سچل جو رسالو/سسئي/داستان ڏهون
داستان ڏهون
1
ڪيچيڙا ڪالهہ ويا، مان ٿي اَڱڻ نھاريان؛
ساريو سُپرين کي، ھنجون آءٌ ھاريان؛
گوندر گذاريان، ھَي ھَي سارا ڏينھڙا.
2
ڪيچيڙا ڪالهہ ويا، پوءِ ٿي اڱڻ نِھاريام؛
ڪين لھان ڪاٿئين، وڏيءَ ويل ويام؛
وڃي ٿاڪ ٿيام، ڪاڪيو ڪيچ وڻن ۾.
3
ڪيچيڙا ڪالهہ ويا، تَنگ اُٺن تاڻي؛
ھوتن ريءَ ھاڻي، اَڱڻ نِھاري نہ سگهان.
4
ڪيچيڙا ڪالهہ ويا، اڃا مون وٽاءُ؛
پِرين پڄاڻاءُ، اڱڻ ڏسي نہ سگهان.
5
ڪيچيڙا ڪالهہ ويا، جات اَولِي جَتَ؛
ھَي ھَي ھڻان ھٿ، اڱڻ ڏسي نہ سگهان.
6
ڪيچيڙا ڪالهہ ويا، تون ٿي اڱڻ نھارين؛
ٻَڙي ٻاروچن لءِ، رت ھنجون ھاريين؛
ساريون سنڀاريين، ٻاروچاڻي جاتِ کي.
7
ويَئي ڪيچيڙا ڪالهہ، تون اَڄ ٿي پيرَ نھارئين؛
ھو لنگهي لَڪَ سنوان ٿيا، تو ھِتِ ھھڙا حال؛
ڪندئِي سارَ سنڀالَ، وڃي ڪيچ وڻن ۾.
8
ڪري ڏمرُ ڏير، اُٿي آڌيءَ رات ويا؛
تون کڻي وقت صبوح جي، پيراڍُنِ جان پير؛
ھو ڍُڪيو ساٿُ سوير، وڃي ڪيچَ وڻن ۾.
9
جان جان ٿِيَڙسِ جاڳ، تان ساٿَ سَويلو لَڏيو؛
اَرتو اوتي اَکيون، موٽيون ڏسِي ماڳ؛
وَرُ وَرائي واڳَ، مانَ نماڻيءَ جي نِجُهري !
10
اَڱڻ ساڳِي اوءِ، پَر ڪيچن کي ڪاٿـئُون لھان؟
ڏيئي ڦَٽ فِراق جا، پورھيتَ ڇڏيون پوءِ؛
ھاڻي راھُن مٿي روءِ، سڏُ ڪريندي ساٿ کي.
11
وڃي ڪيچَ وڻن ۾، مَنَ ڪَرن نماڻي ياد؛
اَندھُون آزاد، ڪندا ڪميڻيءَ.
12
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ياد ڪرن مون مانَ؛
انهيءَ ۾ ارمان، ساھ وڃي ٿو سرتيون.
13
وڃي ڪيچ وڻن ۾، مانَ پڇن پورھيت؛
تہ ھُئي نماڻي ھِتِ، پاڻيءَ ڍوئي پانھنجي.
14
وڃي ڪيچ وڻن ۾، مانَ پورھياتِ پُڇن؛
اِئين پاڻ چون، تہ ويچاري ويجهي ڪريو.
15
وڃي ڪيچ وڻن ۾، ڪنھن ساعت سنڀارين؛
مانَ وري نِھارين، ڀينر شھر ڀنڀور ڏي.
16
وڃي ڪيچ وڻن ۾، پُڻُ ٿيندي پورھيتِ؛
جَتُ منھنجو جِتِ، آءٌ اُت گولي ٿي گذاريان.
17
ڪري پورھيائِت پانھنجي، مانَ وٺي نانءُ سڏين؛
گولِنِ گڏُ گَڏين، ڪَنِ پاڻِيءَ ڍوئِي پانھنجي.
18
پورھيت ڄام پنهونءَ جي، اَصَلَ کَؤن آئين؛
تون گولِن سندي گولڙي، ھو سندءِ ٿيا سائين؛
ڪاپو ڪمائين، ڪُلو ساري ڪيچ جو.
19
پورھيات پنهونءَ جي، ھيءَ اصل لاڪون آھِ؛
ٿِي ڪاپائِتِ ڪيچ ۾، ويندي لالن لاءِ؛
ساھ نہ اَچن ساءِ، ھي ماڻهو شھر ڀنڀور جا.
20
ھيءَ پورھيائِتِ پنهونءَ جي، اَصلَ کَؤن آھي؛
سَڱ نہ ڪا ساھي، ٻَڙيون ٻاروچَن سين !
21
چوٽِ چڙھي چانگارَ، ڪندي ڪيچيڙن کي؛
پوندي ڪَن قريب جي، گوليءَ جِي گفتار؛
ٻاروچا ٻيھارَ، ڪندا ڀيرو شھر ڀنڀور ۾.
22
ڪوھِ چڙھي ڪوھيارلَ کي، ڪا جا ڪُوڪ ڪيام؛
ڳوڙھا جي ڳَلَن تَؤن، ڳَڙَن جيئن ڳاريام؛
اِھي سڏڙا، ”سچيڏنو“ چوي، ٻاروچَل ٻُڌام؛
گوندَرَ غَمَ ويام، جڏھن ٿيس ھيڪاندي ھوت سان!
ڪافي 1
آءُ ڪانگا ڪا ڪر، ڙي، مون سان ھَر ھَر پيو ڪر، ڙي،
مِٺِي ڳالهہ پرينءَ جي!
ڏاھا ڏٺوءِ ڪِي وڃِي، اُھي پرين ڪھڙيءَ پَرِ، ڙي؟
ڪِي حال پُڇيائون ھِن جو، ڪا ڪندا ويچاريءَ وَر، ڙي؟
مُحبن جي ميلاپ جِي، ڪا ڪندين ڀيڻِي ڀَر، ڙي؟
آءٌ توئِي تؤن صَدقي، ھوئين دوساڻي دَرِ، ڙي.
پِريان سندي پار جِي، سِڪ ”سچوءَ“ کي سَرِ، ڙي.
ڪافي 2
ڪالهہ قاصِدَ اوڏاھون آيا : چي، جاني اِيندءِ اَڄ جائِي!
اَسين تان اوڏاھون اَڄ آياسي، ھُئن اَچڻ جا سَعيا،
ڪيچ ھُئِي ھيءَ وائِي.
سِڪين سارين جن کي، وو ميان، واليءَ پوءِ وَرايا،
اَچي ٿيندءِ ڏُکَ ڀائي.
ڏينھن گهڻا تو ھوت پنهونءَ ري، وِرھِي مينھن وسايا،
آئي اُڏاھون واڌائِي.
اِجهي اِيندءِ سپرين، وو ميان، ڏينھن گهڻا جَن لايَا،
ڪَلَ نہ پوندءِ ڪائِي.
”سچو“ سِڪندي سال ٿيا، وو ميان، ڏکيا مون ڏينھن لَنگهايا،
وڃي ھِي عُمر اجائِي.
ڪافي 3
ڙي ساٿيو، منھنجي يار جِي، ڪا ڳالهہ اَچِي مون سان ڪيو!
آھي آرامِي ڪِي يار اسانجو، ٻُڌي سا ووءِ ووءِ وَريوَ؟
جي ھيڪَندَ ٿِيان ھوت سان، تا ڪاج سڀو مون سَريوَ!
ٻيھَرَ مون سان ڪيچ ڏي، ڪي وکان ٻہ ٽي ڇونہ ڀَريوَ!
ڏوٺ ڏوراپو يار سڄڻ تي، مَتان ڪو پانڌِيَو ڌَريوَ.
سوز ”سچوءَ“ جو سَڱ سُڻڻ سان، ڳوڙھا سو ڳاري ڳريوَ.
ڪافي 4
وڃي پَکا پُڇائيج، تون ساٿِي ڙي، سڄڻ يار جا!
ھِي تان حال حَقيرِ جو، وڃي سارو سُڻائيج.
ھِي نياپو نينھن جو، وڃي پانڌي پَھُچائيج.
پاند ڳچيءَ ۾ يار کي، پارؤن مون پائيج.
بِھَر ٻاروچا وري، وو، اَچي وِرِھ وسائيج.
”سچوءَ“ ڏي کنئُون سُپرينءَ، ڪِي چڱو چوائيج.
ڪافي 5
مون کي نيڻ ٿا نِيَنِ، ھَر ھَر حبيب ڏي!
دل جوش ۾ خروش، اکيون روز رت رُئن.
شُڪر آھ خداءِ جو، دِيدان ديدار ڪَرَن.
پارؤن يار لَک ھزار، مون کي مِھَڻا ڏيَن.
سِرَ تي ”سچوءَ“ سڀ سَھايا، ڀينر ڀَلِي چَون.
ڪافي 6
رھبَر اِئين چَون، اَڄ اڱڻ تنھنجي اِيندا!
تُون ڪيئن وسارين تَن کي، جي تو گهڻو پُڇَن.
در تنھنجي دوست اُھي ئي، اڄ ٿا اِجهي اَچَن.
پَکا پانورَ کَڻِي ڪري، اوڏا تنھنجي اَڏن.
”سچو“ سندي حال جِي، ساري خبر لَھَن.
ڪافي 7
دارون ٻيو نہ ڏئين، آھي طبيبُ عشق منھنجو!
دٻليون دارونءَ سنديون، موٽي نال ڇو نِئَين؟
ڳالهہ اِھائي عاشقن جِي، ھيءَ لاءِ سان ھِنئَين.
اوڏنھُن اولانڀو آئِيوَ، ڇو ويڄَ ڏي وئَين؟
رَک ”سچو“ ڙي سوز سيني ۾، تان تون ”سچو“ ٿئين.
ڪافي 8
ياد اھي مون کي آيُون، ڪيئي ڳجهيون جي ڳالهڙيون!
اَوھان جي بہ اَچڻ جون، ٿيون وري ھِت وايون.
درد منديءَ جي دل کي دلبر، ورھُ وڃين ڪيئن لايون؟
نانءُ سائينءَ جي سھڻا سائين، چِتُ نہ وڃ مون تان چايون.
آءُ تہ ڏينھڙا گڏ گُذاريون، ھِت ويٺا ورھُ وسايون.
ڏوھَن ”سچوءَ“ جي ڏي نہ ڏسو، جو ھِت ٿا سَندوَ سڏايون.
ڪافي 9
دوستَ کي دانھون سُڻي، مَنَ مِھَر ڪا مون ڏنھُن پوي!
درد مندن جي دَرَ اُتي، ٿو ڪانگ لاکِيڻو لَوي.
پيغامَ پرين پارَ جا، چَشمن اُتي ويھو چَوي.
عاشق آھي اُڪنڊيو گهڻو، ٿو راند روئڻ جي رَوي.
سِرَ ڀَرِ اسين ايڏانھن اَچون، يا ڪي اوري ايندءُ اوھي؟
”سچو“ سَدا سِڪَ سوز کؤن، پيو ماڻُ محبت جو مَوي.
ڪافي 10
مُحبن مُڪَا مون ڏي وري، اڄ ڏوٺ ڏوراپا ڏِئي!
سُڻي سَنِيھا يارَ جا، ٻولي ٻَڌيُم ٻانھون ٻئِي.
دل ديري ڏي دوست جي، وھندو اِنهيءَ ويلي وئِي.
مون کي وساريو ڪيئن اَٿئي، مون پرت توسان پئِي.
تنھنجي اسان جي وچَؤن، ڏس ڏينھن ويا گذري ڪَئي.
مون تان ڪيون تو ساڻ جي، سانڀج ”سچو“ ڳالهيون سَئِي.
ڪافي 11
اَڄُ اَڱڻِ اِجهي آيَم، پَرديسي گڏيم، ميان!
پيھِي پکي آئيا، لنؤ جنِين سان لايَم.
ڪوڙين قاصد ڪيترا، ھوتن پار ھَلايَم.
پُڇِيم جَن لءِ پَنڌڙا، سي واليءَ پوءِ ورايَم.
اُنهن ڪارڻ سرتيون، سِرَ تي سورَ سھايَم.
سيئِي ”سچو“ آئيا، جَن لءِ ڪانگَ اُڏايَم.
ڪافي 12
ناھي ڏوراپو ڪو ڏيڻ اوھان کي، يار تو سان مُنھنجي زاري!
روز اَزل کؤن چاڙھيئِي اسان تي، بارُ برھ جو باري.
جاٿي ڪاٿي صاحَب ساريان، يارَ اوھان جي ياري.
راتو ڏينھان ڳالهہ اَوھان جِي، ٻِي وائِي مون تہ وساري.
درد منديءَ سان، ڪنھن ڏينھن دلبر، ڪر ڪا وروھَن واري.
حال اَحوالَ جِي آھي اَوھان کي، سُڌ ”سچوءَ“ جي ساري.
ڪافي 13
آءٌ تنھنجي، سارو عالم ڄاڻي، يار چڱي تو تان لائِي، وو!
گهوريو پرين پرديس اوھان تؤن، ڪَر اَچڻ جِي وائِي، وو.
اَندر اَسان جي يار سڄڻ وي، سَندِيَوَ سِڪ سَمائِي، وو.
طرف اسان جي شالَ اوھان جِي، ٿئي ورڻ جي وائِي، وو.
مِھڻا ڏئي ٿو لوڪ مِڙيوئِي، دوست تو تَئُون دل چائِي، وو.
شالَ ”سچوءَ“ جِي يار پيارا، لھين تان سُڌ سڀائِي، وو.
ڪافي 14
آءٌ ٻانهِي تُون سائين، وي،
پاتم پاندُ ڳِچيءَ ۾ ڪپڙو!
طرفَؤن تنھنجي يار پيارل، ڪانگ اَچن مَن ڪَائِين، وو.
نانؤ مولا جي مھرَ پَوَئي ڪا، ٿورا مون تي لائِين، وو.
روز ازل کَنئُون تنھنجڙي آھيان، غير نہ مون کي ڀائِين، وو.
ھڪڙي ساعت اڱڻ ”سچوءَ“ جي، پير مُبارڪ پائِين، وو.
ڪافي 15
اُھي اڱڻ منھنجي آيا، وو، جَن ڪاڻ سي پِيرَ پُڇايَم ٿي!
پَکي اَسان جي پيھِي آيا، ڏينھن گهڻا جن لايا، وو
جن ڪاڻ سي پوٿيون پَٽايم ٿي.
جن لءِ روز نھاريم راھان، مولا سي محب ملايا، وو
جن ڪاڻ سي ساٿِي سَنڀايم ٿي.
ھِنَ غريب کي گڏ نِيَڻ جا، ڪيا سي سڄڻ سَعيا، وو
جن ڪاڻ سي ڪانگ اُڏايم ٿي.
ڏينھن فِراقِي لَنگهيا اسان تؤن، روئندا دوست کِلايا، وو
جن ڪاڻ سي ڏکڙا لنگهايم ٿي.
رھيا آھن روح منھنجي تي، فائِقَ جا فرمايا، وو
جن عشق جا سبق پَڙھايم ٿي.
دل ”سچيڏني“ جي تي اَصلؤن، ھاديءَ حُڪَم ھَلايا، وو
جن ڪاڻ سي وِرھ وسايم ٿي.
ڪافي 16
ڪڏھن اَلاجي ايندين، پيھي پُڇڻ پنهون يارَ!
پاڻ پنھنجو پاڻِھي، ساڻ غريب گڏيندين.
پَکا پَکن سامُهان، اوري شالَ اَڏيندين.
اِھو اَٿم آسرو، ڇَپَر تان نہ ڇَڏيندين.
سگ پانھنجي در جو، ”سچو“ نانؤ سڏيندين.
ڪافي 17
اِھي ڏوراپا ڏيئي، موٽِي مُڪا يارَ مون ڏي!
ھوءَ جا ڳالهڙي ڪالهہ ڪئي سون، ڪِيئن وسري تو ويئِي.
اَسان ٻاجهون، سُڻ ڙي سائين، ڏينھن گذاريَوَ ڪيئِي؟
ڪھڙن ڳالهين ۾ تون تان آھين، پِرت منھنجي تو سان پيئِي.
چَئِي مُنجين ٿو ھَٿِ پانڌن جي، تہ حال اسان ھِتِ ھيئِي.
ڏوھَ گَناھ، وُو، تنھنجا بَخشا، ”سچو“ ڙي، يارَ سَڀيئِي.
ڪافي 18
مون کي مُرڪڻ سان تون، ڪِيئن ماري وئين!
ڪَيئِي پُڄندي پانھنجي، موٽِي ڏوراپو ٿو مون کي ڏِئين.
آءٌ اِيلازڻ دوستَ توئِي کي، يارَ وڃي اِتي يا ڪِي ٿِئين.
آءٌ مُئِيءَ تا گهوري جانِي، سدائين سو تون تان جِئين!
ڪھڙيين ڳالهيين يار سڄڻ وي، ھِيءَ نماڻِي نال نہ نِئين.
آھي ”سچو“ جئن يار توئِي سان، ھُج تنھن سان تون ڀي تِئين.
ڪافي 19
آءُ وري تون تان ويھُ، سڄڻ،
آءٌ تان تنھنجِڙي آھيان!
آھون عاشقن جو سُڻي، ڇَڏِ پرين تون پَرڏيھُ.
پَکَن ٻاٻاڻن ۾، آءُ پِرين تون پيھُ.
اصل لاڪون آھي، ھِيءُ ڏاھا تنھنجو ڏيھُ.
”سچو“ چوي سُپرين، آءُ سارءِ ساڻيھُ.
ڪافي 20
گهوري جانيءَ ري جُدائِي،
گڏُ گهاريون، ھوءِ ھوءِ ھوءِ!
معلوم توکي پرين، سائين سا ڳالهہ سڀائِي.
شالَ ڪَنن سان نہ سُڻان، تنھنجي وڃڻ جي وائِي!
تو سان ڇِنڻ ڪارڻ تان، يار نہ مون لَڙھ لائي.
ٻَن وڇوڙي جي شاھِي دلبَر، وَر سان گڏ گدائِي.
ساڻ ”سچوءَ“ ھو ميان سُپرين، سائين تون گڏ سدا ئِي.
ڪافي 21
اھي ٻڙيون، ٻاروچا، اَڄ اڱڻ مُنھنجي ايندا!
ھيءَ شريڪت ڪا ڪندي، اَڙي سرتيون، سائن ساڻ،
ناھيان ثانياڻِي تن جِي، جا پُرجهي ڏٺُم پاڻ،
ٻانهِي ڪري پانھنجِي، اُھي صاحب سڏيندا.
اُٿي ويٺي تانھنجيون، ھن واتيون ورونھان،
ڏين سَڀيئي سرتيون، مون کي لکين ٿيون لوھان،
اِھو اَٿم آسرو، گولِي گڏ ڀِي گڏيندا.
کِينَ جون مون کي خبران، آڻي پانڌيءَ پھچايون،
ھيون ھوتن سنديون، ھيڏي ورَڻَ جون وايون،
”سچو“ جن جو آھين، سي ڇَن نہ ڇڏيندا.
ڪافي 22
وڃي ڪا مِنت ڪري،
منھنجي يار کي، وو!
ھو سدائين سان مُون، پرين نہ وڃو پَري.
حال نماڻيءَ جو ڏسي، وري سو پوءِ وَري.
وٺي ڪا دامن دوستَ جي، اکيون تان آب ڀَري.
ساريو توکي سُپرين، ھِت مَريضِ مَري.
رُسڻ نہ تن سان، جن ريءَ ”سچو“ نہ ساھ سَري.
ڪافي 23
لَٿِي ھَلاڪِي ھاڻِي، دوست وسي مُنھنجي ويڙھي!
ڪوٺي ڪَيَو پانھنجي، پرين پاڻَؤن ڄاڻِي.
ناحق اوتيم ھوت ريءَ، پِنبڙين مان پاڻِي.
سي ئِي آيا ھُيَسِ جنين لاءِ، جيڏيون ڙي، جوڳياڻِي.
وٺي ويھاريَئون ويجهڙو، ”سچو“ سو سڱَ سُڃاڻِي.