سوکڙي ڳالهين جي/چوٿون باب/ڳالھ ٻين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ ٻين؛ سوداگر جي جوءِ جي

۴-۲ ڳالھ ٻين؛ سوداگر جي جوءِ جي

سوداگر ھڪڙي جي جوءِ، پنھنجي ٻانھي تي عاشق ٿي. بڇڙي ڪم لاءِ، ٻانھي کي گھڻو چيائين. پر ھُن نه مڃيو. تڏھن زال ٻانھي جي بڇڙي ٿيڻ لاءِ ڪوڙُ ٻَڌي، پنھنجي مڙس کي چيو؛ ”ٻانھي حراميءَ، بڇڙي ڪم جي لالچ ڪري ساڻس ھٿ چُراند ڪئي آھي.“
سوداگر ڳھيلي، رن جي ڪوڙ کي، سچ ڄاتو. ھيئن نه ڄاتائين؛ ”رنون، مڪر جنون، تتر تار ڪن، رڌيون پڪيون ڪونجڙيون، اڏائي ڏين.“
اھا ڳالھ دل ۾ رکي، گولي جي مارائڻ جو پَھُ ڪري، نھريوار (ڪاسائيءَ) ھڪڙي کي، پنج ڏھ روپيا باسي چيائين؛ ”سانجھيءَ مھل، جيڪو منھنجو ماڻھو، گوشت وٺڻ لاءِ اچي، تنھن کي ڪھي، سسي وڍي رکج، گھڙيءَ کن کان پوءِ ٻيو ماڻھو ايندءِ، تنھن کي اھا سسي ويڙھي ڏج.“
سانجھيءَ مھل سوداگر، رن جي چئي، بيڏوھي ٻانھي کي، گوشت آڻڻ جو مِنھن ڪري، ڪسڻ لاءِ ڪاسائيءَ ڏي موڪليو. گولي ويچاري کي ڪسڻ جي پھ جي سُڌِ ڪا نه ھئي. ڌڻيءَ جي چوڻ موجب، گوشت لاءِ باسڻ کڻي ھليو.
ڌڻي، حق وڪيل آھي. واٽ تي ھڪڙو پراڻو يار، ٻانھي کي گڏجي ويو. تنھن سان ڳالھين (۾) لڳي، بيھي رھيو. اوچتو سوداگر جو سالو، رن جو ڀاءُ، اتاھون لنگھيو. ٻانھي دل ۾ ڄاتو جو متان گوشت وڪامي وڃي ۽ يار جو ڇڏڻ پڻ اڻانگو لڳس. تنھنڪري سوداگر جي سالي کي منت ڪري پنھنجي پاران گوشت لاءِ موڪليائين. ڪاسائيءَ ان کي سوداگر جو موڪليل ڄاڻي، اندر وڃي، ڪھي، سسي ويڙھي رکي.
ڳچ ويرم کان پوءِ ٻانھو، يار جي ڳالھين کان واندو ٿيو. پر گوشت جي اچڻ ۾ ويرم ڏسي، پاڻ ڪاسائيءَ وٽ ويو. تنھن کي ڪاسائيءَ، باسڻ ۾ گوشت ۽ ڪپڙي ۾ ويڙھيل سسي ڏني. اھي کڻي آڻي پنھنجي ڌياڻيءَ کي ڏنائين. رن پنھنجي ھٿ ۾ ڀاءُ جي سسي ڏسي تپرس جي کوھ ۾ ٻڏي ويئي ۽ ٻانھي کان پڇيائين. تنھن پيرائتي ڳالھ ڪري سڻايس. رن اھو حال ٻڌي بيوسي چيو: ”سياڻن سچ چيو آھي؛ ’ڪرند، پسند.‘ ’ڪوري کڏ کڻي پر پاڻ پوي.‘“
ٻڌو ڪرڻيءَ جو حال. جي رن بي ڏوھي ٻانھي جي مارائڻ لاءِ پھ نه ڪري ته ڇو ڀاءُ مارائي نِڀائي (بنا ڀاءُ جي) ٿئي. تنھنڪري ڄاڻجي ٿو؛ ”جو بڇڙي ڪندو، سو چڱي ڪڏھن ڪين لھندو.“ سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته) چڱائي، لھڻو ۽ مدائي، ڏيڻو آھي. تنھن ۾ جيڪو قرض کڻندو سو ڀريندو.
ٻڌو ھوندئي؛ تنھنجي ڄمڻ مھل، ھڪڙي تو رنو ٿي ۽ ٻين گھڻن کليو ٿي. ھاڻي جيئڻ جا ڏھاڙا پڻ اھڙا لنگھاءِ جو مرڻ جي ويل تون ھڪڙو خوش رھين، گھڻا تو کي ياد ڪري روئن. منھنجو چوڻ ايترو اٿئي جو ڪنھن سان بڇڙي نه ڪر. جي سياڻو آھين ته اھو چوڻ گھڻو اٿئي؛ ”ٽٽوءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو.“ نا ته تون ڄاڻُ (جلد) پنھنجو راڌو (پوکيل) لڻندين.

بيت
ھتان ھلندين ھيڪلو، ھٿ کڻي ڏاٽو،
پوکِي لڻندين پانھنجي، سُوڌو سُواٽو،
سانباھو سوير ڪر، پَؤُ نه پاڇاٽو،
ڪم نه ايندءِ ڪو ٻيو، سھرو ڪي ڄاٽو،
واڌو جي گھاٽو، پاڻ ڀريندين پنھنجو.