سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق چوٽيھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق چوٽيھون: انگريزن جو سنڌ فتح ڪرڻ

ميرن جي ھيءَ ھلت ڏسي سن 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر، جو خيرپور وارو تڪرار فيصل ڪري ۽ مير مراد علي خان کي گاديءَ تي وھاري موٽيو ھو، سو ھاڻ ڪاوڙجي پنج ھزار ماڻھو ۽ ٻارهن توبون وٺي ھالن ۽ مٽيارين جي رستي حيدرآباد ڏانھن ڪاھي آيو. جڏھن ھن جي منزل مياڻيءَ وٽ ٿي تڏھن ميرن ٻاويھن ھزارن جو لشڪر انھيءَ کي روڪڻ لاءِ موڪليو. اتي جنگ لڳي جا صبح کان وٺي ٻنپھرن تائين ھلي. ميرن جا پنج ھزار ماڻھو مئا ۽ انگريزن جا قريب ٽي سؤ. نيٺ بلوچن شڪست کاڌي ۽ مير اچي حيدرآباد جي ڪوٽ ۾ ويٺا. ٻئي ڏينھن صبح جو سر چارلس نيپئر ميرن ڏي چوائي موڪليو ته اچي پيش پئو نه ته آءٌ حيدرآباد ۾ اچي ڪوٽ توبن سان اڏائي ڇڏيندس. جڏھن بلوچن وڙھڻ جي نه ڪئي تڏھن لاچار نصير خان پنھنجا ٻه ڀائٽيا پاڻ سان وٺي ستن اٺن ماڻھن سان جنرل نيپئر جي تنبوءَ ۾ ويو، وڃي ھٿيار لائي ڏنائين ۽ مٿن ھڪدم پھرو رکايو ويو. ٽئين ڏينھن انگريزي پلٽڻ حيدرآباد جو قلعو اچي ورتو ۽ ٺلهه تي پنھنجو جهنڊو کوڙيائون ۽ ڪوٽ جون ڪنجيون وٺي خزانو ھٿ ڪيائون. مير صوبدار خان ۽ مير محمد کي به نظربند ڪيائون.
ھيءَ خبر ٻڌي مير شير محمد خان ميرپور مان پنج ھزار لشڪر وٺي انگريزن سان وڙھڻ لاءِ ڪاھي آيو. سر چارلس نيپئر دٻي وٽ وڃي پھتس. چڱي جنگ لڳي جنھن ۾ مير شير محمد ھارايو ۽ پنجاب ڏي ڀڄي ويو ۽ سندس ڀاءُ مير شاھ محمد قيد ٿي پيو. في الحال سڀني ميرن کي نظربند ڪري آڳبوٽ ۾ وجھي درياھ جي وچ تي بيھاري ڇڏيائون ۽ پوءِ انھن کي بمبئيءَ ڏي ڏياري موڪليائون. اتان پوءِ اھي وري ڪلڪتي ويا جتي اٺ ورھه رھيا. انھيءَ عرصي ۾ وڏا اتي وفات ڪري ويا ۽ سندس لاشا ھتي آيا ۽ ننڍا پوءِ موٽي حيدرآباد آيا. انھيءَ طرح ٽالپرن جي حڪومت ٻاھٺ ورھن کان پوءِ پوري ٿي ۽ انگريز سرڪار جي حڪومت شروع ٿي.