Jump to content

گليور جو سير ۽ سفر/ڀاڱو پهريون/باب ٽيون

From Wikisource
گليور جو سير ۽ سفر (1969)
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745), translated by مرزا قليچ بيگ
باب ٽيون : لِليپٽ ۾ شاهي دربار
جوناٿن سئفٽ (1667 - 1745)319992گليور جو سير ۽ سفر — باب ٽيون : لِليپٽ ۾ شاهي دربار1969مرزا قليچ بيگ

منهنجي نرمائي ۽ چڱي هلت جو شهنشاهه توڙي دربار وارن تي توڙي لشڪر ۽ عام خلق تي، اهڙو چڱو اثر ٿيو، جو مون کي اميد ٿيڻ لڳي ته اجها ٿي مون کي آزادي ملي. مون حتي الامڪان اڃا به ڪوشش ڪئي ته هن جي راءِ زياده چڱي ٿئي. منهنجي مٿان پهچڻ جو ڊپ اتي جي ماڻهن کي درجي بدرجي گهٽ ٿي ويو، ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سمهي پوندو هوس ۽ هنن مان پنجن ڇهن ڄڻن کي پنهنجي مٿي تي نچڻ ۽ ٽپڻ ڏيندو هوس، پڇاڙيءَ ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون همت جهلي اينديون هيون ۽ منهجن وارن ۾ لڪ لڪوٽي راند ڪنديون هيون.
هاڻي هنن جي ٻولي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ مون گهڻي ترقي ڪئي هئي. شهنشاهه جي مرضي ٿي ته هڪڙي ڏينهن مون کي اتي جا تماشا ڏيکاري، جن ۾ اهي ماڻهو اهڙا ته هوشيار ۽ چالاڪ هئا، جو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ مون اهڙا نه ڏٺا. مون کي جهڙو هنن جي رسي تي نچندڙ بازيگرن جو چرچو لڳو، اهڙو ٻئي ڪنهن جو نه لڳو. هنن هڪڙو سنهڙو اڇو ڌاڳو اٽڪل ٻه فوٽ ڊگهو تاڻي کڻي ٻڌو، جو زمين کان اٽڪل ٻارهن انچ مٿي هو. پڙهندڙن جي اجازت سان انهيءَ تماشي جي بيان کي آءٌ طول طويل ڏيڻ ٿو گهران. اميد آهي ته تحمل سان پڙهندا.
اهو هنر رڳو اُهي ماڻهو ڪم ۾ ٿا آڻين، جي شاهي دربار جي عزت ۽ وڏن عهدن جا اميدوار ٿا ٿين. انهن کي ننڍپڻ کان انهيءَ هنر جي تعليم ٿي ملي، ۽ هو هميشه چڱي اصل نسل جا نٿا ٿين، نڪي ڪو گهڻو عمل ٿا حاصل ڪن، جڏهن ڪو وڏو عهدو خالي ٿيندو آهي، يعني جڏهن ڪو عهديدار مرندو آهي يا ڪنهن جو درجو گهٽبو آهي(جيئن اڪثر ائين ٿيندو آهي)، تڏهن پنج يا ڇهه اميدوار شهنشاهه ۽ سندس درٻارين کي رسي تي نچڻ جي تماشي ڏيکارڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ عرض ڪندا آهن. جيڪو وڏو ٽپ ڏيندو آهي ۽ ڪرندو نه آهي، انهي کي اها خالي جاءِ ملندي آهي. گهڻو ڪري مک اميرن ۽ وزيرن، کي حڪم ٿيندو آهي ته اهو تماشو ڪري ڏيکارين، جنهن مان معلوم ٿئي ته هنن اهو هنر وساري ته نه ڇڏيو آهي.
شاهي خزانچي کي اجازت آهي ته سنئين رسيءَ تي قلابازي هڻي، جا بادشاهه جي ٻين اميرن کان تمام ٿورو ته به هڪ انچ ضرور مٿي هجي، مون عملدارن کي ڏٺو آهي ته سوتليءَ جهڙي سنهي ڌاڳي تي هڪڙي ٿالهي رکي انهيءَ تي ڪيترائي ڀيرا قلابازي هڻندا آهن. شهنشاهه جو خانگي چيف سيڪريٽري، منهنجي راءِ ۾ خزانچي کان پوءِ ٻئي درجي ۾ آهي، ٻيا وڏا عهديدار گهڻو ڪري هڪجهڙا آهن.
انهن راندين ۽ تماشن مهل گهڻا خراب اتفاق ٿيندا آهن ۽ ماڻهو مرندا آهن. دفتر تي اهڙا گهڻا داخلا ڏسڻ ۾ آيا، مون پاڻ ڏٺو آهي ته ٻن ٽن ڄڻن راند ڪندي پنهنجا عضوا ڀڃي وڌا آهن. پر جڏهن خود امير کي تماشي ڏيکارڻ لاءِ حڪم ٿيندو آهي، تڏهن ته سڀ کان وڌيڪ خوف هوندو آهي، ڇالاءِ جو هو ڪوشش ڪندا آهن ته هڪٻئي کان ڪثر کڻن، ۽ اهڙو ڪشالو ڪندا آهن، جو گهڻو ڪري هو ڪو ڌڪو کائيندو آهي، ڪي ته ٻه يا ٽي ڀيرا به ڪري پوندا آهن. مون کي ٻڌايائون ته منهنجي اچڻ کان ورهيه ٻه اڳي شهنشاهه جي گادين مان هڪڙي اتفاق سان زمين تي پيل نه هجي ها، ته خزانچي جو ضرور ڪنڌ ڀڄي پوي ها، پر انهيءَ گاديءَ ڪري هلڪو ڌڪو آيس.
ٻي به هڪڙي راند آهي، جا ڪن خاص وقتن تي، فقط شهنشاهه ۽ راڻي ۽ وڏي وزير جي اڳيان ڪرڻ ۾ ايندو آهي، شهنشاهه ٽي پَٽ جا ڌاڳا ڇهه انچ ڊگها زمين تي رکندو آهي. انهن مان هڪڙو نيرو ۽ ٻيو ڳاڙهو ۽ ٽيون سائو هوندو آهي. اهي ٽي ڌاڳا شهنشاهه انعام وانگي انهن ماڻهن کي ڏيندو آهي جن کي ڪا خاص عزت جي نشاني ڏيڻ گهرندو آهي.
اها راند شهنشاهه جي وڏيءَ دربار جي جاءِ ۾ ڪرڻ ۾ ايندي آهي، جتي راند ڪندڙن جي هنرمنديءَ جي آزمائش، رسيءَ تي نچڻ جي آزمائش کان ٻيءَ طرح جي هوندي آهي. انهيءَ جهڙو تماشو مون نئينءَ توڙي پراڻيءَ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪونه ڏنو آهي. راند ڪندڙن مان هڪڙو هڪڙو ٿي ايندو آهي، ۽ ڪڏهن انهيءَ لڪڻ تان ٽپندو آهي، ڪڏهن انهيءَ جي هيٺان پيٽ ڀر رڙهي لنگهي ويندو آهي ته هنن کي به گهڻا ڀيرا اڳتي هلڻو ۽ وري پٺ تي موٽڻو ٿيندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن شهنشاهه لڪڻ جو هڪڙو ڇيڙو وٺندو آهي ۽ وڏو وزير ٻيو ڇيڙو جهليندو آهي، ڪڏهن ته وزير سڄو ئي لڪڻ پاڻ اڪيلو جهليندو آهي، جيڪو چڱي راند ڪندو آهي، ۽ هوشياري ڏيکاريندو آهي، تنهن کي نيلي رنگ وارو پٽ جو ڌاڳو انعام ملندو آهي. انهيءَ کان ٻئي درجي واري کي وري ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ملندو آهي، ۽ سائو وري درجي ٽئين واري کي ملندو آهي. ڌاڳا هو ٻه ڀيرا چيلهه کي ور ڏيئي ٻڌندا آهن. ڪي ٿورائي ماڻهو درٻار ۾ ڏسبا، جن کي هڪڙو نه ٻيو اهڙو ڌاڳو چيلهه سان ٻڌل نه هوندو.
لشڪر جا گهوڙا، توڙي شاهي طنبيلن جا گهوڙا جي هر روز منهنجي اڳيان لهندا هئا، سي هاڻ ٽهندا نه هئا، پر ڇرڪ ڀرڻ کان سواءِ خود منهنجي پيرن تائين ايندا هئا. آءٌ هٿ زمين تي کڻي رکندو هوس ته سوار انهن کي منهنجي هٿ جي مٿان ٽپائي ويندا هئا، هڪڙي ڏينهن شهنشاهه جو هڪڙو شڪاري، گهوڙي چڙهيل، منهنجي جتيءَ پيل پير تان وڏو ٽپ ڏيئي هليو ويو.
منهنجا نصيب چڱا هئا، جو هڪڙي ڏينهن شهنشاهه کي هڪڙي عجيب رستي سان وندرائي خوش ڪيم . مون هن کي خواهش ڏيکاري ته حڪم ڏيئي ته ڳچ جيتريون ڪاٺيون، ٻه فوٽ ڊگهيون ۽ رواجي نيٽ يا بيد جهڙيون ٿلهيون، مون کي گهرائي ڏئي. هن هڪدم حڪم جاري ڪيو ته ٻيلن جو عملدار اهي حاضر ڪري ۽ ٻئي ڏينهن جو صبح جو ڇهه ٻيلي وارا ماڻهو ڇهه گاڏيون ڀرائي آيا، جن مان هر هڪ ۾ اُٺ گهوڙا ٻڌل هئا. مون انهن ڪاٺين مان نوَ ڪاٺيون کڻي زمين ۾ هڪڙي چوڪنڊيءَ شڪل ۾ کوڙيون، جا اڍائي فوٽ چورس هئي، چار ٻيون ڪاٺيون کڻي، انهن کي ٻنهي ڇيڙن کان پوريءَ وڇوٽيءَ تي ٻڌم، ۽ اهي زمين کان اٽڪل ٻه فوٽ مٿي هيون. تنهن کان پوءِ جيڪي نوَ ڪاٺيون اُڀيون بيٺيون هيون، تن تي کڻي پنهنجو رومال ٻڌم، ۽ انهن کي سڀني پاسن کان اهڙو ڇڪيم، جو رومال تاڻجي دهل جي کل وانگي ٿي بيٺو. چار پوريءَ وڇوٽيءَ تي بيٺل ڪاٺيون جي رومال کان اٽڪل پنج انچ مٿي هيون، سي هر هڪ پاسي ڇڄهريءَ وانگي ڪم آيون، جڏهن اهو ڪري رهيس، تڏهن شهنشاهه کي عرض ڪيم ته هاڻي پنهنجن چوويهن فوجي گهوڙي وارن کي حڪم ڏئي ته انهيءَ ڍڪيل ميدان تي اچن ۽ گهوڙا ڊوڙائين.
شهنشاهه منهنجي اها رٿ پسند ڪئي ۽ مون انهن کي گهوڙي چڙهيل ۽ هٿيارن ٻڌل هڪڙو هڪڙو ڪري پنهنجي هٿن ۾ مٿي کڻي تاڻيل رومال تي رکيو. سندن عملدار قواعد ڪرائڻ وارا به ساڻن گڏ هئا. جڏهن ترتيبوار بيهي ويا، تڏهن ورهائجي دفعا دفعا ٿي ويا ۽ ڪوڙيون لڙايون ڪرڻ لڳا. مڏا تير ڇوڙيائون، تراريون ڪڍيائون، ڀڳا، هڪٻئي جي پٺيان پيا، ڪاهون ڪيائون، پٺتي هٽيا، مطلب ته اهڙو عمدو جنگي قواعد ڏيکاريائون، جنهن جهڙو مون اڳي ڪو ٿورو ڏٺو هوندو.
پوريءَ وڇوٽي تي بيٺل ڪاٺين هنن کي ۽ هنن جي گهوڙن کي تماشي جي ميدان تي ڪرڻ کان بچايو. شهنشاهه انهيءَ تماشي تي اهڙو خوش ٿيو، جو هن ڪيترن ڏينهن تائين انهيءَ جي وري ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ۽ هڪڙي ڀيري ته سندس حڪم موجب کيس مٿي چاڙهيو ويو ۽ پاڻ لشڪر کي قواعد ڪرايائين. ڏاڍيءَ مشڪلات سان هن راڻيءَ کي ٺڳاري اها ڳالهه قبول ڪرائي ته آءٌ هن کي ڪرسيءَ سميت کڻي تماشي واريءَ جاءِ يعني سيٽيل رومال، کان ٻن يارڊن جي انداز اندر جهليان، جتان هوءَ سارو تماشو چڱي طرح ڏسي سگهي.
اها منهنجي لاءِ خوش نصيبيءَ جي ڳالهه هئي، جو انهن تماشن تي ڪوبه خراب اتفاق نه ٿيو، فقط هڪڙي ڀيري ڪنهن ڪپتان جو شوخ گهوڙو، مستي ڪندي ۽ سنب هڻندي، پنهنجو پير منهنجي رومال جي هڪڙي ٽنگ ۾ اٽڪائي وڌو ۽ ٿاٻو کائي پاڻ به ڪريو ۽ سوار کي به ڪيرائي وڌائين. پر مون هڪدم ٻنهي کي ڇڏائي سنئون ڪيو، ۽ هڪڙو هٿ ٽنگ تي ڏيئي ٻئي هٿ سان ساريءَ فوج کي هڪڙو هڪڙو ڪري لاهي هيٺ ڪيم، جيئن مٿي چاڙهيو هو مان، جيڪو گهوڙو ڪريو هو، تنهن کي کٻي ڪلهي تي ضرب رسي هئي، پر سوار کي ڪوبه ايذاءُ ڪونه پهتو، مون پنهنجي رومال کي مٿان هڻي مرمت ڪري ڇڏيو پر وري انهيءَ کي اهڙي تماشي لاءِ ڪم نه آندم، جو ڄاتم ته اهو اهڙو مضبوط نه آهي.
آءٌ آزاد ٿيس تنهن کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳي، مون شهنشاهه ۽ ان جي درٻار وارن کي انهيءَ قسم جي تماشي سان خوش ويٺي ڪيو، ته هڪڙي قاصد اچي شهنشاهه کي ٻڌايو ته جنهن هنڌ آءٌ پهرين هٿ ڪيو ويو هوس، اتي سندس رعيت مان ڪن ماڻهن وهٽن تي لنگهندي زمين تي ڪا وڏي ڪاري شيءِ پيل ڏٺي آهي، جا عجيب شڪل جي آهي ۽ انهيءَ جا پاسا چوڌاري پکڙيل آهن ۽ ايترو ڪشادا آهن جيترو شهنشاهه جي سمهڻ جو ڪمرو آهي ۽ انهيءَ جو وچ ماڻهوءَجي قد جيترو مٿي آهي.
هنن چيو ته اهو ڪو ساهه وارو جانور ناهي، جيئن پهرين هنن کي خطرو هو، ڇالاءِ جو اهو گاهه تي چُرڻ کان سواءِ پيو آهي ۽ منجهان ڪيترا هن جي چوڌاري گهڻائي دفعا ڦري آيا هئا. هنن ايترو به ٻڌايو ته هڪٻئي جي ڪلهن تي چڙهي هو انهيءَ جي چوٽيءَ تائين به چڙهي آيا هئا، جا سنئين ۽ چپتري هئي، ۽ پيرن سان ڌڪ هڻي به ڏٺو هئائون ته اندران اُها شيءِ پوري آهي. هنن ڀانيو ته اها انهي جبل جهڙي ماڻهوءَ جي ڪا شيءِ هوندي. هنن چيو ته جي شهنشاهه اجازت ڏئي ته اهو ان کي فقط پنجن گهوڙن سان گهلي کڻي اچن.
جڏهن مون هنن جي ڳالهه ٻڌي تڏهن هڪدم سهي ڪيم ته اها ڪهڙي شيءِ آهي، ۽ اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش به ٿيس، ڀانئجي ٿو ته جهاز ڀڄڻ کان پوءِ جڏهن آءٌ ڪناري تي پهتس، تڏهن اهڙيءَ وٺ پڄ ۾ هوس، جو جتي آءٌ اچي سمهي پيو هوس، انهيءَ هنڌ پهچڻ کان اڳي منهجي ٽوپي پاڻيءَ ۾ ڪري پئي هئي. جڏهن مون بتيلي کي ڳن پئي هنيو، تڏهن انهيءَ کي ڌاڳو ٻڌي پنهنجي مٿي سان اٽڪائي ڇڏيو هوم. ۽ ترڻ مهل به مون سان اٽڪي پيئي هئي. پر شايد اتفاق سان ڌاڳو ڇڄي پيو هو، ۽ جڏهن ڪناري تي پهتس، تڏهن مون کي نظر نه آئي. ڀانيم ته سمنڊ ۾ ڪري پيئي آهي.
مون شهنشاهه کي عرض ڪيو ته جيترو جلد ٿي سگهي اوترو جلد اها شيءِ مون کي آڻائي ڏين، ۽ بيان به ڪري ٻڌايو مانس ته اها ڪهڙي شيءِ آهي ۽ ڪهڙي ڪم ايندي آهي. ٻئي ڏينهن گاڏين وارا اها کڻي آيا، مگر تمام چڱي حالت ۾ نه هئي. انهن انهيءَ جي ڪُني ۾ وٽ کان ڏيڍ انچ اندر ٻه ٽنگ ڪڍيا هئا، ۽ انهن ۾ ٻه ڪڙا کڻي ٻڌا هئائون ۽ انهن ڪڙن ۾ رسا وجهي کڻي گهوڙن سان ٻڌا هئائون ۽ انهيءَ طرح ميل کن پنڌ جو زمين تي گهلي منهنجي ٽوپي کڻي آيا. پر اُنهيءَ ملڪ ۾ زمين تمام سنئين ٿي ٿئي، تنهن ڪري ٽوپيءَ کي اهڙو نقصان نه رسيو جهڙي جو ڊپ هوم.
انهيءَ واردات کان ٻه ڏينهن پوءِ شهنشاهه حڪم ڏنو ته لشڪر جو جيڪو ڀاڱو سندس تختگاهه ۾ يا انهيءَ جي آسپاس منزل انداز هو، سو تيار ٿئي. هن کي اوچتو خيال آيو ته پاڻ کي هڪڙي تمام حيرت جهڙي رستي سان وندرائي. هن مون کي چيو ته جيترو ٿي سگهي ٽنگون ڦاڙي بيهه، تنهن کان پوءِ سندس جنرل يا سپهه سالار، جو ٻڌو ۽ هوشيار قواعد دان عملدار هو ۽ منهنجو وڏو دوست هو، تنهن کي حڪم ڏنائين ته لشڪر صفون ٻڌي بيهاري منهنجي هيٺيان هلائي. اهڙيءَ طرح جو پيادا قطار قطار ۾ چوويهه ڄڻا هجن ۽ سوار سورنهن سورنهن ۽ دهل به وڄائيندا، نيزا ۽ جهنڊا کڻندا هليا هلن. انهيءَ فوج ۾ ٽي هزار پيادا سپاهي ۽ هڪ هزار سوار هئا.
مون شهنشاهه کي پنهنجي آزادي لاءِ ايتريون درخواستون ڪيون هيون، جو هن نيٺ پهرين خانگيءَ طرح پنهنجن خاص مشيرن سان صلاح ڪئي ۽ پوءِ ڀريءَ درٻار ۾ وزيرن سان صلاح ڪئي. ملڪ جو امير البحر ڪنهن سبب ڪري ناحق منهنجو جاني دشمن ٿي پيو ۽ منهنجي آزاد ٿيڻ جي برخلاف هو. پر راين جو غلبو منهنجي فائدي ۾ هو، تنهن ڪري شهنشاهه به انهن جي راءِ منظور ڪئي، انهيءَ امير کي به نيٺ ريبي ريبي منظور ڪرايائون، مگر انهيءَ شرط سان ته هو شرط لکي تيار ڪندو، جن جي بجا آڻڻ لاءِ آءٌ هر قسم کڻندس ۽ پوءِ مون کي آزاد ڪندا. اهي شرط خود اهو ئي امير پاڻ مون وٽ کڻي آيو، ۽ ساڻس ٻيا ڪيترائي معزز ماڻهو هئا.
پهرين ته اُهي مون کي پڙهي ٻڌايائون، پوءِ مون کي چيائون ته ”هاڻ قسم کڻ ته انهن شرطن تي هلندين، ۽ پهرين تون پنهنجي ملڪ جي رسم موجب ۽ پوءِ اسان جي قاعدي موجب اهي بجا آڻيندين.“ هنن جو دستور اهو هو ته آءٌ پنهنجو سڄو پير کٻي هٿ ۾ جهليان ۽ پنهنجي سڄي هٿ جي وچين آڱر پنهنجي مٿي جي چوٽيءَ تي رکان ۽ پنهنجو آڱوٺو پنهنجي سڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي رکان.
پر شايد پڙهندڙ کي شوق هوندو ته ڏسي ته اهي شرط ڪهڙي قسم جا هئا، جن تي مون کي ڇڏيائون، تنهنڪري اهي آءٌ هيٺ ڏيان ٿو.
1. ”جبل جهڙو ماڻهو اسان جي ملڪ مان اسان جي وڏيءَ مهر لڳل اجازت نامي کان سواءِ نڪري نه ويندو.“
2. ”اسان جي صاف حڪم کان سواءِ هو اسان جي خاص شهر ۾ نه ايندو ، جڏهن اهڙو حڪم ڏبو، تڏهن هتي جي رهاڪن کي ٻه ڪلاڪ اڳي اطلاع ڏبو ته گهرن جي اندر رهن.“
3. ”هو فقط اسان جي شاهي سڙڪن تي هلندو، ۽ ڪنهن به گاهه جي ميدان يا گاهن جي ٻنيءَ ۾ نڪي گهمندو، نڪي سمهندو.“
4. جڏهن سڙڪن تي هلندو، تڏهن ڏاڍي خبرداري ڪندو ته اسان جي پياري رعيت مان ڪنهن جي به بدن يا گاڏين يا گهوڙن کي لتاڙي نه ڇڏيندو. نڪي هنن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪنهن کي پنهنجن هٿن ۾ کڻندو.“
5. ”جيڪڏهن ڪو ضروري تڪڙو حڪم ڪٿي موڪلڻو هوندو ته اهو جبل جهڙو ماڻهو پنهنجي کيسي ۾ قاصد ۽ سندس گهوڙي کي مهيني ۾ هڪ ڀيرو ڇهن ڏينهن جي پنڌ تائين کڻي ويندو ۽ جي ضرور ٿيو ته انهيءَ کي موٽائي اسان جي حضور ۾ آڻيندو.“
6. ”هو بليفسڪو جي ٻيٽ ۾ اسان جن دشمنن جي برخلاف اسان جي دوستيءَ ۾ رهندو ۽ هنن جي لشڪري جهاز کي ناس ڪرڻ ۾ وس پڄندي ڪوشش ڪندو، جو اهڙا جهاز اسان تي ڪاهه ڪرڻ جي لاءِ پيا سنبرن.“
7. ”اهو جبل جهڙو ماڻهو فرصت جي وقت اسانجن ڪم ڪندڙن کي مدد ڪندو ته اسان جي مک باغ ۽ ٻين شاهي عمارتن جي ڀتين جي مٿان رکڻ لاءِ وڏا پهڻ کڻن.“
8. هو ٻن مهينن جي عرصي ۾ اسان جي ساري ملڪ جي چوڌاري ڪناري سان گهمي ٻڌائيندو ته ڪيتريون وکون آهن.“
9. ”پڇاڙيءَ ۾ هو قسم کڻي انجام ڪندو ته مٿين شرطن تي پوريءَ طرح هلندو، ۽ هن کي اسان جي رعيت مان 1728ع ماڻهن جيترو کاڌو پيتو هر روز ملندو رهندو، هو اسان جي حضور ۾ آزاديءَ سان پيو ايندو، ۽ اسين هن تي ٻيون به مهربانيون ڪندا رهنداسون.“
”هي پيلفا بوراڪ ۾ اسان جي محلات منجهه اسان جي راڄ جي ايڪانوي مهيني جي ويهين تاريخ لکيو ويو.“
مون گهڻي خوشيءَ ۽ رضا سان هي شرط قبول ڪيا، جيتوڻيڪ انهن مان ڪي منهنجي خيال ۾ آبرو جهڙا نه هئا. اها سڀ حرڪت انهيءَ وڏي امير البحر جي هئي، جنهن جي مون سان دشمني هئي. تنهن کان پوءِ هڪدم منهنجا زنجير لاهي ڇڏيائون ۽ مون کي آزاد ڪيائون. شهنشاهه پاڻ انهيءَ سڄي ڪار گذاريءَ ۾ حاضر رهڻ سان مون کي عزت بخشي، انهيءَ جي شڪر گذاريءَ ۾ مون سندس پيرن تي سجدو ڪيو، پر هن مون کي اُٿڻ لاءِ فرمايو. گهڻي مهربانيءَ جي گفتن کان پوءِ هن چيو ته ”آءٌ اميد ٿو ڪريان ته تون ڪمائتو خدمتگار ٿيندين ۽ جيڪي مهربانيون هن کان اڳي توسان ڪيون اٿئون ۽ جيڪي هن کان پوءِ ڪنداسين، تن جو پاڻ کي لائق ڪندين.“