سوکڙي ڳالهين جي/ستون باب/ڳالھ ٽين

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سوکڙي ڳالهين جي  (1865)  by ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي
ڳالھ ٽين؛ ديوان گدومل جي

۷-۳ ڳالھ ٽين؛ ديوان گدومل جي

جن ڏھاڙن ۾ سنڌ جو ڏيھُ، ڪلھوڙن جي ھٿن ۾ ھيو، تن ڏھاڙن ۾ ڪلھوڙا، خراسان کي ڍل ڀريندا ھيا. ديوان گدومل، جنھن کي مَلُ ڪري چوندا ھيا، ڪلھوڙن جي پاران وڪيل ٿي، بُجڪا اُچن اُچن ڪپڙن جا ۽ صندوقون چڱن چڱن ھٿيارن جون، دٻليون جواھرن جون ۽ ٻيون سوکڙيون چڱيون چڱيون ساڻُ ڪري، خراسان جي بادشاھ ڏي ھليو. واٽ ۾، سوکڙين جي واھِرُن (واھت ڪندڙن، چوڪيدارن)، ويرين (دشمنن) جي سيکارڻ پٽاندر، ڊوھُ (ٺڳي) ڪري، دٻلين مان جواھر چورائي، تن جي بدران چيڪي مٽي وجھي ڇڏي. نيٺ جنھن مھل ديوان، بادشاھ جي درٻار ۾ اھي سوکڙيون ڪڍيون سي سڀ بادشاھ ڏسي سرھو ٿيو. پر پڇاڙيءَ ۾ دٻلين ۾ چيڪي مٽي ڏسي، تپرس کائي پڇيائين؛ ”ھيءَ شيءِ ڪھڙي آھي؟“
ديوان پنھنجي ڳالھ مٿي ٿيڻ لاءِ، ٺاھُ ڪري (ھٿ جي ٺاھي) چيو؛ ”اسان جي سنڌ ۾ سوا لک (۱۲۵۰۰۰) پيرن جو آھي. ميان صاحب يعني ڪلھوڙي، سڀن پيرن جي خاڪ گڏ ڪري، بادشاھ لاءِ سوکڙي موڪلي آھي.“
بادشاھ اھا ڳالھ ٻڌي، سرھو ٿي، ھيءَ سوکڙي سڀن سوکڙين کان وڌ ڄاڻي، پنھنجي ۽ پٽن ۽ بيگمن جي مٿي تي لاتي. ۽ ديوان کي گھڻو ڪي پھراڻي ڏياريائين.
ڏسو! سياڻن جا ڪم، جو سياڻپ جي وِتَ سان مٽيءَ جو مانُ، جواھرن کان وڌِ ڪيائون. تنھنڪري ڄاڻجي ٿو؛ سياڻپ، ڀلو ٿوڪُ آھي. سياڻپ جھڙي موڙيءَ کي، چور جو توڙي باھ جو، ڊپ ڪو نه آھي. جي سياڻپ جھڙو ناڻو تو کي ساڻُ ھوندو ته ڪاٿي بک ڪين مرندين ۽ جاتي ڪاٿي مانُ مُھَتُ لھندين. تنھن ۾ تو کي گھرجي جو ڏاھپ لاءِ ڏاھن جو سنگُ ڪر ته ڏاھو ٿين. سنگ کان سواءِ ڏاھپ، ھٿ نه اچي. ھيءَ ڳالھ پڌري آھي؛ ”ماءُ پيٽان سکي، ڪو نه نڪري.“

بيت
اڪثيران اڳرا ڪري، سياڻا سُڃاڻُ،
ھو ڪَنجھي کي ڪندن ڪري، ھو ڪُن جھڙو ڀرپاڻُ،
سُرمو سياڻپ جو، سانڍيو وتن ساڻُ،
جنھن کي پنھنجي جُود سان، ڪن اکين جو اُھڃاڻُ،
ڏسي ڏاھو ٿئي، انڌو ۽ اڻ ڄاڻُ،
ڏَڏَ! ڏاھن جي ڏَسَ تي، سمجھي ٿي سُڄاڻُ،
ڏاھپَ وٺج ڏاڻُ، تون پڻ تن جي توھَ سان.

۷-۴ ڳالھ چوٿين؛ مُھاڻي ۽ وزير جي
مُھاڻي ھڪڙي جي ڄار ۾، مڇي ھڪڙي، گھڻو سھڻي، ڦاٿي. جنھن جھڙي اڳي ڪا نه ڏٺي ھيائين. سا مڇي ڍوئڻو ڪري (ڪاسبي ماڻھوءَ جو تحفو، سوکڙي)، راجا وٽ کڻي ويو. راجا، اھا مڇي ڏسي، سرھو ٿيو ۽ ٻه سؤ رپيا مُھاڻي کي مُجرو (انعام) ڏياريائين. وزير کي، ٿوري ڍوئڻي جو گھڻو مُجرو ڏيڻ، نه وڻيو. تنھنڪري مُھاڻي جي پَرَ پُٺِ ھٿ ٻڌي، راجا کي عرض ڪري پَھُ ڪيائين ته مُھاڻي کي، سڏي پڇجي ته ھيءَ مڇي جي نَرُ ھجي ته سندس مادي، جي مادي ھجي ته سندس نَرُ ڦاسائي اچي ته مُجرو مليس. يعني ان مڇيءَ جو جُتُ (جوڙ) ھٿِ ڪو نه ايندس. تنھنڪري مُجرو ٿورو ڏبس.
ان ريت مُھاڻي کي سڏي پڇيائين؛ ”ھيءَ مڇي نَرُ آھي ڪي مادي؟“
مُھاڻي چيو؛ ”ھيءَ مڇي، کدڙي آھي.“
راجا، ھيءَ سياڻپ مُھاڻي جي ٻڌي، گھڻو سرھو ٿيو. ٻيا پڻ ٻه سؤ رپيا مُھاڻي کي ڏياريائين.
سياڻپ، اھڙي آھي جو مُھاڻي سياڻپ ڪري وزير جي ڳالھ کان پنھنجي ڳالھ مٿي ڪئي. نه ته ’ڇا ڏجي ڪوريءَ، ڇا ڏجي ترار.‘ ڪاڏي مُھاڻو، ڪاڏي وزير.
سياڻن جو مانُ ۽ مُلھ، ڌڻيءَ وڏو ڪيو آھي. جاتي ڪاتي سياڻن جي اڳيان، اياڻن جو مانُ گھٽ آھي. ۽ جيڪي سياڻن جو سنگُ ڪن، تن جو پڻ نيٺ ڀلو ٿئي.
جھڙيءَ ريت سکر چيو آھي؛ ”عطريءَ جي ھٽ تي ويٺي ري-عطر ملڻ باس گھڻي ملي.“
تنھنڪري تو کي گھرجي جو (ته) پنھنجي ڄمار، اجائي نه وڃاءِ ۽ سياڻن جو سنگ ڪر ته من تون پڻ ان جي برڪت ساڻُ، سياڻن جي ليکي ۾ اچين. جھڙيءَ ريت، لوھ ڪاٺ سان لڳي، پاڻيءَ تي تري.

بيت
سياڻن جي سنگ جي، پارِسَ جھڙي پَرِ،
ھو لائي پاسو لوھ کي، زودئون ڪري ٿو زَرِ،
ڏاھپ ملي ڏيل کي، ھنن جي آڌر،
چيو ان جو چاھ سان، سيني سانڍي ڌر،
پير نه پاسي ڪر، لڳي ساڻن سونُ ٿيءُ.