محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/03

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
03. حضرت محمد ﷺ جو اصل نسل ۽ ٻالاپڻ

قرآن مجيد جي “سوره الفيل” ۾ آيو آهي ته ابره اشرم شاهه ابيسينا جڏهن يمن فتح ڪري اتي پنهنجو دخل ڄمايو تڏهن معلوم ٿيس جو سڀيئي عرب لوڪ سال به سال ڪعبي جي حج لاءِ اچي مڪي ۾ ڪٺا ٿا ٿين.هن جي سڏ تي ته آئينده اهو حج اچي يمن ۾ ڪن ،۽ ان لاءِ سڌپڌ مڪي جهڙو ڪعبو يمن ۾ کڻي بنايائين ۽ لوڪن کي ان جو چتاءُ ڪيائين پر سڀن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيس.شاهه تنهن تان اچي ڪهليو ۽ ترت ئي هاٿين جو هڪ ڀاري ٽلو سوارن سميت ڪٺو ڪري .مڪي تي ڪاهي آيو.قصا الاهي مٿائن پٿرن جو اچي وسڪارو ٿيو ۽ سارو ڪٽڪ ۽ هاٿين جو ٽلو اتي ئي پورو ٿي ويو.
هاڻي انهيءَ “واقعه فيل” کي ٿورائي ڪي ڏهاڙا ٿيا هوا ته سومر ڏينهن ربيع الاول مهيني ۾ يعني 570ع جي اگسٽ مهيني ۾ قريشين جي بني هاشمين واريءَ نامياري ۽ نامڪٺيءَ آڪهه ۾ حضرت محمد ﷺ جو تولد ٿيو.
ہوءے پہلو ءے آمنہ سے ہویدا دعاءے خلیل اور نوید مسیحا
حضرت محمد ﷺ جي پيءُ جو نالو عبد الله هو ۽ سندس والده جو نانءُ بي بي آمنه.سندس ڄمڻ وقت پڻس حيات نه هوچوويهن ورهين جي عمر ۾ بيبي آمنه وهائو ڪيو هوائين.هن ويچاريءَ اڃان پهرين مراد به نه ڏٺي هئي ته کيس تجارتي قافلن سان شام جي سفر تي وڃڻو پيو،جتان موٽندي ناچڱو ٿي پيو ۽ مدينه ۾ ئي دم ڏنائين.
باقي عبدالمطلب سندس ڏاڏو جيئرو هو.سو سندس ناري وڍڻ جو ٻڌي ڊوڙندو آيو ۽ ائين کيس هنج ۾ کڻي وڃي ڪعبه کي ڦيرا ڏنائين ۽ ڌڻيءَ جو شڪريو بجاءِ آندائين.عبدالمطلب ڪعبي جو شريف هو ۽ اهو عهدو بني هاشمين جو موروثي حق هو جوجو خود هاشم عبدالمطلب جي بابي ڪئين لڱا ڪعبي ۽ مڪي کي ويرين کان بچايو هو.
پنج اٺ ڏينهن گذريا ته ڇٺيءَ جا جشن ٿيا ۽ ديس جي ريت پهت پٽاندر عبدالمطلب ساري ڪڙم کي ڪوٺائي سندن سامهون ڪڪي جو نانءُ محمد ﷺ رکيو.ڪي وري لکن ٿا ته آمنه وري سندس نالو احمد رکيو جو سپني ۾ ڏٺو هئائين ته فرشتو ٿو چويم ته”توکي ڪڪو ڄمندو ۽ الاهي امر آهي ته ان جو نانءُ احمد رکج”
پهريان ڏهاڙا خود آمنه ۽ ڪجهه عرصو وري ڏيرس ابو لهب جي وهاريل ڪڪي کي ٿڃ ڏني پر ٽن ڏينهن خاندان عربن ۾ دستور هوندو هو جو ٿڃ ٻار کي پراون پر پاڻ جهڙن ئي شريف خاندانن جي عورتن جي پياريندا هوا ان پٽاندر ٿڃ پيارڻ ۽ نپائڻ لاءِ وهياتري محمد ﷺ جي ٻانهن بني سعدن جي آڪهه مان هڪڙيءَ عورت حليمان نالي کي کڻي ڏنائين. جا ڇهين ڇهين مهيني فقط هڪ لڱا ڪڪي کي مائٽنس وٽ منهن ڏيکارڻ لاءِ وٺي ايندي هئي.
جڏهن ٻالڪ پرين ٻن ورهين جو ٿيو تڏهن دستور موجب ٻيا ڇڏائي.حليمان ماڻس وٽ وٺي آيس چي “مائي وٺ موٽائي پنهنجي ملڪ ،تنهنجو آهي خدا توکي بخشي ڏئي” بي بي آمنه ڏٺو ته پٽم پراون وٽ رهي ڏاڍو گندلو ٿي پيو آهي ۽ هاڻي متان مڪي جو پاڻي پاءِ نه پويس سو حليمان کي چيائين ته “ادي ٻڌين ٿي ڪڪي کي واري تون پنهنجي وطن وٺي وڃ جتي شل جڏهن وڏو ۽ هوشيار ٿيندو تڏهن آءُ پاڻ کان پاڻهي گهرائي وٺنديسانس.”حليمان ته ائين گهريو ٿي سا موٽائي پنهنجي وطن وٺي آيس ۽ ٻه ورهيه ٻيا به ڏاڍن لاڏن ڪوڏن سان ويهي پاليائينس.جڏهن پنجين ۾ پير پيس تڏهن ٻالڪ موٽي مائٽن وٽ مڪي ۾ آيو.
ڇهين ورهين جو ٿيو ته ماڻس پاڻ سان گڏ مدينه وٺي ويس پر ڳڀوراڙي اتان سر سلامت وٺي ملڪ نه موٽي واٽ تي موضع ابوا ۾ ويچاري سڌاري هلي.هنکان پوءِ نپايس ڪيس ڏاڏس پر نينگر اٺن ورهين جو ٿيو ته هن گهوٽ کي به اجل گهائي وڌو.
جنهن شخص پاڻ پنهنجي ابي جون پيار ڀريون اکيون نه ڏٺيون هونديون ۽ پنهنجي پياري پيءُ سان آرا انگل نه ڪيا هوندا ۽ سندس مصريءَ جهڙا مٺا ٻول نه ٻڌا هوندا بلڪ پيءُ جي شڪل ئي نه ڏٺي هوندي ۽ جو شخص ننڍڙي ئي پنهنجي مٺيءَ ماءُ کان وڇڙيو هوندو ۽ ان جي من موهن محبت کان محروم رهيو هوندو جو شخص پاڻ جنهن ڄمار ۾ ٻالڪ کيٽا ڪندا آهن ۽ مائٽ کين لاڏن ڪوڏن سان نچائيندا ٽپائيندا ۽ گل گولڙيون ڪرائيندا آهن تنهن ڄمار ۾ ئي ڇورو بڻجي پيو هوندو سو شخص ئي يتيمن جي دلين جي اٻاڻڪائي ۽ ڇورن جي اٻلائي جو پوريءَ ريت ويچار ڪري سگهندو.
حضرت محمد ﷺ کي ننڍڙي ئي جي مائٽن جا هٿڙا ڦوڙائي جا ڦچ پيا تنهن ۾ به حڪمت هئي سڀاءُ جو حليم ۽ ڪهل وارو ٿيو سو خصوص ان ڪري سائينءَ سڳوري شايد گهريو ٿي ته اهي سور سهي هو نهايت هر دلعزيز ۽ بردبار ٿئي.هونءَ نه ته ممڪن آهي جو سندس ڳوٺاڻي سدائين گمراهيءَ جي گپ ۾ گٿاپيا هجن ها.
ڏاڏي جي قضيئي بعد حضرت محمد ﷺ گهر ۾ گهڻو نه گذاريندو هو.پهاڙ ۽ بيابان جيڪي مڪي جي چڪ ۾ آهن تن ۾ پيو گهمندو هو ۽ ان جي اتاهين ۽ ايراضي ڏسي سارو وقت پيو سوچ ويچار ڪندو هو.
“سرشتي بمثل هڪ پستڪ جي اهي جنهن جو پرت پرت وندرائيندڙ ۽ نصيحت آميز آهي.”هن صاحب اٺن ورهين جي ڄمار ئي ۾ سندس پرت پرت ائينپڙهيو ۽ منجهائنس ايترو پرايو جئين ڪو نه پڙهي ڪو نه پرائي.
چاچهنس ابو طالب جا منجهس پران هوندا هئا ۽ جيسيتائين هي نينگر گهمي ڦري گهر نه موٽندو هو تيسيتائين انڌيون پيون ايمديون هئس چوندو هو”وس پڄيم ته پل نه پاڻان پري ڪريانس”.حضرت محمد ﷺ به سندس اهڙو ئي حق مان رکندو هو ۽ روز هڪ لڱا منهن ضرور ڏيکاريندو هوس نه ته لاچار پئي ائين ڪندو هو پر پاڻ به روز چاچي جي منهن ڏسڻ ڌاران گهاري نه سگهندو هو پيار سندن پر سپر هو.
بحيره راحب: هڪ لڱا ابو طالب کي ڪو شام ڏي وڃڻو پيو حضرت محمد ﷺ ٽن ڏينهن يارهين ورهين جو نينگر هو چاچي جي اسهڻ جو ٻڌائين ته من ڀرجي آيس اکين ۾ پاڻي آڻي چاچي کي گلي کان چهٽي پيو ۽ منهن اهڙو کڻي نماڻو ڪيائين جو هن چيس “بابا پٽ روءُ نه تون مونسان هليو هل”
مسلمان راوي لکن ٿا ته جڏهن قافلو بصره ۾ پهتو تڏهن اتي بحيره نالي راهب سان محمد ﷺ جي گفتگو ٿي ۽ سندس سمجهه ۽ عقل ۽ مٺي ڳلهائڻ ۽ نرمل سڀاءُ هن راحب کي اهڙو موهي وڌو جو چاچس کي چيائين ته “ادا هيءُ ته آفتاب عرب اٿيئي عربن مان بتپرستي اهو نهوڙي نيندو پر ڏاڍي سندس سر جي سنڀال ڪج ڏسجئين متان ڪن يهودين جي ور چڙهي وڃي ۽ هو پورو ڪري ڇڏينس.”
ڪن روايتن ۾ هئن به لکيل آهي ته بحيره ابو طالب کي هئن به چيو ته”ڀائٽيهن اهو ساڳيو شخص اٿيئي جنهن جي اچڻ جو اٍشارو حضرت عيسيٰ به ڪري ويو آهي ۽ بيشڪ هيءُ خدا جو رسول ۽ پويون نبي آهي.”
محمد صاحب ﷺ هن مسافريءَ مان گهڻو ڪي پرايو عربن جا جيڪي ڪه مشهور تواريخي مڪان ۽ پهاڙ آهن سي سڀوڃي اکين ڏٺائين ۽ پڇي ڳاڇي سمورو سندن سماءُ هٿ ڪيائين جدا جدا ملڪ ۽ ان جون ايراضيون وري تن اندر جهنگل ٻيلا ميدان بيابان جل ٽڪر ٻيا ٽياس ڏسي مالڪ جي وڏائيءَ جو ويچار ٿيس ته ڇا ته هو سگهارو هوندو ۽ دل تي اهڙو اثر پيدا ٿيس جو پوءِ وعظ ڪندي ڪڏهن به خدا جي هستيءَ بابت ڪو دليل ڏيڻو پوندو هوس ته وٺي ان ڏي اشارو ڪندو هو ۽ ٻڌندڙن کي چوندو هو ته”نٿا ڄاڻو جو ان سڀني جو اپائڻهار ڪير آهي؟ ڏسو نٿا ڪيئن ته ساري سندس جوڙ سندس هستيءَ جي گواهي پيئي ڏيئي.”
خيثتا سشى ىسلاف
چوڏهين ڪه پندرهين ورهين جو جوان نينگر هو تڏهن قريشن ۽ بني هوازن وارن جي وچ ۾ حرب الفجار واري سخت لڙائي لڳي جنهن ۾ چاچي سان سامل ٻه دفعه پاڻ به لڙيو بس پوءِ مٿان پنجويهن ورهين جو اچي جوان ٿيو.تنهنوچ ۾ فقط ٻه واقعا سندس حياتيءَ ۾ ٿي گذريا.پهريون ته يمن ۽ ٻين پسگرداين ۾ گشت ڪري اُتي آدمين سان وڻج واپار ۽ سودي ٻئي ۾ اهڙي سوڌي هلت هليو ۽ ليکي جوکي ۾ ساڻن اهڙو صفا رهيو جو هنن نالو ئي کڻي صادق ۽ امين رکيس ٻيو ته خديجه سان سندس ڏيٺ ٿي.
خديجه مڪي ۾ رهندي هئي ۽ گهر وارس وڏو ڀاڳيو آدمي هوندو هو جڏهن ان وفات ڪئي تڏهن مرضي ٿيس جو پاڻ وٽ اهڙو ڪو آبروءَ وارو آدمي رکان جو مال جي نظر داري به پيو ڪري ۽ يمن ڏي وڃي.اتي ان جو نيڪال به پيو ڪري.حضرت محمد ﷺ جي سچائيءَ جي ساک سڻي هيائين سو چوائي مڪائينس ته”اچي مونوٽ بيهه ته چڱو پگهار ڏيانءِ” حضرت محمد ﷺ به چاچي ابو طالب سان صلاح ڪري کڻي اها آڇ قبولي نوڪري اهڙي سپت سچائيءَ سان ڪيائين ۽ پنهنجي ڌياڻيءَ جو مال نيڪال ڪري کين ايترو فائدو هچايائين جو ڌياڻيس آخر اُتس راضي ٿي.کڻي ساڻس لائون لڌيون ان وقت حضرت محمد ﷺ ڀرين پنجويهن ورهين جو هو.
خديجه پئسي واري عورت هئي ۽ ريڌي پاڻ هئي.سو محمد صاحب ﷺ جي ڏاڍي رکندي هئي.مٿائنس ٻلهار پيئي ويندي هئي .حضرت محمد ﷺ به ساڻس اهڙا ئي پير هلندو هو.
حليمان جنهن حضرت محمد ﷺ کي ٿڃ پياري هئي سا ويچاري زماني جي گردش لوڙهي ڇڏي هئي.هاڻ جو ٻڌائين ته خديجه حضرت محمد ﷺ سان نڪاح وڌو آهي سو اچي پٽيلي سان حال اوريائين .حضرت محمد ﷺ بي بي خديجه سان ڳالهه ڪئي ۽ هن اماڻڪ کڻي چاليهه رڍون بخش ڪينس جي وٺي حليمان گهوٽ ڪنوار کي دعائون ڪندي رهندي هئي.
اولاد
حضرت محمد ﷺ کي بي بي خديجه مان چار نياڻيون ۽ هڪ پٽ ٿيو.پٽس جو نانءُ قاسم هو پر معصوم تڳيوئي ڪين.وري آيو نياڻينس جا نالا هي هوا (1) رقيه (2) زينب (3) فاطمه (4) ڪلثوم
ملڪ جو اونو
حضرت محمد ﷺ کي هاڻ خيال ٿيو جو ملڪ کي سڌارجي ۽ ان جي بهبوديءَ لاءِ پاڻ پتوڙجي.اڳي عربن ۾ رواج هوندو هو جو مڪي جي اندر ڪنهنکي به ظلم ستم ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي.اول اول اهو رواج نئي سر عمل ۾ آڻايائين ان ڪم ۾ پاڻ سان شامل ٻين آڪهين جي عيوضين کي به ڪيائين.