محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/28

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
28. حضرت محمد ﷺ جو کاڌو خوراڪ وغيره

هن حضرت ۾ ڏيک ويک نه هوندو هو.سادو کائيندو هو سادو هنڊرائيندو هو.بي بي عائشه جي وات جي ڳالهه آهي ته “اهڙا به وقت هوندا هوا جو مهينو مهينو اسانجي گهر چلهه ۾ باهه ڪانه ٻرندي هئي. حضرت کجور کائي مٿان پاڻي جو پيالو پي وقت ٽپائيندو هو. موادي ڪٿان گوشت ايندو هوسين پر روٽيءَ لاءِ اٽو نه هوندو هوسين ته گوشت تي ئي گذارو ڪندا هواسين” محمد صاحب ﷺ اڪثر جون جي ماني کائيندو هو ۽ اٺ جو کير پيئندو هو پنهنجي هٿن سان گهر جي ٻهاري پائيندو هو موادي ته ڪپڙا به پنهنجا پاڻ سبندو هو.