قديم سنڌ/باب ڏهون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
قديم سنڌ  (1957)  by ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي
باب ڏهون : آرين جي گهرو جيوت ۽ عقيدا

گهر جو بنياد: گهر اِنسان جو پهريون مڪتب آهي ۽ اِهو ئي سڀيتا جو اوائلي ماڳ ۽ پنگتي جوڙجڪ جو مول مرڪز آهي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي جيوت مِرن وانگر ڪاٽين ها، ته نڪي هجن ها گهر گهاٽ، نڪي مٽيون مائٽيون؛ خود ماءُ پيءُ سان به ناتو ڪونه هجي ها، جيئن وهٽن ۽ ڪتن ٻلن جو ڪونهي. گهر آهي ئي زال سان، جنهن تي گهر جهلڻ جو بار آهي، جنهنڪري اڄ تائين ”گهر واري“ معنيٰ زال يا جوءِ. خود ”گهر“ لفظ جي به اصطلاحي معنيٰ آهي ”زال يا جوءِ“. مثلاً ”فلاڻو پهريون گهر يا ٻيو گهر پرڻيو“. هتي ”گهر“ معنيٰ زال يا جوءِ. زال يا جوءِ به اُها جنهن سان لائون لڌل هجن. مطلب ته گهر جو بنياد پرڻي جي رسم تي ٻڌل آهي. گهر اُهو آهي، جنهن ۾ جوءِ ۽ مڙس ٻوڙ پلاءُ، يا جائي جواري روٽي کائي، گڏ گذارين ٿا، ۽ ڏک سُک ۾ هڪٻئي جا حال ڀائي ٿين ٿا. ائين هڪٻئي سان ايتري پريت ٿئين ٿي، جو هڪٻئي تان گهوريو قربان وڃن ٿا. تنهن ۾ به اِستري، جا پريم پُتلي آهي، سا پنهنجي پتيءَ کي ايترو پيار ڪري ٿي، جنهن جو پورو ورنن ڪوبه ڪري ڪين سگهندو، تنهنڪري سڀني سڌريل قومن پرڻي يا نڪاح جي ضرورت محسوس ڪئي. پنهنجي ڌرم پتنيءَ يا نڪاح پيل زال مان حق حلال جا ٻار ڄمن ٿا، ۽ اُنهن جي به پاڻ ۾ ججهي پريت ٿئي ٿي. ڪنهن وقت کڻي ڀائر پاڻ ۾ وڙهندا جهڙندا، يا هڪ ٻئي سان کهرو خستو ڳالهائيندا، ته به ڪنهن نه ڪنهن مهل هڪٻئي جو تاءُ ضرور اُڀرندن، جنهنڪري چوڻي آهي ته ”رت ونگو به وري“. ٻيو چون ”رت جي رتي، صحبت جو خرار“. اولاد ۽ مائٽن جي هڪٻئي سان پريت هئڻ ڪري، خود گهر لاءِ سڪ جاڳي ٿي. ڪو ماڻهو ڪنهن ڏيساور ڏي ويندو، ۽ اتي کڻي سوين موجون ماڻيندو هوندو ته به جنهن مهل گهر جي ڇڪ ٿينديس، تنهن وقت سمنڊ جهاڳي به موٽي پنهنجي ماڳ ايندو. پريان رڳو پنهنجي وطن جا وڻ ڏسندو، ته خوش پيو ٿيندو، ويتر اباڻا ڪک ڏسي هيڪاري گدگد پيو ٿيندو! مطلب ته گهر ڄڻ ته هڪ محبت جو مندر آهي، ۽ ان جو بنياد وواهه سنڪار تي ٻڌل آهي.
سڀني سڌريل قومن گهر جو بنياد جيتوڻيڪ نڪاح يا وهانءَ تي ٻڌو، ته به آڳاٽن آرين هن باري ۾ ٻين کان هڪ قدم اڳتي وڌايو. دنيا ۾ ڪهڙا به ناتا ڇڄي سگهن ٿا، پر آڳاٽن هندن ائين ئي مناسب ڄاتو، ته زال ۽ مڙس جو ناتو هڪٻئي سان هرگز ڇڄڻ نه گهرجي. اهڙا خيال نه رڳو مردن جا هئا، پر زالن جا به هئا. مثلاً وشو وارا“ (Visva – Vara) نالي هڪ اِستري ٿي گذري آهي، جا رشين جي دفعي ۾ ليکي ويئي آهي. رگ ويد جي منڊل پنجين (28، 3) ۾ اگني ديوتا کي آراڌنا ڪئي اٿس ته ”وهانءَ جو ناتو ڪڏهن به نه ٽُٽي، ۽ سدائين پختي پائي تي هجي“! هن مان ظاهر آهي ته مردن وانگر خود زالن کي به پنهنجي گهرو جيوت کي پختي پائي تي بيهارڻ جو اونو هوندو هو. انهيءَ اوني سبب هندن ۾ وهانءُ هڪ ڌرمي سنسڪار ليکيو ويو آهي، ۽ زال پنهنجي مڙس جي ”ارڌانگني“ يا ”اڌ سرير“ سڏي ويئي آهي. مرد ۽ عورت اصل ۾ ٻه جدا سرير آهن؛ پر وواهه سنسڪار ڪري ٻئي ملي هڪ ٿين ٿا. هندن ۾ اڄ تائين دستور آهي ته ڪا پوڄا ڪرائين، ته زال مڙس گڏ پلئه ٻڌي وهن، جو پنهنجو توڙي سڄي ڪُل جو نيتارو به گڏجي ڪرڻو اٿن. وهانءَ جي رسم کي اهو ڌرم جو ڌاڳو آڳاٽن آرين اهڙوڳ ٻڌو، جو هڪ واريءَ جو پرڻيو سو پرڻيو، تنهنڪري هندن ۾ اڄ تائين طلاق جو رواج آهي ئي ڪونه. هندو جاتيءَ جي هيءَ هڪ نهايت مکيه ڳالهه آهي، جا آٻين ڪيترين قومن ۾ ڪانهي.
رواجي ماڻهن جا گهر: رگ ويد ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ماڻهو پنهنجا گهر ڪيئن جوڙيندا هئا؛ پر اٿرو ويد جي منڊل نائين مان اهو پتو پوي ٿو. گهر لاءِ ڪو چڱو پَٽ چونڊي اُن جي چئن ڪُنڊن تي چار ٿنڀا ڪندا هئا، ۽ مٿان ڪامون رکندا هئا. اوڏيءَ مهل ڪي منتر اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل نائون 3). انهيءَ سبب اڄ تائين ڪامن چاڙهڻ مهل پوڄا ڪرائيندا آهن، ۽ مٺائي ورهائيندا آهن. ڇت لاءِ بانس جون لڙهيون ڪم آڻيندا هئا، ۽ انهن جي مٿان پکا وڇائيندا هئا، ته ڇت ۾ سنها سنها سوراخ ڄاريءَ وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جي پوءِ لِنب ڇنب ۾ ڍڪجي ويندا هئا. ٽيڪن ۾ به بانسن جون لڙهيون ۽ ٻُندَ هڻندا هئا. لڙهين ۽ ٻُندن جي وچ ۾ جيڪي خال رهندا هئا، تن ۾ گاهه جا مچا وجهي، پوءِ لنبي ڇڏيندا هئا. ڇت کي ٻنو رکندا هئا. اهو ٻنو اڄ تائين رکبو آهي، ته کُڏ تي بيٺل ماڻهو ڪري نه پوي. مطلب ته گهرن جوڙڻ جو نمونو اهو ساڳيو هو، جو هينئر به ٻهراڙين ۾ عام آهي. گهر گهر کي چار ڀتيون هونديون هيون (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، 377)، پر ڪي گول جهوپڙا به جوڙيندا هئا، جن کي ”چؤنرا“ چئبو آهي (اٿرو ويد. منڊل ٽيون 12، 5). گهر ۾ پٽ تي تڏا وڇائيندا هئا ۽ ڪي گاهه پکيڙي ڇڏيندا هئا، (رگ ويد، منڊل نائون 59، 3).
هرهڪ گهر ۾ اڪثر چار ڪوٺيون هونديون هيون:
(1) هڪڙي ”سَدَسَ“ (Sadas) يعني وهڻ لاءِ ڪوٺي هوندي هئي. هيءَ هڪ عام صفو هوندو هو، جنهن ۾ سڀ گهر جا ڀاتي مڙي سڙي اچي وهندا هئا، ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا.
(2) ٻي ڪوٺي ”پتني نام سدن“ سڏبي هئي، جنهن جي معنيٰ آهي زالن جي وهڻ لاءِ ڪوٺي. هيءَ ڪوٺي انهيءَ لاءِ هئي ته زالون ان ۾ پوشيديون ويٺيون هجن.
(3) ٽين ”اگني شالا“ يا باهه جي ڪوٺي هئي. اهو هو رنڌڻو، جنهن ۾ يگيه جي اگني به دکائيندا هئا، انهيءَ پوڄا واري ٽڪر کي ٻنو ڏنل هوندو هو، جنهن ڪري رنڌڻي کان الڳ هوندو هو؛ پر ڪوٺي ساڳي هوندي هئي، جنهنڪري رنڌڻو پوتر اسٿان ليکيو ويوآهي. هندو ماهو اڄ تائين رنڌڻي۾ جُتي پائي ڪونه ويندا آهن.
(4) چوٿين ڪوٺي هئي ”هويرڌان“ (Havirdhana). اها سيڌي پاڌي رکڻ لاءِ ڪوٺي هوندي هئي. هون هوم جون شيون به ان ۾ رکندا هئا.
انهن صفن ۽ ڪوٺين کان سواءِ هڪ ”آوسٿ“ يعني بيٺڪ يا اوطاق جي؛ جنهن بابت عالمن جو چوڻ آهي ته اها مهمانن لاءِ جاءِ هئي، خاص طرح براهمڻن لاءِ، جي ڪنهن ڪارج منگل تي اچي ڪٺا ٿيندا هئا. (ويدڪ انڊيڪس، 1، 6). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اوطاقن جو دستور ويدن واري زماني کان هلندو اچي. ڪي ڀائيندا آهن ته اوطاقن جو رواج مسلمانن جي صاحبيءَ ۾ پيو، سا غلط ڳالهه آهي.
جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ٻه ٽي ڀائر سگهرا هوندا هئا، ته هنن لاءِ ضروري ڌار ڌار ڪوٺيون هونديون، پر اهڙو ذڪر اٿرو ويد ۾ ڪونهي.
هرهڪ گهر جا ٻه ”پک“ (Wings) هوندا هئا، جنهن مان سمجهجي ٿو ته گهر جي اڳيان ورانڊو يا دالان هوندو هو، اهو ”پروشٿ“ سڏيو ويو آهي. دالان جا ٿنڀا ڪاٺ جا هوندا هئا، جن تي شڪليون اُڪريل هونديون هيون – ڪن ٿنڀن تي ٻن ڀورين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي – اها ڳالهه رگ ويد جي منڊل چوٿين (32، 33) ۾ ڄاڻايل آهي: مطلب ته گهر جي مهڙ وارو يعني ورانڊي جو اڳيون پاسو سهڻو جوڙيندا هئا، ته جاءِ پريان ئي وڻڻ جهڙي ڏسڻ ۾ اچي.
هن وقت جاين جي اڳيان ”اڱڻ“ رکبو آهي. اهو اصل ۾ آهي ويدڪ لفظ ”آنگن“. جيڪو ٻاهران ايندو هو، سو اَڱڻ مان لنگهي، اول دالان ۾ ويندو هو ۽ پوءِ صفن ۾ گهڙندو هو. ـاڱڻ“ لفظ جي تنهنڪري بنيادي معنيٰ آهي ”جنهن ۾ هلجي يا پنڌ ڪجي“. هن مان سمجهجي ٿو ته صبح يا سانجهيءَ جو، يا رات جو ماني کائڻ کانپوءِ، اڱڻ ۾ پسار ڪندا هئا ۽ اڱڻ رکڻ جي اصل مراد ئي اها هئي. هرهڪ گهر جي ٻاهران لوڙهو ڏنل هوندو هو (رگ ويد، 59، 6). سڄيءَ جاءِ کي چوندا هئا ”شالا“ يا ”گهر“، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گرهه“ ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”جو قبضي ۾ هجي“. هن مان ظاهر آهي ته گهر جي سموري زمين ماڻهن جي خلاصي ملڪيت هوندي هئي، ۽ پنجاهه سٺ يا نوانوي سالن جي پٺي تي زمين مليل ڪانه هوندي هين، جيئن هينئر آهي!
رگ ويد جي منڊل ڇهين (46، 9) ۾ ڀارت دواج رشيءَ اندر ديوتا کي آراڌنا ڪئي آهي ته مون کي اهڙو گهرڏي، جو ”تر ڌاتو“ (Tri-Dhatu) ۽ ”تَرو روُٿ(Trivarutha) هجي. هنن لفظن جي ڪن عالمن ڪهڙي، ته ڪن ڪهڙي معنيٰ ڪئي آهي. ڪي چون ته ”تر ڌاتو“ معنيٰ اها جاءِ جنهن ۾ ٽي شيون ڪم آيل هجن: ڪاٺ، سرون ۽ ڪپچا (ٺاڪيل پٿر). شاين آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته ”تر ڌاتو“ معنيٰ ”تر ڀؤميڪ“ يعني ”ٽماڙ“. ممڪن آهي ته اڳي به جاين کي ماڙيون هونديون هيون.
قديم زماني کان وٺي هندن ۾ اهو رواج آهي ته نئين جڙيل جاءِ ۾ وهڻ مهل هون هوم ڪندا آهن ۽ براهمڻن ۽ ساڌ فقيري کارائيندا آهن. انهيءَ کي ”ٿان شڌ“ چئبو آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”ٿان يا اسٿان شڌ (پوتر) ڪرائڻ“. ان وقت ججهو ڌن لٽيندا آهن، تنهنڪري ”ٿان سڌ ڪرڻ“ هاڻ اصطلاح آهي ۽ معنيٰ اٿس پنهنجو ڌن وغيره ٻين کي ڏيئي ڇڏڻ يا خيرات ڪرڻ. انهيءَ قسم جو رواج يورپ ۾ به هو. انگريزيءَ ۾ ان کي House-Warming چئبو آهي – انهيءَ لفظ ۾ هيءَ خيال رکيل آهي ته نئين جڙيل جاءِ ٿڌي ٿئي ٿي، تنهن ۾ محفل ڪندا هئا، ته گهڻا مهمان اچي گڏ ٿين، ته جاءِ ڪوسي ٿئي.
رگ ويد جي منڊل ستين ۾ ٻه رچائون (54 ۽ 55) ”وستو سپتي“ (Vastos-Pati)يعني ”واستوُ“ يا گهر جي ديوتا بنسبت چيل آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”اي گهر جا راکو دعاگو، تون ٻاجهه ڪج، ته هي گهر اسان کي سڀاڳو لڳي، ڪا بيماري گهر ۾ نه ٿئي، اسان جون مرغيون، اسان جو چوپايو مال ۽ اسين سڀ سکيو سهنج گذاريون، ۽ چور اسان کي نه ڦري وغيره“. اهڙيءَ طرح نئين جاءِ ۾ وهڻ مهل ارداسون پائيندا هئا. هن منجهان هيءُ به ظاهر آهي ته اڳي هندو به گهرن ۾ مرغيون ڌاريندا هئا. گهر جي صفائيءَ لاءِ گهڻا ڪک ڪانا هٿ ۾ جهلي، انهيءَ سان ٻُهر ميڙيندا هئا. انهن ڪکن ڪانن کي چوندا هئا ”بهؤاري“ يعني گهڻا ڪانا، ۽ ان جو اُچار هاڻ آهي ”ٻُهاري“
گهرو انتظام: پنگتي جوڙجڪ جو مرڪز آهي گهر. رگ ويد واري زماني ۾ گڏيل ڪٽنب جو رواج عام هوندو هو (صفحو 98)، جنهنڪري هرڪو پيءُ يا ڪٽنب جو پريو مڙس گهر جو وڏو هوندو هو، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين جي مٿان کيس ڪُلي اختياري هوندي هئي. ”پتا“ (پيءُ) لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”سنڀاليندڙ“، اِهو لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته گهر سنڀالڻ ۽ گهر جي ڀاتين جي سار سنڀال لهڻ جو بوجو پيءُ تي هوندو هو. چوڻ به آهي ته ”باري کڻن بار، ڪونهي ڪم ڪچن جو“. گهر گهر ۾ اهي وڏڙا مائٽ هوندا هئا، جي سڄي گهر جو بوجو پاڻ تي کڻي ويٺا هوندا هئا، ۽ آڌيءَ کٽيءَ کي پاڻيهي پيا منُهن ڏيندا هئا، جنهنڪري ننڍڙا سڀ ڳڻتيءَ کان ڇٽا پيا هوندا هئا.
گهر جو پروهت به پيءُ هوندو هو. ڏهاڙي يگيه جي اگني دکائڻ، اگنيءَ ۾ ڇاهوتي وجهڻ، ويدن جا منتر اُچارڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم جي هينئر براهمڻ ڪن ٿا، سي سڀ گهر جو وڏو ڪندو هو. اُن وقت به براهمڻ هئا، جي اڪثر برهم وديا جا ڄائو هئا، تنهنڪري براهمڻ سڏبا هئا. اهي راجائن جي ڪُلَ جا پروهت هوندا هئا. ٻين گهر ٻارين کي به ڪا پوڄا ڪرائڻي هوندي هئي يا ڪو وڏو يگيه ڪرڻو هوندو هو، ته ڪنهن رشيءَ يا براهمڻ کي گهرائيندا هئا، نه ته رواجي روز مره جي پوڄا پاڻيهي ڪندا هئا.
هرهڪ آڪهه جو وڏو يگيه جي اَگني دکائي روز مره جي پوڄا ڪيتري صدق ۽ سچائيءَ سان ڪندو هو، تنهن بابت ”شتپٿ براهمڻ“ ۾ هڪ نهايت عمدي ڳالهه لکيل آهي. ”اَرڻ اؤپويسيءَ“ (Aruna Aupavesi) کي سندس ڪنهن مِتر (مائٽ) چيو ته ”هاڻ وڏا ٿيا آهيو، هاڻ يگيه جون آگنيون دکائيندا رهو“. هن وراڻي ڏنيس ته ”توهين گويا مون کي چئو ٿا ته ڳالهائڻ بند ڪر، ڇاڪاڻ ته يگيه جي اَگني دکائڻ معنيٰ ڪوڙ نه ڳالهائڻ ۽ رڳو نه ڳالهائڻ ڪري ئي ڪوڙ نٿو ٻولجي“. يگيه جي اگني دکائڻ لاءِ ايتري قدر سچائي گهرجي. هيءُ هڪڙو ئي منڊل اسان جا چڱيءَ پر ڪپاٽ کولي ٿو، جنهنڪري سمجهڻ سولو ٿئي ٿو ته گهر جا وڏا به وڏيءَ ڪَلا وارا هوندا هئا. انهن کي اڄ تائين ”پُوج“ چئجي ٿو، سو اِهي بيشڪ پوڄڻ جا لائق هئا، جو ٻين لڇڻن سان گڏ منجهن ايتري قدر صدق ۽ سائي به هئي.*

رگ ويد منجهان معلوم ٿئي ٿو ته پيءُ جيستائين جيئرو هوندو هو تيستائين سڄي گهر جي انتظام جو بار مٿس هوندو هو. جيڪڏهن مري ويندو هو، يا بنهه جهؤر ٿي ويندو هو، ته پوءِ سندس مربي پٽ سندس پاران گهر سنڀاليندو هو (رگ ويد، منڊل پهريون، 70، 5)، ۽ پنهنجن پيرسن مائٽن کي هر طرح سکي رکڻ جو اونو ڪندو هو (منڊل ستون، 18، 23).
”ڀراتر“ (ڀاءُ) لفظ جو ڌاتو آهي ”ڀر“ معنيٰ ”جهلڻ“، ڀائر گهر جو جهلو آهن، ۽ مربي ڀاءُ اڄ تائين پيءُ جي سمان ليکبو آهي، تنهنڪري ننڍڙا ڀائر کيس پيرين پئي گڏبا آهن. ڀائرن جي پريت جا نهايت عمدا مثال رامائڻ ۽ مهاڀارت مان ملن ٿا. اهڙن آدرش ڀائرن جو پروو سڄي هندو جاتيءَ تي وقت بوقت پوندو پئي آيو آهي. گڏيل ڪٽنب جو رواج هيتريون صديون ساندهه سڄي هندستان ۾ هليو ئي اِنهيءَ ڪري جو ڀائرن جي پريت پاڻ ۾ ججهي هوندي هئي، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين جا هڪٻئي ۾ ساس پراڻ هوندا هئا. انهيءَ سبب سنڌ ۾ هيءَ چوڻي به عام ٿي ته:
”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پٽ گهر جي سونهن،
ويـٺا ڪن ورونهن، ڏڄـــڻ ڏوران ئــــي ڏري“
يعني ڀائرن جي ههڙي پريت پاڻ ۾ هئڻ ڪري ڏڄڻ (دشمن) ڊڄي پريان ئي ڀڄي ٿو، ۽ هنن ۾ ڪوبه ڦيٽارو وجهي نٿو سگهي.
گهر جي انتظام جو بوجو مربي پٽ تي جُهلي پوندو هو، ته پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ جي هر طرح ڪوشش ڪندو هو. سندس ڀينرون جيستائين ڪنواريون هونديون هيون، تيستائين کين پاليندو هو ۽ سندن پوريءَ ريت سنڀال لهندو هو. جڏهن وڏيون ٿينديون هيون، تڏهن ڏاجو ڏيئي، کين پرڻائي ڇڏيندو هو، جو ڏيتي ليتيءَ جو رواج انهيءَ قديم زماني ۾ ئي هو (منڊل پهريون 101، 2).
مائٽ ۽ اولاد: ٻار گهر جي وندر آهن. جن گهرن ۾ ٻارن جو غوغاءُ ڪونه هوندو هو، سو گهر ماڻهن کي پيو کائيندو هو. اِنهيءَ ڪري آڳاٽا ماڻهو ڌڻيءَ کي اها آراڌنا ڪندا هئا، ته ٻار ٻچا ڏجانم! (رگ ويد، منڊلس تون، 1، 11، ۽ 12، منڊل اٺون، 1، 13) اڪثر ائين چاهيندا هئا ته پٽ ڄمن، جي وڏن جو نالو قائم رکن ۽ پترن کي پاڻي به ڏين (منڊل پهريون 105، 3).
آڳاٽا لوڪ ائين وسنهندا هئا ته جيڪو ماڻهو بنا اولاد مري ٿو ۽ پنڊ ڀرائڻ ۽ پترن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪوبه پٽ ڪونهيس، سو ”پؤ“ نالي نرڪ (دوزخ) ۾ پوي ٿو. انهي ئي سبب ڪري فرزند کي سڏيائون. ”پؤتر“ يعني ”پؤ“ نرڪ کان تارڻ وارو. ماڻهن پٽ گهريائي انهيءَ ڪري ٿي ته جيئري ته ٻانهن ٻيلي ٿين پر مئي کان پوءِ به مائٽن جي ڪريا ڪرم ۽ سراڌ ڪري انهن جو نيتارو ڪن. جنهن کي پنهنجو آنڊي ڄائو پٽ ڪونه هوندو هو، سو لاچار ٻئي جو پٽ (خاص ڪري ڏهٽو) گود وٺندو هو. ”گود ۾ وٺڻ“ معنيٰ ڌرم جو پٽ پٽ ڪرڻ. اهو اصطلاح خود ڄاڻائي ٿو ته پرائو ٻار اڃا ٻاروتن ۾ ئي هوندو هو ۽ گويا هنج ۾ وهارڻ جيڏو هوندو هو، تڏهن کيس پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪندا هئا، ۽ نه وڏي هوندي. ائين پرائو پٽ پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪندا هئا، ته به دل کي اهڙي فرحت نه ايندي هين، جهڙي پنهنجي ڄڻيل پٽ مان اچي ٿي. وقت تي اهي ڌرم جا پٽ موٽي پنهنجن اصلوڪن مائٽن وٽ ويندا هئا. (منڊل ستون، 4، 7-8).
آدرش پٽ اهو سمجهبو هو، جو شڪل جو سهڻو، قد جو قداور، همت ڀريو، برجستو ۽ گهر جهلڻ جهڙو، سمجهو، سياڻو، شاسترن جو ڄائو ۽ ڀڳوان جي ڀڳتي ڪندڙ هوندو هو (منڊل ڏهون، 47، 3). رگ ويد ۾ هڪ رشيءَ اراڌنا ڪئي آهي ته ”اي ڀڳوان، اهو پٽ ڏجانم جو مها ٻلوان هجي، ڀلي گهوڙي تي چڙهي، جڌ ۾ دشمنن کان سوڀ کٽي، ۽ وڏايگيه ۽ دان ڪري (منڊل ڇهون، 33، 1). مطلب ته مها ٻلوان ۽ ڌرماتما پٽ ماڻهن کي وڻندا هئا. جيڪڏهن قضا سان ڪنهن جو پٽ ناخلف ٿي سامائبو هو، ته مائٽ کيس سيکت ڏيئي، سؤڌيءَ راهه تي آڻيندا هئا. منڊل ٻيو، 29، 5). وقت تي ڪي مائٽ چڙ ۾ ڀرجي پنهنجي اولاد کي نهايت اجوڳ سزائون ڏيندا هئا. اهڙو هڪ مثال رگ ويد ۾ آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته رَجراشوَ (Rjrasv) نالي هڪ جوان ڳوٺاڻن جون هڪ سؤ رڍون جهنگ ۾ چاريندي، بگهڙن کان کارائي آيو، ته پڻس ”ورشاگري“ (Vrasa-giri) مٿس ايترو ڪاوڙيو، جو ٻئي اکيون ڪڍي ورتائينس، ۽ پوءِ اَشوني ڪمار ديوتائن پنهنجي ڪريا سان انڌي مان سڄو ڪيس (منڊل پهريون، 116، 16، 117، 17). رواجي طرح پيءُ پنهنجي پٽ يا نياڻيءَ کي گهٽ ڪونه گهرندو هو، ۽ سدائين اولاد جي بهبوديءَ جو اونو هوندو هوس (منڊل اٺون، 48، 4). پٽ به سدائين پيءُ جي آگيا ۾ هوندو هو، ۽ سندس لاءِ ججهي حب ۽ عزت هوندي هيس ماءُ پيءُ کي پيرين پوڻ جو رواج نهايت قديم آهي. رگ ويد جي منڊل ٻئي (33، 12) ۾ لکيل آهي ته پٽ پنهنجي پيءُ کي پيرين پوندو هو ته پڻس هٿن کان جهلي ڪنڌ مٿي ڪندو هوس. مريادا پرشوتم شري رامچندر به مائٽن کي پيرين پوندو هو، ۽ اهو رواج اڄ تائين هلندو اچي. اڄ به ڪو ماڻهو ڪنهن لائقيءَ کي رسندو آهي ته ائين وسهندو آهي ته ماءُ پيءُ جي آسيس مون کي اَڏيو آهي. هن مان ظاهر آهي ته ماءُ پيءُ ديوتائن جو روپ ڪري ليکبا آهن.*

نياڻيءَ کي قرب وچان ”پُتري“ (پُٽري) چئبو آهي، نه ته عام طرح ”پُٽ“ جو مونث آهي ”ڌيءَ“ (پراڪرت ڌيئا“)، جو اصل ۾ اهي سنسڪرت لفظ ”دُهتا“ ”دهتر“ (پارسي ”دختر“، ۽ انگريزي ”ڊاٽر“ (Daughter). انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دُهه“ (Duh) معنيٰ ڏهڻ، اڳي نياڻين تي ٻڪرين، گاين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم رکيل هو، تنهنڪري مٿن اِهو نالو پيو. مطلب ته ”پٽ“ لفظ ۾ هڪڙو خيال ۽ ”ڌيءَ“ لفظ ۾ ٻيو خيال سمايل آهي، تنهنڪري ايهي ٻه علحده لفظ مليا اٿئون.
پٽ توڙي ڌيءَ ساڳي ئي مائٽ جو اولاد، ته به ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو ڦير هن وقت ماڻهو سمجهن ٿا، سو آڳاٽا لوڪ به سمجهندا هئا. پٽ سدائين مائٽن وٽ گذاري ٿو، ۽ ڪُلَ جو نالو قائم ڪندو رهي ٿو. مائٽ پيرسن ٿين ٿا، ته پٽ سندن شيوا ڪري، کين هر طرح سکي رکي ٿو. حقيقتاً ڌيئن کي پاڻ مائٽن جو تاءُ پٽن کان وڌيڪ اُڀرندو آهي. جنهنڪري چوڻي آهي ته ”پيئيءَ ليئيءَ ڌيءَ ڪم اچي“. يعني اَگهائيءَ ۾ مائٽ جڏهن کٽ وٺي پوي ٿو، تڏهن ڌيءَ گهڻو ڪم اچي ٿي. اِنهيءَهوندي به نياڻيءَ جي حالت نرالي آهي. ڌيءَ آخر وڃي پرائو گهر وسائي ٿي. نياڻيءَ کي ڏيتي ليتي ڏيئي اُڪلائجي ٿو، تنهن کانپوءِ به سندس سکي جيوت جو مکيه مدار سندس مڙس تي آهي، جو ڌاريو شخص آهي. خبر نه آهي پس پيش لائق انسان ثابت ٿئي يا نه، ۽ ڇوڪري ساهري گهر سکي جيوت گذاري يا نه، جيڪڏهن نياڻي هر طرح سکي آهي ۽ ڪوبه ڪَنُ ڪُرو ڪونهي، ته مائٽ به خوش؛ پر جيڪڏهن نياڻي ڏکي، ته مائٽ جي دل به اڻپڇو ڏکي. جن کي ساهري گهر ملن رت جون مانيون ۽ سُورن جا ساڳ. تن گهڻي ئي پهاڪا پنهنجي حال تان چيا آهن، جهڙوڪ:
”ساهرا اهرا ٻاٻرا ڪنـڊا،
جو پاسو وراءِ، سو چپ چپ ڪندا“.
زنانو پهاڪو.
نياڻين جي آئيندي جا ويچار آڳاٽن ماڻهن کي ايتري قدر ويڙهي ويندا هئا، جو رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائترييه براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ڌيئون ڏک جو ڪارڻ آهن“. (ستون، 31، 1)
نياڻين جو اونو ۽ اُڪلاءُ: قديم هندن ۾ لکيل وصيت (Will) ڪرڻ جو رواج هئو ئي ڪونه، سموري ملڪيت جو مالڪ پيءُ هوندو هو. پيءُ کان پوءِ سندس سڀ ملڪيت سندس پٽن جي ٿيندي هئي. ڪنهن کي پٽ نه هوندو هو، ته سندس سموري ملڪيت سندس ڏهٽن کي ملندي هئي، نه ڌيئن کي. اڄ به اهو ئي قائدو آهي. رواجي طرح ڀاءُ پنهنجي ملڪيت مان پنهنجيءَ ڀيڻ کي حصي ڏيڻ لاءِ ٻڌل ڪونه هوندو هو (رگ ويد، منڊل ٽيون، 31، 2). انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي سندس دل وٽان گهوٽ نه ملندو هو، يا ڪنوارو رهڻ پسند ڪندي هئي، يا ڪنهن مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب سڄي عمر ڪنواري رهندي هئي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پيءُ جي ملڪيت مان حصو گهرندي هئي، ته ملندو هوس (منڊل ٻيون، 7، 17) انهيءَ ريت ڀائر پنهنجا ڀال ڀلائيندا هئا. ته ڀيڻ عزت آبروءَ سان سکي سهنجي جيوت ڪاٽيندي هئي ۽ ڪنهن ٻئي جي محتاجي ڪڍڻي ڪانه پوندي هيس. جيڪڏهن اباڻي ملڪيت ماڳهين خير ڪا هوندي هئي، ته پوءِ ڇوڪري لاچار ٿي، ڪا ڪرت ڪار وڃي ڪندي هئي، ۽ وقتي لالچن ۾ ڦاسندي هئي. جنهن ڇوڪريءَ جو اوهي نڪو واهي هوندو هو، تنهن جي پٺيان لفنگا پوندا هئا، ۽ ڪي ته آخر کليو کلايو بد پيشو اختيار ڪنديون هيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 7، چوٿون، 5، 5).
ڪي ڇوڪريون ڪنواري ئي ٻار ڄڻي ڦٽا ڪنديون هيون (منڊل ٻيون، 29، 1، منڊل پنجون، 5، 5 ۽ منڊل نائون 32، 5). يجر ويد جي تئترييه براهمڻ (ٽيون 4، 2، 1) ۾ ”ڪماري پتر“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪنواريءَ جو پٽ“. اهڙن سببن ڪري ڌيئن جو ڄمڻ گهڻن کي وڻندو ئي ڪين هو. جنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي نڪو پيءُ نڪو ڀاءُ هوندو هو، سا نڀاڳي ليکبي هئي، ۽ ٻيا مٿس قياس ڪندا هئا. اِهو به خطرو هو، ته هيءَ ڪنهن مهل اُبتا پير کڻندي (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 77 منڊل چوٿون، 5،5). اٿرو ويد جي منڊل ڇهين (11، 3) ۾ ايشور کي آراڌنا ٿيل آهي ته ”اي ڀڳوان، ڌيءَ ٻين کي ڏجانءِ، هتي اسان جي گهر ۾ پٽ ڏجانءِ!“ مطلب ته ڌيءَ ڄائي ته مائٽن مٿان ڄڻ ته ڪا ڇَپ پيئي! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”پهرين ڌيءَ پٽ برابر“، پر ڌيءَ پرڻائجي ٿي، ته سيڻن جي اڳيان وار وڇائڻا پون ٿا، ۽ اُنهن جون گهڻي ئي ڳالهيون سهڻيون پون ٿيون، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ هيءَ چوڻي به عام آهي ته ”سؤ پُٽان، هڪ ڳڀان، تنهن ڀَر به لڪان“. جيڪڏهن ڪنهن مائيءَ کي ٻه ٽي نياڻيون اڳي ئي هونديون آهن، ۽ مٿان ٻي به نياڻي ڄمندي اٿس ته اوڙي پاڙي جون زالون ساڻس اِئين اچي ڳالهائينديون آهن، جو ڄڻ ته اعزاپرسي ڪرڻ آيون آهن! رگ ويد واري زماني کان وٺي اهو دستور اڄ تائين هلندو اچي.
اڳي جيتوڻيڪ سڀني پٽ پئي گهريا، ته به جڏهن ڌيئون ڄمنديون هين، تڏهن کين ڪو گهٽ ڪين گهرندا هئا، جو آنڊو ڪتي ٻلي کي پيارو آهي. حقيقتاً عام طرح نياڻيءَ کي ديويءَ روپ ڪري ليکيندا هئا، ۽ اڄ به نياڻيون ديويون ڪري ليکجن ٿيون. ايترو هو ته وڏور نياڻي گهر ۾ وهارڻ واجب نه سمجهندا هئا؛ تنهنڪري اُنهن جي اُڪلائڻ جو ججهو اونو ڪندا هئا. اهڙا ته آتا هوندا هئا، جو چوندا هئا ته ڪٿي اسان جي نياڻي پرڻجي وڃي شينهن ڪلهي چڙهي، ته اسين چنتا کان ڇٽون! اڄ به ماڻهو اِئين پيا چون. نياڻيءَ لاءِ ڪَڻُ سٺو ملي، تنهن لاءِ ويدن جا منتر به اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ٻيون، 6)
مائٽي ۽ وهانءُ: رگ ويد ۾ اهڙي ڪا تُڪ آهي ئي ڪانه، جنهن مان سمجهجي ته انهيءَ زماني ۾ ننڍپڻ ۾ شاديءَ ڪرڻ جو رواج هو. جيڪي حقيقتون ڄاڻايل آهن، تن مان پاڻ ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڇوڪريون جڏهن بالغ ٿينديون هيون، تڏهن پرڻبيون هيون. منڊل ڏهين جي سُوڪت 85 ۾ چيل آهي ته ”ٻيءَ ڪنهن ڪنواريءَ ڏي نه وڃ، جا اڃا پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ويٺي آهي، ۽ پرڻجڻ جون سڀ علامتون منجهس آهن“. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن مرض ۾ مبتلا هوندي هئي، جنهنڪري پرڻجڻ کان خارج هوندي هئي، يا سڄي عمر ڪنوارو رهڻ چاهيندي هئي، ته پيڪي گهر گذاريندي پَريا پئجي ويندا هئس. ٻال وواهه جو رواج سُوترن واري زماني ۾، يعني ويدن کانپوءِ جي زماني ۾ عام ٿيڻ لڳو، ۽ ننڍپڻ جي وهانءَ مان جيڪي اُگرا نتيجا نڪرن ٿا، سي پوءِ ظاهر ٿيڻ لڳا + *

رگ ويد جي منڊل ڏهين (27، 12) مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي ڇوڪريون پرڻبيون هيون، سي پنهنجي لاءِ گهوٽ پاڻ چونڊينديون هيون – ”وَرُ“ معنيٰ ”گهوٽ“، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”چونڊيل“. ”سويمور“ معنيٰ پنهنجي چونڊ پاڻ ڪرڻ. ڇوڪريون پنهنجي لاءِ عام طرح اُهو ”ور“ (گهوٽ) چونڊينديون هيون، جنهن تي دل ٿيندي هين، يعني اڪثر پريم وواهه ٿيندو هو (منڊل اٺون، 62، 4)، جو ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته پرڻي جي خوشيءَ جو بنياد ئي پريم تي ٻڌل آهي (منڊل ڏهون، 27. 12).
رگ ويد واري زماني ۾ذات پاتم جو ڀيد هئو ئي ڪونه، تنهنڪري جنهن جي جنهن سان دل لڳندي هئي، سو تنهن سان پرڻبو هو؛ رڳو سگوتر ۽ سپنڊ وهانءَ جي منع هئي (صفحو 175)، پاڻ کان گهٽ گهر کڻڻ ڪو ڪونه پسند ڪندو هو. ڪنهن وٽ ڌن مال ججهو هوندو هو، پر نه هوندا هئس لڇڻ ۽ نه سهڻي شڪل شبيهه، ته اهڙي کي ٻانهن ڏيڻ ڪو ڪونه چاهيندو هو. ڪي ته ڌن کي ڏسي مائٽيون ڪندا هئا. عام رواج هيءُ هو ته ڪنهن وٽ کڻي ڌن گهڻو نه هوندو هو؛ پر علم ۽ لڇڻ هوندا هئس، ته اهو پسند پوندو هو. ساڳيءَ طرح ڪا ڇوڪري غريب مائٽن جي ڌيءَ هوندي هئي، پر سهڻي ۽ سلڇڻي هوندي هئي ته اها پسند پوندي هئي، جنهنڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”لڌي کان لڇڻ وڌيڪ“. انڌيون ڪاڻيون۽ ٽيڏيون مشڪل اگهامنديون هيون، پر جيڪڏهن ڪو ساڻن پرڻبو هو، ته انهيءَ ڳالهه تان ڪوبه اعتراض ڪونه اٿاريندو هو (رگ ويد، منڊل 23، 11).


 * Satapatha Brahmans, Sacred Books of the East,. Vol. XII, P. 313,20.
 * "The relation of child and parent was clearly, as a rule, one of close affection; for a father is regarded as the type of all that is good and kind." Cambridge History of India, Vol. 1, p. 89.
 * "Marriage in the early Vedic texts appears essentially as a union of two persons of full development. This is shown by the numerous references to unmarried girls who grow old in the house of their fathers." Prof. Macdonell and Keith: Vedic Index.
 + "Child-wives first occure regularly in the Sutra period, though it is still uncertain to what extent the rule of marriage before puberty there obtained." Dr. A.C. Das: Rig. Vedic Culture, page 251.

ڪنهن جوان ۽ سهڻي ڇوڪريءَ هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻائي نوجوان خواهان ٿيندا، پر ڇوڪريءَ کي به سوچڻو ويچارڻو آهي. هوءَ سڀاويڪ طرح پنهنجي لاءِ اهو مڙس چونڊيندي، جو هر طرح لائق هوندو، اوکيءَ سوکيءَ ۾ سنديس پوريءَ ريت سنڀال لهندو، ۽ ٻارن پالڻ جي سمرٿي هونديس. پر متان ڪا ڇوڪري پوريءَ ريت ڳڻ ڳوت نه ڪري، ۽ پرڻجي پوءِ پڇتائي، تنهنڪري رڳو پڳو پنهنجي خيال تي هلڻ بدران پنهنجن مائٽن جو به هٿ هوندو هو. *
ميلن ۽ محفلن ۾، يا ٻين هنڌ، جوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا هئا، جيڪڏهن هڪٻئي سان دل لڳي ويندي هين، ته اول پاڻ ۾ پڪون پچائيندا هئا، ۽ پوءِ گهوٽ جي سنگتين يا مٽن مائٽن مان ڪو ڪنواريتن سان وڃي مائٽي چوريندو هو. رگ ويد جي منڊل ڏهين. (سوڪت 85) ۾ ڄاڻايل آهي ته سورج ديوتا جي نياڻيءَ ”سؤريا“ جو وهانءُ سوم (چندرما) سان ٿي ٿيو، ته سوم جي پاران اشوني ڪمار ديوتائن وڃي مائٽي چوري هئي. انهيءَ ڳالهه مان عالمن اهو انومان ڪڍيو آهي ته گهوٽيتن مان ڪا پهر ڪنواريتن سان مائٽي چوريندي هئي. پوءِ جي ساهت، خاص ڪري سمريتن مان معلوم ٿئي ٿو ته گهوٽيتيءَ پهر مان ٻه ودوان وڃي ڪنوار ڏسي ايندا هئا. ٻنهي ڌرين کي جيڪڏهن مائٽي پسند ايندي هئي، ۽ ڪنواريتا جيڪڏهن اڃان پنهنجي من ۾ ٺهراءُ ڪندا هئا ته پنهنجي نياڻي فلاڻي سان پرڻائجي، ته چئبو ته پنهنجي من ڪري پنهنجي نياڻي ڏيئي چڪا. انهيءَ کي سڏيندا هئا ”منسادت“(Mansadata) يعني من ڪري ڏنل (Mentally given). اهڙي منشا من ۾ڌارڻ کانپوءِ، مائٽيءَ جي پڪ ڪرڻ لاءِ ڪن براهمڻن جي روبرو اول سيڻ پاڻ ۾ گڏبا هئا، اُن وقت ڪنوار جو پيءُ پنهنجي من جي منشا ظاهر ڪرڻ لاءِ گهوٽ پيءُ کي چوندو هو ته ”پنهنجي پٽ لاءِ منهنجي ڪنواري ڪنيا وٺو، جا مَنَ ڪري کيس ڏني ويئي آهي: هينئر به ڏسو ۽ فيصلو ڪري پرسن ٿيو.“ گهوٽ پيءُ پوءِ ڇوڪري ڏسي، خاطري ڪري، ڪنوار پيءُ کي چوندو هو ته ”توهان جي ڪنواري ڪنيا مان پنهنجي پٽ لاءِ قبول ڪريان ٿو، جا مَنَ ڪري کيس اڳي ئي ڏني ويئي آهي: توهين منهنجو پٽ ڏسو ۽ فيصلو ڪري پرسن ٿيو. ڪنوار پيءُ پوءِ ڇوڪرو ڏسي خاطري ڪندو هو. جيڪڏهن ڇوڪرو پسند ايندو هوس ته پنهنجي ڪنيا دان ڪرڻ جي ڳالهه پنهنجي زبان سان کولي چوندو هو، اهو سڏبو هو ”واڳدان“ (واڪدان) يعني وچن دان. ڪنوار پيءُ براهمڻ جي روبرو پنهنجي ”واچادت“ (Vachadatta) يعني وچن ڪري يا زباني ڏنل (Verbally given) مطلب ته پهريائين من ڪري ڪنيادان ٿيل هو، ۽ هاڻ زبان سان وچن ڏيئي ڪنواريتا پنهنجي نياڻي ڏيئي چڪا. اوڏيءَ مهل حاضر براهمڻن مان پان ورهائيندا هئا. هن وقت مصري کائيندا هئا. ڪنيادان جي ٽين منزل سڏبي هئي ”ڌارادت“ (Stream – given i.e. actually given) Dharadatta يعني جڏهن تت وهندي نياڻي ڏيندا هئا. هي سڀ ڳالهيون سمرتي ڪارن ڄاڻايون آهن. سمرتيون جيتوڻيڪ گهڻو پوءِ جون لکيل آهن، ته به منجهن ڳالهيون ويدڪ زماني جون آهن. *
وهانءَ جي پڪ ٿيندي هئي ته وهانءَ لاءِ مهورت ڪڍائيندا هئا. وهانءَ جي ڏينهن گهوٽ اُچا سٺا ڪپڙا ۽ جڙت جڙيل سونا زيور پائي (منڊل پنجون، 6، 4) ۽ سرهاڻيون مکي، پنهنجن مٽن مائٽن ۽ سنگتين ساٿين جي ڄڃ وٺي، ڪنواريتي گهر ويندو هو. ڪنواريتا گهوٽيتن جو آءُ آدر ججهو ڪندا هئا، کين اُچا اُچا طعام کارائيندا هئا ۽ پوءِ وهانءَ جي رسم ادا ڪندا هئا.

وهانءَ جي رسم: قديم زماني ۾ وهانءَ جي رسم رسمات اها ساڳي هئي، جا هينئر آهي. وهانءُ مهل جيڪي منتر براهمڻ اُچارين ٿا، سي گريهه سوترن ۾ ڄاڻايل آهن، جن مان ڪي اکر به اکر رگ ويد مان ورتل آهن؛ تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته هاڻوڪي ويڏيءَ جو رواج رگ ويد واري زماني کان وٺي هليو اچي. انهيءَ قديم زماني کان وٺي سنڌ جا ماڻهو هندستان جي ٻين هنڌن جي هندن وانگر پرڻي جون رسمون بلڪل پوريءَ ريت بجا آڻيندا پيا اچن. هڪ مکيه تفاوت هيءُ آهي ته آڳاٽن ماڻهن جي مادري زبان سنسڪرت هوندي هئي، جنهن ۾ اڄ تائين ويڏي پڙهڻ ۾ اچي ٿي. اڳي وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان ڪي پرتگيائون يا قول قرار ڪندا هئا. خود ڪنوار جو پيءُ پنهنجي ناٺيءَ کان ڪي انجام وٺندو هو، جهڙوڪ ”ڌرم ۽ ارٿ (ڌن دولت) جي پراپتيءَ ۾ منهنجي ڪنيا کي ريٽي نه ڇڏج وغيره“. اڄ ڪالهه اسان جا ماڻهو اڪثر سنسڪرت ڄاڻن ئي ڪونه، تنهنڪري وهانءُ ڪرائيندڙ براهمڻ گهوٽ ۽ ڪنوار جي پاران سوال جواب پاڻ ڪندو ويندو آهي ۽ سمجهندو به رڳو پاڻ آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار ماٺ ڪيو ويٺا آهن.ڄاڃين مان ڪي اوڏيءَ مهل کاني پيني ۾ مشغول هوندا اهن، جنهنڪري ڪيترن هنڌ ڏسبو آهي ته جنهن سانت سان هيءُ شڀ ڪارج ٿيڻ گهرجي، سا سانت هوندي ڪانهي، ۽ اٽلندو کيچل لڳي پيئي هوندي آهي. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته ساٺ سوڻ وغيره اهي ئي ساڳيا هليا اچن. اها ڳالهه خود ”وهانءَ“ ۽ ”پرڻو“ لفظ مان ظاهر آهي، جي لفظ اڄ تائين عام طرح ڪم پيا اچن.
”وهانءُ“ لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”وواهه“ جنهن ۾ ”وِ“ معنيٰ وشيش ريت يا چڱيءَ طرح ۽ ”وهه“ معنيٰ ملائڻ يا وٺي وڃڻ. وهانءُ اهو آهي جنهن ۾ گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي چڱيءَ ريت يعني ساٺن سوڻن سان وٺي وڃي ٿو. انهن ساٺن سوڻن ۾ جيڪا مکيه ڳالهه آهي، سا ”پرڻو“ لفظ مان ظاهر آهي. ”پرڻو“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”ڦيراڏيڻ“. سنسڪرت ۾ ”پَر“ معنيٰ چوڌاري، ۽ ”نيه“ معنيٰ ”نيڻ يا وٺي وڃڻ“. وهانءُ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان پلئه ٻڌي، پوءِ هڪٻئي جو هٿ جهلي (هٿيالو ٻڌي)، يگيه جي اَگنيءَ جي چوڌاري ست ڦيرا ڏيندا هئا. جيستائين گهوٽ ۽ ڪنوار ڦيرا نٿا ڏين تيستائين وهانءُ جائز نٿو ليکجي. جنهن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار پلئه ٻڌي، ۽ ”پاني گرهن“ ڪري يعني هٿ جهلي (هٿيالو ٻڌي) ست ڦيرا ڏنا، تنهن وقت ئي چئبو ته وهانءُ ٿي چڪو. اِنهيءَ ”سپت ٻڌيءَ“ يعني ستن ڦيرن جي نهايت مکيه رسم هئڻ سبب ”پرڻو“ معنيٰ ٿي ”وهانءُ“.
وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا ميڙيندا آهن. انهيءَ کي ”لائون“ چئبو آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”نمن“ يعني نماڻن (مٿا نماڻن). انهيءَ سبب ”لائون لهڻ“ معنيٰ ”پرڻجڻ“. جڏهن چئون ته فلاڻن جون هڪٻئي سان لائون آهن، تڏهن ان جي معنيٰ ته پاڻ ۾ ججهي پريت اٿن (گهوٽ ۽ ڪنوار جهڙي). اهڙيءَ ريت لفظن جي بنيادن ۾ ڪيترائي آڳاٽا احوال سمايل آهن، جنهنڪري ٻولين جو اونهو اڀياس نهايت ڪارائتو آهي.
وهانءَ جون رسمون سڀڪا قوم پنهنجي پنهنجي نموني ادا ڪري ٿي؛ پر سنڌو ماٿر جي رهاڪن جو نمونو ئي نرالو هو. هو وهانءَ کي هڪ ”“سنڪار“(Sacrament) ڪري ليکيندا هئا. هندن هندن جي شاسترن پٽاندر هرهڪ سنڪار ڪرڻ ۾هل ”سراڌ“ ڪرڻ گهرجي. وهانءَ مهل ”سراڌ“ ۽ ”ترڪڻ سُڌي“(Trikarana Suddhi) اهي ٻه مکيه ڳالهيون هونديون هيون. ”سراڌ“ آهي ”سرڌا“ (سچي سرڌا) ۽ ”ترڪرڻ سڌيءَ“ ۾ من، وات ۽ هٿ اهي ٽيئي شڌيا پوتر رکڻا آهن. مطلب ته من ۾ ڪو خراب خيال ڪم نه ڪجي. انهيءَ لاءِ اول ”سنگلف“ وٺندا هئا. ”سنگلف“ۡ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سنڪلپ“، ۽ اصل معنيٰ اٿس ”دل جو ارادو“ يا پڪو ٺهراءُ“. سنڪلپ وٺڻ مهل هٿ ۾ چانور، پاڻي، گل ۽ ڏکڻا جهليندا هئا، ۽ اها ڏکڻا پنهنجي ڪُل جي پروهت کي ڏيئي، پنهنجو پڪو پرڻ ظاهر ڪندا هئا ته ”اسين مَنين، وچنين ۽ ڪرمين شڌ (پوتر يا صاف) رهنداسين“. انهيءَ سنڪلپ جي يادگيري ڏيارڻ لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جي ٻانهن ۾ اڄ تائين ڪنگڻ (رکڙي) ٻڌندا آهن. رکڙي ٻڌڻ جو اهو مطلب آهي ته ديوتائون سندن رکيا (سنڀال) ڪن ته هو من، وچن ۽ ڪرم ۾ شڌ رهي، پنهنجي وچن جي پالنا ڪن. وهانءَ جي رسمن پوري ٿيڻ کانپوءِ اها رکڙي ڇوڙيندا آهن، جنهن جي معنيٰ ته جيڪو سنڪلپ ڪيو ويو هو، سو پورو ٿيو. سنڪلپ وٺڻ مهل هٿ ۾ ”اڪشت“ (اڻ ڇَڙيل چانور) جهليندا هئا. ”اڪشت“ جو اُچار پوءِ ڦري ”اَڇُٽ“ ٿيو، تنهنڪري هينئر ”اَڇُٽ“ لفظ ”سنڪلپ“ (سنگلف) جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو.
وهانءَ جي ساٺن سوڻن شروع ٿيڻ کان وٺي ساٺن پوري ٿيڻ جي وقت تائين من، وچن ۽ ڪرم شڌ رکڻ جي ضرور هن ڪري سمجهندا هئا، جو وهانءَ مهل ٽنهي لوڪن (ڀُوه Bhuh ڀُوههَ Bhuvah ۽ سُوهه (Suvah جي ديوتائن کي آراڌنا ڪندا هئا ته ”هن شڀ ڪارج ۾ اچي شامل ٿيو، ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار کي آسيس ڪريو ته هو وڌن ويجهن ۽ سکي جيوت گذارين.“ وهانءَ مهل ٽنهي لوڪن جي ديوتائن، ۽ ترلو ڪيناٿ (ٽنهي لوڪن جي ڌڻيءَ يا ايشور) کي حاضر ناظر ڄاڻندا هئا؛ تنهنڪري انهن جي حضوريءَ ۾ پنهنجي من، وچن ۽ ڪرم جي شڌي نهايت ضروري سمجهندا هئا. من کي پوريءَ ريت روڪڻ يا ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ”پراڻايام“ (Regulated Respiration) به ڪندا هئا. پراڻايام ڪرڻ ڪري جلد جلد نڙي سڪي ويندي هين، تنهنڪري گهڙيءَ گهڙيءَ ”آچمان“ وٺندا هئا يعني پاڻيءَ ڍڪ پيئندا هئا ته نڙي ڀڄي. وهانءَ مهل ”نندي ديوتائن“ يعني پيترن کي به پڪاريندا هئا ته ”اچي هن شڀ ڪارجه ۾ شامل ٿيو، ۽ پنهنجي اولاد کي آسيس ڪريو ته وڌن ويجهن ۽ توهان جو نالو به قائم رکندا اچن.“
جوتش موجب گرهن جو اثر ٿئي ٿو، تنهنڪري گرهن جي شانتيءَ لاءِ ”نَوَ گرهي“ يعني نون گرهن (Planatary Spirits) جو پوڄن به ڪندا هئا.
وهانءَ ۽ ٻين شڀ ڪارجن مهل اڄ تائين گنپتي پوڄا ڪندا آهن. ”گنپتي“ معنيٰ گڻن جي ديوتا“. هن کي ”گڻيش“ يعني گڻن جو ايش (حاڪم) به سڏيندا آهن. ڪيترن عالمن جي خيال موجب ”گنپتي“ يا ”گڻيش“ اصل ۾ فصلن جي ديوتا آهي، ۽ ”گڻ“ (Demigods)، جي فصلن جي رکيا ڪن ٿا، تن جي مٿان اهو ديوتا آهي، ”گڻيش“ کي ”گنبودر“ هه چوپندا آهن، يعني جنهن جو اُدر يا پيٽ لنبو (ڊگهو) هجي – ٻين لفظن ۾ چئبو ته سڀني جو ڍَءَ تي پيٽ ڀرڻ وارو اهو ديوتا آهي. گئيش مهراج جي سواري ڪُئي تي آهي. ڪُئو آهي فصل جو دشمن، پر هيءُ ديوتا ڪُئي تي سدائين سوار ٿيو ويٺو آهي، جنهنڪري سندس پوڄارين جو فصل ڪئا چٽ ڪري نٿا سگهن. ”گڻيش“ جو ٻيو نالو آهي ”وگهنيشور“ (Loard of Obstacles) يعني جو سڀ وگهن (اٽڪون يا مشڪلاتون) دور ڪري – جن وٽ اَن جا ڀانڊا ڀريل هوندا، ۽ جن کي سڀ کاڌو پيتو ڍءَ تي پيو ملندو، تن جون سڀ مشڪلاتون دور! وهانءَ ۽ ٻين شڀ ڪارجن تي گنپتيءَ پوڄا جو رواج پيو ئي انهيءَ سبب آهي ته رزق جي تنگي نه ٿئي. اهڙيءَ ريت هندڪي وهانءَ تي نه رڳو ڄاڃي ماڃي اچن ٿا، پر ديوتائن ۽ پترن جو به ميڙ اچي مڙي ٿو، ۽ اهي گهوٽ ۽ ڪنوار کي آسيس ڪن ٿا ته وڌن ويجهن، رزق جي تنگي نه ڏسن ۽ آدرش جيوت ڪاٽين!
هندن جي وهانءَ جي ٻي هڪ مکيه ڳالهه هيءَ آهي ته وهانءَ جا ساٺ سوڻ هڪ واريءَ شروع ٿين ته اهي سڀ سانده هلائي پورا ڪجن، ۽ وچ ۾ ناغو وجهڻ نه گهرجي. ڪنگڻ (رکڙي) ٻڌي، سنگلف وٺي، ست ڦيرا ڏبا، ته وهانءُ ٿي چڪو، پر انهيءَ کانپوءِ به ڪي ساٺ سوڻ ڪرڻا آهن. سنڌو ماٿر جي رهاڪن (آڳاٽن آرين) ۾ اهو دستور هوندو هو ته جيڪڏهن سپت پديءَ (ستن ڦيرن) کانپوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار مان اتفاق سان ڪو مري ويندو هو، ته باقي رهيل ساٺ سوڻ لاش يا مڙهه سان ڪندا هئا. *آڳاٽا لوڪ ائين وسهندا هئا ته ستن ڦيرن ڏيڻ کانپوءِ گهوٽ ڪنوار جون آتمائون به ملي هڪ ٿي وڃن ٿيون، تنهنڪري سپت پديءَ کانپوءِ جيڪڏهن ڪا ڌر مري ويندي ته چئبو ته جسم، جو ”اَنميه ڪوش“ يعني اَن جو پردو يا ڍڪ (food-Sheath) آهي، تنهن مان ساهه ويو، پر ”پراڻ مي ڪوش“ ۽ ٻين ڪوشن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جون آتمائون پوءِ به گڏيل رهن ٿيون: جنهنڪري مرڻ کانپوءِ به گهوٽ ۽ ڪنوار جو ناتو هڪٻئي سان ٽُٽي نٿو سگهي. انهيءَ ۽ ٻين سببن ڪري ڪن يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته هندن جي وهانءَ جي آدرش جهڙو ٻيو آدرش آهي ئي ڪونه! *
وهانءَ جا ساٺ سوڻ پورا ٿي رهندا هئا، ۽ مائٽ ڏسندا هئا ته هاڻ اسان جي نياڻي اسان جو گهر ڇڏي، ساهري وڃي ٿي ته سندس وڇڙڻ ڪري من ڀرجي ايندو هون. اوڏيءَ مهل گهوٽ کين پر ٻوڌ ڏيندو هو، ۽ چوندو هو ته ”رئڻ بدران پاڻ خوش ٿيو، جو وهانءَ ٿيڻ ڪري هڪ ٻئي سان ورهين جا ورهيه محبت ۾ گذارڻو اٿئون. توهان اسان کي پرڻايو انهيءَ لاءِ آهي ته هڪٻئي جي جيءَ سان جڙيل رهون!“ اهو مائٽاڻو قرب اڄ تائين ڪيڏانهن ويو ڪونهي. وهانءَ ٿي رهڻ کانپوءِ جنهن مهل ڇوڪري پنهنجي ساهري گهر ويندي آهي، تنهن مهل مائٽن جو من اڄ تائين ڀرجي ايندو آهي. ٿر جا سوڍا راجپوت، ڪرار، ڪڇ ڀڄ جا لهاڻا ۽ ٻيا هيڪاري حد ڪندا آهن. ڇوڪريءَ کان موڪلائڻ مهل گهر جي ٻاهرين دروازي وٽ بيهي ايترو ته روڌن ڪندا آهن، جو ڪو اڻ واقف جيڪر ائين سمجهي ته ڪو قضيو ٿيو آهي، جنهنڪري ايترو ماتم متو آهي.

وهانءَ جي سپت پدي (ستن ڦيرن) کانپوءِ ڪنوار جو پير جنڊي جي پُڙ يا ڪنهن وڏي پٿر تي رکائيندا هئا. اهو پٿر ”اسٿرتا“ يا ”واٽل پدوييءَ“ جو هڪ اُهڃاڻ هو ته ڇوڪريءَ جا پير ساهري گهر ائين کُپن، جيئن پٿر تي پير کُپي ٿو. هوءَ پوءِ ڌرو تاري ڏي نهاري چوندي هئي ته ”اي ڌرو تارا تون جيئن هڪ هنڌ تِرُ ڪري بيٺو آهين، تيئن شل مان پنهنجي ساهري گهر ٿُر پايان ۽ اٽل پدوي ماڻيان!“ هن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار جو پيرو ڪڇيندا آهن، تنهن جي معنيٰ به اهائي آهي ته گهوٽ پنهنجي ڪنوار سان سولا پير هلي ۽ ٻنهي جي هڪ ٻئي سان پريت هلندي اچي ۽ هڪ ٻئي جي آتمڪ اُنتيءَ (روحاني واڌاري) جو به اونو ڪندا رهن. پنهنجي ڪنيادان ڪرڻ مهل ڪناور پيءُ اهڙو انجام گهوٽ کان وٺندو هو، ۽ تاڪيد ڪندو هوس ته”ڌرم، ارٿ ۽ ڪام جي پرايتيءَ ۾ منهنجي ڪنيا کي ريٽي نه ڇڏج“. انهيءَ تي گهوٽ نهايت گنڀيرتائيءَ سان انجام ڪندو هو ته ”ناتي چرامي“ يعني ”ڪين ريٽي ڇڏيندوسانس“. اهو انجام ٽي گهمرا ڪندو هو، سو هن لاءِ ته ٽنهي لوڪن جا ديوتائون ٻڌن ته ”کين حاضر ناظر ڄاڻي مان هرهڪ لوڪ جي ديوتائن جي اڳيان اهڙو انجام ڪريان ٿو“. انهيءَ ڪيل قول جو اڄ به پيروي ٿئي ٿي. اڄ به گهوٽ ۽ ڪنوار جيئري ته هڪٻئي جا دک سک ۾ سنگي ٿين ٿا، پر منجهائن جيڪڏهن ڪا ڌر مري ويندي آهي ته جيڪا ڌر جيئري هوندي آهي، سا مئل ڌر جو پنڊ ڀرائيندي آهي، ۽ سراڌ ڪندي آهي. مطلب ته مرڻ کانپوءِ به زالون مڙس کي هڪٻئي جو اونو ڪرڻو آهي ته ٻنهي جو لوڪ سکي ۽ پر لوڪ سهيلو ٿئي.
ساهري گهر پرويش: ڪنوار پنهنجي گهوٽ سان لانئون لهي، مائٽن کان موڪلائي، ساهري گهر گهوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي ويندي هئي، جا ڍَڪَ سان هوندي هئي. اڄ تائين ڪيترن هنڌ گهوٽ ۽ ڪنوار ڇڪڙي يا بيل گاڏيءَ ۾ چڙهي ويندا آهن. گهڻو پوءِ اهو دستور پيو ته گهوٽ گهوڙيءَ تي چڙهي ويندو هو، ۽ ڪنوار ڏوليءَ ۾ چڙهندي هئي، جا ڪَهار کڻي هلندا هئا. هن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار اڪثر موٽر ۾ چڙهي ويندا اهن“ پر ويدڪ زماني ۾ ڍڪ سان ڇڪڙا هوندا هئا، جي گهوڙا يا ڍڳا ڪاهيندا هئا. ڪنوار کي پيڪن وٽان جيڪي مڻيا، ڪپڙا وغيره ملندا هئا، سي پاڻ سان گڏ گاڏيءَ ۾ رکندي هئي. اوڏيءَ مهل گهوٽ چوندو هوس ته ”اي ڪنوار“ مون سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويهه! پنهنجو استري ڌن به گاڏيءَ ۾ رک. اسان جي گهر ۾ تون اسان جي مٿي جو موڙ ٿجانءِ! شل سهري وٽ تنهنجو ججهو قدر ٿئي! شل سَسُ کي وڻين! شل ڌيرن ۽ ڏيراڻين کي تو لاءِ قرب ٿئي“، وغيره.
رگ ويد ۾ هيئن به لکيل آهي ته گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي چوندو هو ته ”اي ڪنوار، پنهنجي پتيءَ جي گهر ۾ (منهنجي گهر ۾) سڀاڳو پير پائج ته اسان جي گهر جي ڀاتين ۽ چوپائي مال تي ڌڻيءَ جي مهر ٿئي. ڪڏهن به اک ۾ شور نه پائج، ڪومل هنئون ڌارج، سوروير ۽ ڌرماتما پٽ ڄڻج، جي ڀڳوان جي ڀڳتي ڪن. اي ڪنوار، تون سَس سهري ۽ پنهنجن ڏيرن نڙاڻن جي مٿان راڻي ٿي راڄ ڪج. شل ورڻ ديوتا ۽ ٻيا ديوتائون اسان جون دليون ڳنڍين،“ وغيره (رگ ويد، منڊل ڏهون، 85، 43-47). ڀانئجي ٿو ته هي پويان لفظ اهو جوان چوندو هو، جنهن جا مائٽ وڏيءَ ڄمار وارا هوندا هئا، ۽ گهر هلائڻ جو بار مٿس هوندو هو. جنهنڪري سندس ڪنوار به گهر جي وڏي هوندي هئي، ۽ سڀني ڀاتين جي مٿان گويا راڻي ٿي راڄ ڪندي هئي. بهرحال هن ٿورڙي ئي مضمون مان ايترو ظاهر آهي ته زالن جو مان مرتبو ڪو گهٽ ڪونه هوندو هو. ساهري گهر پير پائڻ سان ڪنوار گهر جي راڻي ليکبي هئي، ۽ مٿي جو موڙ ڪري سمجهندا هوس. هن مان ظاهر آهي ته ڇوڪري ساماڻل هوندي هئي، جنهنڪري ساهري گهر پير پائڻ سان سڄي گهر جو واڳ ملندي هيس.
پرڌان آهوتي يا وڏو هوم: ڪنوار ساهري گهر ويندي هئي ته گهوٽ سان پلئه ٻڌي هون هوم ڪندي هئي. انهن مان وڏو يا مکيه هوم ”پرڌان آهوتي“ سڏبو هو. هر ڪو گهوٽ ائين سمجهندو هو ته ”جوءِ آهي ديوتائن جي ڏنل ڏات“، تنهنڪري انهن ديوتائن جي اُستتي ڪندو هو، جن وٽان اها ڏات ملندي هيس. پرڌان آهوتيءَ يا مکيه هوم ڪرڻ مهل گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي چوندو هو ته ”پهريائين سوم ديوتا توکي ماڻيو ٿي، پوءِ گنڌرون ۽ انهن کانپوءِ اگن ديوتا توکي ماڻيو ٿي، ۽ هاڻ مان انسان ذات مان پيدا ٿيل تنهنجو پتي ٿيو آهيان، ته تو مان سنتان (اولاد) پيدا ڪريان“. هرڪو گهوٽ فقط سوم ديوتا، گنڌرون ۽ اگن ديوتا جي هن ريت اُستتي ڇو ڪندو هو، ۽ هي مٿيان لفظ ڇو چوندو هو، ۽ اُنهن جي معنيٰ ڪهڙي آهي، سي ڳالهيون سڀڪو ماڻهو پاڻ مرادو سمجهي ڪين سگهندو، تنهنڪري ٽيڪا ڪارڻ (تشريح ڪندڙن) جيڪي لکيو آهي، سو مختصر طرح ٻڌائجي ٿو ته هيءَ مکيه ڳالهه سمجهڻ سولي ٿئي.
سوم هڪ نشيدار ٻوٽيءَ جو نالو آهي، جنهن جي رس پيڻ سان آڳاٽن آرين جو تن تازو ٿيندو هو – سوم رس ۾ اهو گڻ پيدا ڪندڙ به ”سوم“ ديوتا سڏبو هو. ان کي پوڄيندا هئا ۽ ائين وسهندا هئا ته ساري ونسپتي يا نباتات (Vegetable Kingdom)جي مٿان اهو ديوتا آهي. جيئن سلو وڌي وڻ ٿئي ٿو، تيئن سوم ديوتا جي ڪريا سان انسان جو جسم به وڌي ٿو ۽ بدن تي وار ڄمن ٿا، جيئن سج جو تَو تي وڻ ٽڻ وغيره اُسرن ٿا، تيئن سوم ديوتا جي ڪرپا سان ڪنواري ڪنيا جي بدن تي وار پيدا ٿين ٿا. ائين ڄڻ ته سوم ديوتا اول اها ڪنيا ماڻي ٿو*. ڪنيا جي جسم کي وڌيڪ سوڀيا، گنڌرون (Good Goblines) جي ڪرپا سان ٿئي ٿي. کيس ڏڪ ڄمن ٿا ۽ منجهس جوانيءَ جا آثار نظر اچن ٿا. ائين گنڌرو ڄڻ ته اها ڪنيا ماڻي کيس اُسرائين ٿا، ۽ پوءِ کيس اگن ديوتا جي حوالي ڪن ٿا.
”اگن“ لفظ جي معنيٰ آهي باهه، ۽ انهيءَ عناصر يا تت جو ديوتا به ڪري ٿو، جنهنڪري کيس هر مهيني زناني اچي ٿي. جنهن ڇوڪريءَ کي اڃا زناني نٿي اچي، سا ”گؤري“ سڏجي ٿي، پر جنهن وقت اچڻ شروع ٿئيس ٿي. تنهن وقت ”روهڻي“ سڏجي ٿي. ائين ڄڻ ته اگن دفيوتا گوري کي ماڻي کيس روهڻي ڪري ٿو. هوءَ پوءِ پڪي زال ٿئي ٿي، ته گهوٽ سان پرڻجي ٻارن ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي. ** انهيءَ سبب جوءِ آهي انهن ديوتائن جي ڏنل ڏات.

هاڻ چڱيءَ ريت سمجهڻ ۾ ايندو ته جن ديوتائن جي ڪرپا سان ڪنواري ڪنيا اُسري ڦوهه جوانيءَ ۾ اچي ٻار ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي، تن ديوتائن جي اُستتي ڪرڻ گهوٽ پنهنجو فرض سمجهندو هو، ۽ اهو وڏو هوم انهيءَ لاءِ ئي ڪندو هو. ويدن ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ڪيڏيءَ ڄمار جي ڇوڪري پرڻائڻ گهرجي، پر ايترو چٽيءَ ريت چيل آهي ته جڏهن اگن ديوتا کيس ماڻي ٿو، يعني جڏهن کيس زناني اچي ٿي، تنهن کانپوءِ هُوءَ پرڻجڻ جي لائق ٿئي ٿي. مطلب ته ننڍپڻ ۾ شادي ڪرائڻ سو آهي گويا گُڏا ۽ گُڏيون پرڻائڻ. تنهنڪري ٻال وواهه جي رسم، جنهن پوءِ زور ورتو، سا ويدن جي برخلاف سمجهڻ گهرجي. پرڌان هوم جا جيڪي منتر آهن، تن مان به ائين ظاهر آهي ته ڇوڪري تڏهن پرڻبي هئي جڏهن بالغ هوندي هئي. *
ٽي راتيون برهمچريه: وهانءَ جي رسم رسمات ادا ڪرڻ کانپوءِ به گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي ڪجهه وقت ويجهو نه ويندو هو. سويل ۾ سويل ته چوٿينءَ رات گهوٽ ۽ ڪنوار همبستر ٿيندا هئا. +گهوٽ نوجوان ۽ ڪنوار به بالغ، پوءِ ڇو پهريون ٽي راتيون واري وهندا هئا، سا ڳالهه ويدن ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر گريهه سوترن ۾ کولي ٻڌائي اٿن. انهيءَ ڳالهه جو ٿورن لفظن ۾ مطلب هيءُ آهي ته پرڻجڻ جي اها مراد ڪانهي ته پنهنجون نفساني خواهشون پوريون ڪجن؛ پر ڌرماتما سنتان (اولاد) پيدا ڪجي، جا مائٽن توڙي سڄي ڪُلَ جو آچار ڪري. سنٿان يا اولاد ٽن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪڙو ”نامسڪ“ يعني تمي گڻ وار، جو جنسي ڪارو اڱر ٿي سامائجي ٿو، ۽ پنهنجو توڙي سڄي ڪُل جو نقش ٻوڙي ٿو. ٻيو ”راجسڪ“ يعني رجي گڻ وارو، جو محنتي“ سمجهو سياڻو ٿئي ٿو پر، ڌرم جو انگ منجهس گهٽ رهي ٿو، ٽيون ”ساتوڪ“ يعني ستي گڻ وارو، جو وڏو ڌرماتما ٿئي ٿو، ۽ پنهنجون ست پيڙهيون تاري ٿو. اهڙو اُتم پٽ تڏهن ڄمندو، جڏهن سندس ماءُ پيءُ منڍ ۾ ئي پنهنجي نفساني خواهش تي پورو ظابطو رکندا. سنڌو ماٿر جا راڪو انهيءَ سبب وهانءَ مهل اهو سنڪلپ ڪندا هئا ته اسين ساتوڪ د جا يعني ستي گڻ وارو اولاد پيدا نداسين. انهيءَ من جي مراد حاصل ڪرڻ لاءِ وهانءَ جي پهرين4 رات کان وٺي گهوٽ۽ ڪنوار ڪوبه سلوڻو کاڌو نه کائيندا هئا، ۽ ٽ تي سهندا هئا. جيڪڏهن ساڳئي تڏي يا فرش تي سمهندا هئا، ته به وچ ۾ وٿي ڇڏيندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته وچ ۾ ”وشواسو گنڌرو“ (Visvavasu Gandharva)ويٺو اٿئون، تنهنڪري هڪ ٻئي کي نه چنبڙون. ائين ٽي راتيون سانده من ماري وهندا هئا، ۽ اهو ”تر راتر برهمچريه“ (Tri Ratra Branhmacharyan) يعني ٽن راتين جو برهمچريه سڏيو ويو آهي. چوٿينءَ رات گهوٽ هون هوم ڪري، گنڌرو ديوتا کي چوندو هو ته ”اي وشواسو توکي وينتي ٿا ڪريون ته هاڻ اسان جي وچ مان اُٿي وڃ. هاڻ وڃي ڪا اهڙي ڪچڙي ڪنيا ڳول، جنهن کي تنهنجي واهر جي گهرج هجي، يعني جااڃا ڦوهه جوانيءَ ۾ نه ائي هجي، تنهن کي ڦوهه جوانيءَ ۾ اچڻ جي مدد ڪر. هيءَ ڪنوار، جا هاڻ منهنجي استري آهي، تنهن کي مون وٽ ڇڏ ته اسان جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿئي“. اهڙيءَ طرح ٽي راتيون من ماري، پوءِ چوٿينءَ رات ساتوڪ سنتان پيدا ڪرڻ جي ارادي سان سنجوڳ ڪندا هئا. اڳي ڪي جوان ٻارهن ڏينهن، ته ڪي مهينو، ڇهه مهينا، بلڪه ٻارهن مهينا به واريندا هئا، ۽ اهو سڀ عرصو پنهنجو من ماري وهندا هئا.
بُوڌاين جي گريهه سوترن (پرشن پهريون، اڌياءُ ستون، ڪانڊ يارهون) ۾ چيل آهي ته پهريون ٽي راتيون برهمچريه پالن ڪبو ته ”شروتريه“ (Srotriya) پيدا ٿيندو، يعني اهو براهمڻ ڄمندو، جو ويدن جي هڪ شاکا جو اڀياس ڪندڙ ٿيندو. ٻارهن ڏينهن برهمچريه پالن ڪبو ته ”اَنُوچن“ (Anuchana) ڄمندو، يعني اهو براهمڻ ڄمندو جو ويدانگن جو ڄاڻو ٿيندو. هڪ مهينو برهمچريه پالن ڪبو ته ”رشي ڪلپ“ (Rishikalpa) پيدا ٿيندو، يعني اهو براهمڻ ڄمندو، جو سؤترن ۽ پَروچنن(Pravachanas) ۾ ڀڙ ٿينبدو. ڇهه مهينا برهمچريه پالن ڪري رشي پيدا ٿيندو، جو چئني ويدن جوڄاڻو ٿيندو. جيڪڏهن گهوٽ ڪنوار وهانءَ ٿيڻ جي وقت کان وٺي ٻارهن مهينا ساندهه من ماري وهندا، ته پوءِ کين جيڪو اولاد ڄمندو، سو بجنسي ديوتا ٿيندو. مطلب ته سنڌو ماٿر جا قديم آريه لوڪ وهانءَ ٿيڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ته ٽي راتيون برهمچريه پالن ڪندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته ڪام وس ٿي پهرينءَ رات ئي پنهنجيءَ استريءَ سان همبستر ٿيو، ته شهوت جي اثر ڪري تامسڪ ٻار پيدا ٿيندو، جو گهڻو ٻوٽو ڪونه ٻاريندو، ۽ وقتي ڪارو اڱر ٿي سامائبو.
ٻار گرڀ ۾ ٺهري ۽ ستو گهڻي پيدا ٿئي، تنهن لاءِ ”شيش هوم“ ڪندا هئا. جيڪڏهن چوٿينءَ رات گهوٽ ۽ ڪنوار مان ڪو بيمار ٿي پوندو هو، جنهنڪري هنن جو ميلاپ ٿي ڪين سگهندو هو، ته به جيڪي ضروري منتر هوندا هئا، سي اوس اُچاريندا هئا، جو انهيءَ ڳالهه ۾ دير وجهڻ واجب نه سمجهندا هئا. ائين پنهنجي ڌرم ڪرم تي پوريءَ طرح هلي، گهوٽ ڪنوار گرهست آشرم واري جيوت گذاريندا هئا. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته آڳاٽن ماڻهن کي پنهنجي من تي ججهو ضابطو هوندو هو.
زالن جو مرتبو: نؤ ورنيءَ ڪنوار کي ساهري گهر پير پائڻ سان ججهو مان ملندو هو، ۽ سڀڪنهن ڳالهه ۾ مردن جهڙي آزادي هوندي هيس ته به خود خيالي ٿي ڪين هلندي هئي. هوءَ سدائين پنهنجي مڙس جي اڳيان سر جهڪائيندي هئي (رگ ويد، منڊل پنجون، 80، 6)، ۽ سندس چئي ۾ هوندي هئي. جيڪو به ڪم مڙس چوندو هوس، سو ڪندي هئي (رگ ويد، منڊل پهريون، 122، 25). انهيءَ ڪري زال جو مرتبو ڪو گهٽجي ڪونه ويندو هو. اِستري اڄ تائين اڌ سرير سڏجي ٿي. يگين ۽ پوڄائن مهل زال مڙس هڪ ٻئي سان پلئه ٻڌي وهندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته ٻنهي جي گت به گڏ ٿيڻي آهي. ٻئي زال مڙس ايشور کي جنهن وقت آراڌنا گڏجي ڪندا هئا، تنهن وقت ڄڻ ته ٻنهي جون آتمائون به ملي هڪ ٿي وينديون هيون! زال مڙس جي اهڙي ميلاپ ڪري ٻنهي جي جيوت سکي گذرندي هئي. رگ ويد ۾ زال گهر جو ڳهڻو يا سينگار سڏي ويئي آهي (منڊل پهريون، 66، 3). منو سمرتيءَ ۾ لکيل آهي ته ”جن ڪُلن ۾ اِستريون سکي رهن ٿيون، تن تي ديوتا پرسن ٿين ٿا، ۽ جن ڪُلن ۾ اِسترين جو مان ڪونهي، تن ۾ سڀ پڃ نرڦل ٿين ٿا“ (اڌياءُ ٽيون، شلوڪ 56). *
منو سمرتي کڻي عيسوي سن کان ٿوريون صديون اڳي يا پوءِ لکيل هجي، پر اُن ۾ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن، سي ويدڪ زماني جون آهن، جي پوءِ قلمبند ڪيون هئائون. رگ ويد واري زماني ۾ ڪي ڪسبياڻيون به هونديون هيون، ته به عام طرح زالن جي اخلاق جو معيار اعليٰ درجي جو هوندو هو، جنهنڪري نه رڳو گهر جا ڀاتي، پر ڌاريا به زالن جو گهڻو مان رکندا هئا. انهيءَ آڳاٽي وقت جي ماڻهن جي گهرو جيوت جو هاڻ ذڪر ڪجي ٿو، جنهن مان هيڪاري سڀ ڳالهيون چٽيءَ ريت ظاهر ٿينديون. **
گهرو جيوت: رگ ويد ۾ ماڻهن جي گهرو جيوت جو نقشو نهايت چڱيءَ ريت چٽيل آهي. ان ۾ چيل آهي ته ”آبرودار، سچار، ڪم جو چست، نيڪ گهر ڌياڻيون جن کي صبح جي (چڱيءَ) مهل جو قدر هوندو هو، سي اَسُرَ جو اُٿنديون هيون (منڊل پهريون، 79، 1). هو ائين ڄاڻنديون هيون ته سج اُڀرڻ کانپوءِ، جي ستل رهن ٿا، تن جي ڪلا هرت ٿي وڃي ٿي“ (اٿرو ويد، منڊل ستون 13، 2). پراڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن ميرو پريت ڏي برفاني ميدانن ۾ رهندا هئا، تڏهن به اَسر جو اُٿي، ڏندڻ پاڻي ڪندا هئا، ۽ سيءَ ۾ واءِ جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪري، ڏهاڙي سنان به اوڏيءَ مهل ڪندا هئا. اَسر جو ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌي، ڪي درياهه تي سنان ڪرڻ ويندا هئا. انهيءَ قديم زماني کان وٺي هندن جو اهو نيم اڄ تائين هليو اچي.
سنڌيءَ ۾ڏندڻ کي ”پرڀاتي“ به چئبو آهي. اهو لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته ڏندڻ پرڀات جي مهل ڪرڻو آهي، ۽ نه سج اُڀرڻ کانپوءِ. مصنف جي ڏسندي ٻڌندي اڳوڻا پير مرد ائين چوندا هئا ته ”سج اُڀرڻ کانپوءِ جنهن ڏندڻ ڪيو، تنهن ڄڻ ته ڪتي جو پُڇُ ڪيو“. هن وقت ڪي سج اُڀرئي کانپوءِ ته ڪي منجهند جو سنان ڪري پوءِ ماني کائيندا آهن، پر عام طرح سويل سنان ڪرڻ جي عادت هندن ۾ ايتري قدر آهي، جو اڄ تائين هنديءَ ۾ چوڻي آهي ته:
”پراتهه ڪال جو ڪري اسنانا،
دوک روگ تانڪو نهين آنا.“
يعني پرهه ڦٽيءَ جو جيڪو سنان ڪري ٿو، تنهن کي دک ۽ روڳ (بيماري) نٿو ٿئي. مطلب ته سويل سنان ڪرڻ تندرستيءَ لاءِ فائدي وارو آهي. اڄ تائين ڪيترا هندو سنان ڪرڻ کان اڳ رسوئي کائڻ واجب نه سمجهندا آهن. ڪبير ڀڳت به چيو آهي ته: ”ڌرڳ ڀوڄن اشنان بنا“، يعني سنان ڪرڻ کانسواءِ ڀوڄن کائڻ کي ڌڪار آهي.
ويدڪ زماني ۾ سويل سنان ڪرڻ جي هيڪاري وڌيڪ ضرورت پوڄا جي سبب ٿيندي هئي. گهر ڌياڻي ڀنڀرڪي جو اُٿي، سنان ڪري اول يگيه جي اگني دکائيندي هئي، ۽ مڙس سان گڏجي اگن ديوتا جي پوڄا ڪندي هئي (منڊل پهريون 173، 2)، ۽ منڊل ٽيون، پڻ ڏسو منڊل پنجون ۽ اٺون). اَسر جو اگني ديوتا کي سوم رسم جو ڀوڳ لڳائي، اگنيءَ کي ڦيرا ڏيئي، هٿ جوڙي ڪنڌ نمائيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 47، 43، ۽ منڊل ستون، 50، 3). اوڏيءَ مهل اها رس پاڻ به پيئندا هئا، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين کي به پياريندا هئا. هو اها رس ”امرت“ (Ambrosia) ڪري سمجهندا هئا. اهو پهريون ۽ مکيه ڪم سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي ڪندا هئا، تنهنڪري پرهه ڦٽيءَ کي اڄ تائين ”امرت ويلو“ چئبو آهي، يعني اُها مهل جنهن مهل امرت ورهائجي ٿو. امرت ويلي کي ”سِڌن جي مهل“ به چئبو آهي، جو سِڌ پرشن ۾ به امرت اوڏيءَ مهل ورهائبو هو. هن وقت جيتوڻيڪ سوم رس پيئڻ جو رواج ڪونهي، ته به هندو صبح جو سويل اٿي، سنان پاڻي ڪري، پوٿي پنو ڪڍي ويهي پڙهندا آهن، ۽ ڀڳوان جي ڀڳتي ڪندا آهن. گرونانڪ به چيو آهي ته ”امرت ويلا سچ نانءَ وڏيائيان ويچار“. اڄ تائين امرت ويلي، گروءَ جا سِک آسا جي وار ڪندا آهن، ۽ اوڏيءَ مهل هرهڪ گرمندر ۾ ڪيترا ماڻهو وڃي ڪٺا ٿيندا آهن. ديندار مسلمانن جو به اهو ئي دستور آهي ته اَسُرَ جو اُٿي ڌڻيءَ جي عبادت ڪندا آهن ۽ فجر جي نماز پڙهندا آهن.


 * (1) "There is another Verse which also goes to prove that the parents had some control in the selection of bridegroom for their daughter." Dr. A.C. Das: Reg. Vedic Culture, p. 252.
(2) "The father probably controlled, in some measure at least, both son and daughter as regards marriage." Cambridge History of India, Vol. I, p. 89.
 * Brilaspati says: "The Samriti of Manu stands high as embodying the teachings of the Vedas." Quoted by R. Raghu Natha Rao The Aryan Marriage. P. 115.
 * "After the Septapadi (the seven steps), even if either of the two die, the remaining ceremonies must be gone through with the corpse as one of the parties." R. Raghu Natha Rao: The Aryan Marriage, pp. 17-18.
 * * "There is no ideal of marriage like the Indian ideal." Mrs. A. Besant.
 * هن وقت جيڪي ڪنيا پالشالائون ۽ ودياليه (ڇوڪرين جا اسڪول) آهن، تن ۾ ڪي ڇوڪريون ستن اٺن ورهين جي ڄمار جون ته ڪي بالغ آهن. جنهنڪري هينئر عام طرح چئون ”ڪنيا“ معنيٰ ڇوڪري، پوءِ ڀلي ته ڄمار ڪيتري به هجيس. حقيقت ۾ ”ڪنيا“ لفظ جي معنيٰ آهي ”ننڍڙي ڇوڪري“ (اٽڪل ڏهن ورهين جي ڄمار جي)، جنهن کي مٿي جي وارن کان سواءِ ٻيو ڪو وار بدن تي نه هجي. - مصنف.
"When hair has appeared (on the pubes) Soma enjoys (protects) a maiden: the Gandharva enjoys (protects) her when the breasts are developed, and Agni when she had the menstrual discharge".
Sjt. Sastri: Marriage after Pubertry, p.6.
 * "Pre-pubescent marriage is a mock-marriage and is unquestionably unvedic." R. Raghu Natha Rao: The Aryan Marriage, p.53.
 + "From a study of the Vedic marital rituals is appears that the marriage had to be consummated at the earliest on the fourth night after the ceremony, and this would not have been possible if the bridge was not a youthful lady." Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 251.
 * "The Reg Veda reveals a stage showing that Aryan women, at any rate of the higher and better classes, enjoyed equal freedom in all matters, social and religious. It was this feeling of equality and freedom that evoked the highest virtue of Aryan womanhood and lifted society to a high state of culture." Dr. A.C. Das: Reg. Vedic Culture, p. 106.
 ** "The standard of female morality appears to have been fairly high." Cambridge History of India, Vol. I, p. 88-97

رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته گهر ڌياڻيون نه رڳو اَسُرَ جو اُٿنديون هيون؛ پر گهر ۾ ”جيڪي ويڙهيا سيڙهيا سمهيا پيا هوندا هئا“ تن کي به اوڏيءَ مهل ائين جاڳائينديون هيون، جئن ”ننڊ ۾“ ستل کي مکيون جاڳائين ٿيون“ (منڊل پهريون، 124، 2). اوڏيءَ مهل داسين ۽ داسن (ٻانهين ۽ ٻانهن) کي اُٿاري ڪم ۾ رنڀائينديون هيون. مطلب ته گهر جي ورتڻ به ان وقت شروع ٿيندي هئي. گهڻو ڪري سڀني وٿ چوپايو مال هوندو هو. تنهنڪري پهريون گهر جو ڪم هو چوپائي مال جي نگاهه ڪرڻ، ۽ کير ڏهڻ. سنسڪرت ”دهتر“ (ڌيءَ، پارسي ”دختگر“ ۽ انگريزي) ”ڊاٽر“ (Daughter) جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دَهه“ (Duh)معنيٰ ”ڏهڻ“ – آڳاٽن سڀني آرين جي گهرن ۾ گاين، مينهن ۽ ٻڪرين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم نياڻين تي رکيل هوندو هو، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي. داسيون ۽ داس (ٻانها) يا نوڪر چاڪر به ڏهائي ڪندا هئا. اٿرو ويد جي منڊل ستين، (73، 6) ۾ ”گودهُڪ“ (Godhuk) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”گايون ڏهندڙ“. هن مان سمجهجي ٿو ته ڪن جو ڌنڌو ئي هو گايون ڏهڻ. منڊل نائين، (10، 4)، ۾ چيل آهي ته اهي ”گودهڪ“ گاين ڏهڻ جي ڪم ۾ ڀڙ هوندا هئا. کير پارين ۾ ڏڀي ايندو هو، ته گهر ڌياڻي اهو باهه تٿي رکي ڪاڙهيندي هئي، ۽ پوءِ جيترو ڄمائڻو هوندو هوس، اوترو ڄمائيندي هئي. ”مانڌاڻيون گهر جي ٿنڀن سان ائين ٻڌل هونديون هيون، جيئن گهوڙو اڳياڙين يا پڇاڙين سان ٻڌل رهي ٿو“ (رگ ويد، منڊل پهريون 28، 4). گهر ڌياڻيون سڀني کي روزو مره جي ڪم ۾ پرهه ڦٽيءَ جو رنڀائينديون هيون (رگ ويد، 108، 48، 6)؛ ڪي ڪاٺ جي اکري مهري کڻي چانور ڇڙينديون هيون (اٿرو ويد، منڊل 12، 3، 139، ته ڪي مانڌاڻيءَ سان ڏڌ ولوڙي مکڻ ڪڍنديون هيون“. ٻهرآرين ۾ اڄ تائين دستور آهي ته گهر گهر ۾ سويل صبح جو ڏڌ پيو ولوڙبو آهي، ۽ اَن پيو پيسندو آهي.
”ويرون ولوڙڻ جون ساريان گهڻو صبوح“
شاهه
جن وٽ ٻانهيون ۽ ٻانها، نوڪرياڻيون ۽ نوڪر هوندا هئا، تن کان گهر ڌياڻيون گهر جو ڪم چڱيءَ طرح وٺنديون هيون؛ پر ساڻن نرميءَ سان هلت ڪنديون هيون (منڊل ڏهون، 85، 43). وقتي گاين ۽ ٻئي چوڇائي مال جي پاڻ نظرداري ڪنديون هيون، ۽ نوڪرن چاڪرن جي مٿان به نظر ڪنديون هيون، ته برابر ڪم ڪن ٿا يا نه (منڊل ڏهون 85، 44). ڪن گهرن ۾ نوڪر چاڪر ڪين هوندا هئا. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪي گهر ڌياڻيون پاڻ رڌينديون پچائينديون هيون، ۽ باسڻ به پاڻ ملينديون هيون. سندين نياڻيون کوهن تان پاڻي ڀري اينديون هيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 191، 14). سندن مٿن تي دلا نهايت سڌيءَ طرح رکيل هوندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ڏهون، 8، 14). گهر جي ٻئي ڪم ڪار ۾ سندين نياڻيون کين مدد ڪنديون هيون. ماءُ جنهن مهل رنڌڻي ۾ هوندي هئي، تنهن مهل سنديس نياڻين پنهنجن ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن جي سنڀال ڪنديون هيون، منجهند جي ماني کائڻ ۽ گهر جي تانگهه تونگهه لهڻ کانپوءِ گهر ڌياڻي ڦڻي ڦوڪارو ڪندي هئي. پاڻ به ڪپڙا مٽيندي هئي ۽ ٻارن کي به اَڇو اُجرو ڪري نوان ڪپڙا ڍڪائيندي هئي (منڊل پهريون، 123، 11، 124، 7، ۽ منڊل چوٿون ۽ ڏهون) هوءَ ويس وڳو ڪري پاڻ کي چڱيءَ ريت ڍڪيندي هئي، ۽ زينت ڀري ڏسڻ ۾ ايندي هئي (منڊي چوٿون، 3، 2، 58، 2). سدائين مُرڪڻو منهن هوندو هوس (منڊل چوٿون، 58، 8). جنهنڪري پنهنجي پتيءَ کي وڻندي هئي. مڙس جي هرڪا شيوا ٽهل ڪندي هئي، ۽ سندس لاءِ بسترو وڇائيندي هئي (منڊل چوٿون، 3، 2). ٻارن کي گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ ٻارن ۾ موهه هوندو هوس (منڊل ستون، 81، 4).
ننڍڙا ٻار گهر ۾ رانديون رونديون ڪندا هئا، ۽ اُهي گهر جو سينگار هوندا هئا (منڊل ستون، 56، 16). ننڍڙن ٻارن کي ڪا شيءِ کپندي هئي، ته پنهنجي پيءُ جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ سندس پلئه کان ڇڪيندا هئا، ۽ چلولي نموني چوڳندا هئس ته کين ڇا گهرجي (منڊل ٽيون، 53، 2). ٻارن کي راند جو خفت ايترو هوندو هو، جو راند مهل ماني به وسري ويندي هين. سندين ماءُ ماني کائڻ لاءِ سڏيندي هين، ته هٿ هڻي چوندا هئس ته تون پاسي ٿيءُ (منڊل ڏهون، 94، 14). کير ڌائڪ ٻار ريڙهيون پائي ماءُ جي اکين کان پري ٿيندو هو، ۽ ڪنهن وقت ماءُ ڏسندي هئي ته ٿڃ پيئي وهي، ته ٻار آڻي ڏيندا هئس، جنهن کي پنهنجي پاسي ۾ سمهاري، چڳڙ ڏيندي هئي، ۽ لوڏيندي ڪوڏيندي هيس (منڊل نائون 61، 14). ماءُ جنهن مهل پنهنجو ننڍڙو ٻار هنج ۾ کڻي وهندي هئي، تنهن مهل ڏاڍو پيئي وڻندي هئي (منڊل ستون، 43، 3). ٻار جنهن وقت پيءُ ڏانهن وڌي، ساڻس چچلو ڳالهائيندا هئا، تنهن وقت سندن چچلو ڳالهائڻ ڏاڍو پيو وڻندو هو (منڊل ستون، 103، 3). ڇوڪرين وانگر ڇوڪرا به ڪنن ۾ واليون يا ڪيوٽيون پائيندا هئا، ۽ ڳچيءَ ۾ به جڙت جڙيل ڪنٺي پائيندا هئا (منڊل پهريون، 122، 14).
گهر گهر ۾ رات جي ماني سويل تيار ٿيندي هئي، گويا سج کي ڀتر هڻي، ماني کائيندا هئا. ٻار ماني کائي اُٿندا هئا ته ماءُ سندن بسترو وڇائي، کين سويل ئي سمهاري ڇڏيندي هئي. آڌيءَ مانجهيءَ چرخو به پيئي چوريندي هئي، - جو سٽ ڪتڻ جو رواج ڪيترين قومن کان اڳ سنڌو ماٿر جي ماڻهن شروع ڪيو هو. چرخي چوريندي ۽ گهر جي ٻئي ڪم ڪار ڪندي، ڪي زالون گيت پيون ڳائينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪي زالون گڏجي گهمڻ گهتڻ نڪرنديون هيون (منڊل پهريون، 56، 2). ڪي زالون پنهنجن مڙسن يا ٻين مٽن مائٽن سان گڏجي سڀائن ۾ وينديون هيون، ته ڪي محفلن ۽ ميلن تي وينديون هيون، پر جيڪڏهن ڪا زال پرائي گهر ۾ رت جو وڃي ٽڪندي هئي، ته سندس شهرت ٿيندي هئي (منڊل پهريون، 123، 87). جيڪڏهن ڪنهن مرد کي پنهنجيءَ زال جي چال ۾ شڪ پوندو هو، ته پوءِ جيستائين هوءَ ٻرندي مَچَ مان سلامت لنگهي، پنهنجي ست جو ثبوت نه ڏيندي هئي، تيستائين مرد جي پنهنجيءَ زال سان ڪانه پوندي هئي. ڪن حالتن ۾ ڪي مٽ مائٽ يا سنگتي ساٿي وچ ۾ پئي، زال مڙس جو پاڻ ۾ پرچاءُ ڪرائيندا هئا (منڊل ڏهون، 68، 2).
رگ ويد واري زماني ۾ پردي جو رواج ڪونه هوندو هو. اهو رواج اتهاسن واري زماني ۾ هوندو هو. تنهنڪري ان جو ذڪر اتهاسن واري زماني جي احوالن سان گڏي ڪبو.
گهر جو سامان ۽ باسڻ برتڻ: رگ ويد جي منڊل ستين (55، 8) ۾ ”تلپ“(Talpa) لفظ ڪم آيل آهي. اهو هڪ ڪاٺ جو صندل هوندو هو، جنهن تي سمهندا هئا. ”پروسٿ“ (Prostha) هڪ ڪشادو بينچ يا صندل هوندو هو، جنهن تي زالون سمهنديون هيون. شايد پنهنجو ننڍڙو ٻار به پاڻ سان سمهارينديون هيون، جنهنڪري اهو ڪشادو هوندو هو. ”وهيه“ (Vahya) هڪ قسم جو ”ڪوچ“ يا فرحتي بسترو هوندو هو. وهاڻي يا گديءَ کي اُپِبرهنه“ (Up-barhana) چوندا هئا، جنهن ۾ اندر اُن ياپشم وجهندا هئا. صندليءَ کي ”اَسندي“ چوندا هئا ۽ انهيءَ تي گدي پيل هوندي هئي. ماڻهن وٽ گهرن ۾ ڌاتن بلڪ ڪاٺ مان ٺهيل ٿانءَ پاٽوڙا وغيره) هوندا هئا، ۽ ٺڪر جا ٿانءَ به هوندا هنن، جي جهٽ جهٽ پيا ڀڄندا هئا (منڊل پهريون، 191، 14). سونا پيالا ۽ چانديءَ جا باسڻ به هوندا هئن. سانداريون ۽ بتيون به هونديون هين. ڪيو يون يا ڏويون، ڪرنڊيون (ٽپريون)، اُکريون، مهريون، ڇڄ ۽ پرڻ به هوندا هئن. ڇت ۾ ڇڪا ٽنگيندا هئا، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون رکندا هئا، ته ڪُئا ٽُڪي نه وڃن (اٿرو ويد، منڊل نائون، 3، 6). قيمتي شيون پيتين ۾ رکندا هئا (منڊل ڏهون، 42، 6). باسڻن برتڻن ۽ ٻين شين رکڻ لاءِ ايڏيون وڏيون پيتيون هونديون هين، جو ڀلي ته ماڻهو منجهن سمهي پوي (منڊل پنجون، 78، 5). اهڙيون وڏيون پيتيون مصنف جي سانڀر ۾ ڪيترن گهرن ۾ هونديون هيون. وقتي ڪن گهرن ۾ اڄ تائين به هجن ته عجب ڪونهي. اهي اٽڪل پنج فوٽ ڊگهيون، چار فوٽ کن ويڪريون ۽ ٽي چار فوٽ اونهيون هونديون هيون – ڪپڙن جا بجڪا (بفچا)، مصريءَ جا ڪنا، مڻين جون دٻليون، وغيره منجهن رکندا هئا. رات جو انهيءَ پيتيءَ جي مٿان بسترو وڇائي سمهندا هئا، جا مصنف جي اکين ڏٺي ڳالهه آهي.
ڌرتيءَ ۾ ڌن پورڻ جو رواج: ماڻهن وٽ اڳي فقط چوپايو مال هوندو هو. پوءِ سونن سڪن جڙڻ جو رواج پيو، ته اهي سڪا ۽ مڻيا منڊيون ڪن ٿانون ۾ وجهي، ڌرتيءَ ۾ پوريندا هئا (منڊل پهريون، 117، 12). ڌرتيءَ ۾ ڌن پورڻ جو رواج پوءِ هلندو آيو، ۽ اڄ به ٻهراڙين ۾ عام آهي. انهيءَ سبب سنڌيءَ ۾ ڪي پهاڪا به دعام ٿيا. مثلاً: ”ڌن هجي ڌوڙ ۾، ته چمڪو ڏئي نور ۾“، يعني جيڪڏهن ڪنهن جو ڌن ڌرتيءَ ۾ پوريل هوندو، ته به سندس شڪل منجهان ئي سهي ڪبو، ته شاهوڪار ماڻهو آهي. ٻيو پهاڪو آهي ته ”کڏ! چي، جيءُ سڏ!“ يعني جيڪڏهن کڏ ۾ ناڻو پوريل هوندو، ته گهرج مهل کڏ به سڏ مڏيندي. ڌرتيءَ ۾ پوريل ڌن جنهن وقت وڃي ڪڍندا هئا، تنهن وقت امانت باسلامت ملندو هون، تنهنڪري چوڻي آهي ته ”پرائي امانت ڌرتي به نه ڊوهي“ – مطلب ته امانت ۾ خيانت نه ڪجي.
کاڌو پيتو: رگ ويد ۾ ”گوڌرم“ يعني گيهون (ڪڻڪ) ۽ ”ورهي“ (چانور) لفظ ڪم آيل ڪينهن، پر ڌانيه“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڌاڃ“، جنهن ۾ هر ڪنهن قسم جو اَن اچي وڃي ٿو. انهيءَ هوندي به مُڱ، تِرَ ۽ جَوَ ڌار به ڄاڻايل آهن، ۽ اهو به ڄاڻايل آهي ته ترن ۽ جَون جا فصل ڀلا ٿيندا هئا. ويد ۾ جَون جو ذڪر گهڻو آهي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ماڻهو عام طرح جائي (جَون جي) ماني ۽ مڱن جي دال کائيپيٽ ڀريندا هئا. مڱن جي رڌل دال کي ”مدگ اُدن“ يعني مڱن جو کاڌو چوندا هئا. هن مان ظاهر آهي ته دال سان روٽيءَ کائڻ جو رواج نهايت قديم زماني جو آهي. چڻن جي دال کائڻ جو رواج شايد پوءِ پيو. جَون مان مانيءَ کان سواءِ ٻيون شيون به ٺاهيندا هئا. جَو ڀڃي انهن مان آش ٺاهيندا هئا، جنهن ۾ رڌڻ مهل گيهه ذرو وجهندا هئا. انهيءَ آش ۾ گڏي کائيندا هئا. آش کي چوندا هئا ”ڪرنڀ“ (Karambha) (منڊل پهريون، 187، 16، منڊل ٽيون، 82، 7). جيڪڏهن آش ۾ ڏڌ گڏيندا هئا، ته اُن کي ”دؤڌيه اودَن“ (Duhya-odana) يعني ڏڌ جو کاڌو چوندا هئا. جَون جي بُرَ پيئي (گيهه گڏيل) لولي پچائيندا هئا، تنهن کي چوندا هئا ”اَپُوپ“ (Apupa) منڊل ٽيون، 52، 7). کير ۾ جَون جا داڻا وجهي کيرڻي ٺاهيندا هئا، جنهن کي ”ڪشير اودن“ يعني کير جو طعام طعام سڏيندا هئا (منڊل اٺون، 69، 14). جون مان سَتُون به ٺاهيندا هئا (منڊل ڏهون، 71، 10) اهي ستون کير ۾ ڪاڙهيندا هئا. مطلب ته گهڻو واهپو جَون جو هوندو هو.
آڳاٽا لوڪن کي کير سان دل گهڻي هوندي هئي، تنهن ۾ به ڳائو کير وڌيڪ پسند ڪندا هئا. هرهڪ آڪهه کي پنهنجون ڳئون هونديون هيون. کير ڪاڙهي، ڄمائي، ڏڌ ڪندا هئا. _هي“ (ڏڌ) اصل ۾ آهي سنسڪرت ”دڌي“، جو لفظ رگ ويد جي منڊل اٺين، 9، ۽ منڊل نائين، 87، 1، ۾ ڪم آيل آهي. ڏڌ ولوڙڻ لاءِ ”منٿا“ يعني منڌي يا مانڌاڻي هوندي هين (منڊل پهريون، 28، 4)، ”گيهه“ لفظ اصل ۾ سنسڪرت“ گهرت“ (Ghrta) جو رگ ويد ۾ گهڻي ئي گهمرا ڪم آيل آهي. مکڻ ڪڍڻ کانپوءِ جيڪا مهي يا لسي بچندي هئي، سا ڪاڙهي ”پاکي“ ٺاهيندا هئا، جا اڄ تائين ڪيترا دل ڪري پيئندا آهن.
”پاهي پاکي پٽڙي، پرين ساڻ پيان“
هن وقت ڪيترا هندو مڇي ماس رڳو ڏسن، ته بڇان پيئي اچين، پر آڳاٽا لوڪ ويشنو ڪونه هوندا هئا. ان وقت جون حالتون به علحديون هونديون هيون. رگ ويد واري زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ گهڻو ڪري سڄو سال سيءَ ڏاڍا پوندا هئا (منڊل پهريون، 64، 10، ٻيون، 2، 11، 32، 2، پنجون، 54، 15، ۽ ڇهون 10، 7، 48، 8). ڀانئجي ٿو ته گهڻيءَ ٿڌ پوڻ سبب گوشت کائڻ جو ضرور سمجهيائون، هڪ واريءَ ڏاٺ هرين، ته پوءِ نه رڳو ٻڪرين، ڇيلن، رڍن ۽ گهيٽن، پر گهوڙن جو گوشت به کائيندا هئا. ڪيترا ڳائو توڙي ماهيو گوشت به حلال ڪري سمجهندا هئا. رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائتر به براهمڻ آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن راجا يا ڪو وڏو ماڻهو مهمان ٿي اچي، تڏهن جيڪا گانءِ ”وهِت“ هجي يعني ڦر نه ڏيندي هجي، سا سندس مهمانيءَ لاءِ پارائڻ گهرجي (منڊل پهريون، 3، 4). يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻه اهي، تنهن ۾ لکيل آهي ته ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي مهمانيءَ لاءِ ”مهوڪش“ (مها + اُڪش) يعني وڏيءَ ڄمار وارو ڍڳو پائڻ گهرجي (ٽيون، 4). مهمان نوازيءَ جا اهي نمونا ڪن رشين جا ڏسيل آهن؛ پر ساڳئي وقت ڪي رشي انهيءَ خيال جا به هئا ته ڳئون ۽ ڍڳي جهڙا ڪارائتا جانور ڪهڻ نه گهرجن، تنهنڪري ڏاند يا ڍڳي کي سڏيائون ”اَگهنيه“ يعني جنهن کي ڪهڻ نه گهرجي. رگ ويد ۾ ”اگهنيه“ لفظ ٽي گهمرا ڪم آيل آهي؛ پر مونث لفظ ”اگهنيا“ (گانءِ يا ڳئون) سورهن گهمرا ڪم آيل آهي. گانءِ مان کير، ڏڌ ۽ مکڻ جو ته سهنج، پر کير مان قسمين قسمين مٺايون ۽ غذائون ٺهن ٿيون. ڍڳو يا ڏاند نار ۽ هر ڪاهڻ، بار ڍوئڻ بلڪ سواريءَ لاءِ ڪم اچي ٿو. ههڙن ڪارائتن جانورن جي ڪوس جي برخلاف ڪن رشين رگ ويد واري زماني ۾ ئي آواز کڙو ڪيو، پر ان وقت گهڻن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. اهو رواج اتهاسن واري زماني ۾ به هو. اشوميديگيه يعني گهوڙي جي قربانيءَ جو يگيه رگ ويد واري زماني کان وٺي اهاسن واري زماني تائين ماڻهو ساندهه ڪندا پئي آيا، ۽ ماڻهو گهوڙي جو گوشت به کائيندا هئا. مڇي ماس کائڻ جو رواج گهڻو پوءِ بند ٿيو، جنهنڪري سڄي هندستان ۾ هن وقت ويشنو گهڻا آهن – جيڪي گوشت کائين ٿا، سي به پنهنجي لاءِ پَهرُو پائڻ پارائڻ اڪثر پاپ ڪري سمجهن ٿا. انهيءَ سبب هن وقت ڪاسائي گهڻو ڪري سڀ مسلمان آهن، رڳو ڪي سِک ”جهاٽڪو“ ڪن ٿا. انهيءَ هوندي به هن وقت سڄي هندو جاتي گانءِ کي ”گئو ماتا“ ڪري سمجهي ٿي، ۽ گئو هتيا ڪرڻ اُگر پاپ ڪري ليکي ٿي. قديم مصر جا ماڻهو به ڳئونءَ کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. *

رگ ويد جي منڊل اٺين (67) ۾ ڄاڻايل آهي ته ماڻهو ڄار ۾ مڇي ڦاسائيندا هئا، جنهنڪري چئبو ته مڇيءَ کائڻ جو رواج به هو. منڊل پهرين، ٻئي، چوٿين ۽ اٺين ۾ شڪارين (شڪار ڪندڙن) جو ذڪر آهي. منڊل پهرين (92، 10) ۾ ائين به ڄاڻايل آهي ته ”شوگهني“ (Sva-ghni) (يعني شڪاري) پکين جا پَرَ يا کنڀ کوهي ڇڏيندا هئا، ته اُڏامي نه وڃن. هرڻ مارڻ جو رواج به عام هو. ڪيترا ماڻهو ”مرگ ڇالا“ يعني هرڻ جي کل عام طرح اوڍيندا هئا. ماڻهو گهرن ۾ مرغيون به ڌاريندا هئا.
رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهن جو زور رڳو پڳو مڇيءَ ماس تي ڪونه هو، پر ميوا به کائيندا هئا. منڊل ڏهين، (146، 5-6) ۾ ڄاڻايل آهي ته ماڻهو وڻن جا مٺا ميوا کائي، وڻن هيٺ آرام ڪندا هئا. ڪا انگڙي اٽڪائي، پڪل ميوا ڌوڻي، ڪيرائيندا هئا (منڊل ٽيون، 45، 4). ميون جا نالا ڄاڻايل ڪينهن، باقي منڊل پهرين، 146، 20) ۾ مٺن ٻيرن جو ذڪر آهي، جن مان پکي به چُهنگ ڀريندا هئا. منڊل نائين (86، 18) ۾ ”اُڪشو“ يعد ”ڪمند“ لفظ ڪم آيل. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته ڪمند جي پوک ٿيندي هئي، ۽ ماڻهو ان جي رس پيئندا هئا. ”مَڌؤ“ يعني ”ماکي“ لفظ رگ ويد ۾ گهڻن هنڌ ڪم آيل آهي (منڊل پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون، 38، 10). مطلب ته آڳاٽا لوڪ مانيون، کيرڻي، ڏڌ، مکڻ، ماکي ۽ ميوا کائيندا هئا. اَنَ کي ديوتا ڪري ليکيندا هئا (منڊل پهريون، 187).
باهه ٻارڻ جو هنر: رڌڻ پچائڻ جو ڪم باهه کان سواءِ ٿي نٿو سگهي، تنهنڪري کيتيءَ جي جاري ٿيڻ کان اڳي ئي ماڻهن ضرور باهه ٻارڻ جو هنر ڳولي لڌو هوندو. ٻرندڙ جبلن مان باهه نڪري ٿي، پر ٻرندڙ جبل سڀڪنهن هنڌ ڪينهن، باقي آسمان ۾ بجلي وانگر چمڪاٽ ڪري ٿي، سا سڀڪو ڏسي سگهي ٿو. سج به اگنيءَ جو روپ آهي، ۽ اهو به ڏسي سگهجي ٿو. ائين باهه ڏسڻ سولي، پر پيدا ڪيئن ڪجي؟ اکين سان ڏسجي ٿو ته جڏهن هوا زور سان لڳي ٿي، ۽ ٻيلن ۾ بانس جون ڪاٺيون يا ڪن وڻن جون ٽاريون هڪ ٻئي سان زور سان لڳي، گسن ٿيون، تڏهن انهيءَ گهڪي وچان باهه پاڻمرادو پيدا ٿئي ٿي، ۽ بعضي ٻيلن جا ٻيلا سڙي وڃن ٿا. آڳاٽا رشي، جي قدرت جي ڳالهين جاچڻ جا ڪوڏيا هئا، تن اها ڳالهه جاچي، اها ئي واٽ اختيار ڪئي ۽ باهه ٻارڻ جو رواج وڌائون. آئرون رشي، جنهن جي نالي پٺيان ”اَٿرو ويد“ سڏجي ٿو، تنهن بابت رگ ويد جي منڊل ڇهين، (16، 3) ۾ چيل آهي ته باهه ٻارڻ جو رواج اول انهيءَ وڌو. ٻه ڪاٺيون هڪ ٻئي سان گهي، باهه پيدا ڪيائين. انهيءَ ريت آڪاسن جي آئر بجلي ڄڻ ته هيٺ پرٿويءَ تي اچي، ماڻهن جي چلهين ۾ ٿِرُ پاتو.

آڳاٽا لوڪ اَشوٿ وڻ جي ڪاٺي ”شامي“ نالي ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ سان گهي، باهه پيدا ڪندا هئا. هڪ ڪاٺيءَ کي گيهه مکي ڇڏيندا هئا، ۽ گاهه مُڄا به انهن ڪاٺين جي ويجهو جهلي بيهندا هئا ته جيئن باهه پيدا ٿئي تيئن گاهه پڄري، ۽ گيهه جي زور تي ڪاٺيون به ڀنڀٽ ڪري ٻرن، اشوٿ وڻ ۽ شامي ڪنڊيءَ ۾ اهو وڏو گڻ ڏٺائون، ته اشوٿ جي گهڻي ساراهه ڪيائون. ڪنڊيءَ پوڄڻ جو به رواج وڌائون. اڄ به سڄي هندستان جا هندو دسهڙي جي ڏينهن ڪنڊي پوڄيندا آهن. ڪنهن هنڌ ڪنڊيءَ جو وڻ نه هوندو آهي، ته ڪنهن ٻئي هنڌان ڪنڊي آڻي، ڌرتيءَ ۾ کوڙي، پوءِ ان جو پُوڄن ڪندا آهن. اهو رواج انهيءَ آڳاٽي زماني جي يادگيري ڏياري ٿو، جنهن زماني ۾ قديم لوڪن بابت ٻارڻ جو هنر ڳولي لڌو هو. ان وقت هندستان وارن، ايرانين ۽ يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا هڪ ٻئي جي نزديڪ گذاريندا هئا، جنهنڪري سنسڪرت لفظ ”آگني“ جو اُچار لئٽن ۾ ”اِگنس“(Egnis) ٿيو. پارسين ۾ اگني پوڄا جو رواج به اُن وقت پيو.
باهه ٻارڻ لاءِ اشوٽ وڻ جي ڪاٺي مٿان جهليندا هئا، ۽ شامي ڪنڊيءَ جي هيٺان. مٿين ڪاٺيءَ کي ”پروروس“ (Pururavas) ۽ هيٺينءَ کي ”اُروشي“ (Urvasi)سڏيندا هئا. جيئن چندرونسي گهراڻي جي راجا ”پروروس“ کي ”اُروشي“ نالي اپڇرا مان پٽ ڄائو هو، تيئن هنن ٻن ڪاٺين کي هڪ ٻئي سان گهڻ ڪري ”آگن ديوتا“ (باهه) پيدا ٿئي ٿو؛ *

پر هي وري به ٻه ارڻيون (ڪاٺيون) آهن، تنهنڪري رگ ويد جي منڊل پهرئين، (34، 2-4) ۾ اگن ديوتا کي ”دوي ماترڪ“ يعني ٻن مائرن جو پٽ سڏيو اٿن، ۽ منڊل پنجين، (9، 3) ۾ کولي ڄاڻايو اٿن ته ٻن ڪاٺين مان اگن ديوتا ائين پيدا ٿئي ٿو، جيئن ”تازو ڄاول ٻار“.
رگ ويد جي منڊل ٻئي (12، 3) ۾ هينئن به ڄاڻايل آهي ته اندر ديوتا ٻن پٿرن جي وچان باهه پيدا ڪئي هئي. انهيءَ سبب منڊل ڏهين، (20، 7) ۾ اگنيءَ کي ”ادريهه سُونهه“ (Adreh Sunuh) يعني پٿر جو پٽ (پٿر مان پيدا ٿيل) به سڏيو اٿن. هيءُ باهه ٻارڻ جو ٻيو نمونو آهي. آسمان ۾ ڪڪر هڪ ٻئي سان لڳن ٿا، ته گجگوڙ ٿئي ٿي، ۽ وڄ پيدا ٿئي ٿي. ڀانئجي ٿو ته آڳاٽن لوڪن اهو نمونو ڏسي، هڪ پٿر ٻئي تي هڻي، باهه ٻارڻ جو هيءُ ٻيو نمونو به چالو ڪيو. اهو ٻيو نمونو به سنڌ ۾ ڪي صديون ساندهه هلندو پئي آيو. هن لاءِ ثابتي هيءَ آهي ته اڄ تائين ڪوهستان جا ماڻهو اهو نمونو هلائيندا پيا اچن. ڪوهستان جي ماڻهن کي جڏهن باهه ٻارڻي هوندي آهي، تڏهن ڪاٺيون ۽ ڇيڻا گڏ ڪري، انهن جي مٿان ڇوڏا ڇينڀا، سنهيون سڪل ٽاريون ۽ ڪک پن رکن. پوءِ ڳاريءَ (چقمق جي پٿر) جي پاسي کان پُرزُ (پَنِ جو شيرو گندرف ۾ ماريل) رکي، ڳاريءَ جي مٿان پٿر يا رُڪَ جي ٽڪر سان ڌڪ هڻن، ته باهه جون چڻنگون پيدا ٿين، جي پرز کي اچيو لڳن، جنهنڪري اول ڪک پن، سنهيون سڪل ٽاريون ۽ ڇوڏا ڇينڀا ڄرڪڻ لڳن، انهن مان پوءِ ڇيڻا ۽ ڪاٺيون دکن، ته ڀنڀٽ ٻريو پوي! هن وقت اسين سئيڊن ۽ ٻين هنڌن جا ماچيس عام طرح ڪم آڻيون ٿا. ماچيس جوڙڻ جا ڪارخانا عيسوي اڻويهين صديءَ ۾ جاري ٿيا. انهيءَ کان اڳي باهه پيدا ڪرڻ جون اهي ٻه واٽون هيون، جن مان پهريون رواج وڌيڪ عام هو.
ڪنهن به وقت رڌبو پچائبو يا پاڻي وغيره ڪوسو ڪبو، ته ضرور باهه دکائڻي پوندي. ڀيري ڀيري باهه دکائڻ جي تڪليف ڪجي، تنهن کان منجهس ڪاٺيون، ڇيڻا وغيره وجهندو رهجي، ته اهو بهتر آهي. ڪيترين مڙهين ۾ ڏسو ته اڄ تائين دونهين دکندي رهي ٿي. آڳاٽا لوڪ به ائين ڪندا هئا. اگني ٻارهوئي دکندي رهي، تنهن لاءِ اگن ۾ ٽي گهمرا آهوتي (ڪاٺيون، جَوَ، گيهه وغيره) وجهندا هئا: صبح، منجهند ۽ سانجهيءَ. اگنيءَ کي ”گرهه پتي“ يعني گهر جو ڌڻي يا گهر جو ديوتا ڪري سمجهندا هئا، تنهنڪري اَسُر جو باهه پڄرائي، اول اگني پوڄا ڪندا هئا. يگين ۽ هون هوم جي شروعات ائين ڊل پهريون ٿي. پارسين ۾ به اگني پوڄا جو رواج اڄ تائين هليو اچي، خاص طرح يگيه لاءِ اَگني دکائڻ جو رواج انگيرس نالي هڪ رشيءَ وڌو (رگ ويد، منڊل پهريون، 45، 3، 71، 2-3: 83، 4). گوتم رشي، ڀار دواج ۽ ٻيا ڪيترا رشي، انگيرس رشيءَ جي ڪُل مان هئا، ۽ اگني ديوتا جا پوڄاري هئا. سڀني گهرن ۾ اگني ڏينهن رات دکيل رهندي هئي، ته اها پوءِ ”اکنڊ جوت“ سڏجڻ ۾ آئي. اڄ تائين ڪيترين مڙهين ۽ مندرن ۾ جوت سدائين ٻرندي رهي ٿي. درياهه پنٿي به درياهه ٿان جو ڏئو ڪڏهن به اُجهامڻ نه ڏيندا آهن. ڪيترا هندو صبح جو سنان پاڻي ڪري سورج کي هٿ جوڙيندا آهن. سنجها جو ڏيئو ٻاريندا آهن ته ان کي به هٿ جوڙيندا آهن. انهن ڳالهين ۾ هيءُ ڌرمي خيال سمايل آهي ته ايشور جوتي سروپ آهي، ۽ سنديس جوت ڪڏهن به اجهامڻ يا وسامڻ جي نه آهي، تنهنڪري انهيءَ اکنڊ جوت جو نت ڌيان ڌارجي. اگني، ڏئو ۽ سورج سندس جوت جا سروپ آهن، ۽ انهيءَ سبب هندو انهن کي هٿ جوڙيندا آهن. ائين رڌڻ پچائڻ لاءِ جا اگني عام طرح دکائيندا هئا، تنهن مان آڳاٽن آرين جو ڌيان ڇڪجي، پرماتما ڏي ويو، جو سندس جوت جا سروپ آهن، ۽ انهيءَ سبب هندو انهن کي هٿ جوڙيندا آهن. ائين رڌڻ پچائڻ لاءِ جا اگني عام طرح دکائيندا هئا، تنهن مان آڳاٽن آرين جو ڌيان ڇڪجي، پرماتما ڏي ويو، جو سندن چِتَ جو لاڙو سدائين ڌرم جي پاسي هو. يجر ويد جي تئيتريه سنهتا، (ڪانڊ 2، پرپاٺڪ 5، انوا واڪ 8، واگ 6) ۾ ڄاڻايل اهي ته يگيه جي اگنيءَ م۾ آهوتي وجهڻ مهل چوندا هئا ”سواها“ (Svaha) ! ائين ديوتائن کي سڏيندا هئا، ته يگيه اچي قبول ڪن ۽ يگيه ڪندڙن تي پنهنجي مهر ڪن.
رگ ويد واري زماني ۾ ئي ماڻهن ڇيڻي جو به قدر ڪيو هو. ڇيڻن جون ٿاڦڙيون ٺاهي، سڪائيندا هئا، ۽ اهي سڪل ڇيڻا بارڻ جي ڪم آڻيندا هئا. ڪيترن گهرن ۾ هاڻ لادين (Tiles) جا فرش ٻڌل آهن، پر اڳي گهر گهر ۾ پوتي پائڻ لاءِ ڇيڻو عام طرح ڪم ايندو هو. اهو رواج ٻهراڙين ۾ هندن توڙي مسلمانن جي گهرن ۾ اڄ تائين آهي. ڪو هندو مرندو آهي ته اول پٿو پائي، انهيءَ صاف هنڌ تي پراڻيءَ کي رکندا آهن. ڇيڻو نهايت گڻاڪاري شيءَ آهي. رگ ويد واري زماني ۾ ٻڪرين جون ڦولهڙيون به ٻاريندا هئا يا نه، سو ڪٿي به ڄاڻايل ڪونهي، پر اهي عام طرح پاڻ ڪري ڪم آڻيندا هئا.
نشيدار شيون : آڳاٽا لوڪ سکڻي پاڻيءَ يا رڳو لسيءَ ۽ کير سان پياس ڪين مٽائيندا هئا، پر خنڪيءَ لاءِ ذراڪ به وٺندا هئا. هن وقت ڪيترن کي شراب، ڀنگ ۽ ڪُسنبي (ڳاريل آفيم) جي علت آهي، جنهن مان ڪسنبي جو رواج ٿر ۾ نهايت گهڻو آهي. ڀنگ ۽ آفيم ورتائڻ جا رواج گهڻو پوءِ چالو ٿيا؛ باقي شراب پيئڻ جو رواج نهايت قديم آهي. اڳي ماڻهو ٻه نشيدار شيون ورتائيندا هئا: هڪڙي سوم ۽ ٻي سُرا (شراب). ”سوم“ هڪ ٻوٽي هوندي هئي، جا سرسوتي ۽ سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي، ۽ امبالغي ضلعي ۾ ڪر کيتر جي ”شريناوت“ (Saryanavat)ڍنڍ جي ڪناري تي پيدا ٿيندي هئي (رگ ويد، منڊل نائون، 61، 7، 113، 1)، پر اُچي ۽ سٺي سوم هماليه جبل جي ”مجوت“ (Mujavat) نالي چوٽيءَ تي پيدا ٿيندي هئي، جنهنڪري ”مؤجوت“ (Manjavata) يعني مجوت جي پيدائش سڏبي هئي (رگ ويد، منڊل ڏهون، 34، 1). ڪي عالم ائين سمجهن ٿا ته ”ڪئلاس“ پريت جو ٻيو نالو ”مُجوت“ هو. اها ٻوٽي ڪيترين صدين کان ناياب آهي، جو ملڪ جون طبعي حالتون ڦري ويون آهن. اڳي سنڌو ماٿر جون طبعي حالتون ئي ٻيون هيون. انهيءَ زماني ۾ اها ٻوٽي گرمي توڙي سرديءَ ۾ سڙي ويندي هئي، ۽ رڳو برساتي موسم ۾ اُسرندي هئي. آڳاٽا ايراني لوڪ به انهيءَ ٻوٽيءَ جي رس دل ڪري پيئندا هئا. اُهي سوم بدران چوندا هئا ”هئوم“ (Haoma). اهو لفظ پارسين جي زنداوستا ۾ ڪم آيل آهي.آڳاٽا لوڪ سوم ٻوٽيءَ جا پَن اول ”اَدري“ (اڏيءَ) تي رکي. سٽي ڪٽي سنهي ڪندا هئا. ٻوٽيءَ سنهي ڪرڻ ۽ گهوٽڻ جو ڪم اڪثر زالون ڪنديون هيون. ٻوٽي گهوٽجي رهندي هئي، ته اُن جي رس زالون آڱرين سان نپوڙي ڪڍنديون هيون (منڊل نائون، 97، 9-12). رس نپوڙڻ مهل زالون سوم جي ساراهه جا گيت ڳائينديون هيون (منڊل نائون، 66، 8). اها رس شايد تمام گهاٽي هوندي هئي، تنهنڪري ان ۾ پاڻي گڏي، پوءِ زالون سموري رس ڇاڻينديون هيون. هن وقت جيڪي آفيم ڳاري ”ڪَسنُبو“ ڪري پيئندا آهن، سي ڪسنبي ڇاڻڻ لاءِ ڪپهه جون پوڻيون ٺاهيندا آهن. جن کي ”منيئان“ چئبو آهي. سوم رس ڇاڻڻ مهل به زالون اُنَ جو پؤڻيون ٺاهي، اهي ڪلسئي (لوٽي) جي مٿهان رکي، رس اوتينديون وينديون هيون، ته ڪن ڪچرو پوڻين کي چنبڙي پوندو هو، ۽ باقي نج رسچ ڇڻي، ڪلسيءَ ۾ وڇي پوندي هئي. رس ڇاڻڻ مهل ان ۾ آڱريون گهمائينديون هيون (منڊل نائون، 67، 9-12). اڱرين گهمائڻ جي مراد اها هئي ته رڳو مٿيون پاڻي ڇڻي نه اچي؛ پر جنهن سوم تَرُ وڃي ورتو هجي، سا به پاڻيءَ سان گڏجي وڃي. رس ڇڻي رهندي هئي ته ان ۾ کير يا ڏڌ ۽ وقتي ماکي گڏينديون هيون (منڊل نائون، 103، 3). آڳاٽا لوڪ انهيءَ رس جو اول ديوتائن کي ڀوڳ لڳائي، پوءِ پاڻ پيئندا هئا. اوائل ۾ نجيءَ سوم رس جو اندر ديوتا ۽ وايو ديوتا کي ڀوڳ لڳائيندا هئا (منڊل پهريون 137، 1، ٽيون، 32، 2 ۽ اٺون، 2، 9-10). پوءِ اهو رواج بند ڪري ڏڌ کير يا ماکي گڏڻ لڳا (منڊل نائون، 9). رگ ويد جو سڄو نائون منڊل، ۽ ٻئي منڊل جا ڇهه سُوڪت (Hymns) سوم رس جي ساک سان ڀريل آهن. *

پنجاب ۽ سنڌ جا رهاڪو سوم رس پيئندا هئا، ته بت بود ۾ ايندو هون، گهڻو ڪم ڪندا هئا ته ٿڪ ڪونه ٿيندو هون، ائين وسهندا هئا ته انهيءَ رس پيئڻ ڪري ماڻهوءَ جي عمر وڌي ٿي (منڊل اٺون، 48، 11)، جنگي جوڌا لڙائيءَ۾ گهڙڻ کان اڳ سوم رس جو چڪو چاڙهي نڪرندا هئا، ته برجستائي سان لڙي سگهجي (منڊل نائون 106، 2). سوم رس ۾ اهي مڙيئي گڻ هئا، تنهنڪري امرت سڏبي هئي، ۽ ديوتائن کي ڀوڳ لڳائڻ جي لائق ليکبي هئي. آڳاٽن لوڪن ۾ اهو لڇڻ هوندو هو ته جن شين ۾ ڪو گڻ ڏسندا هئا، تن کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. سوم رس کي به ائين ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا. ساڳيءَ طرح اَنُ ديوتا ڪري ليکجي ٿو. سوم رس اُسترڳي ڏيندڙ (Stimulant) هئي، تنهنڪري جيڪي ان جو پورو پنو انداز پيئندا هئا، سي پنهنجو ڪم ڪار ڦڙتائيءَ سان ڪندا هئا، باقي جيڪي هر هر پيا پيئندا هئا، يا گهڻي انداز ۾ پيئندا هئا، تن کي ننڊ جي ڳهر ٿيندي هئي (منڊل نائون، 69، 6). انهيءَ پوئينءَ حالت ۾ اها ”مڌ“ (شراب) سمان ليکبي هئي (منڊل نائون، 68، 3، 69،3). نشي ٿيڻ ڪري ڪام جو خيال به ٿيندو هون (منڊل نائون، 68، 10-12).
سوم ٻوٽيءَ جا پن ڀورا ۽ ڳاڙهسرا هوندا هئا، جنهنڪري منڊل نائين، (33، 2، 63، 4) ۾ سوم کي ”بڀرو“ (ڀورو) ۽ ”اروڻ“ يعني ڳاڙهسرو سڏبو اٿن (منڊل نائون، 40، 2، 45، 3). ان جي رس رات جو چنڊ وانگر چمڪندي هئي (منڊل نائون، 85، 12). انهيءَ سبب سنسڪرت ۾ ”سوم جي هڪڙي معنيٰ چنڊ ۽ ٻي معنيٰ اها ٻولي يا انجي رس. سنسڪرت ۾ چنڊ کي ”اِندو“ به چئبو آهي. ان جي ٻي معنيٰ آهي ”سوم“ رس ڦڙو يا چمڪو“.
”سُرا“ هڪ شراب جو قسم هو. اهو ڪيئن ٺاهيندا هئا، سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. وٽني صاحب جي خيال موجب اهو هڪ قسم جو ”بيئر“ (Beer) هو. گيلڊنر صاحب جي خيال موجب اها ”برانڊي“ (Brandy) هئي. جنهن صورت ۾ رگ ويد واري زماني ۾ جَون جا فصل ڀلا ٿيندا هئا، ۽ وسڪي ۽ بيئر ڀڳل جَوَن مان جوڙي سگهجن ٿا، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته آڳاٽا لوڪ اهو شراب جون مان ٺاهيندا هئا. تن ڏينهن ۾ شيشي جون بوتلون يا ٻاٽليون ڪين هونديون هيون، تنهنڪري اهو شراب چم جي ٺهيل ساندارين ۾ رکندا هئا، جن کي ”درتي“ (Drti) سڏيندا هئا (منڊل پهريون، 191، 10) رگ ويد ۾ انهيءَ شراب جي ساک لکيل ڪانهي، پر هاڻ هيئن لکيل آهي ته ”سُرا“ پيئڻ جي علت اهڙي آهي، جهڙي جوا جي علت“. سرا پيئڻ کان پوءِ ماڻهوبڪ ۾ پوندا هئا، ۽ وقت گناهه جا ڪم ڪندا هئا (منڊل ستون، 86، 6). اها شراب پيئڻ جي علت اڄ تائين اسان جي ماڻهن ۾ عام آهي. سنڌ ۾ جيترو شراب جو کاپو هو، تيترو گجرات ۽ ٻين هنڌن ڪونهي. رگ ويد وارو ”سُرا“ لفظ به سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين عام هوندو هو، جنهنڪري شاهه صاحب به پنهنجي رسالي ۾ ڪيترن هنڌ ڪم آندو آهي. سنڌيءَ ۾ اچار اٿس ”سَرو“.
سسي سي گهرن، جي واٽيندڙ وچ ۾،
اُوءِ ڪي ٻيو پڇن، سرو جن سنباهيو“.
يمن ڪلياڻ
پوشاڪ:
مـــاءُ پيٽان نــــنگو آيــس، ننگو ويندس آنءُ،
ڌڻيءَ ڏنا، ڌڻيءَ ورتا، سڳورو سندس نانءُ.
حضرت ايوب *

هر هڪ انسان ماءُ پيٽان ننگو ڄمي ٿو، ۽ بدن جي کل يا چمڙي سندس اوائلي پوشاڪ آهي، جا ماس ۽ هڏن کي ڍڪي ٿي. انسان کي جنهن وقت ٻوجهه پوي ٿي ته مان اُگهاڙو آهيان، تنهن مهل هو پنهنجي بت ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هر ڪنهن ملڪ جي آب هوا پنهنجي پنهنجي آهي، تنهنڪري پوشاڪ جا نمونا اب هوا ۽ ٻين ملڪي حالتن تي مدار رکن ٿا. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته جيڪا قوم جهنگلي حلات مان نڪري سڌريل حالت ۾ اچي ٿي، تنهن جي ترقيءَ جي پروڙ اول سندس پوشاڪ مان پوي ٿي، پوءِ ڀلي ته اها پوشاڪ ڪهڙي به نموني جي هجي. قديم ۾ قديم هندو زمانو، جنهن جي ڪابه تاريخ آهي ئي ڪانه، تنهن زماني جو احوال ”وستر“ لفظ ڏئي ٿو. ”وستر“ معنيٰ جو پهرجي ٿو“ يعني پوشاڪ، پر بنيادي معنيٰ اٿس جو ”وَسا“ يعني وَههُ يا چرٻيءَ کي ڍڪي ٿو، يعني کل يا چمڙي. ڌڻيءَ پنهنجيءَ ٻاجهه سان هر ڪنهن ساهه واري جي بت تي اڳي ئي کل يا چمڙي چاڙهي ڇڏي آهي؛ پر ٻين ڪيترين قومن وانگر آڳاٽن آرين به پنهنجي بت ڍڪڻ لاءِ کل مٿان کل چاڙهي. ماڻهو ڌڻ ڌارڻ سکيا ته اول ٻڪريون پالڻ لڳا، ۽ ٻڪرين جي کلن سان اول پنهنجو بت ڍڪڻ لڳا. يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ ”اَجين واسِن“ لفظ ڪم آيل آهي (3، 9، 1، 12). سنسڪرت ۾ ”اَج“ معني ”ٻڪر“ (اَجا معنيٰ ٻڪري)، ۽ ”اَجين واسِن“ معنيٰ ”ٻاڪري کل سان ڍڪيل“ يا ٻڪريءَ جي کل پهريل (ماڻهو). اها هئي سنڌو ماٿر جي رهاڪن جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي پوشاڪ. افغانستان، بلوچستان ۽ ٿٻيٽ جا رهاڪو اڄ تائين ”پوستين“ ڍڪين ٿا. آڳاٽن آرين جهلڻ لڳا، تنهن وقت ”مرگ ڇالا“ يعني هرڻ جي کل به ڪم آڻڻ لڳا. اهو رواج پوءِ به ڪئين صديون ساندهه هلندو آيو. اڄ تائين هندو ماڻهو جڻئي پائڻ مهل ۽ ٻين وقتن تي سوڻ خاطر مرگ ڇالا ڪم آڻيندا آهن. اهو اُنهيءَ قديم زماني جي رواج جو هڪ نشان آهي.
رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ سيءُ گهڻو پوندو هو. رگ ويد جي منڊل ڇهين، (5، 5) ۾ ”هست گهن“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چمڙي جو دستانو“ (جو هٿ کي جهلي بيهي ٿو)‏. انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ سبڻ لاءِ سُيون ڪين هيون، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته چم ٽڪر ۾ ڪنڊي وغيره سان سوراخ ڪري، انهيءَ مان وٽيل گاهه جي تند يا ٻي ڪا تند لنگهائي، ڳنڍي ڇڏيندا هئا، ته دستانو هٿ سان قابو ٿيو پيو هوندو هو. هن وقت سوٽي ۽ اوني دستانا به نڪري پيا آهن، نه ته اسان جي ڏسندي به عام طرح چم جا دستانا ماڻهو ڪم آڻيندا هئا؛ ۽ اهو آڳاٽو رواج آهي.
يجر ويد جي پٺيان جيڪو تئتريه براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ ”وَلڪل“ لفظ ڪم آيل آهي (1، 4، 7). ”ولڪل“ لفظ جي عام طرح معنيٰ ڪندا آهن ”وڻن جي ڇوڏن مان ٺهيل پوشاڪ“. ڇوڏن مان پوشاڪ ڪيئن ٺاهيندا هئا، سا ڳاله ڪٿي به ڄاڻايل ڪانهي، ۽ پاڻيهي سمجهڻ به ڏکي آهي. آلن يا سڪن ڇوڏن بت به رهڙي ڇڏيندا، ۽ پوشاڪ مرڳو آزار ٿي پوندي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪکن ۽ ڪانن مان پوشاڪن ٺاهڻ جو رواج عام هو، جو پوءِ به ڪئين صديون ساندهه هلندو پئي آيو. هن ڳالهه جو ذڪر يوناني تاريخ نويس هيرو ڊوٽس ڪيو آهي، جو عيسوي سن کان ساڍا چار سو ورهيه اڳي ٿي گذريو آهي. ڪانا ڪُٽي سَٽي، تڏن وانگر ڳُتي، پوءِ انهيءَ سان بت ڍڪيندا هئا. اها هئي سندن پوشاڪ. *[1] شنپٿ براهمڻ مان به معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن ڪو ماڻهو يگيه ڪندو هو، تڏهن سندس استري (زال) ”ڪُش“ نالي گاهه جي ڊڀن مان ٺهيل ويس پهريندي هئي. هي سڀ ڳالهيون جڏهن گڏي ويچارجن ٿيون، تڏهن ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته ڊڀن کي ڳتي، تڏن جهڙو پيشير يا پڙو ٺاهيندا هئا، ۽ جڏهن ڪانن کي سٽي ڪٽي ڳُتيندا هئا، تڏهن انهيءَ مان ٺهيل پوشاڪ کي ”ولڪل“ سڏيندا هئا.
رگ ويد جو رچائون جدا جدا زمانن جون ٺهيل آهن، تنهنڪري پوشاڪ ۾ جيڪا وقت بوقت ترقي ٿي، تنهن جو احوال انهيءَ مان گهڻو ئي ملي ٿو. رگ ويد ۾ ڪورين جو ذڪر آهي، ۽ تاڃي ۽ پيٽو لفظ به ڪم آيل آهي (منڊل ڏهون، 30). ”پيڻ“ جو رواج به ان وقت هو. اڄ تائين دستور آهي ته ”پيڻ“ يعني چانورن جي پيڄيءَ ۾ ڪوري تاڃي پُسائيندا آهن، ته تندون مضبوط ٿين. ”پيڻ“ آهي ڪَلف، تنهنڪري پيڻ لڳڻ ڪري ڪپڙو سوٽُ ٿي پوندو آهي. کٿن ۽ لوين کي پيڻ هڻندا آهن، پر انهن کي ڪم آڻڻ کان اڳي هٿ جو مهٽو ڏيئي پيڻ ڪڍي ڇڏبي آهي، ته نرم ٿين. پيڻ هن ڪري به ڪڍي ڇڏبي آهي ته متان اَن جي بانس تي ڪُئو اچي لوئيءَ کي لڳي، ۽ ٽُڪي ڇڏيس. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته تاڃيءَ جي تندن کي ڪئا اچي لڳندا هئا. رگ ويد منڊل ڏهين، 57، 8) مان معلوم ٿئي ٿو ته اُچيءَ سٺيءَ اُن لاءِ ٽي هنڌ مشهور هوندا هئا:
(1) پرشني (راوي) نديءَ جي ڪناري وارو ملڪ،
(2) سنڌو ماٿر، ۽
(3) گنڌار (قنڌار) يعني پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ.
انهن ٽن هنڌن مان سنڌ جي ڪپڙي جو ناماچار ڪيترو هوندو هو، سا سڌ به رگ ويد جي ساڳئي منڊل ڏهين (سوڪت 75) مان پوي ٿي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ جي اُستتي (ساراهه) ڪندي، سنڌ کي ”سُواسا“ يعني ”سُهڻا ڪپڙا پيدا ڪندڙ“ ۽ ”اُرڻاوتي“ يعني ”اُن پيدا ڪندڙ“ سڏيو اٿن. ان ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته سنڌ ۾ ڪپڙو جام هوندو هو (منڊل 10، 75، 8). اڄ به ٿر ۾ کٿا، لويون ۽ ڪمريون ججهي تعداد ۾ نهايت عمديون ٺهن ٿيون. ان وقت سنڌو ماٿر ۾ ٿڌ گهڻي پوندي هئي، تنهنڪري گهڻو واهپو اوني ڪپڙي جو هوندو هو. انهيءَ سبب رڍون ۽ گهيٽا گهڻا ڌاريندا هئا.*
رگ ويد ۾ ”ڪرپاس“ (ڪپاهه يا ڪپهه) لفظ ڪم آيل ڪونهي، پر انهيءَ ڪري ائين ڪين چئبو ته سنڌو ماٿر جي رهاڪن کي ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙي جي سڌ ڪانه هئي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن رگ ويد ۾ ”هٿ“ ۽ ”پير“ لفظ ڪم آيل نه هوندا، ته انهيءَ ڪري ائين ڪيئن چئبو ته ماڻهن کي هٿ ۽ پير هئا ئي ڪين. مهن جي دڙي مان ديسي ڪپهه مان ٺهيل ململ جو ٽڪر لڌو آهي. ان جو ذڪر ڪندي سرجان مارشل ڄاڻايو آهي ته سنڌو ماٿر ۾ سوٽي ڪپڙي جوڙڻ جو رواج عيسوي سن کان پنج هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. سنڌ جي ململ قديم زماني ۾ مصر ملڪ ۽ يورپ ۾ به نيڪال ٿيڻ لاءِ ويندي هئي. سنڌو ماٿر جي آب هوا اهڙي آهي، جو سال جو ڳچ ڀاڱو سوٽي ڪپڙو پهرڻو پوي ٿو، تنهنڪري ڊاڪٽر ميوئر به اهائي راءِ ظهار ڪئي آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي ماڻهن کي سوٽي ڪپڙي جي سڌ هئي. *
رگ ويد ۾ ريشم لاءِ به ڪو لفظ هن وقت تائين ڪنهن سنسڪرت عالم کي نظر ڪونه چڙهيو آهي، پر جنهن صورت ۾ رامائڻ ۽ مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته راڻيون، راڄڪماريون ۽ هوند وارن جون زالون اُچا سٺا ريشمي وڳا پهرينديون هيون، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته ريشمي ڪپڙن جوڙڻ جو هنر رگ ويد واري زماني ۾ ئي شروع ٿيو هو، جنهن ۾ اتهاسن واري زماني ۾، ماڻهن پوءِ گهڻو سڌارو ۽ واڌارو ڪيو هو. ايترو چئبو ته رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ گهڻي ٿڌ هئڻ سبب اول اوني ڪپڙي پهرڻ جي ضرورت ٿي هئي، ۽ پوءِ آب هوا ڦرڻ ڪري سوٽي ۽ ريسمي ڪپڙن پهرڻ جور واج پيو هو.


 * "The cow was gradually acquiring a special sanctity, as is shown by the name Aghnya (not to be slain) applied to it in several passages" Vedic Index II, 146.
 * سنسڪرت ۾ ”اگني يا اگن ديوتا“ جنس مذڪر آهي؛ پر سنڌيءَ ۾ ”اگني“ جي جنس مونث ليکجي ٿي – مصنف
 * هن وقت ڪنهن وڻ جو ٿڙ يا ڪاٺ جو ٿلهو ٽڪر ”اڏي“ تي ڪم اچي ٿو، جنهن تي گوشت ۽ مڇي پلو رکي وڍيندا آهن. اڳي اَڏيون پٿر جون ٺهيل هونديون هيون، جو ڪاٺ چيرڻ لاءِ ڪو هٿيار ڪونه هوندو هون. انگريزي لفظ ”هئمر“ (Hammer) يعني مترڪو (مطرقه) جي اصل معنيٰ به آهي ”پٿر جو ٽڙڪو.“
 * "Naked came I out of my mother's womb and naked shall I return thither; the Lord gave, and the Lord hath taken away: blessed be the name of the Lord" Job II, p. 21.

 * Herodotus records "These Indians wear a garment made of rushes which, when they have cut the reed from the river and beaten, it they plait like a mat and wear it like a corset." (Ancient India-Herodotus by Mac Crindle p.2.)

سنڌ ۾ هن وقت ڇوڪريون ۽ ننڍيون نيٽيون اُچا سٺا ويس وڳا پهرين ٿيون، ۽ پاڻ کي سينگارين ٿيون، ته اڳي به گهٽ ڪانه هئي. رگ ويد جي منڊل ٽئين (39، 2) ۽ پنجين، 29، 15) ۾ ڄاڻايل آهي ته زالون ويس وڳو ٺاهوڪو ڪنديون هيون. منڊل چوٿين، (3، 2) ۾ ائين به چيل آهي ته زالون هن ڪري چڱو چوکو ڪپڙو ڪنديون هيون ته پنهنجن مڙسن کي وڌيڪ سهڻيون لڳون! منڊل پنجين (55، 6) ۾ ”هيرڻ ميان اَنڪان“ (Hirann ayanatkan) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”زريءَ جا ڀرت ڀريل ڪپڙا“. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته هوند وارا ماڻهو جيڪي ڪپڙا پهريندا هئا، تن جي ڪناريءَ تي زريءَ جي پٽي هڻندا هئا. جا وقت تي لاهي رکندا هئا. (منڊل 2 (3، 6)، منڊل 4 (36، 7) ۽ 7 (34، 11) ۾ ”پيش“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي به معنيٰ آهي ”ڀرت ڀريل يا گلڪاريءَ وارو ڪپڙو“. يجر ويد ۾ ”پيشڪاري“ لفظ ڪم آيل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”ڀرت ڀرڻ واري“. شايد ڪن زالن جو ڌنڌو اهو هوندو هو، جو ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪنديون هيون. اُهو ڀرت جو ڪم ايتري قدر اُوچو ۽ سٺو هوندو هو، جو ماڻهو خلعتون ٺهرائي ٻين کي سوکڙي ڏيندا هئا، ۽ کين سروپائون ڍڪائيندا هئا. رگ ويد ۾ هنن ڳالهين جو جن هنڌ ذڪر آهي، تن جي ٽيڪا ڪندي، پروفيسر ولسن، جنهن رگ ويد جو ترجمون ڪيو آهي، تنهن چيو آهي ته ”جيڪڏهن منهنجو ڪيل ترجمون صحيح آهي، ته چئبو ته خلعت پهرائڻ جو رواج ئي هندستان ۾ پيدا ٿيو ۽ اهو رواج نهايت قديم آهي“.* +**

آڳاٽا راجائون رشين کي خلعتون ڍڪائيندا هئا، تنهن ڳالهه جو رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ذڪر آهي. مثلاً: سنڌ جي راجا سونييه ڀاوييه پنهنجي ناٺيءَ ڪا ڪشون رشيءَ کي خلعت ڍڪائي هئي. هتي اهو به ڄاڻائڻ ضروري آهي ته جيڪو وقت رشي گهر ٻاري ٿي رهندا هئا، سو وقت چڱو چوکو کائيندا ۽ هنڊائيندا هئا، پر جنهن وقت رشي، راجائون ۽ ٻيا دنيا ترڪ ڪري، بن ۾ وڃي گذاريندا هئا، تنهن وقت مرگ ڇالا ۽ تنبي ساڻ کڻندا هئا، ۽ ”ولڪل“ پهريندا هئا. اها ٿي تياڳي پرشن جي پوشاڪ؛ باقي ٻيا ماڻهو اُچا سٺا ويس وڳا ڪندا هئا. مطلب ته جنهن زماني ۾ ڪيترين قومن کي اڃا پنهنجي بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي، تنهن زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جا رهاڪو ايتري قدر ترقي ڪري ويا هئا، جو شاهاڻيون پوشاڪون پهريندا هئا، ۽ ٻين کي به خلعتون ڍڪايندا هئا!
مردن ۽ زالن جي پوشاڪ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق هوندو هو، سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. انهيءَ هوند به ايترو پتو پوي ٿو ته مرد ٽي ڪپڙا پهريندا هئا؛ هڪڙو ڪپڙو ”نيوي“ (Nivi) سڏبو هو، جو چيلهه سان جڙيو پيو هوندو هئن، جنهنڪري سمجهجي ٿو ته ”ڪوپين“ يا ”لنگوٽي“ ٻڌندا هئا. ٻيو ڪپڙو هو ڌوتي، ۽ ٽين چادر، جنهن کي ”اَڌي واسَ“ يعني ”مٿان وجهڻ جو ڪپرو“ چوندا هئا. سِنگالي اڄ تائين ڌوتي ۽ چادري پهرين ٿا ۽ اهو ويدڪ زماني جو دستور آهي. اسان جا ڀائيبند ڀائر به ڌوتي ڍڪين ٿا، پر جيڪو انگرکو ڍڪين ٿا، سو مهاڀارت واري زماني جي رواج پٽاندر. اسان جا جيڪي جوان سوٽ بوٽ پهرين ٿا، سي ڌوتي ٻڌڻ گهٽ ڳالهه سمجهن ٿا، پر ڌوتي ڪا گهٽ شي ڪانهي. ڪيترن يوروپي عالمن ان جون ساکونڪيون آهن. مثلاً: ڪرنل ميڊوز ٽيلر ڌوتيءَ جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته ڌوتيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي سولي سهنجي پوشاڪ، جنهن ۾ هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ سولائي ٿئي، سا جوڙڻ ئي ناممڪن آهي. هن ڳالهه ڪرڻ ۾ اسان جو مطلب هيءُ آهي ته آڳاٽا لوڪ سکڻي سونهن کي ڪين ڪڙهندا هئا؛ پر پوشاڪ ۾ به سولائيءَ ۽ سهنجائيءَ جو گهڻو خيال ڪندا هئا. اٿرو ويد جي منڊل پندرهين، (2، 1) ۾ اُشنيش“ (Ushnisha) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”پَٽڪو“ يا مٿي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو. هن مان سمجهجي ٿو ته پٽڪن ٻڌڻ جو رواج به ويدڪ زماني ۾ ئي هو. ***

زالون شايد اڳي چڊي ڪم ڪونه آڻينديون هيون. نل دمينتيءَ واري قصي مان معلوم ٿئي ٿو ته دمينتيءَ کي فقط ٻه ڪپڙا پيل هئا. رامائڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ وقت (تريتا جڳ ۾) به زالون فقط ٻه ڪپڙا پهرينديون هيون: ساڙهي هيٺان ۽ چادر مٿان. مهاڀارت ۾ لکيل آهي ته دريون ڌن جڏهن دروپديءَ کي ڀريءَ سڀا ۾ ٿي گهرايو، تڏهن هن هلڻ کان انڪار ڪيو، جو چيائين ته مان ”ايڪ وستر“ آهيان، يعني بت تي رڳو هڪ ڪپڙو اٿم. هن قسم جي حقيقتن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته زالون هڪ ڪپڙو هيٺان ۽ ٻيو مٿان (چادر) ڪنديون هيون، ۽ گهر ۾ چادر پائي ڪونه وهنديون هيون، جنهنڪري گهر ۾ ”ايڪ وستر“ هونديون هيون اڄ به ڪي پريون زالون رڳو هڪ ڪپڙو (چادر يا رئو) هيٺان ڪري، گهر ۾ پوٿو ٻهاري ڪن ٿيون، ۽ ڇاتي اُگهاڙي هوندي اٿن، ته انهيءَ ڳالهه جو سانگو ڪونه ڪنديون آهن. ٻاهر نڪرڻ مهل شايد زريءَ جي ڪناريءَ واري ساڙهي آڻينديون هيون، ۽ مردن جي ڌوتيءَ جي ڪناري تي به زري هوندي هئي، جو ماڻهن ترقي ڪري زريءَ ۽ ڀرت جو رواج به وڌو هو. انگرکن پهرڻ جو رواج اتهاسن واري زماني ۾ پيو، تنهن کانپوءِ به مرد گهڻو ڪري ڌوتي ۽ چادر اوڍيندا هئا، ۽ ٻنهي ڪپڙن جي اڪثر ول وريل ڪانه هوندي هئي.
زيور: مهن جي دڙي واري زماني، توڙي رگ ويد واري زماني ۾، زالون ۽ مرد عام طرح زيور پائيندا هئا. اجھ به ڪيترا ڪڇي، مارواڙي ۽ ٻيا مرد ڳچيءَ ۾ چانديءَ يا سون جي هسني، ڪنن ۾ واليون يا ڪيوٽيون ۽ ٻانهن تي پٽو پهرين ٿا. منڊين ۽ ڇلن پائڻ جو رواج ته عاملن توڙي ڀائبندن ۾ به عام آهي. اڳي به ائين هو.
هن وقت جيئن سونيون گينيون ۽ ڊالر آهن، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به سونا سڪا هوندا هئا، جي ”نِشڪ“ (Nishka) سڏبا هئا. اينهن جو وزن هڪجيترو نه هوندو هو، پر عام طرح منجهن سورهن ماسا يا سوا تولو کن سون هوندو هو. جيئن هن وقت ڪي زالون گينن جا هار پائين ٿيون، تيئن اڳي نِشڪن جو هار پائينديون هيون، جو ڇاتيءَ تي پيو لٽڪندو هئن، تنهنڪري اهو ڇاتيءَ توڙي ڳچيءَ جو ڳهڻو سڏيو ويوآهي. عام طرح اهو ”نشڪ گريو“ (Nishka Griva)يعني گلي جو نِشڪ سڏبو هو (منڊل پنجون، 19، 3). ٻيو هڪ زيور دريءَ يا لُڪريءَ وانگر هوندو هو، جو ڇاتيءَ تي پيو لتڪندو هون. اهو ”رُڪم“(Rukma) سڏبو هو (منڊل پهريون، 166، 10، منڊل چوٿون، 10، 5 ۽ منڊل پنجون، 1، 57، 5). سنڌي لفظ ”سونارو“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سُورن ڪار“ معنيٰ سون جو ڪم ڪندڙ، پر سنسڪرت ۾ سوناري کي ”رُڪم ڪارڪ“ به چئبو آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”رڪم جوڙيندر“. ڀانئجي ٿو ته رڪمن جو رواج نهايت عام هوندو هو، جنهنڪري ڪي سونارا رڳو رڪمن جوڙڻ جو ڪم ڪندا هئا. زالون ڪَنن ۾ سونا ڳن يا دُرَ پائينديون هيون، جي ”ڪرن شوڀن“ يعني ”ڪنن جي سونهن“ سڏبا هئا. مرد پنهنجي پيشانيءَ تي سهرا يا هار ٻڌندا هئا، جي گلن يا زريءَ جا ٺهيل هوندا هئا. اهي ”سرج“ (Sraj) سڏبا هئا. اهي سهرا شايد وهانءَ مهل يا ٻين ڪن خاص ميوقعن تي ٻڌندا هئا، جو نشڪن ۽ سرجن جوڙيندڙن کي اونو ٿيندو هو، ته مالڪن کي وقت سر جوڙي ڏيون، ته سک سان رهجي اچي نه ته تيستائين ننڊ ڦٽي پوندي هين (منڊل اٺون، 48، 15).
رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ موتين ۽ قيمتي پٿرن جو ذڪر آهي (منڊل پهريون، 35، 4، ۽ منڊل ڏهون، 68، 1). موتين جا هار ماڻهو پاڻ ته پائيندا هئا، پر گهوڙن کي به موتين جون ڪنٺيون پائيندا هئا (منڊل ڏهون، 68، 1). ”مڻي“ يا جواهرن جو ذڪر منڊل پهرين، (33، 8) ۾ آهي. انهيءَ ساڳئي منڊل (122، 14) ۾ ”مڻي گريو“ (Mani-Griva) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته مڻين جو هار ٺاهي ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا. گهوٽ پرڻجڻ ويندو هو، ته سونا ڳهڻا پائي ويندو هو، ۽ سرهو پائي ۽ تيل ڦليل ڪم آڻيندو هو (منڊل پنجون، 60، 4).
وارن جي ٺاهه ٺوهه: رگ ويد واري زماني ۾ زالون پنهنجن وارن جي ٺاهه ٺوهه علحدي علحدي نموني ڪنديون هيون. ڪي وار ڳُتي، چار چوٽيون ڪنديون هيون، جي پٺيءَ تي پيون لٽڪنديون هين (رگ ويد، منڊل ڏهون، 114، 3). ڪي ”اوپش“ ٺاهينديون هيون، يعني پيشاني4 وٽ وارن جون گهنڊيون بيهارينديون هيون (منڊل پهريون (173، 6، اٺون، 14، 5، نائون، 71، 1 ۽ ڏهون 85، 8). ڪي زالون پنهنجا وار پنهنجيءَ ٽِپڻ تي اهڙيءَ ريت ويڙهينديون هيون، جو ڄڻ ته ڪا پاٽ يا سينهُوڙي مٿي تي رکيل اٿن. ڪي وري وارن کي ويڙهي، ٽپڻ وٽ اُڀو ۽ سڱ وانگر چهنبدار ڪنديون هيون. وارن جي ٺاهه ٺوهه جا اهي نمونا اَٿرو ويد جي منڊل ڇهين (238) ۾ به ڄاڻايل آهن. منڊل چوٿين ۾ ته ائين به چيل اهي ته زالون وارن ۾ گل اٽڪائينديون هيون. مرهٽن جون زالوناڄ تائين وارن ۾ گل اٽڪائينديون آهن – هنن کي ڏسي، سن 1925ع کان وٺي ڪيتريون سنڌي ڇوڪريون به ائين ڪرڻ لڳيون آهن. مطلب ته رگ ويد واري زماني جو رواج وري هينئر چالو ٿيو آهي. مصنف جي سانڀر ۾ عام رواج هيءُ هوندو هو ته زالون چوٽيءَ جون ٽي ويڙهيون ڪري، اُهي ڳتي، يڪي چوٽي ڪنديون هيون، ۽ سينڌ سنئين ڪڍنديون هيون. ٿورڙن ورهين کان ڏنگي سينڌ ڪڍڻ، ۽ وارن کي علحدي علحدي نموني بيهارڻ جو رواج عام ٿيو آهي، پر انهيءَ ڳالهه ۾ اسان جون ڇوڪريون اڪثر پارسياڻين ۽ مڊمن سان ريس ڪن ٿيون.
مردن مان ڪي وڏا ڊگها وار رکندا هئا، ته ڪي ڪٽرائيندا هئا، وشٽ منيءَ جي ڪُل وارن جا وار ڊگها هوندا هئا، (رگ ويد، منڊل ستون، 33، 1)، ۽ اهي مٿي جي ساڄي پاسي ويڙهي، ڳنڍ ڏيئي ڇڏيندا هئا، جيئن هن وقت جوڳي ڪندا آهن. ڪي ڏاڙهي رکائيندا هئا، ته ڪي ڪوڙائيندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 142، 4). اِندر ديوتاس جي نالي چيل آهي ته هو ڏاڙهيءَ سان هو، (منڊل ڏهون، 23، 1-4). اڳي سنڌ ۾ ڏاڙهيءَ رکڻ جو رواج عاملن ۾، ۽ ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو رواج ڀائيبندن ۾ عام هو. ٿورن ورهين کان ڏاڙهيءَ ڪوڙائڻ جو رواج عاملن ۾ گهڻو زور ٿيو آهي. ڪي ته مڇون به ڪوڙايو ڇڏين. اهو مڇن ڪوڙائڻ جو رواج ويجهڙائيءَ ۾ صاحب لوڪن کان سکيا آهن.
راڳ ۽ وڄائڻ جا ساز: انسان پنهنجي ذاتي سُڀاءَ ڪري شاعر آهي، ۽ راڳ سندس روح ۾ آد کان سمايل آهي. ”راڳ“ لفظ جي اصل معنيٰ ئي آهي ”موج يا روح جو ريلو“. راڳ نهايت دلپذير شيءِ آهي، ۽ منجهس جادوءَ جهڙو اثر آهي، جنهنڪري نه رڳو ماڻهو، پر مِرون به موهيو ڇڏي. نانگ به مرليءَ تي ريجهي ٿو. اهڙيءَ طاقت ۽ اثر وارو هنر اول سنڌو ماٿر ۾، خاص ڪري پنجاب ۾ (!) شروع ٿيو. اڄ تائين چوڻي آهي ته ”راڳ پنجاب ۾ ڄائو ۽ ٿر ۾ مُئو“. ٿري ماڻهن کي راڳ جي گهڻي سڌ ڪانهي.
اڳاٽن آرين مان ڪيترا سنڌو نديءَ جي ڪناري تي وهندا هئا، ۽ مٺيءَ للڪار سان ويدن جا منتر اُچاريندا هئا- ويدن جون رچائون خود ڄاڻائين ٿيون ته وٽن راڳ جو قدر گهڻُ هو. آڳاٽن آرين جو ڪن سدائين قدرت ڏي مائل هو، ۽ خود قدرت مان کين اَنهد جو آلاپ ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، جنهن جون پلٽون اُپنشدن ۾ پلٽيون اٿن. *

اَٺ ئي پهر وڄي ٿي، مرلي من موهن جي،
ٻڌي، ٻن ڪنن ســـان، ســــامي ڪـــين رڄي،
توڙي پــران تـــجي، تــــان ڀــــي ڌن ڌيـــان ۾.
آڳاٽن هندن راڳ ۾ ڏينهون پوءِ حيرت جهڙي ترقي ڪئي. هندو ماڻهو ورهيه ۾ ڇهه رُتيون ليکيندا آهن. هرهڪ رُت يا موسم لاءِ خاص راڳ رٿيائون. انهن ڇهن راڳن جا نالا ڀيروَ، هندول، ميگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس آهن. راڳن کي تمثيلي طرح ديوتائون ڪري سڏيائون. هرهڪ ديوتا جي نالي ڄاڻايائون ته ان کي پنج ڀاريائون (زالون) ۽ اٺ پٽ آهن. انهن زالن کي راڳڻيون ڪري ڪوٺيائون. راڳن ۽ راڳڻين کي مجسم ڪيائون، مثلاً ڀيروَ کي شِو ڀڳوان وانگر تي اکيون آهن، پيشانيءَ تي چنڊ پيو چمڪيس، جٽائن مان گنگاندي پيئي وهيس، مٿي تي واسينگ نانگ ويڙهيل اٿس ۽ ڳچيءَ ۾ ڪوپرين جي ڪنٺي پيل اٿس. هندول سوئي هندوري ۾ پيو لڏي. سندس چوگرد ڪيتريون اپڇرائون بيٺل اهن، جي هندورو پييون لوڏين ۽ راڳ پيون ڳائين.
ميگهه لفظ جي معنيٰ ئي آهي ڪڪر، ۽ انهيءَ مان سنڌي لفظ ”مينهن“ (برسات) ٺهيو آهي. ميگهه جو ورن ڪارو آهي، پيلي پوشاڪ اٿس، هٿ ۾ تکي ترار اٿس، ۽ ڪڪر تي سوار آهي. عام طرح ائين چوندا آهن، ته ميگهه راڳ ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ڳائي، ته اُمالڪ اچي مينهن پوي (!)
سريراڳ هڪ سهڻو جوپان آهي. اڇي پوساڪ پيل اٿس، لعلن ۽ بلورن جي ڪنٺي گلي ۾ اٿس، ۽ هٿ ۾ ڪنول گل جهليو بيٺو آهي.
”ديپڪ“ لفظ اُهو آهي، جنهن مان سنڌي لفظ ”ڏيِئو“ ٺهيو آهي. ديپڪ کي باهه وانگر چمڪاٽ ڪندر ڪپڙا پهريل اهن. پيشانيءَ مان آگ جا اُلا پيا نڪرنس، ۽ هڪ مست هاٿيءَ تي سوار آهن. چوندا آهن ته ڏيئي ۾ تيل ۽ وٽ وجهي ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ديپڪ ڳائي، ته ڏيئو پاڻمرادو ٻري پوي (!) ڪي ته ائين به چون ته اهو راڳ ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ڳائي، ته آگ جون اُليلون سندس اندر مان نڪري خود کيس جلائي پورو ڪن (!)
مالڪوس هڪ ڏٽو مٽو جوان آهي. منهن مان رت پيو ڇڻيس، اکيون نشي ۾ مخمور اٿس، ۽ هٿ ۾ لٺ اٿس – لباس سندس نيلو آهي، ۽ ڳچيءَ ۾ موتين جي مالا پيل اٿس.
قديم يوناين ۾ ائين راڳن کي مجسم ڪيو آهي. ايترو آهي ته سڀڪنهن ملڪ يا قوم جي ڳائڻ جو نمونو پنهنجو پنهنجو آهي. آهي. انگريزي راڳن مان ڪن کي مزو ايندو، ته ڪن کي نه به ايندو. ساڳيءَ ريت هندستان جو راڳ به ڪن کي وڻندو، ته ڪن کي نه وڻندو، باقي هرهڪ قوم کي پنهنجو پنهنجو راڳ نهايت پسند پوي ٿو. هرهڪ قوم ۽ ملڪ ۾ راڳ جا وڏا وڏا استاد ٿي گذريا آهن. هندستان ۾ اهڙن وڏن استادن مان تانسين نهايت ناميارو گويو ٿي گذريو آهي.
پنجاب ۽ سنڌ جا آڳاٽا رهاڪو سازن وڄائڻ ۾ به ڀڙ هوندا هئا. ساز کني ”سامَن“ ڳائيندا هئا، جي الاهي محبت جا راڳ هوندا هئا – ڪي ”گاٿا“ ڳائيندا هئا، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڳاهه“. سنڌ ۾ جڏهن ڪٿي ڀڳت وجهندا آهن، تڏهن ڪنهن قصي يا ڪهاڻيءَ کڻندي، وچ ۾ ڪي بيت سُرَ سان چوندا آهن، جن کي ”ڳاهون“ چئبو آهي.
جنهن صورت ۾ اهو ويدڪ لفظ آهي، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اهو ڳاهن ڏيڻ جو دستور نهايت قديم زماني جو آهي. ڳاهن ڏيندڙ کي ”گاٿِن“ چوندا هئا. ڀانئجي ٿو ته گهڻا ڄڻا گڏجي ڳاهون ڏيندا هئا، يا هڪڙو ڳاهون ڏيئي بس ڪندو هو، ته ٻيو شروع ڪندو هو. جيڪو اول ڳاهون ڏيندو هو، سو ”گاٿاني“ يعني ڳاهه هلائيندڙ يا شروع ڪندڙ سڏبو هو (رگ ويد، منڊل پهريون، 190، 1، ۽ منڊل اٺون، 92، 2). ڳاهن ۾ جيتوڻيڪ ڌرمي ڳالهين بابت مضمون هوندو هو، ته به اهي ويدن جي رچائن ۾ شمار ٿيل نه آهن (ائترييه براهمڻه 7، 18). ڪن رشين کي راجائن وٽان دان ملندا هئا، ته اهي سندن سخائن بابت راڳ چوندا هئا. اهي ”دان اُستتيون“ يا سخا جون ساراهون سڏيون وييون آهن، جنهنڪري اهو ”مديحي شعر“ (Panegryic Poetry) چئبو. سوم رس آڱرين سان نپوڙڻ مهل ست زالون گڏجي سوم رس جي ساراهه بابت گيت ڳائينديون هيون (منڊل نائون، 66، 8). اهي گيت به مديحي شعر جي دفعي ۾ ليکبا. رگ ويد جي ڪن رچائن ۾ جنگين جو ذڪر آهي. اهي رچائون ”رزمي شعر“ (Epic Poetry) جي دفعي ۾ ليکبيون. ڪن رچائن ۾ وهانءَ وڌاڻ ۽ ٻين ڳالهين جا بيان آهن. اهي بياني شعر (Descriptive Poetry) جي دفعي ۾ ليکبيون. اهڙيءَ ريت ويدن جي رچائن کي سندن مضمون پوتاندر جدا جدا فعن يا طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهيءَ قديم رواج پٽاندر سنڌيءَ جو هاڻوڪو شعر به جدا جدا مضمونن بابت آهي، ۽ ان جي ڳائڻ جو شوق سڄيءَ سنڌ ۾ آهي. سکر ضلعي ۾ اهو شوق گهڻو آهي، تنهن ۾ به شوقين شهر شڪارپور، راڳ توڙي سازن وڄائڻ جي هنر ۾ برک آهي.
آڳاٽا لوڪ جنگ مهل، توڙي صلح سانت جي وقت ۾، هڪ قسم جو دُهل يا ڀير (نغارو) وڄائيندا هئا، جنهن کي ”دُندُڀي“ (Dundubhi) چوندا هئا (منڊل پهريون، 28، 5، ۽ ڇهون، 47، 29-31). ٻيو هڪ وڄائڻ جو ساز مرليءَ وانگر هئن، جنهن کي ”ڪرڪري“ (Karkari) ڪوٺيندا هئا (منڊل ٻيو، 35، 13). ويڻا به وڄائيندا هئا (منڊل پهريون 85، 10). رگ ويد جي منڊل ڏهين. (146، 2) ۾ ”آگهاٽي“ لفظ ڪم آيل آهي. پروفيسر مئڪڊونيل ۽ ڪيٿ ڄاڻايو اهي ته ناچ مهل ڪِنجهون وڄائيندا هئا، تن کي آگهاٽيون چوندا هئا، پر شاين آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن جي خيال موجب اهي ويڻا هئا، جن مان جدا جدا قسمن جا سُر ڪڍندا هئا. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن وٽ چڱي گمت لڳي پيئي هوندي هئي.
ناچ: سنسڪرت لفظ ”نِرتيه“ جو اُچار سنڌيءَ ۾ ڦري ٿيو آهي ”ناچ“ رگ ويد واري زماني ۾ زالون توڙي مرد ناچ ڪندا هئا، پر اهڙي ڪا ثابتي ڪانهي، جنهن مان سمجهجي، ته ٻئي گڏجي نچندا هئا. شري ڪرشڻ ننڍڙي هوندي گوپين سان راس ليلا ڪئي هئي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته ڇوڪرين ۽ زالن جي ناچ ۾ فقط ننڍڙا ڇوڪرا شامل ٿي سگهندا هئا. رگ ويد جي منڊل پهرئين، (10، 1) ۾ ڄاڻايل آهي ته بانس جون ڪاٺيون اُڀيون جهلي، ناچ ڪندا هئا. ڀانئجي ٿو ته جيئن گجرات ۾ ڇوڪريون ۽ زالون ڌؤنڪا هٿ ۾ جهلي ”گريو“ ڪن ٿيون، تيئن اڳي به ڪندا هئا. ناچ ڪندڙ مرد کي ”نرت“ (nrta) (نٽُ)، ۽ ناچ ڪندڙ عورت کي ”نرتو“ (nrtu) سڏيندا هئا. منڊل پهرين (92، 4) ۾ شايد ڪنهن بازاري ناچ ڪندڙ عورت جو ذڪر آهي – جو ڄاڻايل آهي ته ”کيس ڀرت ڀريل وڳو پهريل هوندو هو، پر ٻين جي ڌيان ڇڪڻ لاءِ پنهنجي ڇاتي اُگهاڙي ڪندي هئي. چڱن خاندانن جون زالون ائين بيشرميءَ سان ناچ نه ڪنديون هيون – جو منڊل اٺين، (17، 7، 26، 13) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”زالون پاڻ کي چڱيءَ ريت ڍڪي، پوءِ ٻين جي اڳيان اينديون هيون. رگ ويد ۾ هيئن به لکيل آهي ته ”زالون ۽ ڪنواريون ڇوڪريون چڱا خاصا ويس وڳا ڪري محفلن ۾ وينديون هيون، ۽ جڏهن ٻنيون ۽ ٻيلا ساوڪ سبزيءَ ڪري خوش نما نظر ايندا هئا، تڏهن ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اوڏهين وڃي ناچ ڪندا هئا. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هڪٻئي جو هٿ جهلي، راس وجهنديون هيون يا چڪلي يا چيڪلي پائينديون هيون، ته ڀُونءِ پيئي ڀڻڪاٽ ڪندي هئي. اوڏيءَ مهل جيڪا لَٽ اُٿندي هئي، سا انهن ماڻهن کي ويڙهي ويندي هئي، جي موج مان اُتي اَچي مِڙندا هئا. اوڏيءَ مهل ڪَنجهون يا جهانجهه به پيا وڄندا هئا.“
پينگهه: مرد، زالون ۽ ٻار دل ڪري پنيگهن ۾ به لڏندا هئا، جو اها به سندين هڪ وڏي وندر هوندي هئي (منڊل ستون، 87، 5، 88، 3). اڄ به ٻهراڙين ۾ ڪيترا ٻار بلڪه وڏا ڪنهن وڻ ۾ نوڙيءَ ٽڪر پينگهه وانگر ٻڌي، ان ۾ لڏندا آهن.
ميلا ۽ جلسا: آڳاٽا لوڪ ڪي ميلا، محفلون ۽ جلسا ڪندا هئا، جن ۾ زالون ۽ مرد دل وندرائڻ لاءِ وڃي ڪٺا ٿيندا هئا (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 8، منڊل چوٿون، 58، 8، منڊل ڇهون، 75، 4، ۽ منڊل ستون، 2، 5). ڪي پنهنجي ڪنهن هنر ظاهر ڪرڻ لاءِ، ته ڪي پنهنجيءَ ڪمائيءَ لاءِ، ايندا هئا. ڪوي يا شاعر پنهنجي نالي ڪڍڻ لاءِ اتي ويندا هئا (منڊل ٻيو، 16، 7) ۽ منڊل نائون، 49، 47)، ڪي تير اندازيءَ ۾ انعام کٽڻ لاءِ تير ڪمان کڻي ايندا هئا، (منڊل ڇهون، 75، 3-5). ڪي ڪُشتي لڙندا هئا، (رگ ويد، منڊل ٽيون، 20، 20). گهوڙن جون شرطون به ٿينديون هيون، (منڊل نائون، 96، 9). اهڙن جلسن يا ميلن هلندي رات گذري ويندي هئي، ۽ مٿان صبح اچي ٿيندو هو، (منڊل پهريو، 48، 6). جوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اُتي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا هئا، ۽ ڇوڪريون پنهنجي لاءِ اتي مڙس چونڊي هٿ ڪنديون هيون، (رگ ويد، منڊل ستون، 2، 5، ۽ اٿرو ويد. منڊل ٻيو، 36، 1). اهڙن موقعن تي ڪيسباڻيون پنهنجيءَ ڪمائي لاءِ وينديون هيون، (رگ ويد، منڊل چوٿون، 58، 8). اهڙا جلسا اڄ تائين اتر هندستان ۾، خاص ڪري سولن ۽ سپيءَ ۾ ٿيندا آهن، جن ۾ زالون ججهي تعداد ۾ اچي ڪٺيون ٿينديون آهن. انهن ميلن مان پوءِ هڪ وڏي خرابي پيدا ٿي – ويجهڙائيءَ ۾ سپيءَ وارن ميلن ۾ زالن کي قطارون ڪري بيهاريندا هئا، ۽ جيڪو انهن لاءِ چڱو واڪ ڏيندو هو، تنهن کي اهي زالون تين وار“ ڪري ڏيندا هئا. ويدن واري زماني جي ”سمن“ (Samana) ۾ ڇوڪرين کي رڳو پنهنجي لاءِ گهوٽن ڳولڻ جو وجهه ملندو هو، پر پوءِ هن ريت زالن جو وڪرو ٿيڻ لڳو، ته ڏيهي حاڪمن مڙسي ڪري اها بد رسم بند ڪرائي.
گهوڙي سواري ۽ گهوڙن جون شرطون: رگ ويد واري زماني ۾ سنڌ جو پرڳڻو پنهنجن ڀل ڀلوڙ گهوڙن ڪري نهايت مشهور هوندو هو، (منڊل ڏهون، 75، 8). عام طرح ماڻهو گهوڙي تي سواري ڪندا هئا. جنگ مهل رٿن (گاڏين) ۾ گهوڙا ٻڌندا هئا. رٿن جي مٿان کلن جا ڍڪ هوندا هئا، جيئن هينئر ڌمڻ اڪثر چم جي ٺهيل ٿئي ٿي. جنگي جوڌن جي سواريءَ لاءِ گهوڙا ڌار هوندا هئا، جي واچوڙي وانگر اُڏامندا ويندا هئا. دل وندرائڻ لاءِ گهوڙن جون شرطون ۽ رٿن جون شرطون پڄائيندا هئا. رگ ويد جي منڊل چوٿين، (24، 9) ۽ منڊل ڏهين، (156، 1) ۾ ”آجه“ (Aji) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي هڪڙي معنيٰ آهي ”ڊوڙ پڄائڻ جي شرط“ ۽ ٻي معنيٰ آهي ”شرط جو ميدان“. اهي ميدان نهايت ڪشادا هوندا هئا، ۽ انهن جو مفاصلو ماپي ڇڏيندا هکئا، (منڊل اٺون، 80، 8). شرط کٽندڙ کي ”ڌن“ (انعام) ملندو هو، (منڊل پهريون، 81، 3). منڊل ڇهون، 45، 1، ۽ منڊل اٺون، 80، 1). شرط جي ميدان ۾ جن گهوڙن کي ڊورائيندا هئا، تن کي ڌوئي ڌمالي چڱيءَ طرح سينگاريندا هئا، (منڊل ٻيو، 34، 3، منڊل نائون، 109، 10، منڊل ڏهون، 68، 1). رٿن ۾ اڪثر گهوڙيون ٻڌندا هئا، ۽ اهي نهايت ڀليون هونديون هيون. جيلڪب آباد ۽ تلهار ۾، جن گهوڙن جو نماءُ ڏٺو هوندو، تن کي چڱيءَ ريت سڌ هوندي ته هن وقت به سنڌ ۾ ڀلن گوڙن ۽ گهوڙين جي اڻاٺ ڪانهي.ا ڳي راجائون رشين کي گهوڙا ۽ گهوڙيون به دان ڪندا هئا، جنهنڪري رگ ويد ۾ رشين سندن ساکون ڪيون آهن.
ڍاري راند: آڳاٽن لوڪن جي عام طرح وندر هئي ڍاري راند. انهيءَ راند جو شوق اڄ تائين اسان جي ڪيترن ماڻهن ۾ هليو اچي. اڳي اوطاقون گهڻيون هونديون هيون، جن ۾ ڍاري راند ڪندا هئا. هينئر ڪي مڙهين ۽ ٽڪاڻن کي اوطاقون بنائي ويٺا آهن، جتي چلم جو بڙڪو ۽ ڍاري جو ٺڙڪو ڏينهن رات ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ۽ صافو به سُڪڻ ڪونه ڏين.
ويدڪ زماني ۾ جوا جون ٽِڪريون عام هونديون هيون، جن ۾ جوارين لاءِ شراب ۽ ڪباب جو بندوبست به رکيل هوندو هو (اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 70، 10).
سنسڪرت ۾ ڍاري کي چئبو آهي ”اَڪش“ جنهن جي ٻي معنيٰ ”اک“ به آهي. هن وقت جيڪي ڍارا عام طرح ڪم اچن ٿا، سي عاج جا ٺهيل آهن، ۽ انهن تي انگن جا نشان اک جي نموني نڪتل هوندا آهن. اتهاسن واري زماني ۾ عاج جا ڍارا هوندا هئا، جن ۾ دغابازي ڪري سيهو ڳاري وجهندا هئا، ته ڍارا اهڙيءَ طرح ليٽن جو داءُ کٽي سگهجي. رگ ويد جي منڊل ستين، (86، 6)، ۽ منڊل ڏهين، (34، 1) ۾ ڍارن لاءِ ”وڀيتڪ“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ٻهيڙو“. آؤرا، ٻهيڙا ۽ هريڙون، انهن ٽنهي کي گڏي ”ٽڦلو“ (اطريفل) چئبو اهي. هن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اڳي ٻهيڙن جون ککڙيون ڍارن طور ڪم اينديون هيون. اهي ککڙيون رنگ جون ڀوريون ٿين ٿيون، تنهنڪري رگ ويد ۾ ڍارن لاءِ ”بَڀُرو“ (ڀورو) لفظ به ڪم آيل آهي.
هن وقت ڍاري راند ۾ ٽي ڍارا ڪم اچن ٿا، ۽ هرهڪ تي انگ نشان ٿيل هوندا آهن. پروفيسر مئڪڊونيل ۽ ڪيٿ ڄاڻايو آهي ته ”ڍارن تي انگ نشان ٿيل ڪين هوندا هئا، جنهنڪري کٽڻ ۽ هارائڻ جي سڌ ڍارن (ککڙين) جي تعداد مان پوندي هئي.“ رگ ويد ۾ ”تر پنچشهه“ لفظ به ڪم آيل آهي. جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”ٽڪو پنجو“. ڪن يوروپي عالمن ان جي معنيٰ ڪئي آهي ”پندرهن“ ته ڪن ڪئي آهي ”ٽيونجاهه“. رگ ويد جي منڊل ڏهين، (34، 18) مان به ايترو ظاهر آهي ته گهڻا ڍارا (گهڻيون ککڙيون) گڏي اُڇليندا هئا. اها راند ڪيئن ڪندا هئا، تنهن جو پورو پتو رگ ويد مان ڪونه ٿو پوي، باقي ”آڌيديون“(Adhidevana) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”جنهن تي راند ڪجي“. ٻيو لفظ ”ديوان ايرڻ“ (Devana Irina) ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ ”جوا جي ٽِڪري“ به ٿي سگهي ٿي. ڊاڪٽر انباش چندر داس ڄاڻايو آهي ته زمين ۾ ٿوري کڏ کوٽيندا هئا، جنهن کي انهن نالن سان سڏيندا هئا. هن موجب چئبو ته اها هڪ گولين راند هئي، جنهن لاءِ زمين ۾ ”سچ“ کوٽيندا هئا. ڪي يوروپي عالم انهن لفظن جي معنيٰ ڪن ٿا ”ڍاري راند لاءِ تختو“. هن مان وري ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڪپڙي جي ٺهيل چؤنپڙ تن ڏينهن ۾ ڪانه هئي، پر ڪا ميز هوندي هئي، ۽ انهيءَ ميز ۾ ڪا کڏ هوندي هئي، جنهن ۾ ککڙيون ائين وڃي پونديون هيون، جيئن ”بليئرڊ“ راند ۾ گولا وڃيو ڪپڙي جي ڳوٿرين ۾ پون ٿا.*+

رگ ويد مان ايترو ظاهر آهي ته انهيءَ راند جو اُصلو اِڪيءَ ٻڌيءَ تي ٻڌل هو، ۽ ٻڌيءَ وارو کٽندو هو. جيڪي ککڙيون ”سچ“ ۾ وڃي پونديون هيون، تن مان جيڪڏهن ”چونڪ“ (چار چار داڻا) ٺهندا هئا، ته اهو ”ڪرت“ (Krta) سڏيندا هئا. جيڪڏهن ٽِٽِڻ (ٽي داڻا گڏ) ٺهندي هئي، ته انهيءَ کي ”تريتا“ ۽ ”ٻِٽڻ“ (ٻه داڻا گڏ) کي ”دواپور“ سڏيندا هئا. جيڪڏهن ”سچ“ ۾ ڪنهن جو داڻو ئي هڪڙو پوندو هو ته اهو داڻو ”ڪلي“ (Kali) ڪوٺبو هو. راند اهو کتندو هو، جنهن جا ”ڪرت“ (چؤنڪ) پوندا هئا، ۽ هڪ داڻي گهٽ پوڻ تي هارائيندا هئا (منڊل پهريون، 41، 9). راند ۾ جيڪو هٿ اڇليندا هئا، تنهن کي ”گرهه – گرڀ“ ڪوٺيندا هئا، (منڊل اٺون، 81، 1، ۽ نائون، 106، 3). راند پوري ٿيڻ کانپوءِ اهي ڍارا (ککڙيون) ڪنهن دٻلي ۾ ڍڪي رکندا هئا، ۽ اهو دٻلو ”اَڪش وپَنَ“ (Aksa – Vapana) سڏبو هو، يعني جنهن ۾ ڍارا يا ککڙيون اڃولي وجهجن. راند ۾ جيڪو داءُ رکندا هئا، تنهن کي ”وج“ (Vij) چوندا هئا. انهيءَ جوا ۾ گهڻن جا خانا خرابا ٿيندا هئا. جوا ۾ ڌن ۽ چوپايو مال ته هارائيندا هئا، پر وقتي پنهنجون جويون به هارائيندا هئا!‘ ماڻهن کي اها جوا جي چوس ڪيتري قدر هوندي هئي، ۽ انهيءَ چوس جي ڪري سندن ڪهڙا حال ٿيندا هئا، تنهن جا جگر ڏاريندڙ احوال اتهاسن مان ملن ٿا. نل دمينتيءَ جو دلسوز قصو پڙهو. مهاڀارت ۾ به ڏسو ته راجا يڌشٽر جهڙي ڌرماتما پرش جوا ۾ پنهنجي راجائي ته وڃائي، پر درويدي به هارايائين! پر اها به ٿي پوءِ جي ڳالهه خود ويدڪ زماني ۾ ئي جوارين جو ڪهڙو حال هوندو هو، سو هتي رگ ويد مان ڄاڻائجي ٿو، ته هن وقت جيڪي جوا ڪن ٿا، انهيءَ مان سبق سکن.
جواريءَ جو ارمان: هڪ جواريءَ، جوا ۾ پنهنجو خانو خراب ڪري، بلڪ پنهنجي جوءِ کان جدا ٿي پوءِ جيڪو ارمان ظاهر ڪيو آهي، سو رگ ويد جي منڊل ڏهين، (34) ۾ هن ريت ڄاڻايل آهي:
”ٻهيڙن مان پيدا ٿيل (ڍار) جيئن ولٽندا وڃن، تيئن منهنجي دل کي خوشي پيئي ٿئي، اهي ڍارا مون کي ائين ٿا هرکائين، جيئن سوم رس تي ماڻهو هرکي وڃي“.
”منهنجيءَ زال مون سان ڪڏهن جهيڙو جهٽو ڪونه ڪيو، نڪي ڪڏهن مون کي ڌڪاريائين، پر ڍاري راند سان دل رکي، مون پنهنجيءَ وفادار زال کي هڪالي ڪڍيو آهي“.
”پنهنجيءَ سس کي مان ڏٺو نٿو وڻان، ۽ منهنجي زال هينئر مون کي پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏئي، تنگيءَ جي مهل جواريءَ جي دل کي ڪو دلاسي ڏيڻ وارو ڪونهي.“
”جهڙيءَ ريت گهوڙي جي پٺي گاٺ سبب ڦَٽي پيئي هوندي آهي، ۽ کيس ڪابه فرحت ڪانه هوندي آهي، تهڙيءَ ريت جواريءَ جي دل کي انهيءَ کان وڌيڪ فرحت ڪانهي“.
”جنهن ماڻهوءَ پنهنجو ڌن ڍاري راند ۾ وڃايو آهي، تنهن جي زال وٽ ٻيا مرد کيس هرکائڻ لاءِ وڃن ٿا. هن جو (جواريءَ) جو پيءُ، ماءُ ۽ ڀائر رڙ ڪري پيا چون ته ”اسين سڃاڻونس به ڪونه، ٻڌي وٺي وڃوس.“
”منهنجا سنگتي ساٿي مون کي پاڻ ڪڍائي، مون کي ڇڏي ويا آهن، تنهنڪري پِرڻ به ڪريان ته وري ڍاري راند ڪونه ڪندس، پر جڏهن جواري ڀؤرا ڍارا اُڇلين ٿا، ۽ ڍارن جو کڙڪو ٺڙڪو ٿئي ٿو، تڏهن جوا جي ٽِڪريءَ ڏي مان ائين وک کڻي وڃان ٿو، جيئن ڪا عورت پنهنجي آشنا ڏي وڃي.“
”ماڻهو ڪهڙو به شوخ ۾ شوخ هوندو، ته به ڍارا سندس غضب کان ڊڄي، سندس اڳيان ڪنڌ نٿا جهڪائين، پر خود راجائون اچيو ڍارن جو سلام ڀرين ٿا“.
اهي ڍارا ٽانڊن جهڙا آهن، جن پاڻ جيتوڻيڪ ٿڌا آهن، ته به دل کي لهس ڏيو ڇڏين.“
”جواريءَ جي ڏتڙيل زال پريشان آهي، ۽ اهو ئي حال آهي انهيءَ ماءُ جو، جنهن کي سڌ ئي ڪانهي، ته پُٽس ويندو ڪيڏانهن آهي.“
”جواري جڏهن ڏسي ٿو، ته ٻيون زالون پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ سکيون سهنجون آهن، تڏهن پنهنجيءَ زال جا اَٻالا حال ڏسي، سندس جان پيئي جلي، پر صبح جو وري به وڃي ڍارو جوٽي ٿو، ۽ رات جو جنهن وٽ چلهه جي باهه اُجهامي وڃي ٿي، تنهن وقت تائين پاڻ به ڏتڙيل حالت ۾ وڃي پهچي ٿو.“
”ڪڏهن به ڍاري راند نه ڪريو. کيتي ڪريو. جيڪا ملڪيت اٿو، تنهن تي راضي رهو، ۽ ائين سمجهو ته اها ڪافي آهي. پوڄڻ جوڳ سَوتر ديوتا (سورج ديوتا) مون کي ائين پيو چوي ته ”اي جواري، اجهي هي تنهنجون گايون ۽ اجها هيءَ آهي تنهنجي زال، انهن جي سنڀال ڪر.“
هي مضمون نهايت نصيحت آميز آهي، ۽ ساڳئي وقت ڄاڻائي ٿو ته جنهن رشيءَ جو اهو چيل آهي، تنهن انساني سڀاءَ جو پوريءَ ريت اڀياس ڪيو آهي.
جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جو رواج: جوا جي علت کان سواءِ ٻي هڪ بڇڙي رسم جا اڄ تائين سڄي هندو جاتيءَ تي هڪ ڪوڙهه جو ٽڪو آهي، سا آهي جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي رسم. هن بد رسم جو بنياد آهي ٻانهپ يا غلامي، جا خود هڪ بد رسم آهي. اڳي جنگ ۾ گرفتار ٿيل زالون ٻانهيون ڪندا هئا، ۽ اهي سندن ملڪيت هونديون هيون. گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج ائين پيو. رگ ويد واري زماني ۾ اڪثر ججهيءَ هوند وارا گهڻيون زالون پرڻبا هئا، (منڊل ستون 18، 7، ۽ منڊل ڏهون، 95، 6). ڪي گهٽ ذاتين وارا به ٻه – ٻه، ٽي – ٽي زالون پرڻبا هئا، جو گرفتار ٿيل زالون وڪامنديون به هيون. انهيءَ هوندي به وچولي درجي وارا ماڻهو گهڻو ڪري ”ايڪ پتني وواهه“ يعني هڪ زال سان پرڻجڻ (Monogamy) پسند ڪندا هئا، جيئن ڪاڪشون رشي سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جون ڏهه نياڻيون پرڻيون هو. گهڻين زالن پرڻجڻ ڪري گهر جنسي ڪرهن (جهيڙي) جو آکاڙو ٿيو پوي، تنهنڪري ڪيترن رشين جو عام طرح خيال هو ته گهرو سک آهي ئي تڏهن، جڏهن مرد فقط هڪ زال پرڻجي ٿو، (رگ ويد منڊل ٽيون، 53، 6). ڪن اهو به اوچو آدرش اڳيان رکيو ته فقط هڪڙي زال پرڻجي، ۽ رڳو انهيءَ سان ئي ناتو رکجي، ۽ ٻين کي ماءُ ڀيڻ جهڙو ڪري سمجهجي. انهيءَ سبب اڄ تائين چوڻي آهي ته ”ايڪ ناري سدا برهمچاري“، يعني جيڪو ماڻهو رڳو پنهنجيءَءِ هڪڙيءَ زال سان ورتي ٿو، سو گويا سدائين برهمچاري آهي. ماڻهن ۾ جيتوڻيڪ انيڪ خيال عام به هو، ته به ”بهو پتني وواهه“، يعني گهڻين زالن پرڻجڻ جي رسم (Polygamy) پوءِ به هلندي ائي. رامائڻ واري زماني ۾ راجا دسرٿ جي گهر ۾ پهاڄپڻي اهڙي حالت پيدا ڪئي، جو خود پنهنجيمربي پٽ شري رامچندر کي چوڏهن ورهيه بنواس ڀوڳايائين، ۽ سندس وڇوڙي ۾ پنهنجا پراڻ تياڳيائين! اهڙن مثالن هوندي به ماڻهن اها بد رسم نپت ڪانه ڇڏي. هندن جي شاسترن ۾ گهڻين استرين پرڻجڻ کان روڪ ٿيل ڪانهي. سرڪار هندن لاءِ جيڪو قاعدو جوڙيو آهي، سو سڄو هندن جي شاسترن ۽ روجن تي ٻڌل آهي، تنهنڪري جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي قاعدي موجب روڪ ڪانهي. انهيءَ هوندي به عام طرح گهڻا اها رسم ڌڪارڻ لڳا، جنهنڪري سنڌ ۾، توڙي ٻين ڪيترن هنڌ انهيءَ رسم تي ڪي بندشون وڌائون. ڪيترن ورهين کان عام رواج هيءُ آهي ته ڪوبه ماڻهو هڪڙيءَ استريءَ هوندي ٻي اِستري تڏهن پرڻجي سگهي ٿو جڏهن:
(1) استري چٽ چري هجي، ۽ سندس سنئين ٿيڻ جي اميد پٽيءَ نه هجي،
(2) ڪوڙي يا ٻيو اهڙو ڪو نهايت خوفناڪ مرض هجيس. ۽ سندس ڇٽڻ جي اُميد بنهه ڪانه هجي.
(3) اِستري سنڍ هجي. ۽ پتيءَ کي ٻي شادي ڪرڻ جي پاڻ موڪل ڏئي، ۽
(4) اِستري رڳو ڌيئون پيئي ڄڻيندي هجي، ۽ پتيءَکي ٻي شادي ڪرڻ جي پاڻ موڪل ڏئي، ته ڀلي ته ٻيءَ اِستري مان پتر سنتان پيدا ڪري.
جنهن کي انهن چئن سببن مان ڪوبه سبب ڪونهي، سو هڪڙيءَ اِستريءَ هوندي ٻي اِستري پرڻجي نٿو سگهي.
پنچاتين اهڙيون بندشون وڌيون، تنهن کانپوءِ به ڪي ماڻهو نه رهيا. سندين پنچاتين مٿن مقدما داخل ڪيا، ته هنن هليءَ چليءَ جي برخلاف شادي ڪئي آهي، تنهنڪري اها شادي رد ۽ باطل ٺهرائي وڃي. ڪي هڪ نه ٻيو سبب ڏيئي پاڻ ڇڏائي ويا، ته ڪن حالتن ۾ خود پنچاتين معافي ڏيڻ ضروري سمجهي. هاڻ ماڳهين اها ڪوشش هلندڙ آهي ته انهيءَ بد رسم کي قاعدي جي ڪاتيءَ سان رد ڪجي. هن لاءِ هڪ مسودو هند سرڪار جي قاعدي ساز ڪائونسل ۾ پيش ٿيو آهي. جيڪڏهن اهو بحال ٿيندو، ته سڄي هندستان جي هندن جو انهيءَ ۾ ڀلو ٿيندو.
اولاد جو ماءُ جي نالي پٺيان سڏجڻ: اڳي عام طرح راجائون، رشي ۽ ٻيا گهڻيون زالون پرڻبا هئا، ته انهيءَ رواج مان هڪ بيو رواج پيدا ٿيو، جو هن وقت عجيب پيو لڳي. هن وقت هرڪو پنهنجي پيءُ جو اولاد سڏجي ٿو، پر اڳي هرڪو ماءُ جو اولاد سڏبو هو، جنهنڪري سمجهڻ سولو ٿيندو هو ته پيءُ جي ڪهڙيءَ زال مان پيدا ٿيل آهي. ڪاڪشون نالي هڪ رشي سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جون ڏهه نياڻيونپرڻيو هو. انهيءَ رشيءَ جي پيءُ جو نالو ”درگهه تمس“ (Drigha – Tamas) يعني ”ڊگهي اوندهه“ هو، ۽ ماڻس جو نالو ”اؤشيج“ هو، تنهنڪري رگ ويد ۾ ڪاڪشون رشي ”اؤشيج“ يعني اُشيج جو پـٽ سڏيو ويو آهي. اهڙا مثال ٻيا به آهن. مثلا: ”اَنجنيه“ معنيٰ ”انجنا جا پٽ“. اهو نمونو ديوتائن ۽ دئتن سان به لاڳو ڪيائون. مثلاً : ”اَدتيه“ معنيٰ آدتيءَ جا پٽ (سورج ديوتا وغيره)، ۽ ”دئتيه“ (دئت) معنيٰ دتيءَ جا پٽ. اهو رگ ويد واري زماني جو رواج پوءِ به هلندو آيو. راجا دسرٿ جو پٽ شري رامڇندر، راجا رگهو جي نسل مان هو، تنهنڪري پنهنجي انهيءَ وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان ”رگهو پتي“ يعني رگهو ڪُل جو مالڪ هو، ۽ ”راگهو“ يعني راجا رگهوءَ جو اولاد سڏجڻ ۾ آيو.


 * It is difficult to conceive that cotton (which, as we learn from professor J.H. Balfour, is supposed to have been indigenous in India), though not mentioned in the hymns, should have been unknown when they were composed, or not employed for wearing the light cloth which is necessary in so warm a climate. Dr. Muir: Original Sanskrit. Tests V. p. 462.
 ** Considerable attention was already paid to personal decoration Ibid p. 462.
 + If the rendering be correct, this shows the custom of presenting honorary dresses to be of India. And of origin considerable antiquity. Wilson's Reg veda, III, p. 277.
 * پوپاڪ صاحب ڄاڻايو آهي ته ”قديم يوناني لوڪ هندن وانگر ڌوتي پائيندا هئا، ۽ ڪلهن تي بوڇڻ وجهندا هئا“. اهو پاسو وسايو ئي هندن هو، تنهنڪري هندڪا رواج ايڏانهين عام ٿيا هئا. - مصنف
 ** "Anything more convenient to walk, to sit, or to lie in, it would be impossible to invent." Col. Meadows Taylor; Edinburg Review for July, 1867.
 * Cambridge History of India, 1, 103.
 * Kaegi: The Reg Veda, p. 19.
 * Vedic Index, I, p.4.
 + Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 229.

”رگو پتي، راگهؤ، راجا رام،
پنت پاون، سيتا رام“.
شري رامچندر، راجا دسرٿ کي راڻي ڪوشليا مان ڄائو هو، تنهنڪري ”ڪوشلييه“ يعني ڪوشليا جو پُٽ به ڪوٺيو ويو آهي. سندس ڀاءُ لڇمڻ ”سمترييه“ يعني راڻي سُمترا جو پٽ، ڪوٺيو ويو آهي. مطلب ته ٽنهي ڀائرن جو پيءُ ساڳيو ئي هو، پر مائون ٻيون ٻيون هين، تنهنڪري مائرن جي نالن پٺيان به سڏجڻ ۾ ٿي آيا.
مهاڀارت مان معلوم ٿئي ٿو ته ارجن راجا پانڊوءَ جو پُٽ هو، تنهنڪري ”پانڊقؤ“ يعني راجا پانڊوءَ جو پٽ سڏبو هو، پر ماڻس جو نالو ”ڪُنتي“ هو، تنهنڪري ”ڪونتييه“ ۽ ”ڪنتي نندن“ به ڪوٺبو هو. ڪنتيءَ جو ٻيو نالو ”پرٿا“ هو، تنهنڪري شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ ارجن جو بيو نالو ”پارٿ“ يعني پرٿا جو پٽ ڄاڻايل آهي. ائين اتهاسن واري زماني ۾ ئي نمونا چالو هئا، يعني هرڪو پيءُ توڙي ماءُ جي نالي پٺيان سڏبو هو. انهيءَ کان گهڻو پو3 هرڪو رڳو پنهنجي پيءُ جو اولاد ليکجڻ ۾ آيو، پوءِ ڀل ته پيءُ جي ڪهڙيءَ به زال مان پيدا ٿيو هجي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اهو اصل دراوڙن جو دستور هو، جو آڳاٽن آرين به اختيار ڪيو هو. ڪنهن به صورت ۾ اها پڪ آهي ته گهڻين زالن پرڻجڻ جي رواج هئڻ سبب اهو رواج پيو، ۽ پوءِ جيئن هڪ اِستري پرڻجڻ جو رواج عام ٿيو، تيئن هيءُ رواج گهٽبو ويو، ۽ هاڻ اصل ڪونهي.
مردن جو وري پرڻجڻ: گهڻين زالن پرڻجڻ بدران فقط هڪ اِستري پرڻجڻ جو رواج عام ٿيندو ويو، ته ايترو ڪيائون، ته جنهن جي پهرينگ هر واري گذاري ويندي هئي، سو ٻيو گهر پڻبو هو. ٻي زال به مري ويندي هئي ته پوءِ ڪنهن کي ٽئين ۽ چوٿين گهر واري پرڻجڻ کان منع ڪانه هوندي هئي، ۽ اهو ئي رواج اڄ تائين چالو آهي. اڪثر ساليءَ سان پرڻجڻ روا ليکبو هو، جو سالي ساڳئي گوتر مان نه آهي. ڪنهن کي پهرئين گهر مان اولاد هوندو، ۽ سالي پرڻبو، ته ٻارن جي اها ماسي پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کي گهٽ ڪين گهرندي. البت ايترو آهي ته ماءُ وري به ماءُ آهي، ۽ ماسي نيٺ به ماسي آهي، ۽ اها ڦري ماءُ ٿيندي، ته به جيترو هڏ سڳيءَ ماءُ جو ڪرڪندو، تيترو ماٽي جي ماءُ يا ماسيءَ جو نه ڪرڪندو. انهيءَ سبب چوڻي آهي ته:
انهيءَ هوندي به ڪنهن هنڌان پرڻجڻ بدران وري به ساليءَ سان پرڻجڻ بهتر سمجهندا هئا، جو ڌاريءَ کان وري به ماسيءَ کي ٻارن جو وڌيڪ تاءُ اُڀرندو. جيڪڏهن ڪنهن کي پهرينءَ زال مان اولاد نه هوندو هو، ته به اڳين ساهرن سان پريت ٽوڙڻ واجب نه سمجهي، سالي پرڻبو هو ۽ ائين اڳيون رستو قائم رکندو ايندو هو. اهڙن سببن ڪري ساليءَ سان پرڻجڻ جو رواج اڄ به عام آهي. ڏير جو ڏنيل ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ به روا ليکبو هو، جو ڀاڄائي به ساڳئي گوتر مان نه آهي. اها ”وڌوا وواهه“ (Widwo Marriage) جي ڳالهه آهي، تنهنڪري ان جو ذڪر ڌار ڪبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته ڏير جو ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ ڪسي ڳالهه ليکبي هئي، تنهنڪري ڀاجھائيءَ يا ٻيءَ ڪنهن به وڌوا سان پرڻجڻ جو رواج اڄ به گهڻو عام نه آهي.
وڌوا وواهه: ”وڌواهه“ لفظ ۾ ”و“ معنيٰ ”سواءِ“ ۽ ”ڌوَ“ معنيٰ ”مڙس“. سنسڪرت لفظ وڌوا جو اُچار انگريزيءَ ۾ آهي ”وڊو“ (Widow) ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”مڙس کان سواءِ“، يعني ”رن زال“، جا ”ڏنيل“ ۽ ”ڦلاونتي“ به سڏبي آهي. اڳي ڪنهن ڇوڪريءَ جو مڱئي هوندي مڙس مري ويندو هو، ته پوءِ هن جو وري مڱجڻ ۽ پرڻجڻ اعتراض جوڳي ڳالهه نه ليکبي هئي. اڄ به ائين آهي. جيڪڏهن پرڻجڻ کان پوءِ ڪنهن جو پتي گذاري ويندو هو، ته نڪي اها ڏنيل زال وري پرڻجڻ پسند ڪندي هئي، نڪو ماڻهو وڌوائن سان پرڻجڻ عام طرح پسند ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به وڌوا وواهه ٿيندا هئا. ”دڌشو“ (Didhishu)معنيٰ ”اُهو مرد جو ڪنهن وڌوا سان پرڻيو هجي“. ”پر پورو“ (Parapurava)معنيٰ ”اُها زال جنهن نه ٻيو مڙس ڪيو هجي“. پؤنر ڀَوَ“ (Panuarbhava)معنيٰ ”وڌوا زال جو ٻئي مڙس مان ڄاول پٽ“. اهي لفظ خود ڄاڻائين ٿا ته وڌوائون پرڻبيون هيون.
منوسمرتيءَ۾ ڄاڻايل آهي ته قديم زماني ۾ وين“ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جو وڌوائن کي زوريءَ پرڻائيندو هو، جنهنڪري ڪيترا ”دوجه“ (Twice born) يعني براهمڻ، کتري ۽ وئش دل ۾ ڪندا هئا، (9- 65-66 شلوڪ). اڄ به ڪيترن جا اهي خيال آهن ته جيڪا وڌوا رهي سگهي، تنهن کي زوريءَ پرڻائڻ واجب نه آهي، پر جا نه رهي سگهي، تنهن کي وريپرڻجڻ کان روڪڻ روا نه آهي.
رگ ويد ۾ ”ديور“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڏير“ ۽ معنيٰ اٿس ”مڙس جو ڀاءُ“. پروفيسر مئڪس ملر جي خيال موجب انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دِوَ“ معنيٰ راند ڪرڻ. هن لفظ مان اها سڌ پوي ٿي ته ڏير ۽ ڀاڄائي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ وانگر رانديون ڪندا هئا، تنهنڪري ”ديور“ (ڏير) جي اصل معنيٰ هئي ”راند ڀائي“ يا ”راند ساٿي“ (A play – mate) . اڄ به ڪيترن هنڌ ڏير ۽ ڀاڄائي گڏجي پتي راند، ۽ ٻي وندر ور ونهن ڪن ٿا.
ڪي ائين ڀائيندا آهن ته سنسڪرت لفظ ”ديور“ اصل ۾ آهي ”دوي ور“ يعني ٻيو مڙس. اهو هن ڪري چون ٿا ته، جو ڏير پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ سان پرڻجي سگهي ٿو. حقيقتاً ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ جو رواج هندن ۾ نڪي اڳي عام هو، نڪي هينئر عام آهي. اڄ به ڏير جو ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ هڪ نهايت ڪسي ڳالهه ليکجي ٿي، تنهنڪري ائين سمجهڻ ته ”ڏير“ اصل ۾ ٻيو مڙس ڪري ليکبو هو، سا بنهه غلط ڳالهه آهي. ڏير ۽ ڀاڄائيءَ جي ميلاپ بنسبت اڳي هڪ نهايت عجيب رواج به ڪجهه وقت هلندڙ هو، جو ”نيوڳ“ سڏبو هو. جنهن جو ذڪر ڌار ڪجي ٿو.
نيوڳ: (Levirate) رگ ويد واري زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته جنهن زال جو مڙس مري ويندو هو، سا پنهنجي پتيءَ سان گڏ چکيا تي چڙهي، پاڻ کي جلائي ڀسم ڪندي هئي. اهو ئي رواج ڪي صديون ساندهه هلندو آيو. ڪن حالتن ۾ وڌوا پنهنجي ڏير يا مڙس جي ڪنهن ويجهي عزيز سان پرڻبي هئي. وقتي هيئن به ٿيندو هو ته جنهن جوان زال کي پنهنجي پتيءَ مان ڪو اولاد نه هوندو هو، سا پنهنجي نسل قائم رکڻ لاءِ ڏير سان ڪجهه وقت گڏ رهي، ٻار ڄڻيندي هئي، (رگ ويد، منڊل ڏهون، 40، 2). ڏير سان گڏ رهڻ لاءِ وهانءَ جا ساٺ سوڻ ڪونه ٿتيندا هئا، جو اهي سڄي عمر زال مرس ٿي گڏ نه گذاريندا هئا. انهيءَ رواج جو مثال مهاڀارت مان به ملي ٿو. مهاڀارت واري زماني ۾ ويد وياس پنهنجيءَ وڏيءَ ڀاڄائيءَ انيڪا سان هڪواريءَ سنجوڳ ڪري ”ڌر تراشٽر“ (ڪورون جو پيءُ) ڄڻيو. ساڳئي ويد وياس پنهنجيءَ ننڍيءَ ڀاڄائيءَ انبالڪا مان ”پانڊو“ (پانڊون جو پويءُ) ڄڻيو. اهي ٻار ڄاوا ته پوءِ ويد وياس ڪڏهن به وري پنهنجين ڀاڄاين جي ويجهو ڪونه ويو، جو انهيءَ ٿوري وقت سنجوڳ ڪرڻ جي مراد رڳي ايتري هئي ته پٽ پيدا ٿئي، جو ڪُل جو نالو قائم رکندو اچي. انهيءَ رسم کي ”نيوڳ“ سڏيندا هئا. انهيءَ رواج جو منو سمرتيءَ (9، 89 – 70) ۾ به ذڪر ڪيل آهي. شلوڪ 70 ۾ چيل آهي ته ڀاڄائيءَ جو ناتو پنهنجي ڏير سان فقط تيستائين رهندي جيستائين پٽ ڄمندس. راجا ڌر تراشٽر ۽ راجا پانڊو توڙي جو وڏو گهراڻا آريا هئا، ته به هيءُ نيوڳ جو رواج سڀني آرين ۾ عام نه هو. اهو گهٽ ذات وارن جو رواج هو، جنهنڪري وڏ گهراڻن آرين انهيءَ رواج کي پوءِ زور وٺڻ ته نه ڏنو، پر پاڻ صفا بند ڪري ڇڏيائون، جنهنڪري رڳو گهٽ ذاتين وارا اهو رواج پوءِ هلائيندا آيا. اڄ تائين اوريسا جا ڪي گهٽ ذات ورا هندو پنهنجي نياڻي انهيءَ ماڻهوءَ سان پرڻائيندا آهن، جنهن کي ڪو ڀاءُ هوندو آهي، ته مڙس مري وڃڻ جي حالت ۾ هوءَ ڏير سان پرڻجي سگهي، ۽ هميشه لاءِ وڌوا ٿي رهڻو نه پويس. ساڳيءَ طرح آگري ۽ ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن، ۽ بهار جا ڪي گهٽ ذات وارا هندو ڏنيل زال کي پنهنجي ڏير مان اولاد پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهن. مطلب ته وڏ گهراڻن هندن اِهو رواج بنهه بيهودو سمجهي ٿڏي ڦٽو ڪيو، جنهنڪري هن وقت رڳو ڪي گهٽ ذات وارا هندو اهو رواج هلائيندا پيا اچن، پر اهو به سڀني هنڌ عام ڪونهي.
هيءُ نيوڳ جو رواج خود ائين پيو ڄاڻائي ته اهو اصل آرين جو جاري ڪيل نه هو، نه ته جيڪر نيوڳ جا گهڻي ئي مثال اتهاسن ۽ پراڻن مان ملن. تاريخ جي اڀياس مان مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهو رواج اصل بني اسرائيل (يهودين) جاري ڪيو هو، ۽ هنن کي ڏسي ڪجهه وقت آرين به لاچاري حالتن ۾ اهو روا ڪيو، پر ان کي ڪڏهن به زور وٺائڻ جي ڪوشش نه ڪيائون. رگ ويد واري زماني ۾ ئي اُتر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان جا واپاري وڻج واپار سانگي بئبلونيا، سيريا يا شام ملڪ ۽ الهندي ايشيا جي ٻين هنڌن ڏانهن ويندا هئا، ۽ پوءِ اتي پنهنجون بيٺڪون به وڌائون، بلڪ منجهائن ڪي يهودين ۽ ٻين سيميٽڪ قومن سان سنڱ ڳنڍي ويٺا. انهيءَ گهڻي ۽ گهاٽيءَ لهه وچڙ جو هڪ اثر هي ٿيو، جو بني اسرئايلن جو هيءُ رواج ڪن آرين به اختيار ڪيو، پر رڳو لاچاري حالتن ۾ بني اسرائيلن ۾ نيوڳ جو رواج نهايت قديم زماني کان هو، ۽ پوءِ حضرت موسيٰ ان کي زور وٺايو. اها حقيقت عيسائين جي انجيل مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿي. انجيل ۾ چٽيءَ ريت لکيل آهي ته حضرت موسيٰ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن هڪڙو ڀاءُ بنا اولاد جي مري وڃي، ته ٻيو ڀاءُ پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ مان سندس نالي ٻار پيدا ڪري.“ حضرت موسيٰ جي فرمودي موجب قديم يهودي هيئن ڪندا هُئا، جو ڪنهن جو هڪڙو ڀاءُ مري ويندو هو، ته سنديس ڏنيل زال ٻئي ڀاءُ سان گڏ رهندي هئي ۽ بيو ڀاءُ بنا اولاد جي مري ويندو هو ته پوءِ ٽئين، چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين ڀاءُ سان به گڏ رهي ٻار ڄڻيندي هئي“! انجيل جي جهوني عهدنامي(Old Testament) مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم يهودين ۾ اصل قاعدو ئي اهو هو ته ”جيڪڏهن ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ منجهائن ڪو هڪڙو بنا اولاد جي مري وڃي، ته فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي سان نه پرڻجي. سندس ڏير کيس پنهنجي زال ڪري ساڻس سنجوڳ ڪري، ۽ جيڪو پهريون ٻار ڄمي، سو فوتيءَ جو اولاد ليکجي، ته بني اسرائيل ۾ فوتيءَ جو نالو قائم رهي“. هن قائدي موجب پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ مان ٻار پيدا ڪرڻ ڏير جو فرض هوندو هو. جيڪڏهن ڪو ڏير پنهنجيءَ انهيءَ فرض ادا ڪرڻ کان انڪار ڪندو هو ته سنديس ڏنيل ڀاڄائي شهر جي بزرگن وٽ دانهياڻي ٿي ويندي هئي، ۽ مکي ۽ پئنچ سندس ڏير کي گهرائي سمجهائيندا هئا. انهن بزرگن جي چوڻ کانپوءِ به جيڪڏهن ڪو ڏير پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ جي ويجهو نه ويندو هو، ته هوءَ انهن بزرگن جي روبرو ڏير کي منهن ۾ ٿڪ هڻندي هئي، ته لوڪ ڏسي ته هيءُ اهڙو نالائق آهي، جو پنهنجي ڀاءُ جي نالي ٻار پيدا ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو، ۽ ٻيا عبرت وٺن ته جيڪو ڏير پنهنجو اهو فرض ادا نه ڪندو، سو ٿڪ لعنت جوڳو ٿيندو! هيءُ رواج هن وقت گهڻن کي عجيب لڳندو، پر آڳاٽن يهودين جا قاعدا اجهي اهي هئا، جي سندن پاڪ ڪتاب (انجيل) ۾ لکيل آهن. **

آڳاٽن آرين به ”نيوڳ“ جو رواج ڪجهه وقت قائم رکيو، ۽ انهيءَ ۾ ڪو اهم ڪونه ايندو هئن. ايترو آهي ته ڀيشم پتامہ پنهنجي پيءُ جي دل وٺڻ لاءِ سڄي عمر برهمچاري ٿي رهڻ جو پرڻ ڪيو هو، ۽ پوءِ چيائونس ته پنهنجين ڀاڄاين سان ڪجهه وقت گڏ رهي پتر سنتان پيدا ڪر ۽ ائين ڪرڻ کان صفا انڪار ڪيائين، ته ڪنهن به ڏوراپو ڪونه ڏنس. هن مان ظاهر آهي ته يهودين وانگر آريه لوڪ پنهنجين ڀاڄاين مان ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ٻڌل ڪونه هوندا هئا. هن وقت جي ڪري اهو ”نيوڳ“ جو رواج ”نهَ يوڳ“ (اجوڳ) يعني نامناسب يا غير واجبي آهي. ايترو آهي ته ڏير جو وهانءُ هن وقت جيڪڏهن ڏنيل ڀاڄائيءَ سان ٿئي ٿو ته وهانءُ جا ساٺ سوڻ ڪن ٿا، ۽ هو جيستئاين جيئرا آهن، تيستائين زال مڙس ٿي گڏ گذارين ٿا، پر اهڙا وهانءَ به بلڪل ٿورڙا ٿين ٿا.
ستي: ويدڪ زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته وڌوائون مڙسن جي لاشن سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي جلائي پورو ڪنديون هيون. اهي ”ستيون“ سڏبيون هيون. اهو رواج ڪيئن پيو، سا ڳالهه ڪٿي به ڄاڻايل ڪانهي. ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي خيال موجب انهيءَ رسم جي مراد هيءَ هئي ته مرڻ کان پوءِ به مردن جي گهرو سک لاءِ زالون ساڻن گڏ هجن. اهو سچ آهي ته ڪن قديم لوڪن جا اهڙا خيال هوندا هئا. مثلاً قديم مصر ملڪ جا ماڻهو ائين وسهندا هئا ته هر ڪنهن انسان کي مرڻ کانپوءِ ٻئي جهان ۾ به انهن شين جو کپ پوي ٿو، جي شيون هن جهان ۾ ڪم آڻيندو هو. انهيءَ سبب پراڻيءَ کي دفن ڪرڻ مهل مڻيا، ڪپڙا، بسترو ۽ ٻيو گهرو سامان بلڪ گاڏيون ۽ ٻيڙيون به ساڻس گڏ دفن ڪندا هئا! اڄ تائين هندن ۾ به دستور آهي ته ڪو مرد مرندو آهي ته کيس سوني منڊي پائيندا آهن، ۽ ڪا زال مرندي آهي ته هن کي نڪ ۾ نٿڙي يا ڪنن ۾ ڪو زيور پائيندا آهن ته ڀلي ته مڻيو منڊي ساڻ هجيس، پر مصنف جي راءِ موجب ستي لڪڙيءَ جو رواج اهڙي خيال کان ڪونه پيو ٿو ڏسجي. ”ستي“ لفظ خود ڄاڻائي ٿوته جيڪي ستياڻيون پتو رت ڌرم پالن ڪنديون هيون، ۽ پنهنجن مڙسن سان سچي پچي پريت هوندي هين، ۽ کانئن هڪڙو پل به پاسي ٿيڻ نه چاهينديون هيون، سي پتيءَ کان پوءِ پنهنجو جيئڻ جاڙ (آڪيارٿو) سمجهي، ساڻس گڏ چکيا تي چڙهنديون هيون، ته مرڻ کانپوءِ به هڪٻئي سان گڏ هجون، ۽ اسان جي پريت هلندي اچي. مطلب ته پتورت اِسترين جي پنهنجي پتيءَ سان ججهي پريت هئڻ سبب ستي لڪڙيءَ جو رواج وڌو. سندن اهڙن خيالن سبب اڄ تائين چوڻي آهي ته: *

پريت تو ائسي ڪيجئي، جئسي هندو ڪي جوءِ،
جيتي جي تو سنگ رهي، مـــئي ڀي ســـتي هـــوءِ.
يعني پريت ته اهڙي ڪجي، جهڙي هندوءَ جي زال ڪري ٿي، جيئري ته مڙس سان رهي ٿي، پر مڙس جي مرڻ کانپوءِ به ستي ٿئي ٿي. ٻيو هڪ سنڌي پهاڪو آهي ته ”ستي لڪڙن کان موٽڻ (پاڻ نه جلائڻ) ڪسي ڳالهه ليکبي هئي، ۽ پوءِ اهڙيءَ زال جو مان نه رهندو هو. مطلب ته مانُ ٿيندو ئي انهن زالن جو هو، جي پنهنجي پتيءَ سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي پورو ڪنديون هيون. ستي لڪڙيءَ جي رواج جو ذڪر اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين (3، 1) ۾ آهي. اهو رواج رگ ويد واري زماني ۾ به هو، پر سڀڪا وڌوا پاڻ کي ڪانه جلائيندي هئي. رگ ويد جي منڊل ڏهين، سُوڪت اٺين (اَشٽڪ ستين جي ڇهين اڌ ڀاءُ جي ورگ ٻئي) ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن جو ترجمو ڪن عالمن ڪيئن ته ڪن ڪيئن ڪيو آهي. گهڻن عالمن ان جو ترجمو هيئن ڪيو آهي:
”اي ناري، اُٿ! تون انهيءَ جي ڀرسان اچي ليٽي آهين، جنهن جا پساهه پورا ٿي ويا آهن. جيئرن جي دنيا ۾ آءُ. پنهنجي پتيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ انهيءَ جي استري ٿيءُ، جو تنهنجو هٿ جهلي بيٺو آهي، ۽ توسان پرڻجڻ جي مرضي اٿس“.
جيڪڏهن هيءُ ترجمو صحيح آهي ته چئبو ته جنهن مهل ڪا ستي پنهنجي مئل پتيءَ جي چکيا وٽ پاڻ جلائڻ لاءِ وڃي ليٽندي هئي، تنهن مهل سندس ڪنارو ڏير يا ٻيو ڪو، جو ساڻس پرڻجڻ چاهيندو هو، سو هٿ کان وٺي اُٿاري ايندو هئس. اهڙيءَ طرح هن ٿوري مضمون مان ستي لڪڙيءَ توڙي وڌوا وواهه جي رواج جا اُهڃاڻ ملن ٿا. ايترو چئبو ته ستي ٿيڻ جو رواج وڌيڪ عام هو. انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل واري وقت تائين به اهو رواج هلندو پئي آيو، پر پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ جي ڏينهن ۾ برهمو سماج جي بنياد وجهندڙ راجا رام موهن راءُ جي سرجوشيءَ سان سرڪاري قاعدي پٽاندر بند ٿيو.
مُردن جو نيڪال: قديم زماني ۾ جڏهن ماڻهو اڃا باهه ٻارڻ جو هنر نه سکيا هئا، تڏهن مُردن جي نيڪال لاءِ ٻه طريقا اختيار ڪندا هئا: هڪڙو ته مُردي کي ڪنهن کليل هنڌ رکندا هئا، ته ڀلي ته جهنگلي مرون کائي وڃنس، يا ڳجهين جو ڳاهه ٿئي. پارسي اڄ تائين ائين ڪن ٿا. ڀانئجي ٿو ته اهو رواج ڪجهه وقت آڳاٽن هندن ۾ به هو، جنهن بابت رگ ويد جي منڊل اٺين، (51، 2) ۽ اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين، (2، 34) ۾ اشارو آهي. انهيءَ هوندي به رگ ويد ۾ ڪي اهڙا منتر آهن، جن مان عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ هندن ۾ مردن پورڻ جو رواج وڌيڪ عام هو. منڊل ڏهين (18، 10 – 13) ۾ ڄاڻايل آهي ته مردي پورڻ مهل پراڻيءَ کي رشي چوندو هو ته ”پنهنجيءَ ڌرتي ماتا ڏي وڃ، جا گهڻو پکڙيل ۽ فرحتي آهي، ۽ جا پشم جهڙي نرم آهي“. اهو رشي پوءِ ڌرتيءَ کي چوندو هو ته ”اي ڌرتي، تون هن جي مٿان وري وڃ، پر کيس پيڙجانءِ نه، سکيو رکجانس! تون کيس ائين ڍڪج، جيئنماءُ پنهنجي ڪپڙي جي پلئه سان پنهنجي ٻار کي ڍڪي ٿي!…پراڻيءَ جي مٿان جيڪا مٽي وجهجي ٿي، سا شل مٿان اُفونگري ٿي بيهي (پراڻي تي بوجو نه ٿئي)… اي پراڻي، مان تنهنجي چوڌاري مٽيءَ جو ڍڳ وجهان ٿو، ۽ تنهنجي مٿان ڀتر رکان ٿو وغيره“.
آڳاٽا هندو پوءِ باهه ٻارڻ جو هنر سکيا، ته مُردن سارڻ جو رواج عام ٿيو، پر ساڳئي وقت هيئن به ڪندا هئا، جو مردو ساڙي، پوءِ سنديس رک ۽ ٿورا هڏا ڪنهن ٿانءَ ۾ وجهي، ان جي مٿان ڍڪڻ ڏيئي، پوءِ اهو ٿانءَ ڌرتيءَ ۾ پوريندا هئا، جيئن آشولاين گريهه سوترن ۾ ڄاڻايل آهي. سنک پوري ان جي مٿان سماڌ جوڙڻ جو رواج اڄ تائين آهي. اڄ تائين هيءُ به دستور آهي ته ڪو مئل ڄمندو آهي، يا ڄمڻ کانپوءِ سگهو ئي مري ويندو آهي ته هندو ان جو اگني سنسڪار ڪونه ڪندا آهن، پر کيس پوريندا آهن. انهن ڳالهين جوگريهه سوترن ۾ گهڻو ئي ذڪر آهي.*

قديم زماني ۾ آڳاٽا آريه لوڪ پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ تير ڪمان سدائين ساڻ کڻندا هئا. منجهانئن ڪو مرندو هو ته اول ڪمان سندس ڪلهن تان لاهي، کيس سنان ڪرائي، ڪوري ڪپڙي ۾ ويڙهي، پوءِ هن جي ڪائي کڻندا هئا. ڪائيءَ تي کنڻ جو رواج اڄ به آهي. اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين، (4، 31) ۾ ڄاڻايل آهي ته پراڻيءَ کي زيور پهرائيندا هئا، ته پرلوڪ ۾ ڪم اچنس. اڄ تائين مئل مرد جي آڱر ۾ منڊي ۽ مئل زال جي نڪ ۾ سوني نٿڙي، ۽ وقتي ڪنن ۾ ڳن پائيندا آهن، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي.
ڪيترا هندو ائين چوندا آهن ته مُردن پورڻ بدران مردن ساڙڻ جو رواج آڳاٽن هندن فقط حفظ صحت جي قاعدن جي مدِ نظر جاري ڪيو. هن موجب ائين چئبو ته حفظ صحت جي قاعدن جي سڌ رڳو آڳاٽن هندن کي هئي، ۽ ٻيون قومون ڄڻ ته انهن قاعدن کان غير واقف هيون! حقيقتاً مردن سارڻ جو رواج آڳاٽن هندن هڪ ڌرمي خيال کان وڌو. اهو خيال يگيه جي آگنيءَ مان آين. اگنيءَ ۾ آهوتي وجهجي ٿي، ته اها سموري سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿي، ۽ اها رک ڌرتيءَ تي رهي ٿي، پر آهوتيءَ جو تت اگني مٿي آڪاس ۾ ديوتائن تائين پهچائي ٿي، جنهنڪري ديوتائون پرسن ٿين ٿا، ۽ يگيه ڪندڙن تي سنديس آسيس ٿئي ٿي! ويدڪ ڌرم وارن آرين جا اَگنيءَ بابت خيال اهي هئا. اهو ئي ساڳيو ڌرمي خيال موردن ساڙڻ جي رواج ۾ سمايل اهي. مئل ماڻهوءَ جو اگني سنسڪار ڪجي ٿو، ته ماس ۽ هڏا جلي وڃن ٿا، ۽ سڀ مدايون ۽ اوڻايون به هتي ڌرتيءَ تي ئي رهن ٿيون، باقي سندس تت يعني آتما، ديوتائن جهڙو جلوو ڌاري، پِترن واري واٽ وٺي، جم لوڪ ۾ وڃي وارد ٿئي ٿو، جتي سندس ابن ڏاڏن جون آتمائون به آهن (رگ ويد، منڊل ڏهون، 4، 7). آڳاٽن هندن جا اهي خيال هئا، جي ٻين قومن جي ماڻهن جا نه هئا، تنهنڪري ٻيون قومون اڄ تائين مردن پورڻ جو رواج هلائينديون اچن. پارسي به جيتوڻيڪ آڳاٽن آرين وانگر اگني پوڄا ڪن ٿا، ته به هو اهو واجب نٿا سمجهن ته اگنيءَ جهڙي پوتر ديوتا ۾ مُردو وجهي، اَپوتر ڪجي، تنهنڪري هو مردن کي کليل ڇڏيو ڏين. سڀڪنهن جا پنهنجا پنهنجا خيال آهن، ۽ اهڙن علحدن خيالن ئي جدا جدا رسمون جاري ڪرايون آهن.
جم ۽ جم پري: هن وقت هندو وسهن ٿا ته جڏهن ماڻهو مري ٿو، تڏهن جم جا دوست کيس جم پُريءَ ۾ وٺي وڃن ٿا، ۽ سندس ڪيل پاپن جي ڪري کيس ڪنڀي نرڪ ۾ هڻن ٿا، پر جيڪڏهن چڱا ڪم ڪيل اٿس، ته کيس سرڳ جا سک ملن ٿا. نرڪ ۽ ان جي عذابن جو ذڪر اول اٿرو ويد، (منڊل پهٿرين، 154، 5) ۽ ڪَٿ اُپنشد ۾ آهي. يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ آهي، تنهن ۾ به نرڪ ۽ جونين جو ذڪر آهي، پر رگ ويد انهن سڀني کان آڳاٽو آهي. انهيءَ آڳاٽي وقت جي هندن جا جم ۽ جم پريءَ بابت خيال ئي علحده هوندا هئا. هو يگيه کي مڪتيءَ جو هڪ ساڌن ڪري سمجهندا هئا، جنهنڪري سڄي عمر يگين پٺيان يگيه ڪندا هئا. هو ائين وسهندا هئا ته جي.ن يگيه جي اگنيءَ ۾ جيڪا آهوتي وجهجي ٿي، تنهن ۾ اتفاق سان ڪو ڪک پن اچي وڃي ٿو ته اهو اتي ئي سڙي وڃي ٿو، ۽ ديوتائن تائين رڳو آهوتيءَ جو تت پهچي ٿو، تيئن پرٿويءَ تي رهي، جيڪڏهن ماڻهو ڪي خطائون يا پاپ ڪري ٿو، ته اهي به ڄڻ ڪک پن وانگر اگنيءَ ۾ جلي وڃن ٿا، ۽ رڳو سندس پوتر آتما جم پريءَ يا پتر لوڪ تائين پهچي ٿو. يگيه جي اگني دکائجي ٿي ته ڀنڀٽ ڪري عرشين وڃي لڳي ٿي، جنهنڪري اگني ڄڻ ته ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ پُل وانگر آهي، جنهن تان آتما لنگهي سرڳ ڏي وڃي ٿو، جتي سدائين جوت يا اُجالو آهي (رگ ويد، منڊل نائون، 113، 7). هن کي يم ديوتا جي ٻن ڀوري رنگ وارن ڪتن وٽان لنگهڻو پوي ٿو، جن کي چار چار اکيون آهن، تن ويڪرا اٿن ۽ بت تي پٽا اٿن. اهي ”سرما“ (Sarama) نالي ديوتائن جي هڪ ڪتيءَ جا ٻچا آهن، ۽ اهڪتا جم پريءَ تي پهرو ڏين ٿا. انهن ڪتن وٽان لنگهي هو جم پريءَ ۾ اندر گهڙيءَ ٿو. آڳاٽن رشين جا اهڙا خيال رگ ويد ۾ چٽيءَ ريت ظهار ٿيل آهن. انهن جون انگريزي نظم ۾ به ترجمو ٿيل آهي، جنهن مان ٿوريون سٽون هتي ڏجن ٿيون:
Thou, Agni, art our priest, divinely wise,
In holy science versed: they skill detects,
The faults that mar our rites, mistakes corrects,
And all our acts completes and sanctifies.
Thou art the cord that stretches to the skies.
The bridge that spans the chasm, profound and vast, Dividing Earth from Heaven, o'er which at last,
The good shall safely pass to Paradiese.
135 (Dr. J. Muir: Original Sanskrit Texts. Vol. I, p. 2217)
رگ ويد ۾ يم ديوتا کي نرڪ جو ديوتا نه، پر سرڳ جو سوامي سڏيو اٿن، ۽ چٽيءَ ريت چيو اٿن ته اتي اوندهه آهي ئي ڪانه پر سدائين اُجالو آهي (رگ ويد، منڊل ڏهون. 113، 7 – 198). ائين به چيو اٿن ته اسان جا ابا ڏاڏا جي گذاري ويا آهن، سي اتي يم ديوتا وٽن رهن ٿا، (منڊل ڏهون، 15، 14)، ۽ پرٿويءَ تي رهي، جيڪي چڱا ڪم ڪيا اٿن، تن جو ڦل اتي آنند سان ماڻين ٿا (منڊل پهريون، 154، 5). مطلب ته رگ ويد ۾ جم پريءَ جو نقشو نهايت عمدو چٽيل آهي، ۽ ان کي سرڳ سڏيو اٿن. ائين به چيو اٿن ته اوتي رهي، ماڻهو اَمر ٿئي ٿو، ۽ سنديس سڀڪا ڪامنا پوري ٿئي ٿي (منڊل نائون، 113، 7-10). رگ ويد کان پوءِ جي ساهتيه ۾ جم پريءَ کي نرڪ ڪوٺيو اٿن، ۽ ان جا ڏهڪائيندڙ بيان ڪيا اٿن، جن گرڙ پراڻ ۾ به ڏنل اهن.
جوڻيون ۽ ڪرم: ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چئٽرجي ۽ ٻين ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته رگ ويد ۾ اهو ڪٿي به ڄاڻايل ڪونهي ته ماڻهو پنهنجن ڪيل ڪرمن پٽاندر وري وري جوڻيون وٺي ٿو. انهيءَ سبب اهو انومان ڪڍيو اٿن ته انهيءَ قديم زماني ۾ ماڻهن جو جوڻين ۾ اعتبار هئو ئي ڪونه، ۽ اهو عقيدو پوءِ دراوڙن وٽان پرايائون. ڊاڪٽر ابناش چندرداس ۽ ٻين ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته رگ ويد ۾ مرڻ ۽ وري ڄمڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو خيال آڳاٽن لوڪن شايد سج ۽ چنڊ مان پرايو. سج ڏهاڙي صبح جو ڄمي ٿو، منجهند جو جوانيءَ ۾ اچي ٿو ۽ سانجهيءَ جو گويا پويان پساهه کڻي مري وڃي ٿو، ۽ وري ئي ڏينهن نئون جنم وٺي ٿو. ساڳيءَ ريت چنڊ به ڄمي، وڌي ۽ مري ٿو، ۽ وري نئين مهيني نئون جنم وٺي ٿو. سج ۽ چنڊ بابت اهي ڳالهيون رگ ويد جي منڊل ڏهين (85، 15) ۾ ڄاڻايل آهن ساڳئي منڊل ڏهين (72، 8-9) ۾ آدتيءَ جي پٽ مارتنڊ (سورج ديوتا) بابت چيل آهي ته هن کي وري ڄمڻو ۽ مرڻو پوي ٿو. منڊل پهرين، (64، 32) ۾ جيڪي چيل آهي، تنهن مان اهو مطلب نڪري ٿو ته ماڻهو جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ ئي آهي، تڏهن ئي جوڻين وهيڻو آهي. جيڪي واسنائون منجهس آهن، تن پتاندر سنديس گت ٿئي ٿي، ۽ ڪرمن جو ڦل ڀوڳي ٿو. ائين جوڻين ۽ ڪرمن بابت اشارا رگ ويد ۾ ئي آهي، جنهنڪري چئبو ته هن وقت هندن جا جيڪي عقيدا انهن ڳالهين بابت آهن، سي رگ ويد واري زماني ۾ به هئا.


 * Moses said, "If a man die, having no children, his brother shall marry his wife, and raise up seed unto his brotherL St. Matheus, XXII, 24 ff.
 * Deuteronomy, xxv-5-9.
 * "The idea probably was that the dead man must have his wives accompanying him to the next world for providing him with home comforts". Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 256.
 * Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 242.