محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/23

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
23. قريشين جي ڪاوڙ

قريشين کي هي ڳالهه نه وڻي ڄاتائون ته هيءَ لڏ پلاڻ هن محمد ﷺ جي چوڻ تي ٿي آهي سو شهر ۾ اشتهار ڦيرايائون ته سڀ ننڍا وڏا دارالندوه ۾ اچي ڪٺا ٿين ته ويچار ڪريون ته محمد ﷺ کي سيکت ڪهڙي ڏيون. يڪدم ڪٽڪ ماڻهن جو اچي ان جاءِ تي حاضر ٿيو پوءِ ڏس ته ڪو پيو چوي ته”محمد ﷺ کي پڪڙي ٻارهوئي لاءِ کڻي قيد ۾ وجهجي ته ڇٽي پئجي” ڪو ٻيو چوي ته “تنهن کان شهر نيڪالي ڇو نه ڏيئي ڇڏجيس” ڪو ٻيو چوي “بهتر ته ائين آهي جو نڙيءَ تي ننهن ڏيئي نگهوسار ڪري ڇڏجيس(نعوذ بالله) ته نه ڪا هَئي هَئي نڪا کئي کئي ڇٽي پئجي”
اها صلاح سڀني کي آئڙي آئي پر وري خيال ٿين ته جي ڪو هڪڙو هن کي وڃي ٿو قتل ڪري ته شايد هن جي خاندان وارا قاتل جي خاندان وارن کان پلئو به کڻي ڇڪين ڳالهه ڳوري ٿي.
اتي ابو جهل تجويز ٻڌاين چي “منجهي ڇو پيا آهيو.ڇا ڪريو جو ڳچ جيترا آدمي گڏجي وڃن ۽ يڪساهيءَ هن جي ڇاتيءَ ۾ وڃي خنجر مارين(نعوذ بالله) پوءِ ته ڪنهن خاص شخص تي الزام ايندو ئي ڪونه هن جي خاندان وارا سڀني کان پلئه به ڪين ڇڪيندا؟”
ان صلاح پٽاندر ڪيترا قريشي رات جو محمد صاحب ﷺ جي گهر اڳيان ڇپ ماري وڃي ويهي رهيا جي نڪري ٻاهر ته ڪريونس سسي ڌڙ کان ڌار پر راکي رب ته ماري ڪون؟حضرت محمد ﷺ کي اچي ڪنهن ان جو چتاءُ ڪيو.تنهن تي حضرت علي امالڪ کيس پٺئين دروازي کان اماڻي چيس “اوهان ته هليا وڃو مدينه آءٌ آهيان پاڻيهي پيو پٺيان ڳن ڏيندو سان”
حضرت علي پوءِ لت ماري پاڻ حضرت محمد ﷺ جي هنڌ تي ليٽي پيو.قريشي هر هر چيرن مان ليا پيا پائين پر ڏسن ته اڃان ستو پيو آهي مٿان اچي پرهه ڦٽي صفا صبوح ٿيو تڏهن سماءُ پين جو محمد ﷺ ته آهيئي ڪونه هنڌ تي علي ستو پيو آهي.خار لڳي وين.
ڦيرايائون ٻيو اشتهار ته جيڪو ئي محمد ﷺ کي ماري (نعوذ بالله) سندس سسي ڪپي اسان کي آڻي ڏيندو تنهن کي سئو اٺ انعام ڏنا ويندا انعام جي لالچ تي ڪي جوان سنڀري نڪتا.
حضرت محمد ﷺ ابوبڪر رضه کي ساڻ ڪري ٻه راتيون سٽيندو اچي ڪنهن غار ۾ پناهه ورتي هئي ڇو ته هو رهزن به اچي هن غار وٽ پهچن.ابوبڪر صحيح ڪيو ته هي آيا اسانجي پٺيان آهن محمد صاحب ﷺ کي چيائين “ هاڻ ته ڄاڻ جهلياسين اسان ٻه ڄڻا نڪو اسان جو اوهي نڪو واهي هن برپٽ ۾ ڇا ڪري ڇا ڪنداسين؟”
محمد صاحب ﷺ جو ڪتابن ۾ آيو آهي ته محمد صاحب ۽ ابوبڪر غار ۾ اندر گهڙيا ۽ مٿان اوڏيءَ مهل ئي قدرت الاهي ڪوريئڙي هڪڙي پنهنجي ڄار جي تاندوڙن سان غار جو منهن مڙهي ڇڏيو. اها ڄار ڏسي قريشين سمجهيو ته “ويجهڙائي ۾ اندر ڪو آدمي ته ويوئي نه آهي سو اندر گهڙي ڪبو ڇا؟ ٺهيو ٺهيو هلو ته موٽي هلون ڳوٺ”
محمد صاحب ﷺ ۽ ابوبڪر رضه چوٿين ڏينهن ان غار مان ٻاهر نڪتا پوءِ هڻي ڌڻي جيئن تيئن ٻه اٺ هٿ ڪري سڌا مديني روانا ٿيا مديني جي ڇڪ ۾ قبا ڳوٺ آهي اتي پهتا ته علي عه به اچي گڏين.
مدينه جي ماڻهن کي جا سڌ پيئي ته اسان جو مرشد ٿو اچي سي خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن ڳچ جيترا ته سندس استقبال لاءِ وڌي قبا ۾ آيا ۽ ڏاڍي شان مان سان وٺي مدينه ۾ آيس
سڀيئي سهاڳڻيون سڀني منهن جڙاءَ
سڀ ڪنهن ڀائيون پاڻ کي ته اينديون مون گهر راه
بيٺو تنهن دراه جي پسي پاڻ لڄائيون
.
اتي ڏس ته چوگرد سندس مڙسن جا هشام مڙيا عورتون ۽ نينگر وري کڏن تي ٿي بيٺا ۽ تان پئي سندس ديدار ڪيائون. حضرت محمد ﷺ اٺ تي سوار هو. هر ڪنهن منٿ پئي ڪيس ته”حضرتا هن بندي جي دعوت قبول پوي هلو اتي” پاڻ اٺ جي مهار ڪري ڇڏيائون ۽ چيائون “بس جنهن جي گهر اڳيان اٺ ازخود ويهندي ان جي گهر ۾ ئي آءٌ ٽڪندس ڪندس” اٺ هلندي هلندي اچي هڪڙي غريب جي گهر اڳيان ويٺي ان غريب جو نانءُ ابو ايوب انصاري هو.تنهن امالڪ اٺ تان ٽپڙ ٽاڙيون گاشو ٻيو لاهي کڻي اندر ڪيا ۽ چوڻ لڳو ته”وڏا ڀاڳ آهن منهنجا جو منهنجي يار منهن جي اڱڻ پاٻوهي پير پاتا آهن”
لڏي آيل نون مسلمانن مان گهڻن کي اوايل ۾ مديني جي آب و هوا ڀاءُ نه پيئي محمد صاحب ﷺ جي مديني وارن سڀڪا خاطري پئي ڪئي.پر ٻين سندس ساٿين جي ايتري اون ڪان هوندي هين محمد صاحب ﷺ جي ڌيان تي جڏهن اها ڳالهه آئي تڏهين مديني جي انصارن کي گهرائي کين هڪڙو وعظ ڪيائون. نتيجو اهو ٿيو جو آئينده ٻين مسلمانن کي به هنن ڀائرن وانگر ڪري پي سمجهيو ۽ دل و جان سان سندن خدمت پئي ڪئي.