پھاڪن جي حڪمت/پهاڪن جي حڪمت ديپاچو
پهاڪو هڪڙي ننڍڙي چَوڻي يا ڪَهاوت اهي جنهن ۾ وڏو سچ لڪل ٿو رهي، جو عملي طرح ڪمائتو ٿو ٿئي. پهاڪو پهرين هڪڙي ڄڻي جو چرچو آهي پر پوءِ گهڻن جي ڏاهپ آهي. پهاڪو ضرور پُر معنيٰ، مختصر ۽ سلوڻو هئڻ گهرجي. خوش طبعي ۽ ظرافت لوڻ سان مشابهت ٿي رکي. هڪرو عربي پهاڪو آهي ته گفتگو ۾ ظرافت اهڙي آهي جهڙو لوڻ طعام ۾. بعضي ته شعر جون مصراعون هونديون آهن، جي زياده موزون ۽ دلچسپ ٿينديون آهن. هڪڙي ٻولئي جو پهاڪو ٻيءَ ٻولئي ۾ ترجمي ڪرڻ سان گهڻي لذت وڃائي ڇڏي ٿو. گهڻا پهاڪا ته تمام قديم وقت کان اڄ تائين هلندا اچن ۽ گهڻا ته ساڳئي مضمون جا علحدن قومن ۽ ملڪن ۽ ٻولين ۾ علحدن لفظن ۽ صورتن ۾ آيا آهن، جو اتي جي ملڪي ۽ اخلاقي ۽ مذهبي حالتن سان لاڳو ٿا ٿين. سڀ ڪنهن ملڪ يا قوم جي اخلاقي يا علمي فضيلت اڪثر سندن پهاڪن مان پڌري ٿيندي آهي. هر هڪ ملڪ ۽ ٻوليءَ ۾ پنهنجن پنهنجن پهاڪن جا ڪتاب آهن. هتي اسين انهن مان ڪي چونڊيل ڪڍي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏينداسين. انهن جا پهرين ٻه باب ڪجن ٿا، هڪڙو مشرقي پهاڪن جو ۽ ٻيو مغربي پهاڪن جو. پوءِ هر هڪ ۾ جدا جدا ملڪن ۽ ٻولين جي پهاڪن جا ڌار ڌار فصل ڏينداسين ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٽئي باب ۾ پاڪ ڪتابن مان ڪي چونڊيل پهاڪا ڏينداسين.