪر،
جي ڪوڙين آهن ڪيترا مون آنجا ڏک ڏمر،
سي بخشيو باالله3 لڳ، جي ڪيا مون خون خطر،
هاڻي هلنديس حج تي ٻڌيم قيام4 قبر،
چاليهن5 تي چاليهن جي رکيم چاه چهر،
ريڙهي اچو راڄ کي ڇڏيو خوف خطر،
ته پيرين6 پئي پر، آءٌ هيجون هلان حج تي.“ (بيت 9)
ڪئا ٻليءَ جو فقيراڻو حال ۽ آزي نيزاري ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پنهنجن همراهن کي اچي دلجاءِ ڏنائون ته ٻلي هاڻي فقيراڻي ٿي پيئي آهي: خدا جي خوف ۽ موت جي ڊپ اچي ورايو اٿس. چوي ٿي ته ”اوهان سڀ اچو ته اوهان کان گناهه بخشائي حج ڪرڻ هلي وڃان.“
”تڏهن ڪئا ڪري ڪاه، موٽيا پنهنجي ملڪ تي،
ٻلي ڏٺا ڏورائين ڪري نرت نگاه،
سرهي ٿي سرير ۾ ته آندا پاڻ الله،
تڏهن نڪ گهيو گيسي ڪري سر صدقو ساه،
ته حرف ٻڌو مون هڪڙو درس پڙهيو داناه،
ڪل1 نفس ذائقہ الموت ٿيندو سڀ فناه،
تڏهن توبهه ڪري تائب2 ٿيس داور جي درگاه،
هاڻي زاري هن ضعيف جي سڻو سڀ صلاح،
جئن سوڙهيا ٿي سمهن3 ڪريو اچو لڳ الله،
ته حج وڃان هرگاه، پڙهي ختمو4 خير جو.“ (بيت 11)
ويچارن ڪئن کي ٻليءَ جي مڪر جي خبر ڪا نہ هئي، سو ان جو چوڻ ڪري مڙي سڙي ٻليءَ سان گڏجي سمهڻ ڪرڻ لڳا. ٻليءَ کي لڳي ويو وجهه سو،
”مٿن ٻلي پيئي ٻانڀ5 جئن ڪري هوءِ هڪل،
ڪي هيٺون پنهنجي پيٽ جي دسيا دز دغل،
ڪي ڀيڙيائين پيرن ۾ ڪي باقي منجهه بغل،
ڪي واري ورتائين وات ۾ ڪي چنبي ۾ چئنچل،
تان انهي تور نهل6، ست ڪئا سوگها ڪيا.“ (بيت 12)
اتي ڪوئن کي بہ خبر پئجي ويئي ته هن رڳو مڪر ۽ فريب پکيڙيو هو، سي امالڪ اٿي ڀڳا ۽ پوءِ تي رهيلن پنهنجن همراهن کي وڃي چيائون ته:
”اڳي ظالم هئي زور گهڻي اندر خون خراب،
تڏهن ماريندي هئي هڪڙو تکو رکي تاب.
هاڻي فقيريءَ جي فند سان ڇڏيائين حرف حساب.
ست ست ماريو ساعت ۾ ٿي ڪئا ڪري ڪباب،
دل دغا دولاب، ٿي پڙهي حج هنر جا.“(بيت 15)
اتي ٻليءَ ۽ ڪوئن جي قصي کي ڇڏي شاعر چوي ٿو، ته ٻليون حج تي ڪين وينديون آهن، پر اهو هڪڙو ماڻهن جي طبيعت جو مثال بيان ڪيو ويو آهي، پر جيڪي بدچال ماڻهو دغا دل ۾ رکيو پرايون لڄون تڪين ٿا، نہ خدا جو خوف اٿن ۽ نہ دين ڌرم جو ڌيان اٿن، سي انهيءَ مڪار ٻليءَ جي مثال سمجهڻ گهرجن، جيڪي پنهنجي پاڙي ۾ بدنظر ٿا رکن ۽ جڏهن ڳالهه کليو پوي.
تڏهن ماءُ ڪوٺيندو منهن تي يا هٿ ڏيندو حيوان
قسم کڻندو ڪوڙ تي کڻي قادر جو قرآن
جن اهڙو دين ايمان، اوڀي آهن ٽول ٻليءَ جي.
جي ماڻهو دل ۾ کوٽائي سانڍي ظاهر ۾ لنبيون لنبيون تسبيحون ۽ ڊگهيون نمازون پڙهن ٿا، يا جيڪي شريعت جي فيصلن ڪرڻ وارا قاضي ٿي ڪري رشوتون وٺيو رياءَ وارا فيصلا ڪن ٿا، يا ڪي ملان پنهنجي لوڀ لالچ ڪري ماڻهن جي موت تي خوش ٿين ٿا، يا جيڪي حاڪم ٿي ڪري:
”نياء ناڻي ري ناهه ڪو وٽن ٻي ڪا پرت پچار
بنان علم عقل دنيا جي موهه مٺا مردار
سانڃهه ڇڏي سچ جي چت نہ ڪن چيتار
ريهي ريب رياءَ سان لٽين پيا لوٽيار،
جن جا آهن اهي آچار، سي ڀي آهن ٻول ٻليءَ“ (بيت 16)
پڇاڙيءَ ۾ شاعر چوي ٿو:
”پر خير شاه خواهش رسول جي چئي نت مدح مسڪين
تنهن سيد سرور انبيا جي تون درس رهج منجهه دين
جن کي حب حبيب جي آهه محبت مهر منجهين
سي ڪهندا ڪامون ڪوڙ مان يڪدل ساڻ يقين
اهي ڪڏهين ٿيندا ڪين، شل ٻهڳڻ ٻول ٻليءَ جي.“ (بيت 22)
صورت خطي ۽ عبارت:
هي ڪتاب 68-1867ع واري ٺهرايل صورت خطي ۾ لکيل آهي. نظم نهايت منور ۽ رسيلو آهي، عبارت چڱي ۽ ٻولي صاف ۽ سليس آهي. هيٺيان نج ۽ پراڻا سنڌي لفظ ڪتب آيل آهن:
اَوسو (ڏڪار)، اَپس (آپهس)= اوچتو.
باک (ڏيکاءُ)، پرياڻ= سانگو، سهنج، جار (عشق چاهه)، جک (ڏک، تڪليف)، ڏر (ڊپ)، دزڙو (دعاباز، لچ)، ڪرهه (جهيڙو)، ڳت (عادت، چال).

(4) سسئي ۽ پنهون جو قصو
ڪتاب جي حقيقت: موريه فقير جو ٺاهيل ”سسئي ۽ پنهون“ گهڻي قدر مشهور آهي، جنهن جو بيان اڳتي اچڻو آهي، پر هي ”سسئيءَ پنهون“ جو قصو موريه فقير کان اڳ جو ٺاهيل آهي، جو آخوند عبدالرحيم صاحب هٿ ڪري لٽريچر ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو هو ۽ سنه 1867ع ۾ ٻيو دفعو ڇاپيو هو.

مضمون:
سسئي ۽ پنهون جي آکاڻي مشهور آهي. هن ڪتاب ۾ شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين سربستي آکاڻي ڏنل آهي، پر وچ ۾ ڪي ڪي بيت اهڙا بہ آهن، جي شاه ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ موجود آهن، جئن ته:
1- هو ٿا پلاڻين، منهنجو هينئڙو ٿو هيڻو ٿئي،
تنگ مهارون توبرا بيٺا جت جڙين
نال پنهون ٿا نين، ٻاروچي ٻولي ڪريو.
2- ڏونگر تون ڏاڍو مون کي ڪندي ڪوه؟
جي تون پهڻ پٻ جو ته لڱ منهنجا لوهه،
جي پنهل مون وٽ هوءِ، ته تون جبل ڇا جاڙون ڪرين؟
وغيره

صورت خطي ۽ عبارت
هن ڪتاب ۾ 68-1867ع ۾ منظور ٿيل صورتخطي کان اڳ هلندڙ صورتخطي ڪم آيل آهي. جئن ته سرتيءُ (سرتيون) اوهي (اوهين) هڪل (هلڪو) وڃي (وڃين) وغيره.
نظم پڪو، مٺو ۽ رسيلو لکيل آهي. قافيا بہ پختا ۽ پورا ڪم آندل آهن. ٻولي صاف ۽ سليس ڪم آيل آهي. مثال هيٺ لکجن ٿا:
1- ڪام هلي ڪام چلي مون سان سرتيون ساهيڙيون
گهوريا گهر پنهل تان آءٌ وينديس ڊاهي ڙيون
شال م لاهي ڙيون، مون تان پنهون پاند پناه جو.
2- رويو رت ڦڙا ڪر ٿي ڇير ڇاماري
شيشا لعل گلاب جا، هي هي ڪيو هاري
سا گهايل ڪئن گهاري، جنهن جو جانب جت وٺي ويا

3- ”هو، للو، ڄام پنهون ورنه ڪيا واه،
مرد چڙهيو مصريءَ تي بانڪو بي پرواه
موٽيو شهر ڀنڀور تي ٿيو چرئو منهنجو چاه
عارف چوي اوڏهين ڪيو ڪامل وڃي ڪاه
اڳيون نيڪ نگاه آيس لوڙه لڪن ۾.“

هن ڪتاب ۾ جيڪي ڏوهيڙا ڪم آيل آهن تن ۾ ٻن کان وٺي ويهن تائين مصرعون ڪم آيل آهن، پر هڪڙي ڏوهيڙي ۾ فقط هڪ مصرع لکيل آهي جا ڏوهيڙي جي اصول ۽ بناوت جي برخلاف آهي. شايد ڪانبن جي نظر چوڪ کان ٻي مصرع رهجي ويئي آهي. جيئن ته ڏوهيڙو نمبر 100 فقط هئن لکيل آهي:
”الله اٺ جهليج، آءٌ زيارت ڪريان هن لوڙهه جي.“
هن ساري ڪتاب ۾ فقط هڪڙو نثر جو ٽڪرو مصنف لکيو آهي جو جنسي صورت خطي ۽ عبارت ۾ هيٺ لکجي ٿو:
تنهن کان پوءِ سهجا سوناري جہ مهمانن ٿي ڪئس سا مٿس اڪن ڇڪن ٿي پيئي هئي. اها سبب عشق جي جہ وقت سار ٿئس ان وقت اٿي گس اٺن جو سڃاڻي هيڏانہ هوڏانہ ڊوڪڻ لڳي ۽ جي واٽ تي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيا هئيا تن ۾ ڪپڙا ڦاڙجي چيرجي ٽڪر ٽڪر ٿي ڪري پئس باقي اڳٺ چيلہ ۾ رهئيس- تنهنجي ڳالہ“
تڏهن وٺي گس گورن جو پٺيءَ پنل جي پيئي،
سو سار سوناريءَ کي نہ ٿي هو ويا سنجهيئي
ڪپڙا ڪنڊ ڏيئي- آئي ورائي اڳٺ پانهنجو. (بيت 36)


(5) قصو وڪئي ڏاتار جو
ڪتاب جي حقيقت: هي وڪئي ڏاتار جو قصو بہ آخوند عبدالرحيم صاحب هٿ ڪري لٽريچر ڪميٽي کي ڏنو هو جنهن سان ٻيا بہ ٻہ ننڍا نظمي قصا شامل آهن، (1) جمجمہ سلطان جو قصو ۽ (2) بهرام شاه جو قصو، مگر افسوس جو انهن ٽنهي قصن کي ڇاپجي شايع ٿيڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو ۽ ائين دستخط صورت ۾ ئي لئبررين جي ڪٻٽن ۾ رهجي ويا. اهي ٽيئي قصا آخوند عبدالرحيم صاحب جا هٿ لکيل هڪڙيئي نوٽبڪ ۾ هٿ آيل آهن. اسين انهن جو نمبر وار بيان هت ڪريون ٿا:

وڪئي ڏاتار جو مضمون:
ڪڇ ملڪ ۾ وڪيو نالي هڪڙو سمو سردار رهندو هو جو سخا ۽ ڪرم بخشيءَ جي ڪري ملڪن ۾ مشهور هوندو هو؛ تنهنڪري هو ملڪان ملڪ وڪيو ڏاتار جي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو. سنڌ ملڪ ۾ انهن ڏينهن لاکو ڄام(1) جاڙيجو مشهور سخي ۽ ڏاتار مڙس هو، سو سڀڪنهن آئي وئي جي واتان وڪئي ڏاتار جي نيڪي سڻي البت فڪر ۾ پئجي ويو:
جڏهن لاکي ڄام لوڪ مان سئو ثابت سماچار
سو ورنہ پيو وماس ۾ وڏي سان ويچار
هو سخي سخاوت اڳرو اوچو تنهن اوتار
جيئن هي ڪامل رهندو ڪڇ جو تئن هو سنڌ سندو سالار
ڪنهن ڏينهن تنهن ڪوٺيو ڪو مانجهي مرد مڻيار
سو سائل ان نبهايو پرس انهيءَ جي پار
ته وهلو وڃ تون وڪئي ڏي جو ٿو ڏاند ڏئي ڏاتار
پيرون پني آءٌ تون ٻيو مڱج ڪونه جو هار
هي تحقيق وڃي تڪرار، پاٺ پروڙي اڄ ڳالهڙي.
لاکي ڄام کي خبر هئي، ته وڪيو ڏاتار ڪنهن سواليءَ جي گهر پوري نہ ڪرڻ پنهنجي لاءِ سخت عيب سمجهندو آهي، سو ڇا ڪيائين، جو هڪڙي مڱڻهار کي سيکاري موڪليائين، ته تون وڪئي ڏاتار کان پيرون وڃي گهري نڪا پيرن جي موسم آهي، نڪو وڪيو ڏاتار تنهنجي گهر پوري ڪري سگهندو، پوءِ وڪئي ڏاتار جي بدنامي پکيڙڻ سولي ڳالهه ٿي پوندي.
مڱڻهار ڪڇ ملڪ ۾ پهتو ۽ وڪئي ڏاتار کان وڃي پيرون گهريائين. تنهن تي وڪئي ڏاتار چيس:
تان چي آئين پاڻ ڀلجي ڪري مونڏي تون ميان
آءٌ مال گهڻيرو مڱڻا، توکي پيو ڏان ڏيان
هڪڙو محل اڏاءِ تون ماڙيون ٻيا وڃي ڪر وهان
جي ڀائين حاصل ٿئيم هيان، ته ڇڏ پچار پيرن جي.
چي سوئي ڏان ڏيار مون، جو ٿو پرس پنان
گهوڙا ٻيڙا گهوٽيا آءٌ توکان ڪين ڳنهان
تو سخاوت لئي سوڙهائي ڇايان ڇيڄ ڇنان
آن ڏوريين ڏيہ ڏنا، هت پنڻ پيرن آئيو.

وڪئي ڏاتار قيمتي ڏاڻ وٺڻ لاءِ مڱڻي کي ڏاڍا وس ڪيا، پر مڱڻو مڙيئي نہ آخر ٻيا سما سردار گهرائي تن سان صلاح ڪيائين، تن بہ مڱڻي کي گهڻو سمجهايو پر مڱڻو مڃيئي نه، آخر وڪئي ڏاتار سونارا گهرائي تن کي سونن پيرن ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، تنهن تي سونارا سونا پيرون ٺاهي آيا، تن جي جهولي ڀري وڪئي ڏاتار مڱڻهار کي ڏني، پر مڱڻهار چوي، ته مون کي کٻڙ جا پيرون کپن، سونا پيرون نہ گهرجن.
وڪيو ڏاتار ويچار ۾ پئجي ويو ۽ پنهنجي مالڪ کي ويهي ستايائين ته ”اي ستار! منهنجي لڄ پت رک، تون پنهن جي قدرت سان ڪي پيرون ڏيار.“ ڌڻي سڳوري ان سخي مرد جو سوال اگهايو، وڪئي ڏاتار جون مينهون ڪنهن ويڙه مان چري ٻاهر نڪتيون ته هڪڙيءَ مينهن جي سڱ ۾ پيرن سان ڀريل ٽاري اٽڪي پيئي هئي. تنهن تي ميهار ان ويڙه ۾ گهڙي پيا ۽ هڪڙا کٻڙ پيرن سان ڀرپور وڃي ڏٺائون، تن مان پيرون ڇني ڦانڊو ڀري آڻي وڪئي ڏاتار جي اڳيان رکيائون، جنهن اهي سڀ پيرون سوالي مڱڻهار جي حوالي ڪيا.
جڏهن مڱڻهار پيرون کڻي سنڌ ۾ اچي لاکي ڄام کي ڏنا.
”تڏهن سڻي سو سرهو ٿيو وڏيرو وريام،
مڪو تنهن مانجهيءَ ڏي پرس لکي پيغام،
ته سخي تون سخاوت اڳرو آه نر تنهين جو نام،
توسان راضي رب ٻيو مير محمد صلعم ڄام،
هاڻي مرسل سرمدام، ڪہ ڪلمو قلوب مان“

نوٽ: هن ننڍڙي قصي ۾ هڪڙي هنڌ شاعر جو نالو آيل آهي حاجي. جئن ته:
”تنهن ڏاڻ ڏنو ڏاتار کي حاجي چوي هلي،
راحم رب وڪئي جي سائين ڪي سولي،
لٿس گوندر گهٽ تان ٻي ڀلي ڪيس ڀلي،
هن پاٺ پروڙيو ڪينڪي آڳاتو اصلي،
ڏات وٺي سو ڏيس تي چوڪس ويو چلي،
تنهن ثابت سڌ سلي، وڃي لاکي ڄام اڳيان لعل جي.“

خبر نٿي پوي ته اهو حاجي شاعر ڪير ۽ ڪٿي جو هو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ هي لفظ لکيل آهن. ”پورو ٿيو قصو وڪئي ڏاتار جو، حاجي موسى حافظ ساڻ رفاقت آخوند عبدالرحيم جي ٺاهي تيار ڪيو تاريخ 14 جون 1870ع.“
مٿين لفظن مان ڀانئجي ٿو ته شايد حاجي موسى حافظ ئي قصي جو ٺاهيندڙ هو. جنهن شعر ۾ پنهنجو نالو ”حاجي“ ڪم آندو آهي.

جمجمہ سلطان جو قصو
مضمون:
عربي ۾ ”جمجمہ“ لفظ جي معنى آهي”کوپري“ ”جمجمہ سلطان“ جي معنى ”بادشاه جي کوپري“.
هڪڙي ڀيري حضرت عيسى نبي گهمندي ڦرندي ڪنهن سمنڊ جي ڪنڌيءَ تان اچي لنگهيو، ته اتي ماڻهوءَ جي کوپري پيل ڏٺائين، جا مٽيءَ سان ڀريل هئي ۽ ماڪوڙين جا ننگرا منجهانئس پي آيا ۽ ويا، حضرت عيسى رب سائين کي سوال ڪيو، ته ”اي سچا سگهارا سائين! هن هڏيءَ ۾ ساه وجهه، ته آءٌ ان کان سندس حياتيءَ جو احوال پڇان.“ ڌڻي سڳوري جي قدرت سان ان سسيءَ ۾ ساهه پئجي ويو.
”تنهن وير سسئيءَ کان پڇيو نيڪ نبي نروار،
ڪي تون هئين دنيءَ ۾ ڪي تون دنيادار؟
ڪي تون بادشاهه ملڪ جو ڪي تون چور چڪار؟
ڪي تون غريب آدمي ڪي تون زميندار؟
ڪي تون ملو مسجد جو ڪي تون عاقل عقلدار؟
اسان تي اظهار، حقيقت هڏا ڪر تون.“

تنهن تي ان سسيءَ اکين ۾ آب آڻي بيان ڪيو، ته آءٌ وڏو زبردست بادشاه هوس، سورهن لک منهنجا زبردست صوبا هئا، اسي لک گهوڙا، پنج لک هاٿي، يارهن لک ڪويسر، ست هزار سئو خوجا خدمتگار، چار هزار محلاتون، هڪ لک کن سهڻيون راڻيون ۽ نوڪراڻيون، ٻہ لک سائس، ٻہ لک آهيڙي بي شمار لشڪر ۽ خزانا هوم، عدل ۽ انصاف بہ چڱيءَ طرح ڪندو هوس پر ڪو بہ ڌرم يا مذهب نہ مڃيندو هوس. تنهن تي حضرت عيسى چيس ته ”پنهنجي مرڻ کان پوءِ جو حال ٻڌاءِ.“
کوپري چيو، ته ”هڪڙي ڏينهن وڏو ڪٽڪ وٺي شڪار تي نڪتو هوس، شڪار ڪندي اچي تپ چڙهيم ۽ مٿي ۾ سور پيم، جنهن منهنجا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا، جئن تئن پاڻ کڻائي اچي تختگاه تي پهتس، سوين طبيب گهرائي علاج ڪرايم“
”تن وس وڏائي ٿي ڪيا حيلا حڪيمن،
سر منهنجي تان صدقو ڦيريو فيل ڏين،
ٿا ورچيون ويڄ وڃن، ڪا ڦڪي ڦير ئي نہ ڪري.“
آخر عزرائيل جي صورت نظر آيم، زبان تي مهر لڳي ويم، وزيرن ۽ اميرن کي رئندو پٽيندو ۽ راڻين ۽ ٻاين کي ٻاڪاريندو ڇڏي لاش بڻجي پيس، جڏهن مون کي قبر ۾ وڃي پوريائون، تڏهن فرشتا ڦري آيا ۽ اچي پڇيائون ته ڪهڙو تنهنجو مالڪ، ڪهڙو تنهنجو نبي ۽ ڪهڙو تنهنجو دين ڌرم؟“ مون کي ڪو بہ جواب ڏيڻ ۾ ڪو نہ آيو. پوءِ ته عذابن ۽ تڪليفن ۾ منهنجو روح اچي ويو. پنج سو ورهيه انهن عذابن سهندي ٿيا اٿم. اڄ تو نبي سڳوري جي زيارت ڪئي اٿم. سچي ڌڻي ۽ تو نبي سڳوري تي ايمان آڻيان ٿو، منهنجي روح کي ابدي عذابن کان ڇڏاءِ.“
”عيسى! امر سان آئين، تڏهن ڇٽس عذابان،
لااله الالله عيسى روح الله ٿو مٿئي پڙهان،
پوءِ جڙي بت جمجمہ جو هليو بهشتن ڏان،
جي ڪلمو چون منهان، سي مولا تون مرهين.“
نوٽ: هن قصي ۾ بہ فقط هڪڙي هنڌ شاعر جو نالو ”مير“ آيل آهي جئن ته:
”تڏهن جمجمہ سلطان کان پڇيو نالي مٺي نور،
ته ڪهڙا تو عدل ڪيا ڪهڙا هئا تو دستور،
ملڪ مڙيئي مير چوي ورتئي ڪهڙي شعور،
ميان اهي مذڪور، مون تي معلوم ڪر تون.“
خبر نہ آهي ته اهو ”مير“ شاعر ڪير ۽ ڪٿي جو آهي؟؛ مگر قصي جو هٿ ڪندڙ آخوند عبدالرحيم صاحب مرحوم آهي.

(3) بهرام شاه جو قصو

مضمون:
بهرام شاه جي آکاڻي بہ اهڙو خيالي قصو آهي، جهڙو ”ڪامسين ڪامروپ“ ۽ ”سيف الملوڪ بديع الجمال“ جو قصو.
روم جي بادشاه ڪشور شاه جو نوجوان پٽ شهزادو بهرام شاه هو، جو هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي ڪنهن هرڻ جي پٺيان ڪاهي پيو؛ پر هرڻ کانئس گم ٿي ويو ۽ پاڻ پنهنجي سنگت کان ڇڄي اڪيلو ئي اڪيلو رهجي ويو. پاڻ رڻ پٽ ۾ گهوڙو گهمائيندو شڪار تي گذاريندو وتندو هو. هڪڙي ڀيري ڪنهن هنڌ جبل تي ڪا عمدي اڏيل جاءِ نظر آيس. ان ۾ وڃي ڏسي ته هڪڙو نهايت عمدو پتلو کڙو ٿيو بيٺو آهي، جو ڪنهن وَڏورَ شهزاديءَ جي بدن جو هو بہ هو چٽيل نقشو هو. بهرام شاه ان تصوير کي ڏسي پاڻ تصوير بڻجي بيهي رهيو.
”پسي حسن هراسيو، جنگ پيو تنهن جار،
وير تنهين ويجهو ٿيو چاه ڪري چوڌار،
تان چار صفا چئين ڪنڊين تخت چيا ها چار،
تان ڀي تنهين تخت تي هئي ناز ڀري نينگار،
پاڪيزي پسڻ ۾ هئي جوهر جي جنسار،
چوڙين ٻيڙين چاه سان ڏاڍيءَ ڏک ڪنوار،
تنهنجا ڪنچن ڀريا کيپ سين ڪاريهر جي ڪار،
ٿيو ديوانو درڪار، پسي مورت موهيو.“
ايتري ۾ ان گهر جو ڌڻي بہ آيو، تنهن بهرام شاه سان چڱيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ هڪ ٻئي سان پنهنجو پنهنجو احوال ڪيائون. گهر جي مالڪ چيو، ته ”آءٌ وڏو سوداگر هوس، سوداگري ڪندي گهمندي ڦرندي چين ملڪ ۾ ويس. اُتي جي بادشاه فغفور جي شهزادي گل اندام، جا هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ماڙيءُ تان پنهنجو منهن رعيت کي ڏيکاريندي ۽ نذرانا وٺندي آهي، تنهن جو ديدار مقرر ڏينهن تي وڃي ڪيم ۽ دل ڦرائي ويٺس. ديدار جوءِ مقرر ٿيل ڏينهن تي پري پري ملڪن جا مشتاق شهزاديءَ جي ديدار لاءِ ايندا آهن. مگر اڄ تائين ڪو بہ مشتاق شهزاديءَ جي هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب نہ ٿيو آهي:
”جلوو ڏيئي جمعي ڏينهن جنهن ڏي ڪري نگاه،
ڪن کي ڏندڻ پون ڏسندي ڪي وسئون پاڻ ويا،
ڪي گونگا، ٻوڙا، چريا ڪي غفلت منجهه گڏيا،
ڪئين ديوونا درسن سين ٿي دهوڙي دانا،
حق چون هر گاه، ته سڀڪو منهن ڏٺي مست ٿئي.“
جئن هزارين امير ۽ شهزادا گل اندام جي سڪ ۾ فقير بڻيا وتن، تئن نو وره آءٌ بہ فقير ٿيو پيو ڦرندو هوس. آخر هڪڙو نامور بتگر مليم، تنهن کي سندس دل گهريو انعام ڏيئي گل اندام جو اهو بت ٺهرايو ۽ چٽايو اٿم. هت پري ئي پري هي جاءِ ٺهرائي اٿم ۽ ان ۾ انهيءَ دل لٽيندڙ ڌاڙيلي معشوق جي پوڄا ۾ مگهن آهيان.
پسيو منهن مورت جو جاني ٿو جيان،
لئون لئون منجهان نہ لهي سندس حب هيان،
ڪنهن کي ڏوه ڏيان، انهيءَ فلڪ فراق جو.“
شهزادي بهرام شاه مورت ڏسڻ ۽ احوال ٻڌڻ شرط چيو:
”موهيو من مجاز سان منهنجو ڀي مورت،
هاڻي پسان سا صورت، جنهن جي نقل ئي نهال ڪيو.“
پوءِ شهزادي بهرام شاه چين ملڪ جو طرف کڻي ورتو. رستي تي ديون سان لڙايون ڪري انهن کي ماري مڃايائين ۽ ديون جي سردار فغفور، بهرام شاه کي پنهنجو سردار ڪري مڃيو ۽ ان جي خدمت چاڪري چڱي طرح ڪيائين. ڳچ ڏينهن ديون ۾ گذاري بهرام شاه چين ملڪ ڏي هلڻ لڳو. تڏهن فغفور ديو چيس؛ ته توهين هت آرام ۾ گذاريو؛ ته گل اندام کي اک ڇنڀ ۾ کڻي اچي هت حاضر ڪريان پر بهرام شاه چيو:
”چي لائڻ عشق عجيب سين، سانڍڻ آهن سور،
هيءُ هنيو رفيقن ري پرتو اندر پور،
ڪري حڪم حبيب سين پوي نہ واڍوڙين وچور،
هيڪر منجهه حضور، ويندس پري پار پرين جي.“
ديو بهرام شاه سان چوڪيدار ٿي هلڻ لاءِ تيار ٿيا، ته بہ ان پاڻ سان نہ کنيا. آخر ديون پنهنجي مٿي جا وار ڏنس ۽ چيائونس، ته جڏهن ڪا مشڪلات پويئي، تڏهن ڪو بہ وار ساڙيندين، ته اسين سڀ تو وٽ حاضر ٿينداسون.
بهرام شاه واٽ تي آفتون ماريندو آخر چين ۾ اچي پهتو، اتي ڪا عاليشان جاءِ وٺي ان ۾ رهڻ لڳو. ان وقت بهرام شاه شهر ۾ ٿرٿلو ڏسي پڇا ڳاڇا ڪئي، ته معلوم ٿيس ته ”بهزاد نالي بادشاه زبردست ڪٽڪ وٺي فغفور تي ڪاهي آيو آهي، ڇاڪاڻ جو فغفور جي شهزادي گل اندام ان سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. سڀاڻي شاهي جنگ لڳڻي آهي.“
بهرام شاه اها ڳالهه ٻڌي رات وچ ۾ ديون جو لشڪر گهرائي ورتو، جن پره ڦٽڻ کان اڳ ۾ بهزاد سميت ان جي ساري لشڪر جون سسيون لاهي ڇڏيون. بهرام شاه هڪڙي نشان ۾ بهزاد جي سسي اٽڪائي فغفور جي دروازي تي ٽنگائي ڇڏي ۽ هڪڙو خط بہ لکي ان نيزي ۾ ٻڌي ڇڏيو هئائين، جنهن ۾ لکيل هو، ته ”هيءَ فتح شهزادي بهرام شاه ڪئي آهي.“
صبح جو دشمن جو مٿو دروازي تي ٽنگيل ۽ ان جو لشڪر برباد ٿيل ڏسي فغفور توڙي ان جا امير امراءَ ۽ رعيت جا ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ پڇائون ٿيڻ لڳيون ته ”اهو شهزادو بهرام شاه ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي؟“ بهرام شاه پاڻ کي ڪجهه وقت لڪائڻ لاءِ فقيراڻو ڪارو ويس کڻي ڍڪيو، جنهن تي ڪنهن کي گمان بہ ڪونه ٿي پيو، ته اهو ڪو جبري سگهه وارو بهرام شاه آهي.
گل اندام جي ديدار ڪرائڻ واري ڏينهن، سڀ امير وزير توڙي ديسي پرديسي توڙي شاهوڪار ۽ وفادار غريب جيڪي بہ نذرانو پيش ڪندا هئا، سي هڪڙي خاص ٻانهي وٺندي گڏ ڪندي ويندي هئي. نذرانن ڏيندڙن جي ميڙ ۾ هڪڙي سياه پوش فقير هڪڙي منڊي نذرانه طور ڏني. سڀ نذرانا جڏهن گل اندام وٽ حاضر ٿيا، تڏهن ان جي نظر امالڪ وڃي منڊيءَ تي پيئي، جنهن جي جڙاءِ ۽ ننگن جو ملهه جوهري بہ ڪٿي نٿي سگهيا، گل اندام کي نوڪرياڻيءَ کان معلوم ٿيو، ته هڪڙي سياه پوش فقير اها منڊي ڏني آهي. سياه پوش فقير تي گل اندام جي نظر بہ ميڙ ۾ پئجي چڪي هئي ۽ سياهيءَ ۾ لڪل چمڪ سندس دل ۾ سوجهرو پيدا ڪري چڪي هئي. ٻيو وري منڊيءَ تي بهرام شاه جو نالو اڪريل هو، تنهنڪري راڻيءَ کي پڪ ٿي ته اهو سياه پوش فقير ئي خود بهرام شاه آهي. شهزاديءَ جي طرفان جاسوسي ساري شهر ۾ پکڙجي پيئي ۽ جن کان سياه پوش فقير لڪي ڪين سگهيو. آخر گل اندام بهرام شاه جي وچ ۾ سلام سنيها اچڻ وڃڻ لڳا ۽ هو اڃا هڪ ٻئي جي نيازن، نازن ۽ سچائي جاچڻ ۽ پرکڻ ۾ ئي ڏينهن گذاري رهيا هئا، ته ڪشور شاه جو لشڪر اميرن ۽ وزيرن ۽ داين ٻانهين سميت اچي چئين کان نڪتو، ڇاڪاڻ جو انهن کي خاطري جهڙي ڏس مليو هو، ته شهزادو بهرام فغفور بادشاه جي شهر ۾ آهي. فغفور آيل اميرن وزيرن کي خط ڏيکاريو، جو ڏسي انهن کي تسلي ٿي ته هي اکر شهزادي بهرام جا آهن ۽ اهو آهي بہ هن شهر ۾. انهن وري پنهنجي خفيه پوليس شهر ۾ پکيڙي، جا شهزادي کي هٿ ڪري وٺي آئي. اميرن وزيرن بهرام کي شاهاڻا وڳا ڍڪائي فغفور جي درٻار ۾ حاضر ڪيو. فغفور بادشاه بهرام شاه کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان جي شڪر گذاري ڪيائين. رات وچ ۾ بهرام ۽ ان جو لشڪر ڪئن چٽ ٿيو، سو احوال بہ بهرام شاه ڪري ٻڌايو ۽ اتي جو اتي ديو بہ ڪچهريءَ ۾ حاضر ڪري ڏيکاريائين.
تان پر کان پيئي پاتشاه، ات ڏسي عظمت،
چي اسين تابع تنهنجا، هن روٿ ڏيو رخصت.“
بهرام شاه جي امير فغفور کان گل اندام جي سڱ بهرام بادشاه لاءِ گهريو، فغفور چيو ته مون کي سڱ ڏيڻ کان ڪو بہ انڪار ڪونهي، پر:
”هوءَ پنهنجي وات وڪيل آهي سالڪ سچاري،
ڪريون تڏهن تياري، جڏهن اوڏانهون آئونڪر ٿئي.“
پوءِ ته ٻنهي طرفن جون دايون ۽ ٻانهيون گل اندام کي ڪانڌ قبولائڻ وڃي منٿ ميڙ ڪرڻ لڳيون، گهڻن ماڻن ڪرڻ کان پوءِ گل اندام هائوڪار ڪَئي:
”تڏهن سنئين ڪيائين ساهيڙين سڳر،
دل ۾ هئس دوست جي اڳئي سڪ سڀر،
هي ٿيون سرتيون اپر، ته هن ڪامڻ ڪانڌ قبوليو.“
ڏاڍيءَ ڌام ڌوم کان بهرام شاه ۽ گل اندام جي شادي ٿي. ڪجهه ڏينهن اتي گذاري بهرام شاه سوڀ ۽ فتح سان موٽي پنهنجي اباڻي ملڪ ۾ آيو.
”ناميو نائين ڏينهن تي نڪري ٿيو نروار،
ڪشور شاه ڪٽڪ سان آين آڳيوار،
جئن وڇڙيا ورهن جا ٿو ڪري جمع جبار،
سڀ ڀت سرهايون ٿيون تسين توه تبار،
جن ڪلمي سان قرار، اسهيا سي ايمان سين.“
نوٽ: هن قصي کي نظم ۾ ٺاهيندڙ ڇتو کٽي آهي.
جنهن جو نالو وچو وچ ٽن چئن ڏوهيڙن ۾ آيل آهي.
اهو ڇتو کٽي ڪٿي جو ويٺل هو، سا خبر نہ آهي.
ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ لکيل آهي، ته ”هي ڪتاب آخوند عبدالرحيم پٽ آخوند محمد وفا عباسي ڳنڍي سڌاري منتخب سوڌو تيار ڪيو.“

(5) قصو عجائب شاهه
ڪتاب جي حقيقت: هي هڪڙو ڇاپيل جهونو ڪتاب هٿ آيل آهي، جنهن جو ٽائيٽل پيج ڪونهي. مگر قصي جي نموني ۽ ڇاپي مان سمجهجي ٿو، ته هي سيف الملوڪ وغيره نظمي قصن سان گڏ آخوند عبدالرحيم مرحوم هٿ ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ کي ڏنو، جنهن ڇاپائي پڌرو ڪيو هو.
مضمون:
هن ڪتاب ۾ اهڙو ئي خيالي قصو نظم ۾ آندل آهي، جهڙوڪ ”ڪامسين ڪامروپ“ ۽ ”سيف الملوڪ بديع الجمال“ آهن. آکاڻيءَ جو اختصار هي آهي:
بهگرد شاه نالي هڪڙو زبردست بادشاه هو، جنهن وٽ لشڪر ۽ مال خزاني جي ڪا بہ کوٽ ڪانه هئي؛ مگر:
”مرد ماندائي من ۾ هئي اشتياق اصيل،
خزانا خيرات ڪئو ٿو نر لٽائي نيل،
آهون در الله جي ڪري سنجهه سبيل،
هر دم در جليل، فريادي فرزند جو.“
”مرد ماندائي من ۾ پڻ گهڻي سڪ عورت
خزانا خيرات ڪيو ٿي هردم کڻي هٿ
جو سنگ سونهي ۾ سٿ، سو گهر مون ڏيو گهوٽيو.“ (بيت 4 ۽ 5)
ڌڻي تعالى انهن ٻنهي زال مڙسن جو سوال اگهايو ۽ انهن کي پٽ ڄائو.
”ٻار ٻٽيهون لکڻو ڄاڻ ڀري وڄايو،
راڻين رهسيو1، راءِ سان نئين ڳر2 ڳڌو3 لايو،
نانء پسر جو پاتشاهه ٻولي ٻڌايو،
احسانئون آيو، عجائب اسان4 مٿي.“ (بيت 7)
جنهن رات بهگر شاه کي پٽ ڄائو هو، تنهن ساڳيءَ رات اڪرم وزير کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو رکيائون رهسنگ.
عجائب شاهه ۽ رهسنگ جي تربيت ۽ تعليم لاءِ هڪجهڙو بندوبست ٿيو، جڏهن هو ٻئي لائق جوان ٿيا، تڏهن هڪڙي ڏينهن بهگرد شاه پنهنجي پٽ کي ڪچهريءَ ۾ سڏي چيو ته ”پٽ! توکي ڌڻي سڳوري لائق ڪيو آهي، تنهن ڪري ويهي تخت ماڻ ته آءٌ هڪ هنڌ ويهي پنهنجي ڌڻيءُ کي ياد ڪريان ۽ تنهنجي حق ۾ دعائون پنندو رهان.، تڏهن:
”عرض عجائب شاه ڪيو، ڪر ٻڌي5 قربدار
مٿي تخت طريل تون هجين ماه مڻيادار
راضي ٿيءُ رضا تي صاحب لڳ ستار،
آءٌ جوڙان6 ۽ جنسار، ڏسان ماڳ ملڪ جا.“
بادشاه چيو: ”پٽ! توکي اکين کان پري ڪرڻ دل نٿي گهري، پر تنهنجي مرضي بہ پڇيو نٿو سگهان.“
عجائب شاهه پنهنجي دوست وزير رهسنگ سان گڏ گهمندو ڦرندو ۽ سئل شڪار ڪندو وتندو هو. هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي شهزادو پنهنجن همراهن سميت جهنگل ۾ ڪن وڻن جي ڇانءِ هيٺ ويٺو هو،ته ايتري ۾ ڪو پير مرد سيلاني اتي اچي نڪتو. سيلاني فقير جدا جدا شهرن ۽ ملڪن جون حقيقتون ٻڌائيندي شهزادي کي چيو ته ”بيت العمان“ نالي هڪڙو ديون جو ملڪ آهي، ان جهڙو سهڻو ۽ وڻندڙ ملڪ ٻيو دنيا ۾ ڪونه ڏٺم. ان ملڪ جي شهزادي نوش لب جهڙي سهڻي شهزادي بہ ڪا دنيا ۾ نہ هوندي.“
انهيءَ مذڪور ٻڌڻ شرط عجائب شاه اڻ ڏٺي نوش لب جو عاشق بنجي پيو:
”ٿئس حب حبيب جي، محڪم اندر من؛
عشق عجائب شاه تي پر1 ٽيو پر2 پون؛
سورن جو سرير ۾ ڪيا دانہ3 کيچي4، دن5؛
محبت محبوبن جي ڇايون6 وانگي ڇن7؛
تنهين کيس تمام ڪيو، پر جي چڪ8 چڪن؛
رهسنگ ريجهايو ڪري ڪنهن فائق ساڻ فنن؛
ڦيريا فصل چوي سورهيه سيورَن9؛
لعل لنگهي بر بن، آيا شير شهر ۾.“ (بيت 32)
پنهنجي گهر اچڻ کان پوءِ عجائب شاه اونڌي منجي ڪري پئجي رهيو. بادشاه، راڻي، وزير امير ۽ نوڪر چاڪر سڀ شهزادي جي بي حالي ڏسي ارمان ۾ پئجي ويا. گهڻئي حڪيم ۽ طبيب اچي حاضر ٿيا؛ پر:
”ڇڏ تون لالچ لئونگ چوي اڀري ٿي پري؛
انهيءَ ويڄ نہ وسهان ته ڪا ڦڪي فرق ڪري؛
دارون دوست ڳري؛ جي اوڀري هن آزار جا.“ (بيت 47)
آخر عجائب شاه کي پنهنجي محبوب ڳولي هٿ ڪرڻ لاءِ اجازت ڏيڻ ڌاران ٻيو ڪو بہ حيلو نظر ڪونه آيو. عجائب شاه ۽ رهسنگ شڪار ڪندي پنهنجي ماڻهن کان تڳي ويا ۽ هڪڙي عاليشان شهر کان وڃي نڪتا، جو ديون جو شهر هو، اتي رهسنگ ديون سان دوستي رکي بيت العمال جو ڏس پتو پڇيو، ۽ ان ڏس موجب وري ٻيڙا تيار ڪري سمنڊ هاڪاريائون. اتي اهڙو سخت طوفان اچي لڳو، جو تختو نہ تختي ڀيڙُ ٿيو. شهزادو هڪڙي تختي تي ٽلڪندو وتيو.
سائو1 سنگ2 سمنڊ جو دهوڙي3 داناءَ،
سرتا4 ساريو سو ڳري جو هاري جاڙاءَ5،
هڪ ورو6 تهڙو وزير هو پانہ7 جو پرچاءَ،
سو بہ جدا جانب کان ٿيو وير ڇني ڇوهاءِ8،
رويو چوي راءِ، رهسنگ پرتئين رب کي.“ (بيت 81)
شهزادو ٽلندي ٽلڪندي ڪنهن ٻيٽ تي اچي پهتو. اتي هڪڙي باغ ۾ عاليشان عمارت ڏٺائين. اندر ويو ته ترڪستان جي بادشاه بهرام شاه جي ڌيءَ مست ناز کي اتي ڏٺائين.جا ڪنهن زبردست ديو اتي آڻي بند ڪئي هئي. هڪ ٻئي سان حال احوال ڪندي شهزادي کي معلوم ٿيو، ته اها مست ناز، نوش لب جي ساهيڙي آهي؛ تنهنڪري ان کي پنهن جي ڀيڻ بڻايائين ۽ ان ديو کي ماري کيس آجو ڪري ترڪستان پهچايائين.
ترڪستان جي بهرام شاه عجائب شاه جو ٿورو مڃيو ۽ ان کي سندس مرضيءَ موجب باغ ۾ الڳ محلات ڏنائين ۽ هر طرح جا بندوبست رکي ڏنائينس. عجائب شاه جي چوڻ تي بهرام شاه پنهنجا سپاهي چوطرف پکيڙيا، جي رهسنگ کي ملڪن مان ڳولي هٿ ڪري آيا. عجائب شاه ۽ رهسنگ خوش ٿي هڪ ٻئي سان مليا ۽ اميراڻي نموني ۾ ڪجهه وقت گذاريائون.
مست ناز جي خير سلامتيءَ سان اچڻ ڪري سنديس سڀ ساهيڙيون پريون نوش لب سميت کيس ملڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ آيون. اتي مست ناز جي معرفت عجائب شاه ۽ نوش لب جي ملاقات ٿي.
”تو آئي عيدان ٿيون، جاني جئين شال،
ڪوٺائڻ قريب کي منهنجي ڇاهي مجال،
ڀلائيءَ جا ڀال، عجيبن اچي ڪيا.“ (بيت 150)
اوتي اکڙين سان، پرتئون پيتائون.
ڪيف ڪڪوريا نينهن جا سي سک سيتائون
ڪي ڳڻ ڪيتائون1، جائون2 ٿي جار3 پيار. (بيت158)
نوش لب جي ماءُ اها خبر ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙي تنهن عجائب شاهه کي کنڀن سان اهڙي اڇل ڏني، جو هڪڙي اونداهي کوهه ۾ وڃي پيو. مست ناز ۽ نوش لب جي ڪوشش سان گهڻين تڪليفن کان پوءِ عجائب شاهه کوهه مان نڪتو ۽ سنديس شادي نوش لب سان ۽ رهسنگ جي شادي مست ناز سان ٿي. ڳچ ڏينهن اتي گذاري پوءِ عجائب شاهه ۽ رهسنگ پنهنجين ڪنوارين سميت پنهنجي ديس ۾ آيا.
”تڏهن مير گڏيو پيءُ ماءُ کي ڪوڏئون ساڻ قرار،
دانہ دور گهمايو چوڪندين چوڌار،
ٿيا مجري مير ملوڪ جي مڙيئي منصبدار،
پانو پنهنجي پٽ کي دل ٻڌي دستار4،
راڄئي رعيت انعام ڪئي ٽي سال سڄا سردار،
ميلو محبتن جو ڪيو ڏينهن ڏاتار،
جي لهن ڪلمي سار، وينداسي ايمان سان.“ (بيت 245 آخرين)
نوٽ- هن آکاڻي ۾ بہ ٻن ٽن شاعرن جي نالن سان ڏوهيڙا پيل آهن: ڪٿي فاضل، ڪٿي فضل ۽ ڪٿي لؤنگ، اها خبر نہ اهي، ته اهي شاعر ڪير ۽ ڪٿي جا هئا. مگر ٻوليءَ جي ورجيس مان تسلي ٿئي ٿي، ته اهي شاعر سنڌ جي اتر ڀاڱي جا هئا. جئن ته:
”بابي سنديون بندگيون ڪري جوڙيون جماعتان1
باڪي بهگرد ڪيون تڏهن خوشيون خيراتان2
اڄ پسر جي پور کان ٿئس آجو آءٌ تان،
هو جي بيگانيون باتان3، سي فرزند مون ڦٽيون ڪيون.“
(بيت 58)

(6) جواهر لغات
ڪتاب جي حقيقت: جنهن وقت اڃا ڪا بہ سنڌي ٻوليءَ بابت لغت ٺهيل نہ هئي، سواءِ سٽئڪ صاحب واري ڊڪشنريءَ جي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ناگري اکرن ۾ ۽ معنى انگريزي ۾ ڏنل آهي، تنهن وقت آخوند عبدالرحيم عباسي ٻہ ٽي هزار سنڌي ۽ رواجي عربي خواه پارسي لفظ گڏ ڪري هڪڙي لغت تيار ڪئي هئي، جنهن جو نالو رکيائين ”جواهر لغات“ اها اڄ تائين آخوند صاحب جي هٿن جي لکيل دستخط حالت ۾ موجود آهي. ان جي ڇاپائڻ جو تعليم کاتي خيال نہ ڪيو، سو شايد هن ڪري جو هڪڙو ته ان جي صورتخطي بلڪل جهوني نموني جي آهي، ٻيو ته سنڌي لفظن جي فقط لفظي معنى پارسيءَ ۾ لکيل آهي، ۽ ٽيون ته شرٽ صاحب واري سنڌي انگريزي ڊڪشنري تيار ٿي هئي، تنهن ۾ هن لغت جا لفظ بہ ڪم اچي ويا هيا.

مضمون:
هن لغت ۾ مصنف پهريائين سنڌي آئيويٽا ڏني آهي، جنهن ۾ نج اکرن جون صورتون اهڙيون من گهڙت ڪم آنديون اٿس، جهڙيون ٽرمپ صاحب شاه جي رسالي ڇاپائڻ وقت ڪم آنديون هيون.
تنهن کان پوءِ ”چوڻ“ مصدر جا سڀني زمانن ۾ ڦيرا (گردان) پارسي معنى سان لکيا اٿس. پوءِ الف بي وارن سنڌي لفظن جون معنائون پارسيءَ ۾ ڏنيون اٿس ۽ هر هڪ لفظ جي سامهون ان جو گرامر جو نالو ۽ جنس، عدد (جي فعل آهي، ته فعلي صيغي جو نالو وغيره) ڏيندو ويو آهي.

مثال:
اَباهن بخشيندن مصدر
اَبداڻو نيفه مذڪر اسم، خاص، جنس
اَجڙي دهقاني مذڪر اسم صفاتي است
پاهڻ پرورش و رحم ڪردن مصدر
جاڳو خبر از غيب گوئي گرفتن مذڪر اسم ذات
نوٽ: مٿيان سنڌي لفظ ڪتاب ۾ ڪم آيل صورتخطيءَ ۾ نہ لکيا ويا آهن، پر هالو چالو صورتخطيءَ ۾ لکيا ويا آهن.
ڪتاب جي سبب تاليف بابت آخوند صاحب هئن لکيو آهي:
”جڏهن ڏينهن هيڪڙي (هڪڙي ڏينهن) هي اٻالو عبدالرحيم پٽ محمد وفا جو عباسي گنبذي (گنبذ جو ويٺل) هاڻي رهاسو (رهاڪو) ڪراچي جو مجنهه سٿ ساٿارين جي (دوستن جي مجلس ۾) ويٺو هو ته اوچتو ئي ڳالهه ٻولهه لفظن سندن (سنڌي لفظن جي ڳالهه ٻولهه ) وچ ۾ آئي تڏهن ڪن منجهان ساٿارين (ساٿارين مان ڪن) چيو ته جيڪڏهن تون ڪو ڪتاب سنڌي جوڙين ته جيڪر ماڻهن جو گڻ ۽ فائدو ٿي پوي) تڏهن ڪيترا لفظ گڏ ڪري نالو هن ڪتاب جو جواهر لغات (سنڌي اڪيچار) رکيم ۽ ٺهوڙ (بناوت) هن ڪتاب جو (جي) مٿي ٿن ڀاڱن (ٽن ڀاڳن) ۾ ڪيم.“
نوٽ: ”جواهر لغات“ مان معلوم ٿئي ٿو ته آخوند عبدالرحيم صاحب جي مادري ٻولي سنڌي نہ هئي، ڇاڪاڻ ته لغت ۾ ڪيترن مذڪر اسمن کي مؤنث ۽ مؤنث اسمن کي مذڪر ڪري لکندو ويو آهي. تنهن کان سواءِ سڄي ديباچي پڙهڻ مان صفا ظاهر ٿئي ٿو ته هو پارسيءَ جو عالم هو ۽ سنڌ ۾ گذارڻ سان سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس بہ چڱيءَ طرح ڪيو هئائين، مگر صحيح سنڌي عبارت ۽ محاورن ڪم آڻڻ جو استعمال ڪونه هوس.