Jump to content

گل شڪر/و

From Wikisource
328943گل شڪر — و1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۵۲۷ - واڳ ڌڻين جي هٿ، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي.
هن ماڻهوءَ جو جيئڻ، مرڻ، اُٿڻ، وهڻ، کائڻ، پيئڻ، ڏک، سک، کٽيو، ڇيئو، ۽ ٻيا سڀ ڪم ڌڻيءَ جي وس آهن. پاڻ-وهيڻو ڪي به ڪين اٿس. جهڙو گرو نانڪ صاحب جو وچن آهي:
ڪري ڪرائي آپي آپ، مانکُ ڪي ڪڇ ناهين هاٿ. ڪرائي ڪري سڀ ڌڻي پاڻ؛ ماڻهوءَ جي هٿ ڪي به نه آهي.

۵۲۸ - ويئي سڱن کي، ڪن به وڍائي آئي.
هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جر هڪڙي گڏهه ڌڻيءَ کان سڱ ٿي گهريا، پر ايتري ۾ هڪڙي پوک ۾ ڀيل ڪيائين، تنهن جي هاريءَ ڪن وڍي ڇڏيس؛ جهڙو ڪي هڪڙو فقير ڪنهن کان ٽڪر مانيءَ جو گُهري، اڳلو ڪپڙا به لاهي وٺيس. ان جهڙو فارسي پهاڪو به آهي:
بيچاره خر آروي دُم کرد؛
نايافت دُم و دو گوش گم کرد. ويچاري گڏهه پڇ جِي سڌ ڪي؛
پچ نه مليس پر ڪن وڃايائين.

۵۲۹ - ويهي ويهي مڙس ڪري، سا وَهي ڇو وڃائي.
جنهن عورت کي نيٺ مڙس ڪرڻو هئي، سا ويهي جواني وڃائي ٻڍاپڻ ۾ پرڻبي تنهن کي ڇا سواد ايندو؛ ۽ اوڙڪ پڇتائيندي، تنهن وانگي جنهن ڪم مان نيٺ پڇتاءُ ٿئي؛ سو مهل ويچاري ڪرڻ کپي.

۵۳۰ - وِهي درياءَ جي ڀر تي، وجهي واڳوءَ سان وير.
هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو پاڻان ڏاڍو پاڙي ۾ هئي تنهن سان وير رکڻ مان نيٺ ڀلائي ڪا نه آهي. اهڙو مثل هنديءَ ۾ به چيل آهي:
ڪَيسي بن هي نِبَل ڪون ڪر سَبَلن سُون غيرَ؟
جيسي بس ساگرو ڪي ڪَرَت مَگَرَ سون بيرَ. هيڻي کي ڏاڍن سان ٻيائي ڪرڻ ڇا ٺهي؟
جهڙو دريا ۾ وهي مانگر مڇ سان وير هجي.

۵۳۱ - واڱڻ هڪڙن کي وائي هڪڙن کي پيچي.
هي پهاڪو ڌڻيءَ جا اچرج ڏيکاري ٿو، جو اُهي ساڳيا ڪم هڪڙن کي فائدو، ٻين کي گهاٽو ڪن، جهڙو شرم اشراف زال کي سونهي؛ پر ڪسبڻ عورت کي بک ماري؛ يا جهڙي ماٺ درويش کي چڱي، پر راجا کي راڄ جو جوکو.

۵۳۲ - واتون خرار کاڄن، نڪون ڪڻو به نه کاڄي.
وات جي واٽان ٿورو ٿورو ڪري گهڻو کائي وڃجي؛ نڪ مان ٿورو به نه کائجي. پر مطلب هي آهي، جو واجبي طرح سان يعني جوڳائيندو سڀڪو گهڻو ئي پيو کائي ۽ اڻ جوڳائيندو کائڻ اهڙو آهي، جهڙو نڪ مان کائڻ.

۵۳۳ - واهَڻَ جو واڻيو، تهڙو ڍوري جو پاتِڻِي.
هن پهاڪي مان ٻيو ڪين ٿو نڪري، مگر واھڻ ۾ گھڻو ڪري واڻئي جو ھٽ ھڪڙو رھي؛ تنھنڪري سيڌو پاڌو، ويڳر وکر مھانگو وڪڻي، ته به گراڪ بيوس ٿي وٺي. تنھن وانگي ڍوري جو پاتڻي مھاڻو پڻ گھڻو تڻو اڙي گور ٿئي.

۵۳۴ - ويري ھڪڙو به گھڻو، سڄڻ ھزار به ٿورا.
هن پهاڪي وارو چوي ٿو، جو دوستي جئن گهڻن سان هُئي تئن چڱي؛ ۽ وير هڪڙي سان به چڱو نه آهي. ڇا کان جو دشمن هيڻو ئي هئي ته هيڻو ڄاڻڻ نه گهرجي. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:
دشمن نتوان حقير بيچاره شمرد. ويريءَ کي هيڻو نماڻو نه ڳڻجي.

۵۳۵ - ونڊ کائيئي، سُک پائيئي.
هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ اهڙو اهنجو اکر ڪو نه آهي، جنهن جي لکڻ جو کپ هئي، مگر مطلب هي آهي، جو سخاوت جي ساراهه آهي. هن ريت جو ونڊي کاءُ يعني ڌڻيءَ جي نالي به ڏي ۽ کاءُ به، ڇا کان جو ان ٻن ڪمن ڌاران ناڻو ٻئي ڪهڙي ڪم ايندو؟ تنهن لاءِ فارسي بيت پڻ آيو آهي:
اگر گنج قارون بدست آوري،
نماند مگر آنچه بخشي خوري. جيڪڏهن قارون جو خزانو هٿ ڪندين،
جيڪي کاڌءِ ۽ ڌڻيءَ جي نانءِ ڏنئه، تنهن ڌاران نه رهندءِ.

۵۳۶ - وڻجن ٻير، کائن ڊاکون، تن گهرن جون ڪهڙيون ساکون؟
ٻير، هڪڙي سستي وکري، ۽ ڊاک مهانگي وٿ آهي: تنهن جو مطلب هي آهي، ته جو ماڻهو ڪمائيندو ٿورو ۽ کائيندو گهڻو، تنهن جي پت ڪٿان رهندي؟ اهڙي لاءِ فارسيءَ واري پڻ ارمان کائي بيت چيو آهي:
بر احوال آنکس ببايد گريست،
که دخلش بود نوزده خرچ بيست. اُن جي حال تي روئڻ گهرجي،
جنهن کي اُڻيهه اُپت ويهه کپت.

۵۳۷ - وير وير واڌائي به ورچي.
واڌائيءَ جهڙي ڳالهه جا سڀ کي وڻي، هر هر چوڻ سان اُها به نه وڻي، تڏهن ٻي ڳالهه وري وري ڳالهائبي، ته ڇا سواد ڪندي؟ تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:
سخن گر چه دلبند شيرين بود؛
سزاوار تصديق و تحسين بود،
چو يکبار گفتي مگو باز پرس؛
که حلوا چو يکبار خوردي و بس. جيتوڙي ڳالهه وڻندر ۽ مٺي هئي،
سچائيءَ ۽ ساراهه جي لائق هئي،
جڏهن هيڪر چيئي، وري نه چئو؛
جئن حلوو هيڪر چٻيل وري نه چٻبو.

۵۳۸ - وڇ کير ڏئي، ته مينهن ڇو ڌارجي؟
وڇ، مينهن جو مادي ڦر آهي، تنهن جو نيپاج مينهن کان ٿوري ڏاکڙي سان ٿئي. جڏهن ٿوري خرچ واري وڇ کير ڏئي، تڏهن گهڻي کاڌي واري مينهن ڇو رکجي؟ پر مطلب هي آهي، ته جو ڪم ٿوري ڳالهائڻ سان ڇٽي، تنهن لاءِ گهڻو نه ڳالهائجي. جهڙو فارسي بيت آهي:
چو کاري بر آيد به لطف و خوشي،
چه حاجت به تُندي ور گردن کَشي؟ جڏهن ميٺ ۽ رس سان ڪم ڇٽي،
تڏهن تيک ۽ هٺ جو ڪهڙو کپ؟

۵۳۹ - وهندي پير ٻوڙ به چڱي، بيٺل تار به نه چڱي.
پير ٻوڙ يعني تانگهو پاڻي، جنهن ۾ رڳو پير پسي، يعني وهندڙ پاڻي ننڍو هوندو ته به ڪنو نه ٿيندو؛ ۽ بيٺل پاڻي توڙي وڏو هوندو، ته به اوڙڪ ڪنو ٿي پوندو. تنهن وانگي ناڻو ٿورو ئي هڙ ۾ هوندو، ۽ هلائڻ چلائڻ، خرچڻ کائڻ جي ڪم ۾ ايندو ته چڱو ۽ جي گهڻو ئي رکيل هوندو ۽ ڪم ۾ نه ايندو، ته ناڻو تهڙا ڀتر. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:
ز نعمت نهادن بلندي مجو،
که نا خوش کند آب استاد بو. ناڻي رکڻ مان وڏائي مَ ڳول؛
جو بيٺل پاڻي بڇڙي باس ڪري.

۵۴۰ - وِهُ وڻجي، سو وه مان کائي.
هيءَ ڳالهه سڀڪو ٿو ڄاڻي، ته جي ماڻهو سنکئي، رسڪپور ۽ ٻين وک جهڙن وکرن جو واپار ڪندڙ آهن، تن کي ڌڻي تَوڻ پهچائي ٿو؛ تڏهن کنڊ جي وڻجارن کي بک ماريندو ڇا؟ تنهن وانگي جي ماڻهو ڪپت ۽ ويساهه گهاتيءَ ۽ ٻين بڇڙن ڪمن مان پيٽ ڀريندا، تڏهن پت وارا ڪٿان بک مرندا؟

۵۴۱ - وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
وسي، يعني مينهن وسي؛ ڏٻري يعني ڏٻرو ڍور، گسي يعني مري يا پُڇ پوي؛ مطلب هي آهي، جو جيڪڏهن وَس ٿئي، ته به ڏٻري ڍور کي برسات وارا ڏهاڙا جهنگ ۾ چرڻ جي ويرم نه ملي سو بک ۾ ساهه ڇڏي، جي وس نه ٿئي ته جهنگ ۾ گاهه نه ڄاپي، ته به ڏٻرو بک ۾ سِجهي سگهو مري. تنهن وانگي هيڻو ماڻهو پڻ نه ٿڌي سهي، نه ڪوسي سهي.