ياد جانان/05

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
ياد جانان  (1922)  by دين محمد وفائي
05. ڪابل ۾ قيام

رئيس مرحوم جي افغاني گورنمينٽ نھايت گهڻي عزت ڪئي ۽ امير صاحب والي ڪابل خلد الله تعالى ملڪھ پنھنجي درٻار ۾ تقرب بخشيو ۽ ڪابل جي رهڻ وارن ڏينھن ۾ کيس امير صاحب جي طرفان وقت بوقت دربار ۾ اچڻ جو اذن عام هو ۽ هن کي برابر 6 ڪلاڪ امير صاحب سان ملاقات ڪرڻ جو اختيار هو، اعلى حضرت امير صاحب دام سلطنة هڪ سوني گهڙي پنھنجي جيب جي پنھنجي دست مبارڪ سان مرحمت فرمائي. جناب رئيس المھاجرين مرحوم جي بي انتھا عزت افزائي ڪرڻ فرمائي. هي ڪابل ۾ پھچڻ کانپوءِ لاڙڪاڻه جي ڪن د وستن ڏانھن هڪ خط موڪليو هوائين جو اخبار ”الوحيد“ جي مورخه 19 آگسٽ 1920ع واري پرچي ۾ پڌرو ٿيو هو، جنھن مان رئيس مرحوم قابل ۾ رهڻ واري حالت جو اندازو ڪري سگهبو، اهو هي آهي؛
”برادران سيٺ خدا داد ۽ عبدالرزاق ۽ محمد شاهه ۽ سيٺ احمد دين ! سلام عرض ته اسان خيريت سان ڪابل ۾ پھتا سين، هر طرح خيريت آهي، اوهان لاءِ منتظر آهيون اوهان جو احوال اڃان ڪونه پھتو آهي، شال اوهان ڏانھن هر طرح خيريت هوندي. اسان ته گويا دوزخ مان نڪري بھشت ۾ پيا آهيون، انشاءَ الله تعالى بھشت به جلد اکين اڳيان آهي، دعا ڪندا ته شال نصيب ٿئي، ٻيو قافلو ڪڏهن ٿو اچي- بگين کانسواءِ ٻي سواري نه ڪجو، بيل گاڏيءَ ۾ تڪليف آهي، واٽ ۾ جلال آباد تائين گرمي آهي. باقي خيريت، ڪم گهڻو اٿم تنھنڪري هئ مختصر اکر عرض آهن، سموري احوال جو تفصيلوار خط جلد لکندس. سلام سڀني کي عرض رکندا زياده خير. 21 ذوالقعد 1338ھ .“