Jump to content

سوکڙي ڳالهين جي/چوٿون باب/ڳالھ چوٿين

From Wikisource
328886سوکڙي ڳالهين جي — ڳالھ چوٿين؛ سڄي ۽ کٻي ھٿ جي1865ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۴-۴ ڳالھ چوٿين؛ سڄي ۽ کٻي ھٿ جي

سڄي ھٿ ۽ کٻي ھٿ جي، پاڻ ۾ چؤپچؤ ٿي. سڄي چيو کٻي کي؛ ”آ ڏاٽو کڻي، جيڪو سنگ لُڻان سو سڀ تون کڻين وڃين ٿو. سو ڇا لاءِ جو، کٽي ھڪڙو، کائي ٻيو. جھڙي ريت؛ ’مار کائي ڀولو، کٽيو کائي فقير.‘“
کٻي چيو؛ ”ياد ھوندءِ جو جڏھن تو ۽ منھنجي ڌڻيءَ اھا ساڳي ٻني پوکي ٿي، تڏھن تو ھر جو مُٺيو جھلي کيڙ ٿي ڪئي ۽ مون ان جا داڻا، ناڙيءَ ۾ ٿي وڌا. تنھن ڪري ھاڻي، لُڻڻ مھل پڻ، ھر جي مٺ بدران تو کي ڏاٽي جو ڳن ۽ مون کي داڻن جي بدران سنگ ملن ٿا. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) ھيءَ ڳالھ پڌري آھي ته، جو ھٿ ڪري، سو ھٿ ڀري. تنھن ۾ بڇڙي ڪري، چڱي جو سوس (اميد) رکڻ، اھڙو آھي جھڙو اڪ جي وڻ مان انب ڳولڻ.“
ڏسو ڪرڻيءَ جو ڪم، جو سڄي ھٿ چيو کٻي ھٿ کي.
تنھن ڪري تو کي پڻ گھرجي جو چڱا ڪم ڪر، بڇڙيءَ کان ڀڄُ ته نيٺ چڱو ٿيئي.
ھڪڙي پھاڪو چيو آھي؛ ”ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.“

بيت
ندورو نيڪيءَ کان، پري رکي پاڻُ،
بڇڙيءَ بدناميءَ کي، سٽيو وتي ساڻُ،
مُٺو مدائيءَ جو، موڳو ڀري ماڻُ،
چريو چڱائي گھري، ڄاڻي ڪين اَڄاڻُ،
انبن جو اھڃاڻُ، اچيو ڳولي اڪَ ۾.