Jump to content

محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/21

From Wikisource

معراج شريف جو واقعو به ان ئي زماني ۾ ٿيو.وياسهه وارن مسلمانن جو ته پڪو ويساهه آهي.ته حضرت محمد صاحب ﷺ هن جسم خاڪيءَ ۾ براق تي سوار ٿي،وڃي ساري آڪاس جو سير ڪيو.
آگي آسمان جو توکي ڪرايو سير ستار
اتي ڌڻي تعاليٰ سان سندس گفتگو هلي ۽ قاعدا قانون جن تي پڪيءَ ريت اچي پوءِ اسلام جي پيڙهه ٻڌائين سي وٽانس وٺي آيو.ڪي معتزلي ۽ نئين روشني وارا جن کي مغربي تعليم جو “سڻائو واءُ” لڳو آهي پر ان سان شامل مذهب ڏانهن اڃا مائل آهن،سي ٿا چون ته هي قصو سارو روحاني آهي يعني حضرت محمد ﷺ جيڪي ڏٺو پسيو سو سڀ اندر جي اکين سان.اسان جنسي قرآن شريف مان آيتون ڏيون ٿا سمجهه سياڻپ سائينءَ سڳوري سڀ کي بخشي ڏني آهي پنهنجو عقل هلائي انومان ڪڍن.
سبحان الذي اسريٰ بعبده ليلا من المسجد الحرام الي المسجد الاقصيٰ الذي بارڪنا حوله لنريه من آياتنا انه هو السميع البصير.
ترجمو : پاڪ ذات آهي هو جنهن رات جو پهچايو پنهنجي بندي کي حرم ڪعبه کان بيت المقدس ڏي جنهن جي هر طرف برڪت الاهي پيئي وسي انهيءَ لاءِ ته آءٌ کيس ڏيکاريان ڪجهه پنهنجي قدرت جا نمونا اهو ئي ٿو ٻڌي اهو ئي ٿو ڏسي.
وما جعلنا الوءِ يا انتي ارينکه الا فتنه للناس
ترجمو: ۽ جا رويا مون تو کي ڏيکاري اها ته رڳو لوڪن جي سمجهه جي امتحان لاءِ هئي.