سوکڙي ڳالهين جي/پنجون باب/ڳالھ ٽين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ ٽين؛ ڄٽ طبيب کان زال مرڻ جي

۵-۳ ڳالھ ٽين؛ ڄٽ طبيب کان زال مرڻ جي

ڄٽ هڪڙو، طبيبي سکڻ لاءِ ھليو. واٽ ۾ ڏٺائين جو هڪڙو جت، اُٺ ناچڱو، ڏاھي وٽ وٺي آيو هو. ڏاهي، اُٺ کي ڏسي، جت کان پڇيو؛ ”اُٺ متان وليون چنيون آهن؟“
جت چيو؛ ”سچ گدرن جي ولين ۾ ھڪڙي ڏيھاڙي چِنو هو. تنھن کان پوءِ ناچڱو ٿي، چرڻ پيئڻ ڇڏيو اٿس.“
تڏهين ڏاهي سھي ڪيو ته اُٺ جي نڙگهٽ ۾ ڪو پتو اَڙيو آهي. تڏھن اُٺ کي نڙگهٽ تي مڪ هڻي، وات ۾ پاڻي نايو ته پتو ڦسي، اُٺ جي پيٽ ۾ ويو.
اُٺ چڱو ڀلو ٿيو.
ڄٽ اهو حال ڏسي دل ۾ ڄاتو؛ ”طبيبي ايتري آهي، جا سکيس.“
دل ۾ پاڻ کي طبيب ڄاڻي، ڪنھن ڳوٺ ۾ ويو، جاتي هڪڙي ٻڍي زال ناچڱي هئي. ڳوٺ جي ماڻھن، ڄٽ کي ويڄ ڄاڻي، زال جي ٻڪيءَ لاءِ کيس نيو. ڄٽ، زال کي ڏسي، اُٺ واري ڳالهه ياد ڪري، سندس مائٽن کان پڇيو؛ ”هن گدرن جون وليون کاڌيون آهن؟“
هنن چيو؛ ”نه.“
تڏهين ڄٽ چيو؛ ”جاسين اها ڳالهه نه باسيندا، تاسين زال کي ٻڪي ڪا نه لڳندي.“
ويچارن ڳوٺاڻن، ڄٽ جي چريائيءَ کي سياڻپ ڀانئي، چيو؛ ”وليون کاڌيون اٿس.“
تنھن مھل ڄٽ، زال کي نڙگهٽ تي مڪ هڻي، وات ۾ پاڻي نايو. ان مھل زال ويچاري، بيڏوھي مري پئي!
سچ آھي؛ ”اڌ-پڙھيو ويڄ، جان جو ڊپ. اڌ-پڙھيو ملو، ايمان جو ڊپ.“
اھا ڳالھ ٻڌي، ڏيھ-ڌڻيءَ ڄٽ کي ڦاھيءَ ڏياريو.
اڻ-ڄاتي ڪم ڪرڻ جو حال اھو آھي. جي ڄٽ اڄاڻ، اھڙي اڄاڻائي نه ڪري ته ڇا لاءِ ويچاري زال کي ماري ۽ پاڻ ڦاھو کائي.
تنھن ڪري، ري-ڄاتي ڪم ڪرڻ مان، ڪنھن کي ڳُڻ (چڱائي) نه ٿيئي.
تو کي پڻ گھرجي جو استاد جي سکڻ کان سواءِ، ري ڄاتي ڪم ۾ ھٿ متان وجھين. نا ته ھن ڄٽ وانگي بڇڙو ٿيندين.

بيت
عقل سان استاد جي، موٽي وڃج ماڳ،
ڇڏي ناست ننڊ جي، سمجھي رھ سجاڳ،
ڀلو ھجيئي ڀاڳ، ته وٺج اَڙَ استاد جي.