Jump to content

سچل جو رسالو/متفرق ڪلام/ڪافيون حصو ٻيو

From Wikisource
سچل جو رسالو (1958)
by سچل سرمست, edited by عثمان علي انصاري (1901-1962)
متفرق ڪلام
299742سچل جو رسالو — متفرق ڪلام1958سچل سرمست

ڪافيون (حصو ٻيو)

ڪافي 61
اَڄ ڪِي صبح اچن ٿا، نروار چئو نجومي!

مون ھِت نماڻِيءَ جو پِرين، حال ڪِي پُڇَنَ ٿا.
ھِن پارَ ڏي اچڻ جو، چئو ڪِي سڄڻ چَوَن ٿا؟
پِرين آھن پنڌَ ۾، ڪِي ويڙھِي پنھنجي وَسَن ٿا؟
سَچُوءَ جِي ڀِي سُڌِ لَھَڻ لئہ، قاصد ھيڏي ڪَڍن ٿا؟

ڪافي 62
دوستَ کي دانھون، سُڻِي، مَنَ مھرَ ڪا مون ڏي پَوي!

دردمَندِ جي دَرَ اُتي، ٿو ڪانگ لاکيڻو لَوي.
پيغامَ پِرين پارَ جا، چَشمن اُتي ويھون چَوي.
سِرَ ڀَري اَسين ايڏھن اَچون، يا ڪِي اوري ايندؤ اَوھِي.
سَچُو آھي اُڪَنڊيو گهڻو، ٿو راند روئڻ جي رَوي.

ڪافي 63
ڳالهہ پنھنجي حال جي، توريءَ وڃي ڪنھِن کي چوان؟

جوش تنھنجا جان ۾، نت نت آھن مون کي نوان.
کيئن جي پڇان پوءِ ٿي خبر، پانڌي اول پيرين پوان.
پاڻون آيا ھِن پور ھي، ڪِي ھِن مڪا مون ڏي اَوان؟
سَچُو مٽيان آءُ ڪينڪي، ھي سور سُکَن سان سنوان.

ڪافي 64
مڪاسين قاصد ڪالهہ، اِجھي ڄاڻج آيا آيا!

آھي تياري ايڏنھن اسان جي، آھيون سو منجِهہ خيال.
اُڪَنڊ تنھنجي اَصل اسان جي، آھي سا جيءَ ۾ جان.
عاشق توتي ڪَرم ڪيوسي، سڻي سندءِ اَحوال.
پنھنجي لطف سان ھاڻ لاٿاسين، تو تُون ڪُل ڪَشالَ.
اچي لھون ٿا اِجها تنھنجڙي، سچو ري رات سنڀال.

ڪافي 65
آھي ھھڙو حال ويچاريءَ جو، سھڻا ڪر ڪو ڪرم ستاريءَ جو!

لئہ پنهل جي ڪانگ اُڏايان، ڪوٺيو پوٿيدار پٽايان،
وَرُ وري ورَ واريءَ جو.
حال ڏسي پنھنجو ڀال ڀلائج، پِرَ پڄاڻو ورھ ورائج،
ڪج ڊڀ دارون دک واريءَ جو.
درد فراق جا دونھان دکَن ٿا، مَچ مگَرھن مچ مچن ٿا،
شل ورُ وري ويچاريءَ جو.
سڪ سچل جي توکي ساري، ڪيچي ايندم نرتَون نھاري،
ساھ سڪي سڪ واريءَ جو.

ڪافي 66
جيءُ نچ آيا، ڀلي ڪري آيا، ساٿي سڄڻ جي ڏيھ ڏنھن!

مون تا ڄاتو واٽ واھو، پر مون ڏي سي ھوت ھلايا.
ڏينھن پڄاڻو پانڌي پرين جا، ساڻ غريب گـڏايا.
پاڻ مٿائن ڪريان قرباني، لکين ٿورا جَنِ لايا.
اَول دلاسا ڏيڻي انھن ھي، پوءِ پيغام سڻايا.
طرف تنھنجي اھي عجيبن، سچا سخن فرمايا.
اُڻ تڻ اھائي آھِ اسان کي، ڏکيا تو ڏينھن لنگهايا.
پيا اسان وٽ ھاڻي تنھنجا، سچو ڙي پنڌ سجايا.

ڪافي 67
پانڌي اوڏاھون اَڄ آيو، پِريان سندي پار ڏنھن.

طرفان تنھنجي ھونِ اَچَڻ جو، ساٿ ڌڻِين کي سعيو.
گهڻو پڇن ھُـت پِرن توئي کي، گهمين تون ھِـت اجايو.
آھي توئي ڏي سڻ ري عاشق، روح سَندن جو رايو.
پاڄاڻيءَ جو ھنن پيغامن، وري سو ورہ وڌايو.
ٻڌي نياپا ٻانھون ٻڌي ٻئي، آڻي سچوءَ سر نوايو.

ڪافي 68
اَڄ اوڏانھون آيا، گـڏيا سي قاصد مون کي!

وري ورڻ جا ھئا ڀنڀور ڏي، ساٿَ ڌڻِين جا سعيا.
اَڄ صبح اَچي ويجها سي وھنَندءِ، ڏور جنين ڏينھن لايا.
گوشي گـڏجِي ڪندءِ سي ڳالهيون، جَن جا تو پنڌ پُڇايا.
خيال سڄوئي ھيڏي ھُئڙن، ڏکيا تو ڏينھن لَنگهايا.
طرف تنھنجي اڳي ڀي رھَبَر، ڪئين تنھن ھوتَ ھلايا.
نِيھَن جا نياپا ڏنا جَنين ھي، سچو سي ساہَ سيبايا.

ڪافي 69
نوان نِياپا آيا، مون ڏي محبن جا، ميان!

قاصِدن، وو ميان، ھيڏي اَچَڻ جا، روز سي رستا لايا.
طرف ڀنڀور جي، سُڻ تون عاشَق، پنهونءَ ٿي پنڌ پڇايا.
تو تا طالب يار سڄڻ رِيءَ ، گوندر ڏينھن گنوايا.
اڱڻ تُنھنجي اَڄ سي ايندا، تو جن لئہ ورھ وَسايا.
جي ئِي گذاريئہ يار جانب ريءَ، اُھي سي ڏينھن اَجايا.
ھئا پِرين کي پار تنھنجي، ميان سچُو اَچڻ جا سعيا.

ڪافي 70
اِھو نياپو آندو، پانڌيءَ پرينءَ جي پارَ ڏنھن.

آھي تياري ايڏھن اَسان جي، متان ٿئين تون ماندو.
عاشق توکي آڻي اَسان سان، حُـب ڪندي ھيڪاندو.
اسين بہ اوڙڪ اِينداسي ايڏنھن، ٿيج نہ ورھ کون واندو.
ملڻ محبن جو آھي اِھوئي، پِرت جو پاڇانـدو.
طرفون اَسان جي سُڻ سچُو وي، لاھِين تون سڀ سياندو.

ڪافي 71
آءٌ اَدا ڙي پانڌي، دوست دلاسو ڪو ڏنو؟

سُڻ تون ساٿي، آھيان، ادا، آءٌ محب بنا ھـت ماندي.
اڱڻ اسان جي ڪڏھن اِيندا، اِھا خبر تو ڪا آندي.
دل اَسان جِي دوستن ٻاجهون، ناھي ورھ کَون واندي.
سِگهَڙِي ساٿِي ڙي مانَ ٿيان، ڪا ھوتن سان ھيڪاندي.
ساران سنڀاران سچُو وي لَھندءِ، آھين جَنين جي تون باندي.

ڪافي 72
منھنجو ڪِي ھُـت پڇيائون، سچ چئہ ادا ڙي ساٿيو؟

گوشي ويھي گَـڏ اَوھان سان، منھنجي ڳالهہ ڪا ڪيائون؟
سَليو سنيھا ساڻ سلامن، ھِنَ ڏاہَ ڏي ڏنائون؟
پيغام پرت وارا، چئو جي مون ڏي چيائون.
دلاسي جِي دردمندِ ڏي، ڪا اڄ خبر لکيائون؟
سچوءَ ڪاڻ تا گهڻيرو، ھِن ڏيھِ ٿي ڏٺائون.

ڪافي 73

سِگهَڙي پِريَن جي پار جِي، ڪانگا خبر ڪا مون ڏئين.
دوست جي ني ديس ڏي، ڪيئن ڪالهہ تون اَڏري وئين!

اَول اسان جي حال جا، نازڪ نوان نياپا نِئين،
ساري سنيھا سوز جا، ھَي ھَي سڀئي لائج ھِئين.

ماري ميان مشتاقِ کي، ڪيئن يارَ تون ياڪِي ٿئين،
پُورن مَنجهين پرديس جي، ٻاجهون اَوھان آھيون اِئين.

آءٌ جي مُئي تا گهوريس، جانِي سدائين تون جئين،
سچو سِڪي ساري توکي، تون ڀي تھين سان ھو ائين.

ڪافي 74
ڪانگي قريبن ڏنھن، خبر آندي وٺِي وھندو وري.

خطَ منجهون معلوم ٿِي، ساري خبر کِيئن جي کري.
دوستَ دلاسا لکيا تا تو اسان ريءَ ڪيئن سَري
آءٌ تا گهڻو تو ساريان، ڳالهيون ڪرين ڪھڙيون چَـري
سچُو توسان آھي منھنجِي، اُھا ذوق مَون دل جي ذري.

ڪافي 75
ڳالهہ ڪريان ٻي ڪيھِي، تنھنجي مڌُگن ماري آھيان!

پرين وڙئون پانھنجي، ميان الا، آءُ پکي ھِن پيھِي.
پاڙي ساڻ پرين جي، ميان الا، ورھُ وھايم ويھِي.
پلئہ لڳي پِرين جي، ميان الا، جيھِي سا آھي تيھِي.
ڳالهہ ڏَسيائون سا تا ناھي، ميان الا،سچُو سلڻ جيھِي.

ڪافي 76
ڪيھِي چال چلي ٿو، اڙي جيڏيون يار منھنجو!

وَنَفَخۡتُ فِيه مِن رّوحِي ، ساري ڳالهہ سَلي ٿو.
اَنا عَبۡدَہٗ ، وَرسُولَہٗ ،مُلن گهَر مِلي ٿو.
ڪاٿئين تعظيمان ڏئي، ڪاٿئين کِل کلي ٿو.
ڪاٿئين سکيون سُپرين، ڪاٿئين جوشن منجهہ جلي ٿو.
سچو سَڀ ڪنھن صورتين ، ھھڙِي ھـلت ھلي ٿو.

ڪافي 77
ڇاکي ڏونگَر ڏوريان، مَن وسي يار مُنھنجو!

پرين آھي پاڻ سان، تَڪَ ٻئا ڇو توريان؟
راتو ڏينھان روح ۾، آرياڻي ٿي اوريان.
سَڀ ڪنھن پارين سُپرين، آءٌ گهڻوئي گهُوريان.
ھوتَ ھميشہ حاضري، وندر ڪنھن لَڳہ ووڙيان؟
سچو سچي ڳالهڙي، چِت اِھائي چوريان.

ڪافي 78
ھوت اَچي ھَـٿ ڏيندو، ڀَلو جيڏيون، مون ھِن نماڻيءَ کي!

پِرين وڙئون پانھنجي، ڇَپر تا نہ ڇڏيندو.
ڏسندو اکڙين سان، نال نماڻِي نيندو.
پاڻَون پاسي نہ ڪري، گولِي ساڻ گڏيندو.
پانڌن پچارون ڪيون، آرياڻي اَڄُ ايندو.
اڱَڻ آسَروند جي، پَکا پاڻ اَڏيندو.
ڪيچن سندو قافلو، لوئَون تا نہ لڏيندو.
ساجن سَنگت پانھنجيءَ، سچو شالَ سڏيندو.

ڪافي 79
ڪيچ منھجڙو ڪَم، ني، آھي، ڀلو ڀينر ڙي!

ويا ڪيچيڙا نڪري، گوليءَ ڏيئي غم، ني.
دعا ڪريجو جيڏيون، جانِيءَ ٿيان جَم، ني.
ڪنھين ڇِنَ نہ ڇڏيان، دوستيءَ وارو دم، ني.
قيامَتَ تائين ڪينڪي، ٿيندي طلب تَم، ني.
پير نہ ڇڏيان پرينءَ جو، توڙي ٿئي چيھاڙيون چَم، ني.
جهُڙ نہ ڀائنجو جيڏيون، اِھو اکين جو آگَمُ، ني.
سِڪئون سچو پِرين ڏي، راتو ڏينھان رم، ني.

ڪافي 80
توکي جاني نہ جڳائي ٿو، رُسَڻ نماڻين سان!

جيھِي تيھِي تانھنجي، آءٌ اصلَ کَون آھيان،
اوھان جي تا اَچڻ جو، آسَرُ ھَـڏِ نہ لاھيان،
سِرَ تي نينھُن فراقَ جا، ھي مينھڙا وسائي ٿو.

پَري ڪر نہ پاڻ کَون، ڏي دلبَر دلاسو،
تورِيءَ سُجهي ڪونڪو، مون کي پِرين ٻيو پاسو،
جيھي تيھي اَصل کَون، ھيءَ سَندَو سڏائي ٿو.

سکن مٿي ڏکَـڙا، ٿي محب مَٽايان،
غم خوشيءَ کان اَڳُرو، آءٌ ڀليڙو ڀايان،
مُنھن مُقابل تانھجي، اھو گوندر گڏائي ٿو.

اَڱَڻ نماڻِيءَ جي تون، اَچِج اَلله ڪاڻ،
ھيڪر ھوتَ ڪَريج تون، ڀيرو منھنجي ڀاڻ،
سوز تنھنجو سُپرين، ھِـت سانولَ سِجائي ٿو.

وٺي ويٺِي آھي اھو وعدو ويچاري،
ڳچيءَ پائي ڪپڙو، ھيءَ ڪري ٿي زاري،
سچو سگ اوھان جو، ھِـتِ پانڌي پُڇائي ٿو.

ڪافي 81
خبر ڪا مون ڏيو ساٿيو، سائين، عجيبن جي اَچڻ جِي!

ڪيچيڙن جو قافلو، وچينءَ رات ويو.
اِئين نہ ڇڏيو ڇَپَرين، ھيءَ تا نال نِيو.
توڙي وِرھ وھاريو، ڪنديس ڪونہ ٻيو.
وندر سنديءَ واٽ تي، مون صدقي سِرُ ڪيو.
ڇـڏ ساھا سنبر، سچو، ڙي، جي تو پور پيو.

ڪافي 82
جاني تو نہ جڳائي، رُسَڻ نِماڻِيءَ سان!

دوست اوھان جي دَرَ تي، ويٺي ورہ وسائي.
ٻاھر ٻانِهي تانھنجي، سانولَ ھيءَ سڏائي.
اَچڻ لاءِ اوھان جي، پانڌي روز پُڇائي.
فالان فلَڪ فراق جون، وو، وَريتِن کان وجهائي.
سُوال سچوءَ جو سپرين، عجز ساڻ اَگهائي.

ڪافي 83
کنيو نيڻَ نِھار، ڙي، ميان، ڀلو منھنجا يار ڙي ميان!

مون مَنُ گـڏي گوندرين، ٿئين ڪيچ قرار.
ڏکيا سُکيا ڏينھڙا، گـڏ غريب گـذار.
دلبر پنھنجي دل کَون، ويچارِي نہ وسار.
منھن نہ مون ٻئي پارَ ڏي، پنھنجي ڪَڍ قطار.
سچو آھين اسان جو، ھنجون ھَـڏ نہ ھار!

ڪافي 84
سِڪَ ھُئي جنھن جي سِر، وو، دوست آيو اسان جي در!

پِرين وَڙَئون پانھنجي، ڪَئي ويچاريءَ ڏي ور.
ھيءُ سِرُ ڪيان صدقي، گهوٽ اچي مون گهَر.
ڏٺم ھِن اکين سان، پِرين موچاريءَ پَرِ.
جاءِ ڪيائون جيءَ ۾، نَھر يا ھَـڏ نہ نَرِ.
قُربَ ڪارڻ سُڻ سچوءَ ري، ڪوشش ڪائي ڪَرِ.

ڪافي 85
ڏنو ھِي پانڌيءَ پيغام: تنھنجي اَڱَـڻ اَڄ يار اَچي ٿو!

عاشق عجيبن جو، توکي سَوَ لک آھي سَلام.
سڀ قبوليو سُپرينءَ، جيڪو ڪَيُوَ ڪلام.
پڪو آھي پِرينءَ جو، تو سان اَڄُ اَنجام.
روءُ نہ رت اَکين مَون، عاشقَ ڪر آرام.
سچو گـڏجن، پوءِ ڀي، آھِ نہ طَلب تمام.

ڪافي 86
ھوتَ پارئون مون کي ھاڻي، ڏنا نِينھن نياپا ھي.

ھٿئون پَئي پانھنجي ميان، عذر ٻيا ڪيھا آڻي.
اوتين ڪھڙيءَ ڳالهہ کَون، پِنبِڻين مَون پاڻي.
ويٺينءَ ڪيئن ڀنڀورَ ۾، سُورَ ھئُئِي جي ساڻِي.
سچو توکي ساھَ کَون، آھي اوڏو آرياڻِي.

ڪافي 87
ڪيچَؤن آيم ڪالهہ، سي تا سُڻو سَنيھا!

ڳالهيون ڪندي گُـذريئِي، سوَ راتيون توکي سالَ.
اُڪنڊ اسان ڏي ڪانہ تو، ڏينھن اِتي جاليئي جال.
ڪنھن جي ڪارڻ تو ڪيا، لَڪَ روئِي سڀ لالَ!
ڪيَئي نہ قطري جيتري، ساعت ھِڪ سنڀالَ!
ٻُڌي ڏوراپا مون ٿيو، جيَڻ منجهہ جنجالَ.
جن لَئي ڏونگر ڏوريان، تن ڀِي ھِھڙا حالَ.
سي سڀ تنھنجا اگهيا، جي ڪيئي ڪالَ ڪشالَ.
ٻڌندو ٻاروچو وري، سچوءَجا ڀي سوالَ.

ڪافي 88
مون ڪَر تا ڪِين پُڇيائون، ھاڻي ڪانگَل ڪَلَ ڪاڏي!

ڏوٺَ ڏوراپا وو ڪيترا، ميان اَلا، سي سخت مڪائون،
ھِت حالَ اسان جا ھي.
سگها ايندا وو سُپرين، ميان اَلا، ڪي تا پاڻ اتيائون،
جڏو جيءُ جيارن جي.
ڏاھا ڏيھ وو پِرين جي، ميان اَلا، آھيان اٻاڻڪو آئون،
منھنجو ھِي نياپو نِي.
طَعنا طَرفَون وو تانھنجي، ميان الا، ھِن ڏکِيءَ کي ڏنائون،
سائين سڀ قبوليِم سي.
سي نہ وِسارج سُپرين، ميان الا، ساڻ سَچوءَ ، سَمجهائون،
اُھي قولَ ڪيا ھي ڪِي.

ڪافي 89
يار منھنجو يار، ڪَئِي ڪَئِي صورت سير ڪَري ٿو!

ڪاٿئين ٻُڍڙو پِير ٿيو، ڪاٿئين ٻولي ٻار.
ڪاٿئين بيراڳي ڦِري، ڪاٿَئين ڪَيُس قرارُ.
ڪاٿئين وظيفن ۾، ڪاٿئين خم خمار.
ڪاٿئين آھي بادشاہ، ڪاٿئين چوبدار.
ڪاٿئين پيرين پنڌ ڪري، ڪاٿئين گهوڙي جو ھسوار.
ڪاٿئين اَحدٿيو اَحمد، ڪاٿئين عبَدالحق اظھار.
آھي دلَبَر دوست جو، سَچُو سَڀ سِينگارُ.

ڪافي 90
ڳالهہ ڪَريان آءٌ ڪيھي، حالَ پنھنجي جي، ڙِي جيڏيون!

ڪالهہ ڪالهوڻي سُپرين، ويا وٽَئون مُون ويھِي.
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، ويا پھاڙين پيھِي.
ڪري پريشان ويا، درد منديءَ جي ديھِي.
آءٌ اُنهن جي آھيان، جيھِي جي تيھِي.
مارڻ پوءِ جيارڻ، رَسمَ اُنھن جِي ايھِي.
سچو سوز فِراق جا، بارَ کڻَن ڪي نِيھِي.

ڪافي 91
ھوتَ ڏَھون ھاڻي آيُون، مون ڏي خوشخبران ھي!

اَچِي اَڏيون ٿا اوڏڙيون، جارِ اَوھانجڙي جايون.
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، پير وري اِيڏي پايون.
ٿيون جِيارن جيڏيون، اِھي ويچاريءَ کي وايون.
سچوءَ سَنديون دانھڙيون، دوستَ وري وَرنايُون.

ڪافي 92
ھوتَ اوھان تي آءِ، ميان، سارو نَنگُ نِماڻِيءَ جو!

سائينءَ ڪارڻ سُپرين، پير اڱڻ منھنجي پاءِ، ميان.
پِرين وَڙَئون پانھنجي، لَئُن نماڻِيءَ سان لاءِ، ميان.
ماڻهو شھر ڀنڀور جا، ساھَ نہ اَچَن ساءِ، ميان.
ڏسنديس آءٌ اکَـڙين سان، جانبَ تنھنجِڙي جاءِ، ميان.
ڪارِي ڳُـڻَن تانھنجي، سَچوءَ کي ھاءِ واءِ، ميان.

ڪافي 93
ھوتَ اَچَڻ جِي ڪا ڪَرِ ميان؛ پانڌي روز پُڇايان ٿي!

راتو ڏينھان روحَ کي، سِڪَ اَوھانجِڙي سَرِ، ميان.
تو لئہ ھِت ڪانگ اُڏايان ٿي.
سِر توئِي تَون صَدقي، گهوٽ اچين جي گهَر، ميان.
گهُوريو پاڻُ گهُمايان ٿي.
اينديس اَھڙي حالَ سان، دوستَ اَوھانجڙي دَرِ، ميان.
ڳچيءَ پَلئہ پايان ٿي.
پِرين پارئون تانھنجي، ٿِي ويچاريءَ جِي وَرِ، ميان.
ويٺي ڏکَ وسايان ٿي.
سارو مطلب مون ٿئي، پِرين اَچي ڪَنھنِ پَرِ ميان.
ھِت پوٿِيون پٽايان ٿي.
سچوءَ اُتي سپرين، دست مُبارڪُ ڌَرِ، ميان.
سَنديوَ يار سَڏايان ٿي.

ڪافي 94
ھِينئڙي ڳالهيون ياد، آريءَ ٻاروچي جيون!

ويا ويساھي نِڪري، عشق ڏيئي اِمداد.
ڀينر ٻاجهون جيڏيُون، عُمر مِڙيئي بَرباد.
دردمندن جِي دلڙي، شالَ ڪندا سي شاد.
سچوءَ سَندي سَرتيون، پُنِي سَڀ مُراد.

ڪافي 95
آءُ ڪوھيارلَ ڪائِين، وري ويڙھو وسائِج، ميان!

ٻانھون ٻانھَن جان ٻڌي، ميان اَلا، پاند ڳچيءَ ۾ ٿي پائين
مون تَؤن چت نہ چائج، ميان.
مونھَون مدايون ٿيڙيُون، ميان اَلا، ٿيَس اِيلازَڻ آئين
پِرين پاڻ پسائِج، ميان.
آءٌ ڪنيزڪ تانھنجي، ميان اَلا، تون تا منھنجڙو سائِين
ٻيو عيب نہ لائِج، ميان.
ڏيئِي حالُ حلاجَ جو، ميان اَلا، سَچوءَ کي سمجهائِين
سارو سِرُ سُڻائِج، ميان.

ڪافي 96
آءُ اَچي رَہُ رات ، ڀَلو منھنجا يارَ وي!

راتو ڏينھان روحَ کي، آھِ اوھانجِڙي تاتِ.
مَشر آھي مُلڪَن ۾، سَنديَـوَ ڏاڍي ذاتِ.
اَچَڻ ريءَ اوھان جي آھي، ھِينيڙي کي ھيھات.
سچوءَ کي تِنھن سِرَ جِي، ڪاڏھون ٿيندي ڏات.

ڪافي 97
آءٌ ويڙھي تون تا وس، وي،
ڀَـلو، پُنهَلَ يار ميان!

پِرين مون کي پانھنجو، ڏاھا ڏي ڪو ڏَسُ، وي.
نِماڻِيءَ جو حالـڙو، پِريَم اَچِي پَسُ، وي.
ڪاھي اِيندي ڪيچَ ڏي، گولِي وٺِي گَس، وي.
پَوي پاڄياڻيءَ جو، توکي مانَ تَرس، وي.
ويھڻ آھي ڀنڀور ۾، بنا عشق عبث، وي.
سوز اوھان جو سُپرين، سچوءَ آھ سرس، وي.

ڪافي 98
اَچي لايو ڪِيئن، سڄڻ، تو تا نِينھن نماڻِيءَ سان!

ماريَس انھيءَ مامِري، ھوتَ ڪندين ڪو ھيئن.
سا تا ڪيئي پانھنجي، جاني وڻيئِي جيئن.
جھڙي پُنهل تو ڪَئي، آءُ پُڻ ڪريان تيئن!
ڪانہ وٺندِي ڪڏھِين، نالو سَندو نينھَن.
وري وھاريو ويجهڙو، سچو پنھنجي سِيئن.

ڪافي 99
اِھو ڏونگـرُ ڏھاڻين، مون ڏوراپو ٿو ڏئي!

ھاري ھِھڙا ھوت تون، ٿي ويجها وسارين.
ھيڏي ھوڏي ٿي گهمين، تون نال نہ نھارين.
ڀنڀورئون بيزار ٿي، چي سانول سنڀارين!
پاڻ سچو تون پاڻهين، وڃي ساڻن سلهاڙين.

ڪافي 100
وسئون تا نہ وساريو، ڀلو يارَ ڙي،
آءٌ اوھانجڙي آھيان، ڀلو ميان!

سِڪائيءَ ڏي سُپرين، کڻي نيڻ نھار.
ھيڏي نہ ڇـڏين؛ پنھنجي ڪَڍ قطار.
توکي ڏسان مون ڏَسين، پِرين ڪھڙي پار.
سچو صَبر ۾ رھِي، گوندر ڏينھن گذار.

ڪافي 101
هُئِي نہ مون ڪَلَ ڪائِي، سِرُ اِنهيءَ جي ڙي جيڏيون!

اڳ نہ سُيَم ڪڏهين، هِيءَ وراڻي واري وائِي.
ڳالهہ نہ ڳَرهڻ جھڙي، سائيُن جا سمجهائِي.
ڏوهَ ثوابَ جي ڳالهڙي، سڀ ويساهَ وڃائِي.
سائِي حقيقت حالَ جي، سِر اَچانڪ آئِي.
سچو سانڀِج ڳالهڙي، پرينءَ جا پُرجهائِي.

ڪافي 102
رهبر روز بروز، اَچن مون ڏي يار جا!

ڪنهن کي سَليان سَرتيون، سُپيريان جو سوز!
اَندر منجهہ عجيب جي، ڪَيڙو سِڪ سروز.
هيڪَند ڪارڻ ٿِي ڪريان، خاطر اندر خوض.
شال ڪنهين تي نہ ٿئي، سندو جانب جوز.
سچو اجهو آئِيو، آرياڻي اِمروز.

ڪافي 103
طعنا سِرَ تي سهندي آنۡ،
سَرتيون ساري لوڪ جا!

ٻاجهون ٻاروچل جي، راتيون هِت ڪا رهندي آنۡ.
ڪاف منجهارئون ڪاڪيون، لَعلن لوري لهندي آنۡ.
پَسڻ بنا پرينءَ جي، ٺاه نہ ٻئي ڪنھن ٺهندي آنۡ.
ڀينر هِن ڀنڀورَ ۾، ريءَ ٻاروچي نہ ٻھندي آنۡ.
سچو سَچيءَ سِڪ کَون، ڪيچين ڪَڍ ڪھندي آنۡ.

ڪافي 104
دل جيون ڳالهيون، ميان، آءُ تا توسان اوريان!

ڳُجهيون ڳالهيون ڪريان ڪَن سان، تَڪَ ويٺي ٿِي توريان.
سَڳو تنهنجي سِڪ جو ميان، ساه اندر ٿي سوريان.
سڪ اوهان جي سَر ٿي ميان، ڏيھ ساروئِي ڏوريان.
راتو ڏينھان ڪاڻ اوهان جي، چت ۾ چرخو چوريان.
اڱڻ سچوءَ جي آءُ تون پيارا، پاڻُ گهڻو ئِي گهوريان.

ڪافي 105
هينئن نہ مون کي ماريو، اوڙڪَ اَوهانجڙي آهيان!

ٻانهي آهيان وو تنهنجي ٻاروچا، پورهيت پنھنجي پاريو
سَڱ نہ ٿي ڪو ساهيان.
آسَروندِي وو آهيان ميان، واڳ مُئيءَ ڏي واريو
لالچ نہ ٿي لاهيان.
ڏاڍا ڏونگر لَڪِيو، ميان، توهَ پنھنجي سان تاريو
ڇَپَر اڳيون نا تہ ڇاهيان.
آءٌ اوهانجڙي وو آهيان ميان، وسئون ڪيم وساريو
جوڙَ اوهان جڙي آهيان.
سانول اِنهيءَ وو سڌ ۾ ميان، ڳالهين تنھنجِن ڳاريو
ڪيچَ وڻن ڏي ڪاهيان.
آءٌ اُڪَنڍِي وو هوتَ اوهان جي، سچو ڪِي سانول ساريو
ڳاهُ بِرهَ جو ٿي ڳاهيان.

ڪافي 106
رهو مون وٽ رات، اَڙي پانڌيو پرينِ جا!

آءٌ اوهان تَون صدقي، جا وائي مِٺيَوَ وات.
پَسان اَکَڙين سان، ٻاروچاڻِي ذاتِ.
راتو ڏينھان روح کي، تن جِي آهي تاتِ.
هُئي هميشہ ساٿيو، سچو سَندوَ ساٿ.

ڪافي 107
تون آءُ آرياڻي اوري،
تنھنجي دامن لڳڙي آهيان!

سِر پنھنجو سَرتيون، آءٌ گهَرئون آيَس گهوري.
ڪامِل ڪڏهن ڪينڪي، آءٌ ڏونگر سگهان ڏوري.
ڪا جا تندُ طلب جي، چِت وئين تون چوري.
نيو نماڻِي پاڻَ سان، تِرُ نہ رهي هِت توري.
سچو سَگ اوهان جو، ڪيئن پُڄي تنھنجي ٿوري.

ڪافي 108
مون کي تايو طبيبن، ميان،
ٻَن ٻُڪِيون وجهان تَن جون!

نَظَر ساڻُ نِھال ڪيو، هاريون حَبيبن، ميان.
آزارئون آزاد ڪيو، اَچي عجيبن، ميان.
دل کي دلاسو ڏنو، ڪاڪيون قَريبن، ميان.
ڏيندا سچو سپرين، گوش ڀِي غريبن، ميان.

ڪافي 109
نينھن ڏاڍي سان لايو سي،
آءٌ تا هاڻِي ڪيئن ڪريان!

عشق سَولو سَرتيون، هِت ڀينر ڀايوسي.
پُڇي اسان جا پَکڙا، اَديون اجهو آيو سي.
ڀينَر شهر ڀنڀور جي، هِت طعنن تايو سي.
جو ڏنائون جيڏيون، سو پَلئہ پايو سي.
سوئِي سچو سِر تي، هاڻي چُمي چايو سي.

ڪافي 110
اسين آهيون! ڇا اسين آهيون؟
ٻيلي، نٿا ڄاڻون، ڇا اسين آهيون!

ذري باران برساتيون لايون، ذري ٻَرن ٿيون وڏيون باهيون.
ذري پڙهون ٿا نمازان روزا، ذري لوچَ مٿي تَون لاهِيون.
ذري چئون ٿا آهيون اَسين ئي، ذري چئون ٿا اصل ناهيون.
ذري آرام آهي هِن دل کي، ذري وهايُون نيڻَئون واهيون.
ذري چئون ٿا اسان پاڻ سڃاتو، ذري چئون ٿا اسين ڇاهيون.
سچو اصلئون سوئي آهين، ٺاهُ هتي ٻيو ڪيھو ٺاهيون!

ڪافي 111
محبت مست مجنون ڪيا، ڪَئين خاصا خماري، لو..

اصل کَون عاشقن آهي، مٿي سُوريءَ سواري، لو..
هِتَئون مُنھن سا نہ موڙيندي، هوندي جا وره وارِي، لو..
سڻو جا مير محبت جِي، ڪُٺَن کي ڪوٺَ ڪاري، لو..
جنين کي جوشَ جاڳايو، تنين ڪھڙي تياري، لو..
ڇَڏي هِي عيش عالمَ جا، هليا سي هيڪ واري، لو..
پياسي هوُءِ حيرتَ ۾، ڇڏيئون سُڌ سارَ ساريِ، لو..
بِرهَ جي بابَ ڏس تن کي، سڀا وائِي وساري، لو..
سدا تن کي آ ساجَن جي، اَچڻ جِي انتظاري، لو..
سچيڏنا سَمجهہ ڪِي هتَھين، مَتان ٿِئين هُت مياري، لو..

ڪافي 112
ڪڏهن اَلاجي اِيندا، يار سانگيڙا، ميان!

سِگهي اَچڻ جون ڪانگ اسان کي، اَچِي واڌايون ڏيندا.
ڏيئِي دلاسا دل منھنجيءَ کي، نال نماڻِي نيندا.
اِهي اُميدان آهن اسان کي، هِڪُ ٿَڪِيءَ سان ٿيندا.
ڪين ڏسندا ڏوه اسان جا، بَديون سڀ بخشيندا.
آهي اوسيڙو اکڙين کي، گولِي ساڻ گڏيندا.
ڪيچَ وڻن کَون پَٽي پَکَڙا، آڻي هِتِ هوتَ اڏيندا.
جيھو تيھو سچوُ سَندان آ، پانھِجو ڪِينَ ڇڏيندا.

ڪافي 113
سرتيون ڏِين صلاحان، چت تَون چرخي لائين:
آءٌ ڪَتيان ڪِي ڪانگ اُڏايان!

راتيون ڏينھان روئان اُنھن لڳ، پرين جي ٿِيَم پَراهان.
دل جمعيت تڏهن ڪِي ٿيندي، جڏهن اِيندا ڪي هوتَ اڳاهان.
اَديون اُنهِيءَ جي ويٺي اَچَڻ جون، روز نھاريان ٿِي راهان.
والِي ورائي وري ڀَنڀور ڏي، سُڻي اسان جون آهان.
ڪيون قبوليت سَڀئِي سَچُوءَ جون، سائين عَرضَ اِلاهان.

ڪافي 114
آ اَچِي ڏس حالُ مُنھنجو، آءُ اَچِي سُڻ عرض هي!

نينھَن تا مون کي نيو، طاقت نہ ڪاتَنِ کي رَهِي،
مشتاق جي مارڻ سَندو، آهي اوهان کي غَرض هي.

ڏاها وڃِي ٻئا ڇو پُڇان، مون تا پروڙي ڳالهڙِي،
درد ٻيو مون کي نہ آهي، محب تنهنجو مَرض هِي.

دل کَسي مون کَون وئين، موٽي نہ آئين ڇا چوان،
سُڌ لَھو ساجَنَ اَچِي، آهي اوهان تي قَرض هِي.

آءُ اچِي امام ٿِي، توتي اَسان نِيتِي نماز،
سِرُ ڪَرڻ صدقي اَوهان تَون، آهي سچُوءَ تي فرض هي.

ڪافي 115
هِڪي ڏهاڙي پير مغان، مون کي ڳالهہ ڳجهي فرمائي!

سَلَڻ جھڙي ناهي سا، جا آڻ پرين پُرجهائِي.
عامَ نہ مَڃَن ان کي، جا صاحبن سَمجهائِي.
مَٽَ منجهارئون مَئي جي، تنھن ساقيءَ سُرڪَ چکائِي.
پيالي مَون پرواز ٿيو، واءِ وئِي ٻِي وائي.
عبد ڄاتو ٿي جنين، تن بازي هِت هارائي.
حق کَون حق نصِيب ٿيو ٿي، مدعا سچوءَ سَنڀائي.

ڪافي 116
هوتَ غريبِ نماڻِي، اِتي ڪيئن وساريئي، ميان!

اڱڻ آسَروَند جي، آءُ تون پاڻئون ڄاڻي
هوت هَڻِي ڇو ماريُئي، ميان!
وندر جي وڻن ۾، حب منجهون هوتياڻِي
مون تا گهڻو نهاريئي، ميان!
ٿورا گهڻا ڏينھڙا، هن عاجز سان آرياڻِي
مانَ گڏُ گُذاريئي، ميان!
اٿي هَلي هيڪلِي، پرت منجهؤن پاڄياڻي
جڏهن سانول ساريَئِي، ميان!
ڇڏي وئين ڇَپَرين، ڪَيئي پُنهون ڄام پُڄاڻِي
هيءَ ڪيئن آزاريَئِي، ميان!
سچو سگ اوهان جو، سائينءَ لڳ سُڃاڻِي
پنھنجي ڪَڍَ قطاريئي، ميان!

ڪافي 117
آءٌ ڪا رهندِ هوتن رِيءَ، هُنديَس سانولَ ساڻ!

لَئن لَئن منجهہ لڳي رهيو، ٻاروچي جو ٻاڻ.
وندر سنديءَ واٽ تي، پرزا ڪنديَس پاڻ.
ڏير ڏيئي ويا ڏکَ جو، هِن ڏکيءَ کي ڏاڻ.
درد مندي دانھون ڪري، چيٽڪ ڪَيڙُس چاڻ.
مانَ اَچِي ٿئي ڪَڏهين، هِنَ مُئِيءَ جو مھماڻ.
سچو سگ اوهان جو، سو تا پنهنجو ڄاڻ.

ڪافي 118
ڙِي جيڏيون، هوتَن رِيءَ،
آءٌ ڪنديَس ڪوه رهِي!

اندر وره وٿاڻ ڪيائون، لَئُن لَئُن منجهہ لَھِي.
ڇڏي شھر ڀنڀور کي، هِيءَ ويندِي ڪيچ ڪَھِي.
ڪونهي ڪوهيارلَ رِيءَ، سَرتيون هِت سَهي.
قول پاڙيندو پانھنجو، ڪَيو ٻاروچَلَ ٻَھِي.
سچو گڏيم ساٿيڙا، پَنڌَن منجهہ پَھِي.

ڪافي 119
پرين نا ٻئي پار، ميان، جانبَ تنهنجي جان ۾، آخوند ري!

سبق ڏئين نہ سور جو، کتابي نہ کار.
حرف صحيح ڪر هيڪڙو، وَرَقَ سڀئي وار.
نينھن وارن کي ناحقي، مُلا هِيئن مَ مار.
راتو ڏينھان آهي توئي کي، ڪتابَن جي ڪار.
ٻاجهون نالي نينهَن جي، سچو سبق وسار.

ڪافي 120
پرجهي پاڻ نہ ڄاڻان، ڪير آهيان، يارَ ڙي ميان!

مورَتَ موڳائِي ڪئِي، صورَتَ تا نہ سُڃاڻان.
ڪَنھنِ تا ڳالهَيئون، ڪاڪيون، ٿياسي هِت نماڻا.
جان جثو دل سڀوئي، آڏا ٿِيَم آڏاڻا.
ڏنم ڏاڍي ڏک سان، عشق جا اوراڻا.
خام خيالَ نِي، سچو ري، اِنهيءَ فِڪر اُڏاڻا.