سوکڙي ڳالهين جي/پھريون باب/ڳالھ اٺين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ اٺين: شينھن ۽ گدڙ جي

۱-۸ ڳالھ اٺين: شينھن ۽ گدڙ جي

ھڪڙي جھنگ ۾ شينھن ٻه، پاڻ ۾ وڙھيا. چنبن سان ھڻي ھڪ ٻئي کي رتورت ڪيائون. گدڙ ھڪڙو لالچ جو ماريو، شينھن کي رتَ-ڇاڻ ڏسي، اتي اچي سندن رتُ چٽڻ لڳو. ھيءَ ڳالھ پڌري آھي؛ ”سانن وڙھندي، ٻوڙن جوکو.“ اوچتو ھڪڙو بُجو، گدڙ کي لڳو، جنھنڪري ڦوسيءَ وانگي ساھ نڪري ويس. جھڙي ريت؛ ”آئي سڱن کي، پر ڪن به وڍائي ويئي.“
سياڻا چوندا آھن؛ ”لالچ کي پنج آڱريون آھن. ڪم مھل ٻه آڱريون اکين تي رکي، انڌو ڪري ۽ ٻه آڱريون ڪنن کي ڏيئي ٻوڙو ڪري ۽ ھڪڙي وات تي رکي گونگو ڪري، نه-ڪرڻ-وارا-ڪم ڪرائي.“
(ور) نا ته گدڙ کي اکيون وات ۽ ڪن ھيا پر جوفي لڳي، انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو ٿي، پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو ھڻي، ري-کُٽِيءَ مئو. تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو؛ ”لالچ جھڙي ڇَپيري ٻليءَ کي بڇڙو ڄاڻي، ڳرانس (کانئس) اھڙو پاسو ڪر، جھڙو پاپي ڪري ڌرم کان ۽ ڌرمي ڪري پاپ کان.“

بيت
لالچ جھڙي لچ کي، ڦيري ڏي ڦاھي،
جوفي منجھان جيءَ کي، جوکو ئي آھي،
طمع جي تنوار جو، ڊول ڇڏج ڊاھي،
لالچ کي لاھي، جُتي ھڻ جھانَ ۾.

۱-۹ ڳالھ نائين: گدڙ ۽ لوڪڙي جي.
گدڙ ھڪڙو بکايو، قُوتَ جي ڳولا ڪاڻ جھنگ ۾ رليو. گھڻي ڳولا کان پوءِ، اوجھري ٻڪر جي، جا بگھڙ ھڪڙي اوباري ھئي، ڏٺائين. جيتوڙي (جيتوڻيڪ) اوجھري پاروٿي ھئي، پر؛ ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.“ سياڻن جو چوڻ آھي؛

بيت
بکيي کي بصر سان، روٽي رکيائي،
سيري کان سواد ۾، ڏيڍي سوائي.
گدڙ، اوجھريءَ کي چڱو ٽول ڄاڻي، کڻي ھليو. واٽ تي ڦيڪاري (ڦشري-خور) ھڪڙي اچي مليس. ٻئي گڏجي، اوچتو فقير ھڪڙي جي اوتاري وٽان لنگھيا، جاتي فقير جا ڪڪڙ گھڻا ٿي چڳيا. پر فقير کي دوا لاءِ گدڙ جو پتو گھربو ھيو، تنھنڪري گدڙ جي ڦاسڻ ڪاڻ اوتاري جي چوڌاري ڦڙتيون منڊي (ڪوڙڪيون ھڻي) ڇڏيون ھيائين. ھيڏي گدڙ کي، فقير جا ڪڪڙ ڏسي، وات پاڻي ٿيو. ڀانيائين ته اوجھري اتي رکي، ڪڪڙ ھڪڙو وٺي. تنھن کي ڦيڪاريءَ چيو؛ ”ھن طرح سادو سودو کاڄ ھٿان ڇڏي، اُوچي جي پٺيان ڊوڙڻ سياڻپ جو ڪم نه آھي ۽ ھن ريت پراون ڪکن ۾ اک رکڻ، پنھنجي جثي ڪاڻ جوکو وھائڻ آھي.“ ڏاها چوندا آھن؛

بيت
سڪو ٽڪر ساءَ جو، چڱو ۽ چوکو،
لعنت ان لپيءَ کي، جنھن ۾ جيءَ-جوکو.

پر گدڙ کي لوڀ، انڌو گونگو ٻوڙو ڪري ڇڏيو ھئو. تنھن ڪري ڦيڪاريءَ جي سمجھاڻي، اھڙي سنديس دل تي بيٺي، جھڙو پاڻيءَ تي ليڪو. ۽ قبي (گنبد) تي کينھون (بال). نيٺ اوجھري ڇڏي، ڪڪڙ جو لوڀ ڪري، اوتاري ڏي ھليو. ويندي سان ڦڙتيءَ ۾ ڦاٿو. ڪڪڙ ھٿ اچڻ بدران، فقير جھلي، پتي ڪڍڻ لاءِ، پيٽ ڦاڙيس. ڦيڪاري ھيءُ حال ڏسي، کلي چوڻ لڳي ته؛ ”جاتي لوڀي ھجي، تاتي ٺوڳي بک نه مري.“ جي گدڙ لوڀ نه ڪري ھا ته فقير ٺڳ ھٿان ڇو پيٽ ڦاڙائي ھا. ڏسو لالچ جو ڪم، جنھن گدڙ جو پيٽ ڦاڙايو. تنھنڪري ڄاڻجي ٿو؛ لوڀ بڇڙو آھي. جيڪو ساڻس وھنوار رکندو، تنھن جو حال گدڙ جھڙو ٿيندو. تنھن ۾ تو کي گھرجي، جو طمع جھڙي ڪني رن کي طلاق ڏي، ۽ پاڻ کي آجو (آزاد) رک. جي منھنجيون ڳالھيون ٻڌي پاڻ کي لوڀ کان بچائيندين ته سدائين سکي رھندين ۽ گھڻو مانُ لھندين.

بيت
جن ڪڍيو جان مان، طمع کي تاڻي،
لعنت ھڻي لوڀ کي، ڇڏيائون ڇاڻي،
انھن کي آڻي، ھوت ويھاري ھنج ۾.