محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم/چند لفظ

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
محمد رسول اللّٰہ صلي اللّٰہ عليہ وسلم  (1911)  by لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
چند لفظ

منهنجي دل گهڻن ڏينهن کان هئي ته هئڙو ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي تيار ڪريان ۽ ان باري ۾ تڏهڻين ،هڪ ٻه ڪتاب انگريزي نظر مان ڪڍيم پر جس ڀريا نه سمجهيم يا ته ننڍڙن نينگرن جي سمجهه کان ٻاهر هوا يا ته گهڻيئي منجهن وائي بادي ڳالهيون لکيل هيون
نيٺ هڪ ڏهاڙي هڪ اردو ڪتاب ٺاهيل پرڪاش ديو برهمو ڌرم پرچارڪ جو ملي ويم.اهو پڙهيم ۽ ڏٺم جو اهڙي نموني جو ڪتاب ڪو سنڌيءَ ۾ به تيار ڪبو ته خاصو ٿيندو پوءِ به پئي سنڀريس آخر گذريل ويڪيشن ۾ ويهي ڪم پورو ڪري ڇڏيم.
حضرت محمد ﷺ بنسبت غير مسلم ماڻهن جي مغز ۾ اهو اٺ ويٺل آهي.ته هن حضرت دين اسلام تلوار جي وسيلي ڦهلايو.هن احوال جي پڙهندڙن کي پاڻيهي معلوم ٿيندو ته اها سراسر سندن غلطي آهي .مسلمانن پنهنجي نبيءَﷺ جي وفات پڄاڻا ۽خليفن کان به گهڻو گهڻو پوءِ اهڙي سرجوشي ڏيکاري تنهن ۾ ته ڪو شڪ نه آهي.پر نبيءَ ﷺ جي ڏينهن ۾ ته اٽلو اٽن ٻري ايندي هئي ۽ جيڪي به ان عرصي اندر لڙايون لڙيا سي ساريون بچاءُ ۾ هيون.
حضرت محمدﷺ جي نڪاحن نسبت به شايد ڪن جي دل ۾ گمان اُٿي ان کي هيءَ ڳالهه ڄاڻڻ گهرجي ته عربستان ۾ تن ڏينهن رواج هوندو هو ته ڪا عورت ڪنهن مرد جي سام اچي پوندي هئي ۽ هو هن کي پناهه ڏيڻ چاهيندو هو ته هو کڻي ساڻس نڪاح وجهندو هو.حضرت محمدﷺبه اهڙين ئي صورتن هيٺ نڪاح وڌا ۽ نه شهرت جو شڪار ٿي ائين ڪيائين ويچار جي ڳالهه آهي ته 50 ۽ 60 ورهين جون پوڙهيون عورتون نڪاح وڌائين انهن سان ٻيو وري پاڻ به هو 50 ورهين کان ٻاهر.
اميد اٿم ته جا مراد من ۾ پائي ڪتاب لکيو اٿم سا پوري ٿينديم.