ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/16

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
16. عشقيه

فقير صاحب ”عشقيه“ جي اندر درد، فڪر، فـُـقر، نفي ۽ اثباب جو ذڪر نهايت سادي نموني ۾ ڪيو آهي، پر اُن جي اندر معنيٰ وڏي آهي. طالب انهن منزلن تان گذرڻ کان پوءِ ئي وحدت جي ملڪ ۾ واسو ڪري ٿو. هن ننڍڙي رسالي کي ”مراد“ سائينءَ پنهنجن طالبن جي رهبريءَ لاءِ لکيو هو.
- بيراڳي

عشقيه

ذڪر ذاتي سان رهن جي، مـُـوران ڪين مـُـنجهن،
اٺئي پهر اندر ۾، ٿا نينهن نظارو ڪن،
”فـَـاذڪـُـرُوني اَذڪـُـرڪـُـمُ“ آهي ريت چڱن،
دلبر جن جي من ۾، سي ٻاهر ڪين ڏسن،
ري مشاهدي محبوب جي، هر دم موت مـَـڱن،
جي ويا واديءَ وحدت جي، سي موٽي ڪين لڀن،
وحدت جي واديءَ جي، ڏکي واٽ ڏَسن،
سانگو ڇڏي سـِـرَ جو، ٻـَـڌن سـِـرَ ڪفن،
ڏسي ٽاڪ ٽـَـڪر کي، ڪڏهن ڪين ڪـَـنبن،
سوريءَ ڏيندي سـِـرَ کي، سالڪ ٿا وهسن.

پهرين منزل (درد)

پهرين منزل تن جي، گهاٽـِـي دردَ چون،
بانڪا بيپرواهه ٿي، وڏي هيجَ هلن،
جت حاجت ناهه هلڻ جي، سـِـر ڀـَـر اُت رڙهن،
تنگ تاريڪي جاءِ جي، ڏسي ڪين ڀـُـلن،
ٻولي ٻولين ڪينڪي، توڙي سـُـور سهن،
اندر اورن پاڻ سان، ٻاهر ڪين سـَـلن،
سختيون ڏونگر جون ڏسي، طالب نا ترسن،
اکيون ڀريل آب سان، پر ڳوڙها ڪين ڇنڊن،
همت ساڻ ”مراد“ چوي، سي چاڙها سخت چڙهن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل ٻي (فڪر)

لنگهي منزل درد جي، جڏهن طالب تيز ٿيا،
سامهـُـن پنهنجي فڪر جا، تن رستا سؤ ڏٺا،
هلندي پنهنجي راهه تي، ڀـَـلا ڪين ڀـُـليا،
سي صاحب سرت سمجهه جا، پنهنجي واٽ ويا،
جهاٽي اُنهيءَ جهنگ کي، وحدت تي وڌيا،
ونگيون واٽون عقل جون، اوڏانهن ڪين وريا،
”يـَـمشـِـي في الطريق التصوفُ“ ، انهن پـَـهـَـه ڪيا،
پردا سمجهه صلاح جا، تن ڊاهي سڀ ڇڏيا،
دوئيءَ جي درياهه کان، پـَـتڻ پار ٽپيا،
ڪينو ڪـِـنُ اندر مان، تن ڪوري سڀ ڪڍيا،
ڪڍي ڪام ڪروڌ کي، وڃن خوش کـِـيا،
اوندهه جي اُجهراٽين کان، مٿي نينهن نـِـيا،
اوجهڙ کان آجا ٿي، مـَـرڪن مرد مـِـيا،
”طالب الدنيا مخنث“ ، سي ڄاڻن حال هڪيا،
طالب العقبيٰ، پرتي پنڌ پيا،
طالب المولا مذڪر“ ، ڳڻن ڳاڻ گڻيا،
فائق انهيءَ فڪر سان، روحي رمز رسيا:
محبتي ”مراد“ چئي، سدا قلب ڪڙهن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل ٽين (فـُـقر)

ڇڏي منزل فڪر جي، نـُـوريـَـن ڪئي نظر،
ڏٺو ڏاهن فـُـقر جو، سامهن پاڪ پڌر،
کنيو سامـِـن سـِـرَ تي، ڪيڏو سـُـڃَ سفر،
واڍوڙيا واٽن تي، ڪن گينور ٿا گذر،
بـُـکَ بلائون پاڻ سان، نـِـتُ سورن جو سمر،
راتيون ڪاٽين رڃ ۾، ٻڌي پيٽ پٿر،
ڏکي اِنهيءَ حال ۾، کـِـيا سي خوشتر،
نامرادي نجهرو، جن جو اَٺئي پهر اکر،
هاري آب اکين کان، ڪن اندر کي اوجر،
راتيان ڏينهان سـِـرَ تي، محبت جو مـَـڱـَـرُ،
ظاهر نماڻا خلق ۾، پر باطن ۾ بحر،
ڪڙو لاهي قلب جو، تن آجو ڪيو اندر،
ڏِسي ڪين ڏَڪن سي، آوارو اثر،
ڪڍي ڇڏيو بت مان، ڏاهن سڀ ڏمر،
راضي رياضت ۾ رهن، ڄاڻن ڪين هنر[1]،
وڙهـِـي آماري نفس سان، کٽڻ ٿا خيبر،
تن کي اوڏو ڪينڪي، آهي خوف خطر:
سي فائق فـُـقر کان لنگهي، ٿا اڳتي پنڌ پون،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل چوٿين (نفي)

منزل ماڳ نفيءَ تي، وڃي ڪئي لاهوتين،
هڻي نعرو ”لا“ جو، سي پاڻون پاڻ وڃن،
نالو انهيءَ ملڪ جو، ٿا نيهي ”نانهن“ چون،
ڏاها اِنهيءَ ڏيهه جو، ڏاڍو ڏس ڏين،
جي ويا اِنهيءَ ڏيهه ڏي، سي موٽي ڪين ورن،
ڇڏي جار جـُـسي جو، روحي رمز رسن،
”لاَ اِلـٰـہ“ جي لار سان، روز رهاڻيون ڪن،
وڃي پيا ڪـُـن ”ڪـِـيـَـن“ جي ڪـُـٺا ڪين ڪڇن،
دانهـَـه ان درياهه ۾، راتو ڏينهن رَمـَـن،
تارون سي ان تار جا، رهيا موج مگن،
”لا خـَـوف عليهم“ کي ٻڌي، لٿا ڀـَـوَ سندن،
اَجهاڳي عميق کي، جهاڳي چوٽ چڙهن،
اُن ولايت واسئا، جت نڪو سـَـڏ سـُـڻن،
ملڪ اهو آ ماٺ جو، جنهن کي سـِـڪوتيا سمجهن،
هوڏون هستيءَ جون ڀڃي، پنهنجو پاڻ پـَـسن،
ڀولي، ڀرم ۽ ڀيد جو، بت ڀڳو آڌوتين،
ڪيني، ڪامَ، ڪروڌَ جـِـي، رتي ناهه وٽن،
جن نفي ڪيو پاڻ کي، ڀـَـلا ڀاڳ سندن:
محبتي ”مراد“ چوي، سي مري ٿا جـِـين،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل پنجين (اثبات)

ڇڏي ملڪ نفيءَ جو، ويا طالب اثباتـِـي،
هرجا ديرو دوست جو، تن جهاتي جان پاتـِـي،
ماري اَماري نفس کي، ٿيا بالا براتـِـي،
”اِلا الله“ جي اور سان، ڪيائون حاصل حياتـِـي،
هر جا موج محبت واري، لات لطيفي لاتي،
چشمو آب حياتي مليو، زائل ٿي ظلماتـِـي،
چوڌر ايڪا ايڪ نظر ۾، وئي دوئي درجاتـِـي،
منزل حق حقيقت واري، ڪوڙي صفت صفاتـِـي،
ذات ملي وڃي ذات جي اندر، هرجا هوڪو ذاتـِـي،
ظاهر حقيقت وارو، ڪنهن حقيقت ڄاتـِـي،
ماٺ جي اندر منزل تن جي، قرب جي ڪنڌ تي ڪاتـِـي،
سڏ پڙاڏو وسريو تن کان، ڇيهه لڳو تن ڇاتـِـي،
چولي اندر تن جي لاتـِـي، هر دم پريم چـُـواتـِـي،
ساهه جي اندر سانڍيو، سانڍين سونهون ساٿـِـي،
عروج نزول کان اڳتي آهي، عجب عشاق اوقاتـِـي،
ڪشف ڪرامت ڄاڻن ڪاٿي، مرد اُهي مصلحاتـِـي،
مـُـونن ۾ سي موجون ماڻن، چارئي پهر چـُـپاتـِـي:
لـِـکـِـي الک اندر ۾، سدا ٿا وهسن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.

منزل ڇهين (وحدت)

مـُـلڪ نفي اثبات کان اڳتي، وادي وحدت آئـِـي،
جت”همہ “ جو هوڪو هر دم، ٻي نه ٻـُـڌ جي وائـِـي،
مذهب ملت اوري اُن کان، منزل جنهن هيءَ پائـِـي،
شاهد ۽ مشهود اُتي هڪ، ٻي نه ڪيرت ڪائـِـي،
صاحب واري رمز اها سڀ، ”روحل“ مون سمجهائـِـي:
موج ”مراد“هي حاصل جن کي، مانجهي هو مـَـرڪن،
موجون محبت جون سي، ماڻيو ٿا ماڻن.
(هه 10)


  1. هنر کان هت مطلب فريب ۽ ٺڳي آهي. (مرتب)