قديم سنڌ جا ستارا/فصل 1

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
قديم سنڌ جا ستارا  (1923)  by مرزا قليچ بيگ
فصل 1: بکر لوهڙي ۽ آسپاس وارو ملڪ

1:- مير معصوم شاهه: هو سيد صفائي بن سيد مرتضٰي ترمذيءَ جو پٽ هو، جو سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال مشهور اولياءَ جي نسب مان هو ۽ بکر ۾ اچي رهيو هو. هو وڏي علم ۽ عمل وارو ماڻهو هو. جڏهن مرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو والي هو، تڏهن هن شاهه قطب الدين بن شاهه محمود خراسانيءَ کي بکر جو شيخ الاسلام ۽ واعظ مقرر ڪيو هو. انهيءَ جڏهن سنه 977 هه ۾ وفات ڪئي، تڏهن انهيءَ وقت جي سلطان محمود خان سيد صفائيءَ کي انهيءَ جي جاءَ تي شيخ الاسلام مقرر ڪيو، جنهن سنه991 هه ۾ وفات ڪئي. مٿئين شاهه قطب الدين جي عزيزن مان هڪڙو شخص شاهه جهانگير هاشمي، مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ خراسان کان سنڌ ۾ آيو، جو چڱو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو. هن جي ”مثنوي مظهرال آثار“ ۽ سندس ”ديوان هاشمي“ مشهور آهي، جا هن مثنوي ”تحفـﺔ الاحرار“جي جواب ۾ لکي هئي اهو سنه 946 هه ۾ حج ڏي ويندي رستي ۾ ڪيچ مڪران وٽ شهيد ٿيو. سيد صفائيءَ جو پٽ مير معصوم شاهه پهرين بکر جي حاڪم سلطان محمود خان وٽ چڱي عهدي تي مقرر ٿيو. پوءِ اڪبر بادشاهه وٽ اميريءَ جي درجي کي پهتو ۽ خان خانان سان گڏ سنڌ جي فتح ڪرڻ ۾ وڏا ڪم ڪيائين. بکر جي آسپاس هن گھڻيون عمارتون جوڙايون. سندس منارو اڃا: موجود آهي. هن گھڻا ڪتاب نثر توڙي نظم ۾ لکيا. ”تاريخ معصومي“ سنڌ جي احوال بابت مشهور آهي. شعر ۾ سندس تخلص ”نامي“ سندس خلاصو ”طب نامي“ اڃا موجود آهي. هن سن 1014هه1605/ ۾ وفات ڪئي. اڪبر بادشاهه به انهيءَ سال ۾ وفات ڪئي. اهو سال ايجد جي حساب سان هن فارسي مصوع مان ٿو نڪري
بود ”نامي“ صاحب ملڪ سخن ۽ اڪبر بادشاهه جي تاريخ هن جملي سان ٿي نڪري فوت اڪبر شه مير معصوم شاهه جي پٽ جو نالو مير بزرگ هو. انهيءَ جو اولاد گھڻو ٿيو ۽ اڃا آهي، جو بکر ۽ سکر ۾ رهندر اچي. سندس ملڪي ڪم سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندا، هتي ڏوپئي نٿا سگھجن.

2_ اڳي سنڌ ۾ اُچ ۽ ملتان به شامل هوندا هئا. اُچ ۾ سيد جلال بخاري يعني مخدوم جھانيان جي اولاد ۽ مريدن مان به گھڻا بزرگ عالم، فاضل ۽ شاعر ٿي گذريا، انهن مان هڪڙو شيخ محمد علي بن عبدالواسع هو، جو هڪڙو وڏو صوفي بزرگ هو ۽ چڱو شاعر هوندو هو. بخاري سادات جو سارو شجرو شعر ۾ آندو اٿس.
ملتان ۾ وري ساڳيءَ طرح شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ اتي جي شيخ الاسلام ۽ اولياء جي اولاد ۽ مريدن مان به گھڻا مشهور عالم فاضل ٿي گذريا. انهن مان مشهور هيءُ آهن: شيخ فخرالدين عراقي ۽ امير حسيني جنهن ڪتاب ڪنزالرموز، ۽ ”زادالمسافرين“ ۽ ”نزهـﺔ الارواح“ تصنيف ڪيا.
فضلي به مشهور عالم ۽ شاعر هو. ناصرالدين قباچه سنڌ جي حاڪم جي صحبت۾ رهندو هو. گھڻو شعر چيو اٿس، جنهن ۾ سندس تخلص ”فضل“ آهي. سعيد قريشي به اتي جو چڱو شاعر ٿي گذريو آهي. شاهزادي مراد بخش بن عالمگير جو ملازم هوندو هو.

3_ بکر جي مشهور ماڻهن مان مير جان شاهه رضوي به هو، جو مير حيدر شاهه جي اولاد مان هو ۽ شاهه عنايت الله صوفيءَ جو مريد هو ۽ خليفو به هو ۽ روهڙيءَ ۾ رهندو هو. اڃا تائين سندس گادي هلي اچي. شعر تمام چڱو چوندو هو. خلاصو ديوان اٿس. سندس تخلص ”مير“ آهي.

4_ الور جي مشهور عالمن مان قاضي اسماعيل هو، جو محمد شيباني بن عثمان ثقفي جي اولاد مان هو. جنهن کي محمد بن قاسم سنڌ وٺڻ بعد اتي جو قاضي ۽ خطيب ڪري رکيو هو. انهيءَ جي اولاد مان هڪڙو ٻيو به قاضي اسماعيل هو، جو عالم ۽ فاضل هو ۽ سنڌ جي فتح جو احوال عربيءَ ۾ لکيو هئائين. سنه 600 هه ۾ علي بن حامد ڪوفي، جو اُچ ۾ رهندو هو، تنهن انهي قاضيءَ کان اهو احوال وٺي فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن تان ”چچ نامي“ جو ڪتاب ٺهيو.