سوکڙي ڳالهين جي/ٽيون باب/ڳالھ پھرين
۳-۱ ڳالھ پھرين؛ ڪڇون ۽ ٻن پکين جي
پکي ٻه ڍنڍ جا، نر ۽ مادي، هڪڙيءَ ڍنڍ ۾ گذاريندا هئا. تن سان ڪڇون هڪڙي جي ياراڻي لڳي. هڪڙيءَ مند ۾، ڌڻيءَ جي حڪم سان، اها ڍنڍ سڪي رهي. تنھنڪري پکين جو توڙي ڪڇون جو ڍءُ نه ٿيڻ لڳو. تڏهن پکين، ٻيءَ ڍنڍ تي وڃي، آکيري جوڙڻ ۽ گذر ڪرڻ جو پاڻ ۾ پَھُه ڪيو. ڪڇونءَ کي پکين سان گڏ اڏامڻ جي سامرٿي (صلاحيت) نه هئي ۽ يارن ڌاران سڪي سر تي ڏهاڙا ڪاٽڻ اهنجا لڳس، تنھن ڪري پکين کي چيائين؛ ”مون کي هت هيڪلو ڇڏڻ اوھان کي نه گهرجي. سياڻن چيو آهي: ’ڏکيا ڏيھاڙا جن سان، سکيا ڀي تن سان.‘“
پکين کي اها ڳالهه ٻڌي، يارُ سڃ ۾ هيڪلو ڇڏڻ چڱو نه لڳو. تنھنڪري پاڻ ۾ پھه ڪري ڪاٺيءَ هڪڙيءَ جا ٻئي مٿا پنھنجن ڪلھن تي رکي، تنھن جي وچ کي ڪڇونءَ کان چڪ پارائي، کڻي اُڏاڻا.
اوچتو ڪنھن ڳوٺ جي مٿان لنگهيا. ڳوٺ جا ڇوڪر تپرس (عجب) جھڙي هاج ڏسي، تاڙيون وڄائي هڪڙا ٻين کي چوڻ لڳا؛ ”هيڏي ساري ڪڇونءَ کي، پکي کڻي وڃن ٿا.“
ڪڇون اها ڳالهه ٻڌي، چڙي چيو؛ ”ٻوڏ! ڀاڙيا! اوهان جو ڇا وڃي ٿو؟“
اها ڳالهه چوندي، ڪڇونءَ جو وات ڦاٽي ڪاٺيءَ مان چڪ نڪرڻ ۽ ڌرتيءَ تي ڪرڻ. ڇوڪرن ڪڇون کي ڌرتيءَ تي ڪريو ڏسي، لٺين سان هڻي ماري وڌو.
ڏسو ڳالھائڻ جو ڇيئو! جي ڪڇون ان مھل ماٺ ڪري رهي ۽ نه ڳالھائي ته پنھنجي يارن کان وڇڙي ڇو ڇوڪرن جي هٿان مري.
مطلب ھيءُ جو (ته)؛ ”صبر چڱو ۽ بڪ بڇڙي آھي.“
تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو ٻين جي اجائي سجائي ڳالھائڻ کي نه ڏسي، ماٺ ڪري پنھنجو ڪم ڪر.
بيت
صبر سچائي سير، ماٺ مرم ڪر ماڻھپو،
تنھن جو نه گُسي تير، صبر جنين سينڱ ڪيو.