ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/مقدمو

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
مقدمو

سنڌ جي شاعرن مان جن تي حيات جاويد جو نوراني تاج جڳ مڳ ڪري رهيو آهي، ڪنڊڙيءَ (تعلقي روهڙي) جي درويش شاعرن جا نالا خصوصيت سان وٺڻ جي لائق آهن. هنن عظيم شاعرن جي گروهه جو سرچشمو ۽ مقتدا، صوفي فقير ”روحل“ آهي، جنهن جي پـُـر ڪيف ميخاني جو فيض نسلاً بعد نسل جاري رهندو آيو--- پيءُ پٽ جو، ڀاءُ ڀاءُ جو، چاچو ڀائٽي جو، سلسليوار خضر بڻيو رهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ خاندان قريب قريب ٻن صدين کان سنڌي شاعريءَ جي شمع کي روشن رکندو آيو. سنڌ وارن تي هي سندن فراموش نه ٿيڻ جهڙو احسان هميشه ڳائبو ۽ ساراهبو رهندو.

روحل فقير ذات جو زنگيجو هو، جيئن پنهنجي ڪلام ۾ هڪ هنڌ ان جو ذڪر ٿو ڪري:

لوڪ آکي هي ”روحل“ ٻوليندا،
ڪوئي آکي هڳ ذات زنگيجا،
نهين روحل، نهين ذات زنگيجا،
اي ڪو سـر اِلاهي هڳ.

فقير صاحب جي والد جو اسم گرامي شاهو فقير هو، جيئن پنهنجيءَ تصنيف ”آگم وارتا“ ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿو:

سـيـلڳ سنگي، ست ساٿي، پر گهٽ آئــڳ،
پورنماس چڪورا آيا، گهر شاهوڪــڳ پائــڳ.

(حيا ۽ سچ جو ساٿي ظهور ۾ آيو، چوڏهينءَ جي چانڊوڪيءَ ۾ چڪور آيو، ۽ شاهو جي گهر ۾ پيدا ٿيو.)

ٻئي هنڌ ساڳيءَ تصنيف ۾ چوي ٿو:

باپ ميرا شاهو ناهين، اُس گهر نهين مات،
جنني هم جايا نهين، ڪال ورن هم نهين جات.

(منهنجو پيءُ شاهو نه آهي، نه وري ان گهر ۾ منهنجي ڪا ماءُ ئي آهي: مان ڪنهن مان به نه ڄائو آهيان، ۽ نه وري موت جي هٿن ۾ وڃڻ وارو آهيان.)

بهرحال، جيئن فقير صاحب لکي ٿو، سندس والد بزرگوار جو نالو فقير شاهو هو.

فقير صاحب جو اصل وطن ٿر هو. هو عمرڪوٽ جي ڀرسان ڪنهن ڀـِـٽَ جو رهندڙ هو. ريگستان جي زمين تي ڄائو، گولاڙن ۽ گگرين ۾ پلجي وڏو ٿيو. افسوس جو مون کي سندس ولادت جي پڪي تاريخ دستياب ٿي نه سگهي آهي، مگر تاريخي واقعات جي ملائڻ سان تخمينو لڳائي سگهجي ٿو. فقير صاحب پنهنجي تصنيف ”آگم وارتا“ جوڌپور جي والي، راجا بجيه سنگهه، لاءِ تصنيف ڪئي هئي. هيءَ تصنيف سوال ۽ جواب جي صورت ۾ آهي. راجا جي درباري پنڊت، ايسرسنگ، راجا جي سامهون فقير صاحب کان سوال ڪيا ٿي، جن جا جواب فقير صاحب ڏيندو ٿي رهيو.
هن تصنيف جو جامع لکي ٿو: ”سنمپاد روحل صاحب اور شري راجا بجيه سنگهه جي.“ (روحل صاحب ۽ راجا بجيه سنگهه جي سامهون.) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته فقير صاحب بجيه سنگهه جو همعصر هو. راجا بجيه سنگهه ، ميان نور محمد ڪلهوڙي[1] ، ميان غلام شاهه، ميان سرفراز ۽ ميان عبدالنبيءَ جو همعصر هو. سنڌ جي هنن تاجدارن مان، ميان غلام شاهه ئي سنڌ تي طويل عرصو حڪومت ڪئي. ميان سرفراز ۽ ميان عبدالنبيءَ جي حڪومت جو دور کهنبي جو چٽڪو هو. راجا بجيه سنگهه جي ابتدائي دور ۾ ميان نورمحمد فوت ٿي ويو. سنڌ جي تاريخ مان جيئن معلوم ٿئي ٿو، هن ئي راجا، مير بجار جي شهادت لاءِ پنهنجا ماڻهو سنبرائي موڪليا هئا. هالاڻيءَ جي جنگ (1783ع) وقت، جا مير فتح علي ۽ ميان عبدالنبيءَ جي وچ ۾ لڳي هئي، بجيه سنگهه جوڌپور جو حاڪم هو. کيس ئي سنڌ جي بدنام حاڪم ميان عبدالنبيءَ، عمرڪوٽ جو قلعو ۽ ان جي ڀر وارو ملڪ ڏيئي ڇڏيو هو. هن سڄي تفصيل ڏيڻ منجهان مراد آهي ته معلوم ٿئي ته فقير روحل ڪهڙي وقت، راجا بجيه سنگهه سان ملاقات ڪئي هئي. جيئن هيٺ هلي تفصيل مان معلوم ٿيندو ته فقير صاحب ميان سرفراز جي حڪومت جي دور ۾ ترڪ دنيا ڪري، سير ۽ سفر تي نڪري پيو هو. ان وقت ۾ هو ڪافي عمر جو ٿي چڪو هو. قياساً جيڪڏهن ان وقت سندس عمر 40 ورهيه شمار ڪئي وڃي، ته سندس ولادت جو سال 1733ع يا 1734ع[2] ٿي سگهي ٿو، هن بحث ۾ قياس کان ئي ڪم ورتو ويو آهي. ممڪن آهي ته هن اندازي ۾ ٿورو تفاوت هجي، پر ان کي ڪا ايڏي اهميت نه آهي. والله اعلم بالصواب.
شاهو فقير کي ٽي پٽ هئا. وڏي جو نالو سلطان ۽ ننڍي پٽ جو نالو ميوو هو، روحل فقير وچون هو. روحل فقير جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ هن ڪهڙي تعليم حاصل ڪئي، سي حالات تاريڪيءَ ۾ آهن. پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته سندس تعليم سٺي نموني ۾ ٿي. سندس ڪلام جي پختگيءَ ۽ روانيءَ کي ڏسي، يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته کيس سنڌيءَ سان گڏ، فارسيءَ ۽ عربيءَ جي به چڱي لياقت هئي. جيئن ته ٿر جي حصي جو رخ جوڌپور ۽ جيسلمير رياستن ڏي آهي، جتي هنديءَ جو زياده رواج هو، فقير صاحب هنديءَ کي به حاصل ڪري ورتو هو. هنديءَ تي کيس ڪافي عبور حاصل هو، جيئن اسان کي سندس هندي تصنيفات مان نظر اچي ٿو.
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، جڏهن فقير صاحب جوانيءَ جي سن کي پهتو، تڏهن اُن وقت ڪلهوڙن جي دربار ۾ سندس رسائي ٿي. جيئن سندس خانداني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، هو راڄو ليکيءَ جو ماسات هو، جو نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾، سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو هو ۽ ميان غلام شاهه جي حڪومت جي دور ۾ ترقي ڪري، وزير جي عهدي تي وڃي پهتو هو. غلام شاهه جي حڪومت جي دور ۾ ٻن شخصيتن وڏي حيثيت حاصل ڪئي هئي ـــ هڪ مير بهرام ۽ ٻيو راڄو ليکي. ليکي وڏو دورانديش شخص هو. حڪومت ۾ پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ، هن پنهنجي عزيزن ۽ قريبن مان گهڻن کي سرڪاري ملازمت ۾ آندو. جيئن زباني روايتون آهن، راڄو ليکيءَ جي مدد سان، روحل فقير به سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو.
ميان غلام شاهه، فقير صاحب جي خصلتن کان پوريءَ ريت واقف هو ــــــ سانتيڪو مزاج، نهٺي طبيعت، هوَس ۽ حرص کان دور. ميان صاحب سندس سر پرست بڻجي پيو. هوريان هوريان، ترقي ڪري، روحل فقير توشاخاني جو ناظر مقرر ٿيو. هيءُ عهدو ڪا ٿوري شيءِ نه هئي، مگر هو ان رتبي تي پهچڻ کان پوءِ به اڳي وانگر نهٺو ۽ سادگيءَ جي صورت بڻيو رهيو. ان زماني ۾ به هو ”دست به ڪار ۽ دل به يار“ جو نمونو ٿي رهيو.
فيضان الاهي جڏهن ڪنهن دل کي پنهنجي لاءِ انتخاب ڪندو آهي، ته ان ۾ انساني شرف جون سڀيئي سعادتون اڳ ۾ ئي موجود ٿي وينديون آهن. روحل فقير جي به پاڪيزه دل اهڙيءَ ريت انوارِ الاهيءَ جي جلوي لاءِ پئي تيار ٿي. اوچتو ئي اوچتو سن 1722ع ڌاري، سنڌ جو ڪريم النفس حاڪم ميان غلام شاهه گذاري ويو ۽ سندس فرزند ميان سرفراز حڪومت جون واڳون ورتيون. جواني ۽ الهڙ پڻ، سياست کان ناواقفي-- اِهي اهڙيون شيون هيون، جي نوجوان تاجدار کي بي احتياطيءَ جي طرف وٺي ويون. هو راڄو ليکيءَ جي هٿن ۾ کيڏي رهيو هو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو هو پنهنجي قديم خانداني محسن، مير بهرام کان ڪشيده ٿي ويو. فقير صاحب اگرچه راڄو ليکيءَ جو طرفدار هو ۽ سندس ئي ماڻهو ٿي سمجهيو ويو، پر حق ۽ صداقت کيس متاثر ڪيو. مير بهرام جي خلاف منصوبن کي ڏسي هو لرزي اٿيو. سندس دل ته هن ست رنگيءَ دنيا کان اڳ ئي بيزار هئي. خالي نالي ۽ نمود کان هو گهڻو پري هو، پر هاڻي سندس علمي مطالعو به وسيع ٿي ويو. هن ڄاتو ٿي ته هنن منصوبن جو نتيجو ڇا نڪرندو. هن دنيا جي شان شوڪت، مال ۽ دولت جي بي جٽاءَ ڪڪر جي ڇانوَ کي قريب ٿي ڏٺو. هٿ ۾ استعيفا جو ڪاغذ کڻي، ميان سرفراز جي دربار ۾ پهتو. ميان جي طبيعت ۾ ته هو تبديلي ۽ اصلاح آڻي نٿي سگهيو، ان ڪري سندس ترڪ ملازمت جو پختو عزم هو، هو هڪ قديمي ملازم هو، جو پنهنجي تجربيڪاريءَ ۽ ديانتداريءَ کان مشهور هو، تنهنڪري ميان سرفراز سندس استعيفا کي منظور ڪرڻ ۾ تامل کان ڪم ورتو ۽ پاڻ وٽ رهڻ لاءِ مٿس زور ڪيائين. مگر فقير صاحب جو فيصلو اٽل هو. ميان صاحب آخر رنج ۽ مجبور ٿي، کيس پاڻ کان ڌار ڪيو.
ڪيڏي نه خوش نصيب زندگي آهي انهن آزاد انسانن جي، جي دنيا جي باطل هوَس کان بچي، ان جي ڦندن ۽ ڦيرن مان نڪري، انسانيت جي صحيح شاهراهه تي قدم رکن ٿا، ۽ پوءِ ”لاخوف عليهم ولا يحزنون“ جي مرتبي تي پهچن ٿا. فقير صاحب دنيا کان بيزاريءَ جو منظر هيئن ٿو ڏيکاري:
دنيا ڍونڍ تي طالب ڪتي ٻيٺا مل عمر تاڻي،
هڏي آتون هوڏ تنهان دي وڙهندڳ عمر و هاڻي،
انڌيان عشق الله دا ڇوڙيا، پئڳ ولوڙن پاڻي،
”روحل“ راهه ربانيءَ ٻاجهون ٻي سڀ ڪوڙ ڪهاڻي.
خواجه حافظ پنهنجي غير فاني ڪلام ۾ مٿينءَ حقيقت جو نقش هيئن ٿو ڪڍي:

غلام همتِ آنم ڪ زير چرخِ ڪبود،
ز هرچہ رنگ تعلق پز يرد آزاد است.

(مان اُن شخص جي مردانه صحت جو بندو آهيان، جو هن آسمان جي هيٺان رهي، هرهڪ اهڙيءَ ڳالهه کان، جنهن کان ڪنهن لڳ لاڳاپي جو رنگ دل تي چڙهي ٿو، آزاد آهي.)

هيءُ ڪو آسان ڪم نه آهي. ڪنهن جي دل چاهيندي ته هو دنيا جي شان ۽ شوڪت کان علحده ٿي، دولت جي راحت ۽ دنيائي عيش جي اسباب کي پٺ ڏئي! اهوئي سبب آهي، جو انساني حيات جي مفڪرن، نفس جي جهاد کي جهاد اڪبر سڏيو آهي.
فقير صاحب هن جهاد اڪبر ۾ سوڀ لهي، سڀ کي ترڪ ڏيئي صراط المستقيم جي طرف قدم وڌايو. هو پنهنجي وطن مالوف ٿر ۾ پهتو ۽ عمرڪوٽ جي ڀرسان پدمات جي پٽ تي وڃي گوشي نشين ٿيو.
زباني روايتن مان هڪ روايت سندس ترڪ ملازمت جي لاءِ هيءَ به ٻڌي وڃي ٿي، ته هڪ ڀيري جو ذڪر آهي ته ڪي عربستان جا سوداگر ميان غلام شاهه جي درٻار ۾ آيا. هنن ڪيتروئي اسباب ميان کي ڏيکاريو، ميان انهن مان ڪيتروئي پسند ڪري، خريد ڪيو. جڏهن خريد جو معاملو گذري چڪو، تڏهن سوداگرن ميان کي هڪ ڪپڙي جي جوڙي سوکڙيءَ طور ڏني، جنهن تي سارو قرآن شريف، وڏيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻيو ويو هو. ميان اها جوڙي ادب سان وٺي، روحل فقير کي هيئن چئي سنڀاري لاءِ ڏني، ته ”هن کي توشاخاني ۾ حفاظت سان رکج، جڏهن مان مران ته مون کي انهيءَ چادر ۾ رکيو وڃي.“
”جڏهن ميان غلام شاهه وفات ڪئي ۽ سندس وڏو پٽ سرفراز خان سنڌ جو والي ٿيو، تڏهن روحل فقير مٿين جوڙي ميان سرفراز خان کي آڻي ڏني ۽ کيس سندس والد جي وصيت ٻڌايائين. ميان سرفراز هيءَ ڳالهه ٻڌي- اڻٻڌي ڪري ڇڏي، ۽ اها جوڙي روحل فقير کي موٽائي ڏنائين ته ”وڃي توشاخاني ۾ رک، ڇاڪاڻ ته مان ان جوڙيءَ مان پنهنجو ڪفن ڪندس.“ هن واقعي روحل جي دل کي وڏي چوٽ رسائي، ۽ هن توشاخاني جون ڪنجيون ميان سرفراز کي سنڀاري ڏنيون.“
جيتريقدر هن حقيقت جو تعلق آهي، مون کي هن جي قبول ڪرڻ ۾ تامل آهي. هن روايت جي اندر ڪابه صداقت نظر نٿي اچي. ميان سرفراز جي سياسي ناعاقبت انديشي پنهنجيءَ جاءِ تي آهي، پر هي سندس اخلاق ۽ وضع تي وڏو حملو آهي، جنهن کي بهتان چئجي، ته به بجا آهي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به مورخ سندس اخلاق تي ڪو رقيق يا ناپسند حملو نه ڪيو آهي. هو هڪ صالح نوجوان هو، اُن وقت جي بزرگن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ حضرت فقير الله صاحب علويءَ سان سندس بيحد تعلقات هئا. حضرت فقير الله جي مڪتوبات ۾ ميان سرفراز جا لکيل خط موجود آهن، جن مان سندس غير معمولي خصوصيتن جو اظهار ٿئي ٿو. هو پاڻ به وڏو عالم ۽ شاعر هو. اهڙو ماڻهو اهڙي ناشائسته حرڪت ڪري، ڪڏهن به اعتبار ۾ اچي نٿو سگهي. هڪ بادشاهه وٽ اهڙيون جوڙيون ميسر ٿي پئي سگهيون. نادر الوجود شيءِ ئي ڇو نه هجي، پر جڏهن هڪ ڪاريگر ان کي تيار ڪري پئي سگهيو، ته ان ايجاد کي وري وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه ٻي شيءِ مانع ٿي نٿي سگهي. جا شيءِ دستياب ٿي سگهي ٿي، ان ۾ پٽ، پيءُ لاءِ بخل ڪري، پٽ به اهو جو صالح ۽ عالم، پيءُ اهو جو لائق بادشاهه ۽ عالم، ڪڏهن به اعتبار ۾ اچي نٿو سگهي.
جيئن مختلف روايتون موجود آهن، پدمات جي پـَـٽ تي ٿوري وقت جي گوشي نشينيءَ کان پوءِ فقير صاحب جهوڪ ميرانپور روانو ٿي ويو ۽ اتي شاهه عنايت الله صوفي شهيد جي مزار تي معتڪف ٿي رهيو. اعتڪاف کان پوءِ، اتان جي سجاده نشين شاهه عزت الله جي معتقدين ۾ شامل ٿي ويو. شاهه عزت الله شاهه شهيد جو فرزند ارجمند، ان وقت جي بزرگن ۾ بلند درجو رکندڙ هو، جيئن علي شير ”قانع“ لکي ٿو[3] :
”جو ڪجهه سندس زبان مان نڪري ٿو، اهو تقدير سان موافقت رکي ٿو. سواليءَ جي سوال کان اڳ ۾ ئي، سندس ڪرامت ڀريءَ زبان تي ڳالهيون اچي ٿيون وڃن. منهنجو ناقص قلم، هن خاندان جي بزرگيءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون لکي.“
جهوڪ ميرانپور مان پنهنجي تشنگي مٽائي، هو پنهنجي وطن موٽيو. ان زماني جي ڳالهه آهي ته ڪن منصوبي بازن، ميان سرفراز جا ڪن وڃي ڀريا ته روحل فقير توشاخاني جو سمورو سامان سنڀاري نه ڏيئي ويو آهي. هن بي بنياد تهمت کي سندس مخالفن اهڙي رنگ ۾ ميان صاحب کي ٻڌايو، جو هن حڪم ڏنو، ته سپاهين کي موڪليو وڃي ته هو فقير صاحب کي گرفتار ڪري اچن. شاهي حڪم موجب سپاهي پدمات جي پٽ تي وڃي پهتا، جتي روحل فقير جو هاڻي آستانو هو. فقير صاحب کي گرفتاريءَ جي حڪم کان آگاهه ڪيائون، جنهن تسليم لاءِ ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو ته ”بابا سڀاڻي هلنداسون.“ پر اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڏينهن صبح جو هيءَ خبر اڏرندي پهتي ته مير بهرام جي شهادت کان پوءِ ميان سرفراز تخت تان دست بردار ٿي چڪو آهي. سرڪاري ماڻهن کي جڏهن هيءَ خبر پيئي، ته هو فقير صاحب کي پنهنجي حال تي ڇڏي، پوئتي موٽيا.
فقير صاحب جي مرشد بابت هڪ روايت مطابق چيو وڃي ٿو، ته
فقير صاحب پنهنجي مرشد جي نالي کي ئي مخفي رکي ڇڏيو هو، جنهنڪري سندس نالو اڄ تائين ڪنهن کي به معلوم ٿي نه سگهيو آهي. جيستائين مسلمان صوفين جي مشرب جو واسطو آهي، سڀئي تذڪرا هن حقيقت سان معمور آهن ته هر صوفي پنهنجي رهبر ۽ رهنما جي نسبت جو خصوصيت سان ذڪر ڪيو آهي، جنهن کي خير ۽ برڪت ڄاتو ٿي ويو. روحل فقير هڪ مسلمان صوفي هو، ان ڪري اهڙي لا علمي حقيقت تي اعتبار ئي نٿو ڪري سگهجي.
هن ئي سلسلي جي ٻي روايت آهي ته هو هڪ هندو فقير ڏونگرسي مهراج جو فيض يافته هو، جو ٿرپارڪر جي طرف چڱو ساڌ سنگت وارو ساڌو ٿي گذريو آهي. عين ممڪن آهي، ته فقير صاحب ساڻس صحبت ڪئي هجي. اڪثر مسلمان صوفين، هندو ساڌن سان صحبت ڪئي آهي ۽ هندو ساڌن مسلمان درويشن سان روح اٽڪايو آهي. ڏونگرسي هندي زبان جو ڪوي ٿي گذريو آهي، ٿي سگهي ٿو ته فقير صاحب سندس ڪـِـوتا مان استفاده ڪيو هجي. ڏونگرسي مهراج جو هڪ شبد مثال طور ڏيان ٿو:

ڀڄن ويچارو موري ڀائيو

ڀنورا من ڀرمائيو
پهلي ڪمائي جانري پرکيو
مول گنوايو اُنهان مولان


من اپنا هاٿ رک لو
”ڏونگر“ پوري ٻوليا
من موهيلا
من موهيلا

پيچهي ڪيسا پڇتائيو
جنم چوراسي منهن جائيو
من موهيلا

چرنين منهن لگائيو
جسم ڪـُـٻڌ نه لي جائيو
من موهيلا

روحل فقير پنهنجي حياتيءَ جو وڏو حصو سير ۽ سياحت ۾ گذاريو. جوڌپور ۽ بيڪانير جي حصن جو هن خوب سير ڪيو. جنهن جاءِ تي پهتو ٿي، اتي سندس روحاني فيض کان سوين ماڻهو پئي سيراب ٿيا. پنهنجي مريدن کي اڪثر جوڳ جي پاکر ڏيندو هو اُن ڪري جوڳي فقير سندس ارادتمندن ۾ داخل آهن. هن سير ۽ سفر جي سلسلي ۾، سندس ملاقات جوڌپور جي راجا بجيه سنگهه سان به ٿي، جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. فقير صاحب ڪجهه وقت جوڌپور ۾ رهي، راجا کي صوفيانه مسلڪ کان واقف ڪرڻ لاءِ، پنهنجي تصنيف ”آگم وارتا“ رچي، جنهن جي پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو هندو ڌرم ۽ ويدانت جي هر نڪتي کي پوريءَ ريت ڄاڻندو هو. سندس هن روحاني ڪمال کي ڏسي، راجا سندس معتقدن ۾ شامل ٿي ويو. هن مٿس زور ڀريو ته اتي ئي رهي پوي، پر هن مستقل سڪونت اختيار ڪرڻ اڃا پسند نٿي ڪئي.
هاڻي سندس زندگيءَ جي شام اچي ٿي هئي. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو ٿي چڪو هو. مير فتح علي خان سن 1783ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ فتح ڪري، سنڌ جو حاڪم بڻيو. ٻئي سال ميرن ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. خيرپور وارو حصو مير سهراب خان کي مليو. مير سهراب خان کي خبر هئي ته فقير صاحب ڪهڙيءَ ريت مير بهرام جو پاسو کڻي، حق ۽ صداقت جي سر پرستيءَ ۾ پنهنجي ملازمت کي ترڪ ڪيو هو. ان کان سواءِ هو هاڻي سندس روحاني عظمت جو به قائل ٿي چڪو هو. هن کيس لکي موڪليو ته سندس ملڪ ۾ جتي به هو پنهنجي رهائش لاءِ جاءِ انتخاب ڪري، اها کيس جاگير طور ڏني ويندي. مير سهراب خان جي هن محبت ڀريءَ دعوت جو فقير صاحب تي وڏو اثر پيو. جاگير جي وٺڻ کان ته فقير صاحب انڪار ڪيو، پر سندس ملڪ ۾ رهڻ قبول ڪيائين. سندس ساٿي فقير مراد، ميرن جي لاءِ هيئن دعا ڪئي:
باري پروردگار، ڪيا وڻ ڪامل ڪڪاڙين جا،
ٽاريون ٽالپرن جون، ٿـِـيـَـڙيون باغ بهار،
سي مرڪن شال ”مراد“ چئي، سنڌ صوبي سردار،
جن ڏنو ڏيهه ڏاتار، مر کائن خان خوشيءَ سان.

مير صاحب جي هن دعوت کي قبول ڪندي، فقير صاحب خود به چاهيو ٿي ته هاڻي ڪٿي گوشي نشين ٿي، باقي حياتي ياد اِلاهيءَ ۾ گذاري. چنانچه هو هنگامي دنيا کان ڪناره ڪش ٿي، پنهنجي سڄي اهل ۽ اطفال سميت ڪوٽ ڏيجيءَ جي ڀرسان ڪوٽلي جي ننڍيءَ بستي ۾ وڃي رهيو.
ڪوٽلي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ، سندس معتقد ان بستيءَ ۾ ايندا ويندا ٿي رهيا. اُتان جي زميندار کي هيءَ ڳالهه پسند نه آئي. دولت ۽ فقير جو تصادم ٿي پيو. فقير جو صلح ڪـُـل ٿئي ٿو، سو هن وير ۽ وروڌ کي ڪٿي ٿو برداشت ڪري سگهي. روحل فقير نقل مڪاني ضروري سمجهي. مير سهراب سندس بيحد دلجوئي ڪئي، پر فقير صاحب جو فيصلو اٽل هو. هو پنهنجي سڄي اهل ۽ عيال کي وٺي، خدا تي توڪل ڪري، بنا ڪنهن مقام ۽ منزل جي اڳتي وڌيو. چون ٿا ته جڏهن هو موجوده ڪنڊڙيءَ وٽ آيو، جو ان وقت جهنگ ۽ غير آباد پـَـٽُ هو، تڏهن سندس چادر جو پلؤ هڪ ننڍڙيءَ ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو. فقير صاحب هن معمولي روڪ کي، خدائي امر سمجهي، پنهنجي لڏي لاهڻ جو حڪم ڏنو. جلدئي جهنگ کي صاف ڪري، ساديون جهوپڙيون اڏي، هڪ ننڍڙيءَ بستيءَ کي آباد ڪيو ويو، جنهن جو نالو ”ڪنڊڙي“ رکيو ويو، جو نالو فقير صاحب جي رهائش جي واقعي کي ياد ڏياريندو رهي ٿو. درياءَ جي ڀر تي هي آجو گذران، فقير صاحب جي دلي راحت جو سبب بڻيو. روحل فقير هن ننڍڙيءَ بستيءَ جو وڏيءَ حب ۽ پيار سان ذڪر ڪيو آهي:

ڪنڊڙيءَ ۾ ڪلتار ڏٺوسي
في اَنفـُـسڪـُـم اَفـَـلاَ تـُـبصـُـرون
رمز رندن جي ڪوڪو پرکي
وحدت واري واٽ وٺج تون
”روحل“ رهجـان رمــــز انهيءَ ۾

رانجهو رمزن وارو يار
مخفي هي اسرار
برهه جو باري بار
وٿي نه آڻج وار
ٻــــــــــي ســــــــڀ ڪــــــُـــوڙي ڪـــــــــــــار.

ڪانن جون جهوپڙيون ۽ ڪکن جون ڇنون، هاڻي حق جي طالبن جون زيارتگاهه بڻجي پيون. ملڪ جي هر حصي کان ارادتمند فقير، پنهنجي روحاني تشنگيءَ کي مٽائڻ لاءِ اچي ٿي گڏ ٿيا. صبح ۽ شام وحدت جو وڻجار ٿي هليو ۽ معرفت جي هٽيءَ جو هوڪو ٿي ٻڌو. بنا ڪنهن مت ۽ ڀيد جي هندو ۽ مسلمان هڪ هنڌ پئي جمع ٿيا. هڪ طالب ڌرمون مل ”انور“ پنهنجي ستگر جي ساراهه هيئن ٿو ڪري:

ڪنڊڙي ڪنڊڙي ناهه، تحقيق آهي ڪاسي
روحل رام وسي اُٿاهين، جنهن لائي سماڌ ابناسي
اُهي وڃي ٿيا واسي، ”انور“ اَمرَ پد نرٻاڻ ۾.

مسلمان ارادتمند فقير در محمد پنهنجي مرشد جو ذڪر هيئن ٿو ڪري:

ڪنڊڙيءَ جا پير پرورَ
اچن سوالي وڃن نه خالي
ڏجانءِ ڏاڻ خوشيءَ مان
”در محمد“ مـســـڪـــين چئي

سير وهي تنهنجي سڀ کان سر
روحل تنهنجي در
وهلو وير تون ور
نــــــظــــر نــــمـــاڻـــــــي تـــــي ڌر.

جيئن ته دنيا فاني سراءِ آهي ۽ هن مسافرخاني ۾ جو آباد ٿيو، ان کي هتان هڪ ڏينهن ڪـُـوچ ڪرڻو آهي. فقير صاحب جي عمر جو ماڻ به ڀرجي آيو. معمولي بيماريءَ کان پوءِ، سنڌ جو هي آزاد صوفي، پنهنجي خالق جي حضور ۾ وڃي حاضر ٿيو. روايت آهي ته هن سن 1804ع ڌاري، هـن دنيا کان موڪلايو.

روحل فقير ٻه شاديون ڪيون. سندس پوئين گهر واري مراد فقير جي نياڻي هئي. پهرئين گهر مان کيس ٻه پـُـٽ ٿيا، هڪ شاهو فقير ۽ ٻيو غلام علي فقير. پوئين گهر مان کيس ٻه فرزند ٿيا، دريا خان فقير ۽ خدا بخش فقير.

روحل فقير پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو صوفي ٿي گذريو آهي. سندس تصنيفات ۾ چار هندي رسالا، من پر ٻوڌ، ادڀت گرنٿ، سرٻ گيان ۽ آگم وارتا مشهور آهن. انهن کان سواءِ ٿورا ڀڄن پڻ چيا اٿس.

فقير صاحب جو ڪلام سنڌيءَ ۽ سرائڪيءَ ۾ به موجود آهي، جو ٿورو آهي، پر نهايت مدلل. زبان سادي پر فصيح آهي. هو ان دور ۾ ٿي رهيو، جنهن کي سنڌي ادب ۽ متقدمين جو دور ٿو چئجي. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف جي دور سان سندس قريبي تعلق آهي.[4]

ان دور جي ساده بياني ۽ شگفتگي ضرب المثل آهي. اهوئي سبب آهي، جو فقير صاحب جي ڪلام ۾ به پنهنجي همعصر بزرگن واري سادگي موجود آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي باريڪ نگاهي موجود آهي ۽ اهو ٻاهرئين رنگ ڪرنگ کان آزاد ۽ پاڪ آهي. هو رهبر اعظم جي مبارڪ قول ”الاهـُـم اَعـُـوذ بـِـڪَ مـِـن عـِـلم لا يـَـنفـَـعُ“ ، (خدايا مان توکان ان علم کان پناهه گهران ٿو، جنهن کان ڪو نفعو نه پهچي) جو پورو پورو تابع نظر ٿو اچي--- جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

ڪهڻي تان هرڪو ڪهي، پر رهڻي اوکي بات،
پڌري ٿيندي ذات، رهڻيءَ مان ”روحل“ چوي.

جيئن مٿي لکيو اٿم، فقير صاحب جي ڪلام ۾، اڪثريت ان فڪر ۽ اجتهاد جي آهي، جنهن ۾ هن صوفيءَ جي مسلڪ کي نمايان طور پيش ڪيو آهي. هن توحيد جي اهم مسئلي کي وڏي اهميت ڏني آهي، جو سندس ڪلام جو جوهر چئجي ته به روا آهي. توحيد جي معنيٰ آهي ”هيڪڙائي“ ، يعني، خلقڻهار جي هيڪڙائيءَ جي قبوليت. صوفي جيئن ته پنهنجي ذات جو تعلق فقط، خداوند تعاليٰ سان ڳنڍيل رکي ٿو، ان ڪري هو توحيد جو دنيا ۾ وڏو علمبردار آهي. امام غزالي رحمته الله عليه، پنهنجي تصنيف ”المنقذ من الضلال“ ۾ ”القول في طريقة الصوفيه“ جي عنوان هيٺ فرمائي ٿو:

”جڏهن مان علوم کان فارغ ٿي، صوفيه جي طريقي جي طرف متوجهه ٿيس، تڏهن مون کي معلوم ٿيو، ته سندن طريقو علم ۽ عمل سان تڪميل تي پهچي ٿو. سندن علم جو نتيجو نفس جي متابعت کي قطع ڪرڻ، بـُـرن اخلاقن ۽ خبيث صفتن کان پاڪ ٿيڻ آهي، تان جو ان جي ذريعي، قلب کي غير الله کان صاف ڪيو وڃي ۽ ان کي ذڪر اِلاهيءَ کان معمور ڪيو وڃي.“

فارسي زبان جو مشهور صوفي شاعر، مولانا نورالدين جامي، پنهنجي تصنيف ”لوائح“ ۾ هن نڪتي کي سادگيءَ سان هيئن ٿو پيش ڪري:

اي دل طلب ڪمال در مدرسه چند
هر فڪر ڪه جز ذڪر خدا وسـوسه هست

تڪميل اصول و حڪمت و هندسه چند
شـرمــي زخــــدا بـــدار ايــــن وســــوسه چند

( اي دل مدرسي ۾ ويهي، ڪماليت جي ڳولا ڪرڻ ڪيستائين؟ اصول، فلسفي ۽ حسابن جي هيءَ تڪميل ڪيستائين؟ اهو فڪر جو خدا جي ذڪر کان سواءِ هجي، سڄو وسوسو آهي. خدا کان ڊڄ هي وسوسو ڪيستائين؟)

حضرت جنيد بغدادي، جنهن کي صوفي پنهنجو سردار ڪري مڃين ٿا، فرمائي ٿو ته: ”صوفي پاڻ کان فاني ٿي وڃي ٿو، ۽ خدا سان باقي رهي ٿو.“ رومي فرمائي ٿو:

زندگي مقصود بهر بندگي ست
جز خضوع و بندگي و اضطرار
هرڪه اندر عشق يابـــد زندگي

زندگي بــي بندگي شرمندگي ست
اندرين حضرت ندارد اعتبار
ڪـــــفر بـــاشـــد پيـــش اُو جـــز بندگي.

(زندگيءَ جو مقصد فقط خدا جي بندگي آهي. بندگيءَ کان سواءِ زندگي شرمندگي آهي. نياز، بندگي ۽ دلي بيتابيءَ کان سواءِ، ٻيءَ ڪنهن به شيءِ کي، ان جي حضور ۾ دخل نه آهي. جو خدا جي محبت جي اندر زندگي لهي ٿو، ان وٽ سندس بندگيءَ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪفر آهي.)
روحل فقير به ان قول صادق جي هيئن شهادت ٿو ڏئي:

چشما آب حياتي دا، دل اندر حوض حضوري،
سـِـر دي سودي پيندي عاشق، پريت جنهان دِي پوري،
سي جينديان مـُـوتوا ٿي ڪر ٻيٺي، پايا سـُـک صبوري،
”روحل“ رنگ هڪ دي رتي، سي نـُـور، ملي وچ نـُـوري.

فقير صاحب جنهن ٻيءَ حقيقت کي وضاحت سان بيان ڪيو آهي، اها آهي ”پاڻ سڃاڻڻ“ جي قوت آگاهي. فرمائي ٿو:

جي تون صحيح سڃاڻي پاڻ، اٿئي قيمت سندو قطرو،
ڪوري ڪڍ قلوب مان، مدائيءَ جو ماڻ،
پري نهارڻ پـِـرَ کي، سندو ڄٽن ڄاڻ،
نـِـت سائين توهي ساڻ، راتيان ڏينهان ”روحل“ چوي.

هاڻي ڏسون ته پاڻ سڃاڻن ڇا آهي؟ رومي فرمائي ٿو:

از خود آگه چون نيء اي بي شعور،
پس نبايد برچنين علمت غرور.
(جيئن ته تون پاڻ کان واقف نه آهين، ان ڪري توکي پنهنجي ڄاڻ تي ايڏو هٺ ڪرڻ نه گهرجي.)
صوفين پاڻ سڃاڻڻ منجهان مطلب ٻانهي ۽ خالق جي توسل کي ورتو آهي. رومي ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

چون بداني تو ڪماهي خويش را
گرهمي خواهي ڪه باشي حق شناس
بل ز راه ڪشف و تـحـقـيـق و يـقـيـن

علم عالم حاصل آيد مرتوا
خويش را بشناس نه از راه قياس
عارف خود شوڪه حق داني ست اين.

(جڏهن پنهنجي هستيءَ کي سڃاڻيندين، ته توکي سڄي جهان جو علم حاصل ٿي ويندو. جيڪڏهن تون گهرين ٿو ته خدا کي سڃاڻين، ته پاڻ کي سـُـڃاڻ. ٻيو قياس نه وٺ. ڪشف، تحقيق ۽ يقين جي راهه کي وٺي، پاڻ سڃاڻڻ جو عارف بڻجي وڃ، ڇو ته اهائي حق داني آهي.)

شيخ محي الدين ابن العربي هن حقيقت جي وضاحت هيئن ٿو فرمائي:

اَلـُـعـَـبـَـدُ عـَـبـَـد وَ اَن ترقي والرب رب و اَن تنزل
(ٻانهون، ٻانهون آهي، پوءِ هو ڪيتري به ترقي ڪري، رب رب آهي، اگرچه هو ڪيترو نزول ڇو نه ڪري.)

مٿئين حقيقت مان صاف ظاهر ٿيندو، ته انسان جڏهن پاڻ کي صحيح صورت ۾ عبد تصور ڪري ٿو، تڏهن ئي سندس مقام ۽ منزل جي ترقي ٿئي ٿي. علامه اقبال ”عبده“ جي تشريح هيئن ٿو ڪري:

عبده آ جانفزا ۽ جانستان عبده شيشو به سنگ گران عبده دنيا آ دنيا عبده

ترجمو:

رنگ سڀ آهيون ۽ هو بي رنگ وبو عبده کي ابتدا بي انتها عبده کي صبح شام آهي نه ڪا

”عبده“ جي فهم ۽ ادارڪ جي اعليٰ مقام کي علامه اقبال خوديءَ سان تعبير ٿو ڪري. سنڌ جو صوفي اڳيئي ان کان پوريءَ ريت واقف آهي. روحل فقير فرمائي ٿو:

وڻج وِهائڻ ڪاڻ، ڇو وڃين ٻئي هـَـٽِ؟
توکي پٽ پٽيهر پانهنجو، اٿي وڻج مڙوئي وَٽِ!
جنهن ۾ نشو نينهن جو، ساڪا ڪوٺي پـَـٽِ!

علامه اقبال انهيءَ قبيل ۾ فرمائي ٿو:

آدمي وٽ ئي نه پهتين، ڪئن خدا ڳولين پيو!
پاڻ کان پرتي وڃي ۽ آشنا ڳولين پيو!
پؤ وڃي ڪنهن شاخ گل ۾، آب نم سان ڪر گذر،
رنگ بگڙيي لئي وري باد صبا ڳولين پيو!


  1. جيمس ٽاڊ: "ائنالس ائنڊ آئينٽيڪٽز آف راجسٿان"، ص 253
  2. ميان سرفراز خان سن 1773ع ۾ تخت تي ويٺو.
  3. ”تحفة الڪرام“ ، ج 3، ص 170
  4. شاهه ڀٽائيءَ جي تتبع ۾ فرمايو اٿس:
    "بيت نه ڀانئجو ماڻهئا، هي وحدت جو واپار."