سنڌ جي مختصر تاريخ/سبق ايڪٽيھون

From Wikisource
Jump to navigation Jump to search
سنڌ جي مختصر تاريخ  (1920)  by مرزا قليچ بيگ
سبق ايڪٽيھون: مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائَن جي چؤياري حڪومت

مير فتح علي خان پنھنجي خاندان ۾ تڪرار بند ڪرڻ لاءِ انصاف جي نظر تي سنڌ جو ملڪ پنھنجن عزيزن ۾ ھن طرح وراھيو، ملڪ جا مڙئي پنج حصا ڪيائين. ھڪڙو حصو مير سھراب خان خيرپور واري کي ڏنائين ۽ ھڪڙو حصو مير ٺاري خان ميرپور واري کي ڏنائين ۽ ھڪ حصو لاڙ وارو مير باگي خان کي ڏنائين، جو مير الھيار خان جي پٽ جادو خان جو پوٽو ھو ۽ باگي جو ٽنڊو انھيءَ جي نالي جي پٺيان آھي. باقي ٻه حصا ھن پنھنجي لاءِ رکيا. ھڪڙو حصو ورھاڱي موجب ۽ ٻيو پڳ موجب. مير باگو پنھنجو حصو نه ھلائي سگهيو تنھنڪري اھو به مير فتح علي خان وٺي پنھنجي حوالي ڪيو. سڀئي ھن کي سنڌ جو حاڪم يا سنڌ جو رئيس سڏڻ لڳا.
مير فتح علي خان ارادو ڪيو ته سڀني شھداداڻي ميرن جو پاڻ ۾ اتفاق ٿئي ۽ اھو خاندان زور وٺي، تنھن لاءِ ھن پنھنجا ننڍا ڀائر مير غلام علي خان ۽ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان به پاڻ سان حڪومت ۾ شامل ڪيا. انھن چئني گڏجي پئي راڄ ڪيو، اگرچ وڏو مير فتح علي خان کي ٿي سمجهيائون. ھنن جي پاڻ ۾ اھڙي محبت ھلي آئي جو ماڻھو ھنن کي چار يار ۽ سندن حڪومت کي چؤياري سڏيندا ھئا. جڏھن ڪا جنگ ٿي ڪيائون تڏھن به سڀن گڏجي ٿي ڪئي. انھيءَ ڪري سندن دشمن ڊپ کان دٻيا پيا ھئا. ڪراچي قلات جي خان جي ھيٺ ھئي ۽ اُتي سندس نائب رھندو ھو. انھيءَ کي جيتي ميرن ڪراچي پنھنجي ھٿ ڪئي. عمرڪوٽ وٺڻ جو به ارادو ڪيائون، جو جوڌپور جي راجا جي ھٿ ھو، پر اھو ڪن ورھن کان پوءِ ٽالپرن جي ھٿ ۾ آيو.
مطلب ته مير فتح علي خان ست ورھ برابر پنھنجن ٽن ڀائرن جي مدد سان چڱي حڪومت ڪئي. مرڻ جي وقت کان ٿورو اڳڀرو ھن وصيت ڪري پنھنجو ملڪ ٻه حصا ڪيو. اڌ مير غلام علي خان کي ڏنائين ۽ باقي ٻئي اڌ ۾ سندس ٻه ننڍا ڀائر حصي دار ٿيا. مير فتح علي خان کي مير صوبدار پٽ به ھو، ته به ملڪ جو ڪو حصو انهيءَ کي نه ڏنو.
انھيءَ وقت کان ٿورو اڳي بادشاھ تيمور شاھ مري ويو ھو ۽ سندس پٽ زمان شاھ تخت تي ويٺو ھو. انھيءَ جي ڍل ڪن سالن جي رھيل ھئي سا به مير فتح علي خان پنھنجي جيئري ادا ڪري ويو ۽ ٻيو به ملڪ جو انتظام پوريءَ طرح پنھنجي ھوندي قائم ڪري ويو. ھن مير جي ڏينھن ۾ انگريز سرڪار جو ايجنٽ واپاري ۽ ملڪي ڪمن جي نظر تي ڪراچيءَ اچي رھيو ۽ مير انھيءَ کي بچائڻ جو انجام به ڪيو پر پوءِ زمان شاھ جي چورت تي اھو بندوبست قائم نه ٿيو جنھنڪري ڪمپنيءَ کي ڏاڍو نقصان پھتو.
مير فتح علي خان سن 1802ع ۾ مري ويو ۽ خدا آباد (هي خدا آباد هالن جي ڀرسان آهي) ۾ دفن ڪيو ويو.