شاھ جو رسالو/X

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
شاھ جو رسالو  (1866)  by شاھ عبداللطيف ڀٽائي, edited by ارنيسٽ ٽرمپ (1828-1885)
X. مَعْذُورِي

فَصُلُ پِھِروْن

بيت - 1
ھَلَنْدٖي ھوۡتَ پُنْهُوءَ ڎٖي کُهِھِجَنِ کٖي کهُوٿِيُون
پَنْھَں﮽ُ تَنْھِين پَٿُ تهِئٖي جٖي لَئِ لَالَنَ لُوتهِيُونْ
سَبهِہ سَهٖيلِيُون سِکَ کهٖي چُنْجهُون ۽ چُوٿهِيُون
ٻَانْبهَں﮽ِ تهِيئُ ٻُوٿِيُون تَہ کُتَا کهِئنِي کٖيچَ جَا.

فَصُلُ چوۡتهوۡن

بيت - 1
مَرِي جِئُ تَہ مَاٺِئٖين جَانِبَ جوۡ جَمَالُ
تهِئٖين ھُوندَ حَلَالُ جٖي پَنْدِ اِھَائِي پَاڙِئٖين.