سوکڙي ڳالهين جي/ڇھون باب/ڳالھ ٻين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ ٻين؛ سوار ۽ نانگ جي

۶-۲ ڳالھ ٻين؛ سوار ۽ نانگ جي

سوار ھڪڙو، واٽ وٺي ٿي ويو ته جھنگ ھڪڙي کي، چؤڌاري باھ لڳي ھئي. تنھن جي وچ ۾ نانگ ھڪڙو کامندو (سڙندو) ڏسي، دانھن تي ڪھل ڪيائين ۽ توٻرو گھوڙي جو، نيزي جي ڪاٺيءَ ۾ وجھي، نانگ کي ويجھو ڪيائين. تنھن ۾ نانگ ويڙھجي ويٺو. تنھن کي باھ کان بچائي، ڪڍي، سمجھائڻ لڳو؛ ”مون تو کي باھ کان بچايو آھي. تنھن ڪري اڄ کان پوءِ متان، ڪنھن کي ڏکوئين.“
تڏھن نانگ چيو؛ ”ماڻھن کي گھرجي ته نانگ کي ڏسي مارڻ ڌاران نه ڇڏين ۽ نانگ پڻ پڄنديءَ آھر، ماڻھوءَ کي جيئرو نه ڇڏي. تنھن ۾ تو پنھنجي ذات جي پَرِ ڇڏي، مون کي باھ مان ڪڍيو آھي. آ پنھنجي ذات جي ريت ڪين ڇڏيندس. تنھن ۾ تو جھڙي ڪَپُٽَ کي، جو پنھنجي ذات جو ڌرم ڇڏي، جيئرو ڇڏڻ پاپُ آھي. تنھن کان سواءِ ھن جھان جي ريت آھي؛ جيڪو چڱائي ڪري، تنھن سان بڇڙائي ڪجي. تنھنڪري تو کي ڏنگڻ ڌاران ڪين ڇڏيندس.“
سوار، اھا ورندي ٻڌي، نانگ کي چيو؛ ”ٻيون جيڪي ڳالھيون، تو چيون سي سڀ سچ، پر چڱائيءَ جي بدران برائي ڪرڻ نه گھرجي.“
تڏھن نانگ پنھنجي ڳالھ سچي ڪرڻ لاءِ، سوار کي ساڻُ ڪري، جھنگ ڏي ھليو، جاتي ھڪڙي مينھن بيٺي ھئي. تنھن کان نانگ پڇيو؛ ”چڱائيءَ بدران ڇا ڪجي؟“
مينھن چيو؛ ”آ فلاڻي ڀاڳيي جو مالُ آھيان. جنھن کي طرح طرح جا ڦر ڄڻي ڏنم ۽ گھڻا کير کٽا پياريم. پر جڏھن ڪراڙي ٿي، ويامڻ کان رھيس، تڏھن گھر مان لوڌي، جھنگ ۾ ڇڏيائين. ھاڻي جڏھن وس ۾ جھنگ جا گاھ کائي، ٿلھي ٿي آھيان، تڏھن ڪاسائيءَ کي چُڪائي (اگھ طئي ڪري) ڏنو اٿس. تنھن ڪري ڀانيان ٿي جو چڱائيءَ بدران بڇڙائي ٿيندي آھي.“
سوار ويچارو، اھا ڳالھ ٻڌي، ماندو ٿيو.
تنھن وچ ۾ اوچتو گدڙ ھڪڙو، اچي نڪتو. نانگ، پنھنجي ڳالھ سچ ڪرڻ لاءِ، گدڙ کان پڇيو؛ ”چڱائيءَ جو بَدرُ ڇا ڪجي؟“
تڏھن گدڙ چيو؛ ”جاسين ڳالھ جو مطلب نه ٻڌندس، تاسين ورندي ڪين ڏيندس.“
تڏھن سوار چيو؛ ”نانگ کي باھ مان بچايو اٿم. تنھن جي بدران کائي ٿو.“
گدڙ چيو؛ ”نانگ کي تو ڪھڙيءَ طرح ڪڍيو ھوندو ۽ ڪھڙيءَ ريت ڪڍي سگھيو ھوندءِ؟“
تڏھن نانگ چيو؛ ”اھا ڳالھ سچ آھي، جو سوار توٻرو نيزي ۾ وجھي، مون کي ويجھو ڪيو، تنھن ۾ ويڙھجي ويٺس. سو ڇڪي، مون کي باھ مان بچائي ڪڍيائين.“
تڏھن گدڙ تپرس کائي چيو؛ ”تون ھيڏو سارو، ھيڏڙي توٻري ۾ ڪاٿي مائيو ھوندين.“
تڏھن نانگ، پنھنجي ڳالھ سچ ڪري ڏيکارڻ لاءِ، توٻري ۾ ويڙھجي سيڙھجي ويٺو. تنھن مھل، گدڙ جي ميڇ موجب، سوار توٻري جو ٻوٿ ٻنڌي، لٺين سان ھڻي نانگ ماريو. نيٺ نانگ، پنھنجي بڇڙائي لوڙي بڇڙو ٿي مئو ۽ سوار پنھنجي چڱائيءَ پٽاندر، پنھنجي جند بچائي ويو. ڏاھن جو ٻول آھي؛

بيت
نيڪيءَ منجھان نيٺ، چؤڌاري چڱي ٿئي،
بُري پائي بيٺ، چڱي چوڙي ڪو نه ڪو.
ھن ڳالھ جي ھت آڻڻ جو مطلب ھيءُ آھي جو بڇڙي سان چڱائي ڪرڻ جو گھاٽو اھو آھي، جيڪو سوار ڏٺو. جيتوڙي ته سوار، پنھنجي جند، پنھنجي ڀلائيءَ جي وِتَ سان بچائي ويو پر گدڙ جي سياڻپ سان. جيڪڏھن نانگ جھڙي بڇڙي کي باھ مان نه ڪڍي ته ڇا لاءِ ھيترا گھپاٽا کائي، طبيبين تات پئي. گدڙ جھڙي گانڊوءَ جي، ٿوري-ھابُ ٿئي. تنھن ۾ بڇڙي سان ڀلائي ڪرڻ، پاڻ ڪاڻ بُڇڙيءَ جو ٻج پوکڻ آھي.
ڏسو جو مينھَن جي ڀلائيءَ ۾ ڦير ڪو نه آھي. پر جي مٺيءَ ڌرتيءَ تي وسي ته گل ۽ گاھ ڄاپن، جي ڪلر تي وسي ته ڪنڊا ۽ ڪک.
تنھنڪري تو کي جڳائي جو بڇڙي سان چڱائي ڪر. نا ته ھن سوار گھاءِ، آڌيڙا کائي، در در جو محتاج ٿي، پنھنجي جند بچائڻ لاءِ، حيران ٿيندين.

بيت
ڪھلپ ڪميڻن سان، چٽي چريائي،
ڪرڻ مھر مدن تي، ماڳان موڳائي،
جھڙو ڀال ڀَٽونءَ (وڇون) تي ڀائڻ، ڀلائي.
جاتي ڪري ڪم جي، پادر پورائي،
جَسُ چوڻ جائي، آھي اَجائي اتي.