گل شڪر/جهه

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
328917گل شڪر — جهه1905ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۲۲۶ - جهونا ڪپڙا ٻوڍا ڍور، تسڪا ناڻا لي گيا چور.
هي پهاڪو جيتوڙي هنديءَ ٻوليءَ وانگي چوڻ ۾ اچي ٿو، پر سنڌ ۾ رواجي آهي. معنيٰ سنديس هيءَ آهي، جو ڪپڙو پراڻو ٿيو ته ڪر ملهه چور ٿيو؛ تنهن وانگي ڍور پڻ پوڙهو ٿيو ته ڪم کان نبريو. پر جيڪڏهن سچ ڪري پڇو، ته ماڻهو پوڙهو پڻ اِن قطار ۾ ڳڻڻ کپي. فارسيءَ وارو چوندو آهي:
پيري صد عيب، چنين گفته اند. سياڻن چيو آهي جو ٻڍاپڻ سو ويڪون.
اهڙو ذڪر نمبر ۴۷ واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.