سوکڙي ڳالهين جي/ٽيون باب/ڳالھ پنجين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ پنجين؛ بٺاري جي گڏھ جي

۳-۵ ڳالھ پنجين؛ بٺاري جي گڏھ جي

بٺاري ھڪڙي جي گڏھ کي پٺيءَ تي چُٽو پئو، تنھن کي ڪانون ٺونگا ھڻي ٿي ڦاڙيو. بٺاري پَھُ ڪيو ته گڏھ جي پٺي، اڳڙيءَ سان ڍڪي ڪانون کان بچائجي. پر اھڙي اڳڙي ھٿ ڪا نه آيس ۽ ھڪڙي پراڻي کل، شينھن جي، گھر ۾ رکي ھيس. تنھن سان گڏھ جي پٺِ ڍڪي ڇڏيائين. گڏھ ان کل سوڌو ھڪڙي ھاريءَ جي پوک ۾ ويو. ھاري پريان، شينھن جي کل گڏھ تي ڏسي، شينھن ڄاڻي ڊنو ۽ پوک ڇڏي ويو. گڏھ دلجاءِ سان ٻني کاڌي. ھن ريت ڏھاڙي گڏھُ، ھاريءَ جون ٻنيون کائيندو رھيو. تنھنڪري ٿورن ڏھاڙن ۾ گھڻو ٿلھو ٿيو ۽ ھڪڙو ھرڻ به اچي ساڻس گڏيو، سو پڻ گڏھ سان گڏ ٻنيون چري ٿلھو ٿيو. ٻنين جا ڌڻي، ھرڻ کي به شينھن جو يار ڄاڻي، لوڌي نه ٿي سگھيا. جھڙيءَ ريت، حمائتڻ گڏھ عراقيءَ کي لتون ھڻي. پر سياڻا چوندا آھن؛ ”ڪميڻو، ڍءُ نه جھلي.“
ھڪڙي ڏھاڙي، گڏھ پنھنجي پراڻي پَرِ ياد ڪري ھينگ ڏني، تنھن کي ھرڻ چٿر ڪري چيو؛ ”ڏاڍو چڱو راڳ ٿو ڄاڻين. ھيءُ راڳ ڪنھن کان سکيو آھين.“
گڏھ چيو؛ ”ڏيڏر، ڌڻي مرھيس، منھنجي راڳ جو استاد آھي.“
تڏھن ھرڻ کلي چوڻ لڳو؛ ”اھڙي گروءَ جو اھڙو چيلو (ھئڻ) گھرجي.“
نيٺ ھرڻ، ٻئي راڳ ڪرڻ لاءِ چيس. گڏھ ڳھيلو، ھرڻ جي کِلَ تي ٺيڳرجي ويو ۽ وڏي سڏِ، ھڪڙي ھينگ ڏنائين. سا، ھاريءَ ٻڌي، گڏھ کي سھي ڪري، ڪنھن ڊول سان ڦاسائي، ٻڌو. گڏھ، گھڻا ڏھاڙا، سندس ٻني کاڌي ھئي، تنھن ساڙ کان، پڇ ۽ ڪن وڍي ڇڏيائينس.
ڳالھائڻ جو سُود اھو آھي جو گڏھ پاتو. نا ته جاسين ماٺ ڪيو ٿي وتيو، تاسين پاڻ ته سکي ھيو پر سندس اجھي ۾ ٻيو پڻ سکي ٿي رھيو. ۽ ڳالھائڻ سان ھُو حال ٿيس.
تنھنڪري، ماٺ سڀ کان چڱي آھي. ڏاھن چيو آھي؛ ”صبر، دارو سور جو.“
تنھنڪري تو کي پڻ گھرجي جو بڪ بڪ ڇڏي، ماٺ ۾ رھ. سو ڪو ته (ڇاڪاڻ ته)؛ ”بڪ، بڇڙي آھي.“

ڪافي
مٺي ماٺ ڀلي ڪري ڪوھ نه ويھين، بڪواد بري، ڇڏ ڇوھ ڇِنان،
اَٿئي صبر، سدا سرھو سھڻو، بڪواد گھڻا ڪري ڪاڄ ڪِنان.
جاسين ماٺ ڪري، مکڙي نه کلي، تاسين آرائين اچي ڪين جھلي،
جڏھن وات پٽي، ڪيائين کيلُ کُلي، تڏھن باھ ڏيئي، ڪيائون باس بِنان.
آھي ماٺ جو مانُ ۽ مُھت وڏو، بڪواد جو آھي، جندُ جانِ جڏو،
موتي ماٺ ڪري مُلھ مانُ لڌو، سِپَ واتُ پٽي، سرُ ساھُ ڏِنان.
جو ئي ڳالھ ڪري، سو پوي پڃري، جو نه ڳالھائي، سو کُليو کائي،
ٻڌي ٻولُ ٻاٻيھي جو، ٻولِ نڪي، ٻڌي ٻوٿ کي ماٺ ۾ رھ مجنان.
جو ٿو ماٺ رھي، سو ٿو مانُ لھي، جو ٿو ڳالھائي، سو خطا کائي،
ڏسي ڏوھ صواب، ادا ان جا، جا اچيئي انصاف، سا ڪر امنان.