ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام/فقير مراد صوفي/06

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ڪنڊڙيءَ وارن (روحل فقير ۽ مراد فقير) جو ڪلام  (1964)  by لطف الله بدوي
06. مومل راڻو

(1)
تون سوڍو آهين سو نه، جهڙا ٻيا جهان ۾،
ٻيا جي راڻا، راڄيا، تـِـرُ برابر تو نه،
تنهنجو مـَـٽُ ”مراد“ چئي، آءٌ ڪامل ڪريان ڪونه،
سـَـرُسَ ٿيان کون سونَ، جي اچي پارسَ پاسو تون ڏئين.

(2)
تون راڻو تون راڄيو، تون راوَن[1] جو راءُ،
ڪامل قرباني ڪريان، کڻي سوڍا سڀ مٿاءُ،
تنهنجو مـَـٽُ، ”مراد“ چئي، آءٌ لهان ڪانڌ ڪٿاءُ[2]،
عاقلَ اڱڻ آءُ، ته سرتين سـُـکائون ڏيان.

(3)
سرتين سکائون، تو لئه مڃيون مينڌار،
آءُ تان انهن کي ڏيون ، ويتر واڌايون،
عاقلَ اَرڏيون، اچي منهنجون ميٽ ”مراد“ چئي.

(4)
جئن سو ساهه سرير ۾، تئن سوڍو ساماڻو،
ڍَٽ پـَـٽ وائي هيڪڙي، سڀ راڻو ئي راڻو،
پر جي مون جئن ڄاڻو، ته پـَـسو محب ”مراد“ چئي.


  1. رائن (خ).
  2. ڪواءِ (ب).