تڪليف کڻڻ لاءِ چڱو محنتاڻو ۽ انعام اڪرام ملندو هوس. اهڙن فائدن کان هو سنڌ ۾ رهي پيو، ۽ پنهنجو وطن به وسري ويس.
ايترن ورهين رهڻ ڪري ۽ هيترن ماڻهن سان واسطي رکڻ ڪري هو هاڻي هر طرح سنڌ جو ماڻهو ليکجڻ ۾ ايندو هو. هن کي ڪنهن سکر گهر مان ٻانهن ملي ويئي، تنهن سان شادي ڪري پنهنجو گهر ٺاهي ويهي رهيو. ميرن جي صاحبيءَ وئي کان پوءِ به هو اتي رهندو آيو، ۽ اگرچ اڳيون اوج پوءِ ڇڏائي ويس، تڏهن به مناسب سوداگري ڪري، هو پنهنجو گذران عزت آبروءَ سان پيو ڪندو هو.
هن کي هڪڙو پٽ به خدا ڏنو هو، جنهن جو نالو علي رضا رکيو هئائين، تنهن کي ننڍي هوندي کان هن چڱي تعليم ڏياري هئي. سو سنڌي ۽ فارسي پڙهي ته هوشيار ٿيو هو. پر انگريزيءَ ۾ به چالاڪ هو. اگرچ پڙهيو رڳو سنڌي اسڪول ۾ هو، مگر ذهين طبع جو هو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي آزمودي ڪري زياده هوشيار ڏسڻ ۾ ايندو هو.
علي نواز پنهنجي پٽ کي ڪنهين نوڪريءَ ۾ نه رکيو، نه ڪنهن واپار ۾و ڌائينس، مگر جيڪي صاحبلوڪ سنڌي يا فارسي يا هندستاني پڙهندا هئا، انهن وٽ منشي يا ماستر ڪري رکيائينس، انهيءَ ڪري انگريزيءَ ۾ هن جو مايو وڌي ويو هو، ۽ صاحبلوڪن کي به پڙهڻ ۾ گهڻي سولائي ٿيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪراچيءَ تائين به وڃي اهو ڪم ڪندو هو. انهيءَ طرح پڙهائڻ جي ڪم مان هن کي سٺ – ستر رپيا پيدا ٿيندا هئا.
ٻيو وري علي نواز خان پاڻ سوداگري ڪندو هو، تنهن ڪري هنن جو گذران تمام چڱو پيو ٿيندو هو. هو به اصل ولائتي ماڻهو اٽڪل وارو هو، گهر ۾ ڀاتي پورا پنا هئن. پاڻ هو، پڻس هو، سندس زال هئي، جنهن جو نالو جان بيبي هو، ۽ پورهيت هين، جا گهڻن ورهين کان وٽن رهندي آئي ۽ گهر جو ڀاتي ٿي ويئي هئي، ۽ انهيءَ جو نالو مريم هو.
جنهنن وقت جي ڳالهه اسين ڪريون ٿا، تنهن کان ٻه ورهيه کن اڳي علي نواز خان وفات ڪئي هئي، ۽ گهر جو بار سڄو ئي علي رضا تي هو، جو هينئر چوويهن ورهين جو جوان ماڻهو هو، هو تمام چڱيءَ شڪل وارو ۽ ڳوري رنگ جو